پروفائيل) ) شاعر امتياز ڪنڀر
ليکڪ : آفتاب احمد چانڊيو
ايم اي (فائنل )
رول نمبر 05
چوندا آھن ته شاعر موتين جي مالھا مثل ھوندو
آھي ، ڇو ته شاعر لفظ لفظ کي چونڊي پرکي لکندو آھي سندس چونڊ ھر لحاظ کان سٺي ۽ منفرد ھوندي آھي،
ان ڪري اھي لفظ انمول ٿي پوندا آھن .جيڪڏھن ڪو
تخليقڪار خدا جي ڏنل ڏات کي صحيح رخ ۾ استعمال ڪرڻ کي پنھنجو فرض سمجھي ادا ڪري ٿو
ته ان جي اھميت اڃان به وڌي ويندي آھي ،
چيو ويندو آھي ته سنڌ شاعرن ۽ بزرگن جي ڌرتي
آھي جتي ڪافي بزرگن ۽ شاعرن جنم ورتو، جنھن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح،صوفي شاھ
عنايت ،سچل سرمست ،چيزل شاھ ،شيخ اياز ، استاد بخاري ۽ ٻيا ڪيترا ئي شاعر جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڃان به مو جود آھن
. جيڪي سنڌ جي سڃاڻ رھيا ۽ اڄ ڏينھن تائين به سنڌ ڀٽائي جي نالي سان سلھاڙيل آھي
شاھ عبداللطيف رح جو ھڪ بيت آھي :
سنڌ سموري سون ،سنڌ سڄي سرھاڻ سنڌ ڀٽائي گھوٽ
جي ، سنڌ ڀٽائي ساڻ
موج ڀريو مھراڻ ،سدا وسي سنڌ ۾ .
سنڌ جي مشھور شخصيتن مان ھڪ مشھور شخصيت شاعر امتياز ڪنڀر پڻ آھي.جيڪو پنھنجي شاعري ذريعي حب الوطني ،پيار ،
ڀائيچاري ۽ محبت سان گڏ گذارڻ جو پيغام
ڏئي ٿو .
شاعر
امتياز ڪنڀر1990_4_3ع ۾ ڳوٺ خيجراڙي صالح محمد شاھ عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو .
شاعر امتياز ڪنڀر پنھنجي ابتدائي تعليم سندس
ڳوٺ مان حاصل ڪئي ،ميٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول نمبر ٽو مان ڪرڻ کان پوءِ ( بي ، اي ) گورنمينٽ بوائز ڊگري
ڪاليج عمر ڪوٽ ،جنھن کان پوءِ (ايم اي ) سنڌي ڊيپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي
ڄام شورو مان تعليم
حاصل ڪئي .
شاعر امتياز ڪنڀر ننڍي ھوندي کان ئي شاعري
ڪندو ھيو ،ڇو ته شاعري قدرت جي طرفان ڏنل ھڪ تحفو يا قدرتي ڏات ھوندي آھي جيڪا
ڪنھن ڪنھن انسان جي رت ۾ شامل ھوندي آھي .
شاعر امتياز ڪنڀر شاعري جي باقائدا شروعات
2005ع کان شروع ڪئي .
شاعر امتياز ڪنڀر سنڌي ،سرائڪي ، مارواڙي ،
ٻوليءَ ۾ ڪيترا ئي گيت لکيا آھن،جيڪي سنڌ جي مشھور فنڪارن ثريا سومرو ،استاد
الھبچايو ،۽ سنڌ جي نوجوان نسل جو اڀرندڙ آواز آفتاب چانڊيو پڻ ڪيترا ئي گيت ڳايا
آھن .
شاعر امتياز ڪنڀر جومشھور گيت :
ڄامشورا ڄامشورا، دل نه چورا منھنجي ،
آھيان پرديسيئڙو ،
ناھي ڪو ساٿيئڙو ،
اسان جا ماڳ مٽيل، ڪٿي نه روئاري دل ،
ھي گيت خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد تمام
گھڻي شوق سان ٻڌندا آھن ۽ ھي گيت نوجوان نسل ۾ تمام گھڻو مقبول ٿيو .
شاعر امتياز ڪنڀر گيت ، غزل ، ڪافي ، ٽيڙو ،
بيت ، چوسٽو ، قطو، دوھو ، دوھڙيو، دورائو ، نعت ، نوحا ، سينگار ، وايون ،نظم ،
آزاد نظم، جي صنفن تي شاعري ڪئي آھي .
شاعر امتياز ڪنڀر جو جنوري مھيني ۾ پھريون
ڪتاب شايع ٿي رھيو آھي .
ان ڪتاب جو نالو آھي (چڱو ورسٽي الوداءَ
) ھيءُ ڪتاب شاعر امتياز ڪنڀر سنڌ ورسٽي جي آخري سال ۾ لکيو. ھن ڪتاب ۾
شاعر سنڌ ورسٽي جي خوبصورتي ۽ من موھيندڙ منظرن کي ھن ڪتاب ۾ قلم جي قوت سان ھميشه
ھميشه جي لاءِ قيد ڪري ڇڏيو آھي . شاعر امتياز
ڪنڀر جي چوڻ مطابق ته معاشري ۾ سڌار شاعري ذريعي آڻي سگھجي ٿو . ڇو ته اسان جي سنڌ
جي نوجوانن جو لاڙو ڏينھون ڏينھن علم ۽ ادب طرف وڌي رھيو آھي .
ھڪ
سوال جي جواب ۾ امتياز ڪنڀر صاحب جو چوڻ ھيو ته ڪيسٽ واري دور ۾ شاعرن ۽ فنڪارن کي
تمام گھڻي موٽ ملندي ھئي ، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪمپنيون شاعرن ۽ فنڪارن کي پئسا
ڏينديون ھيون، ۽ سندن گذران به تمام سٺو ٿيندو ھيو. پر ھن وقت شاعر پنھنجي گھران پئسا ڀري
فنڪارن کان البم ڪرائيندا آھن . ۽ سرڪار
جي طرفان به ڪو جوڳو قدم نه کنيو ويو آھي ،جنھن جي ڪري شاعر ۽ فنڪار پريشانيءَ جو
شڪار بڻيل آھن.
سرڪار کي گھرجي ته شاعرن ۽ فنڪارن جي لاءِ ڪي
جوڳا قدم کڻي ته جيئن پنھنجي ٻوليءَ ۽ پنھنجي وطن لاءِ پنھنجون خدمتون با آساني
سرانجام ڏيندا رھن .
Practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies, University of Sindh
#ImtiazKumbhar #AftabChandio