Showing posts with label ڪشور ڪمار. Show all posts
Showing posts with label ڪشور ڪمار. Show all posts

Wednesday, 20 January 2016

profile of Dileep Doshi

مسلسل جُستجُو تي يقين رکندڙ نوجوان
”دليپ دوشي“
          نوجوان اسان جي سماج جو اهم محرڪ آهن جيڪي پنهنجي نج ادبي خيالن، سوچن، فڪرن ۽ نت نئين جذبي سان سماجي ڍانچي کي سُڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ڏينهن رات لڳل آهن انهي نوجوانن مان هڪ ٿر جي عظيم پيار ۽ محبت سان سرشار ڌرتي تي جنم وٺندڙ دليپ دوشي به آهي، جيڪو پنهنجي علمي ادبي سگھ کي استعمال ڪندي پنهنجي وس آهر سنڌ ڌرتي جي نون ڦُٽندڙ ڪلين جي اندر ۾ روشني جي جوت جڳائڻ جي ڪِرت ۾ رُڌل آهي، سندن جنم سنتوش ڪمار ميگهواڙ جي گهر ۾ بتاريخ 11_08_1991ع تي ڳوٺ لُوڻهيار ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿيو، پرائمري تعليم سندس ڳوٺ  مان حاصل ڪئي، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم ٿر جي سونهن شهر مٺي مان ورتائين، اڳتي هلي پنهنجي محنت ۽ قابليت جي ڪري مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اليڪٽريڪل شعبي ۾ داخلا ملي جتي چار سال لگن سان پڙهيو، ۽ انهي کان علاوه پوليٽيڪل سائنس شعبي سنڌ يونيورسٽي ڄامشور مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ هينئر سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي هلندڙ آهي، شروعاتي دور ۾ هي آرٽ جو عاشق رهيو جنهن جي جنون هن کي ٿيٽر ڪرڻ تي آماده ڪيو هن امن ۽ هم آهنگي تي ٺهندڙ ٿيٽرن ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو، ڪڏهن اداڪار ٿي ڪري ته ڪڏهن راوي جي ڪردار ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو، پر هن جي اندر جي اُڌمن هن کي اهيو پيغام ڏنو تنهنجي منزل قلم جي ابتدا آهي ۽ انتها به قلم، تنهنڪري دليپ گذريل اٺ سالن کان مختلف اخبارن توڻي مئگزينن ۾ لکندو رهيو آهي،تمام بهترين نوجوان ليکڪ جنهن جو قلم سدائين ڏکن، دردن ۽ پيڙائن تي اُٿيو آهي، انهي کان علاوه تاريخ، سياست ۽ فلسفو اهم موضوع رهيا آهن، دليپ ليکڪ هجڻ سان گڏوگڏ سُٺو شاعر به آهي شاعري جي دنيا ۾ هي نظم جي صنف ۾ مهارت رکي ٿو، ۽ ڪافي نظم لکي چڪو آهي، مسلسل لکڻ جي ڪري هن جي اندر ۾ هڪ نئون خيال جنم ورتو ته ڇو نه اهڙي قسم جو ڪا مئگزين آڻجي جنهن ۾ نوجوانن ليکڪن کي موقعو فراهم ڪجي ۽ انهن جي همت افزائي ڪجي ڇا ڪاڻ ته نون اڀرندڙ قلمڪارن کي اخبارن ۾ تمام گهٽ موقعا ملندا آهن، انهي جي ڪري سلسليوار ”سفيرِ سنڌ“ مئگزين کي عمل ۾ آندائين، انهي مئگزين جا هن وقت تائين 10 ڇاپا مارڪيٽ ۾ اچي چُڪا آهن، سفيرِ سنڌ ٻين عام مئگزينن کان ٿورو مختلف آهي ڇا ڪاڻ ته هن مئگزين ۾ هڪ ته نوجوانن جي لکڻين کي جگھ ڏني ويندي آهي ۽ ٻيو ته بجاءِ غير ضروري ۽ اشتهياري ڳالهيون ڪرڻ کان نج علمي ۽ ادبي مواد کي ترجيح ڏني ويندي آهي، دنيا جي وڏن ليکڪن جهڙوڪ ڪارل مارڪس، لينن، ارسطو، سُقراط، چي گويرا، دستوسڪي، منٽو، ڪرشن چندر، خشونت سنگھ، اوشو ۽ ٻين ناليوارن قلمڪارن جون ناياب لکڻين کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇاپيو ويندو آهي، عمومن ڏٺو ويو آهي ته ڪافي شاگرد جڏهن ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ داخل ٿيندا آهن ته بجاءَ ٻئي پاسي نهارڻ جي ڪتابي ڪيڙا ٿي رهجي ويندا آهن مطلب ته ڪورس جي معلومات کان سواءِ ٻئي ڪا ڄاڻ پلئي نه پوندي آهي تمام گهٽ اهڙا نوجوان آهن جيڪي ڪورس جي تربيت سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين ۾ ڏاڍا سرگرم ٿيندا آهن جيڪي سماج لاءِ ۽ پنهنجي پاڻ لاءِ اهڙو ٻوٽو پوکندا آهن جيڪو اڳتي وڌي وڻ ٿيندو آهي جنهن جي شعوري هُٻڪار سڄي ماحول کي واسي ڇڏيندي آهي، دليپ دوشي انهن مان هڪ آهي جنهن جي اندر ۾ ڪجھ ڪرڻ جي چاهت آهي، سماج کي ۽ پنهنجي ڌرتي کي ڪجھ ڏيڻ جي طلب آهي، جيڪا طلب هن کان ”سنڌ دوست اسٽڊي سرڪل“ جو قيام ڪرائڻ ۾ مدد ڪيائين، سنڌ دوست اسٽڊي سرڪل اهو منفرد رضاڪارانه پليٽ فارم آهي جيڪو نوجوان نسل کي آڻي هڪ هند ڪٺو ڪري ٿو، هر هفتي اسٽڊي سرڪل ٿين ٿيا جنهن ۾ علم سياست، سماجيات، تاريخ، فلسفو، ادب، ۽ ٻين موضوعن تي ليڪچر ڏنا وڃن ٿا، خيالن جي ڏي وٺ، اجتماعي طور تي گڏ ٿي ڪتاب پڙهڻ ۽ ان تي  تنقيدي ۽ اصلاحي نظر رکڻ کان علاوه شعوري بنيادن تي ڄاڻ جي واڌاري ۽ اندر جي ڊپ کي ڪڍڻ لاءِ بحث مباحثه به ٿين ٿا،  جنهن ۾ نوجوانن ۾ اُڀرندڙ شعور جي نئين سر پالنا ٿئي ٿي، سنڌ دوست اسٽڊي سرڪل صرف حيدرآباد تائين محدود نه آهي بلڪه هن جون شاخون مختلف ضلعن ۾ ڦهليل آهن، انهي کان علاوه لکڻ پڙهڻ جي عمل کي باقائيده عمل ۾ لاهڻ لاءِ ”سنڌ نيشنل فورم“ جو قيام ٿيو جنهن ۾ دليپ دوشي بنيادي ميمبر آهن، هي فورم مختلف سماجي اِشوز تي جاگرتا مهم هلائڻ، نوجوان نسل کي هڪ پليٽ تي گڏ ڪرڻ انهن کي پنهنجي فرضن کان آگاھ ڪرڻ کان علاوه سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي آواز اُٿارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سنڌ نيشنل فورم جي پليٽ فارم تان هر پنڌرهن ڏينهن تي ”ادبي ۽ فڪري ويهڪ“ به ڪوٺائي ويندي آهي جنهن ۾ نوجوانن جو جِجهو انگ شرڪت ڪندو آهي، اتي ادب،سياست سماجي گذرندڙ حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي آهي، انهي کان علاوه نوجوان اديب يا ادب سان چاھ رکندڙ سرگرم شخصيتن کي گهرائي انهن کان ليڪچر به ڏياريا وڃن ٿا ائين ڪرڻ سان نوجوانن ۾ نئون جنون ۽ جذبو اُڀريو آهي ۽ نوجوانن جو ادب ۽ ڪتابي دنيا ڏانهن لاڙو به ٿيڻ لڳو آهي، هي سڀ ڪم تڏهن عمل ۾ آيا جڏهن دليپ پاڻ انهن کان آگاه هيو، انهي لاءِ هن مختلف سماجي ادارن جي ٽرئننگ ۽ سيمينارن ۾ نمايان رهيو انهي جي بنياد تي هي ملڪ جي تقريبن  سمورن وڏن شهرن ۾ وڃي پنهنجون سماجي سرگرميون سرانجام ڏنيون. دليپ دوشي جيڪو هينئر پنهنجي روزي روٽي لاءِ هڪ سماجي تنظيم ۾ نوڪري ڪندو آهي، پنهنجي مصروف وقت مان ڪجھ پل ڪڍي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ بڪ اسٽال لڳائيندو آهي جنهن ۾ تمام گهڻي رعايت سان ڪتاب کپائيندو آهي انهي مان ٿيندڙ اُپت مان هو ادبي سرگرميون سرانجام ڏيندو آهي.
      گذريل مهيني سنڌ جي ڀلوڙ شاعر شيخ اياز جي ياد ۾ اٺ ڏينهن جو سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ادبي ”اياز ميلو“ لڳايو ويو هو جنهن ۾ دليپ دوشي پنهنجي نوجوان دوستن سان گڏ اٺ ڏينهن تائين پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون،
اڪثر اسان جي سماج ۾ اهيو محسوس ڪرايو ويندو آهي ته نوجوان صرف پنهنجو وقت برباد ڪندا آهن يا نوجوانن ۾ ڪجھ ڪرڻ جي اهليت ناهي، پر اهيو ڪنهن نه ڏٺو آهي ۽ نه ئي محسوس ڪيو آهي ته نوجوانن جي اندر مان اُڀرندڙ خيالن، سوچن، فڪرن ۽ قلمي تحريرن ۾ ڪهڙيون نه ڳُجهيون ۽ معنيٰ خيز حقيقتون لڪيل آهن، سنڌ ۾ دليپ دوشي جهڙا سوين نوجوان ويٺا آهن جيڪي پنهنجي صلاحيتن جي بنيادن تي اهڙا انمول ڪارج سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن تي ڪنهن جي نظر ئي ناهي، يا ڪير ڏسندو آهي ته پنهنجي مغروريت يا انا جي ڪري همت افزائي جا چند لفظ چوڻ جي زحمت ئي ناهي ڪندو، يا ائين ٿيندو آهي ته نوجوان پنهنجي اهليت سان ڪجھ قدر نکري نروار ٿيندو آهي ته اُن کي پوئيتي ڌڪڻ جي ڪوشش ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ويندي، تنقيد به لازمي آهي پر صرف تنقيد اندر جي سنگِتراش کي ماري ڇڏيندي آهي پر جيڪڏهن تنقيد براءِ اصلاح هجي ته دليپ دوشي جهڙا انيڪ تخليقڪار سنڌ ڌرتي جي جهولي ۾ پيدا ڪري سگهجن ٿا جيڪي تاريخون جوڙيندا جنهن مان ايندڙ نسل سبق حاصل ڪندو ۽ انهن جي اندر مان ڪجھ ڪرڻ جي چاهت اُڀرندي ۽ ائين ئي تسلسل جاري رهندو..!

Children dying in Thar

 To be checked is this approved topic?
مٺي ٿر ۾ مرندڙ ٻار..!!

ڪشور ڪمار
        ٿر مارو ماڻهو امن پيار ۽ محبت جا هيراڪ آهن جنهن سدائين پنهنجي اندر ۾ پنهنجائپ جي پالنا ڪئي آهي، سياڻا مهمان نواز، هر ڪنهن کي عزت ڏيندڙ، دشمن به در تي آيو ته ان کي اندر جا دروازا کولي آجيان ڪندا آهن، اهيو ئي سبب آهي جو گذريل ڪيترن ئي سالن کان هنن مارو ماڻهن جي گهرن جي سونهن مٽجي رهي آهي ٿري مائرن جون جهوليون خالي ٿي رهيون آهن، حال ئي حڪمران جي ڪرسي تي براجمان سنڌ جا واڳ ڌڻي جيڪو هر هَند هنن ماروئڙن کي بي شعور ڪوٺن ۽ ثابت ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي، اڄ جيڪڏهن ٿر جي جيجل ٻاگهين جي اجڙيل جهولين تي ڪير سوال اُٿاري ٿو ته حڪمران جماعت کان اهيو ئي اندر کي وڍ ڏيندڙ جملا ايندا آهن ته ٿر جا ماڻهو بي شعور آهن جنهن کي ڪا خبر ئي ناهي ته ڪيئن ڊليوري ڪرائبي آهي/ ٿر جون دايون ٻار ڇڪي ڪڍنديون آهن، ٿر ۾ ٻار مري رهيا آهن وڏا ماڻهو ته نه پيا مرن جو هيڏي واويلا ڪئي پئي وڃي افسوس....!!!! بس اهڙن بي ذوق ڳالهين جي بدلي ۾ هي مخلوق خاموش ئي رهندي آهي، پنهنجي پاڻ يا پنهنجي ضمير سان ملامت ڪندي اهيو ئي چوندا آهن ته اهيو انهن جي واتان نڪتل لفظ بظاهر ته سنڌ جي اجتمائي ضمير جو آواز آهي...!!
         گذريل 3 سالن کان ٿر ۾ قهر برپا آهي هزارين مائرن جون جهوليون خالي ٿيون سوين سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا آيا، لپ اٽي جي يا ڪلو چانورن جو ساڻ کڻي پر ڪڏهن انهن کي دلاسو يا تسلي نه ڏني ايئي هنن جي روئيندڙ اکين مان وهندڙ ڳوڙهن کي اٽي جي لپ سان بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، بس ڏک ۽ تڪليف سان ڀرپور هنن جي وجود جي اڱڻ ۾ سدائين تڏو وڇايل هوندو آهي ڪير اچي تعذيت ڪرڻ..؟؟ هر ماڻهو ايندو پنهنجي مفادن خاطر پنهنجي پروجيڪٽ جي پورائي خاطر، هنن جي اڱڻ ۾ رقص ڪندڙ موت جون تصويرون پنهنجي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪرڻ خاطر ته جيئن هو انهي جي بنياد تي ڊالرن جا پروجيڪٽ حاصل ڪري سگهن، ڪافي سالن جو اهيو تسلسل رهيو آهي، ته ٿر جي اٻوجھ ماروئڙن جي ڏکن ۽ تڪليفن کي بيان ڪندي کوڙ سارا ماڻهو ڪک پتي مان لک پتي ٿيا آهن، پر انهي جي بدلي هنن هيڻن ۽ وياڪل ماڻهن کي ڇا مليو بس اهيو ئي نه اڳي پيٽ بکايل هوندي ڪنهن سان گلا نه ڪندا هئا، ۽ هاڻي نيڻ واٽن تي ٽڪائي امداد جي اوسيئڙي ۾ هوندا آهن، تبديلي آئي آهي پر اهو پاڻ ساڻ هڪ فقير کڻي آئي آهي جنهن کي هاڻ مارڻ مُشڪل آهي.
        2014ع ۾ 950 ٻار ٿر جي مختلف هندن تان موت جي ابدي ننڊ ڏانهن مائل ٿيا، جنهن جو تسلسل جاري رهندي 2015ع ۾ اندازن 500 کان مٿي ٻار موت جو شڪار ٿيا هينئر نئين سال جي شروعات ۾ ئي ٿر جي ڌرتي تي موت جي نئين لهر اُڀري جنهن سوين گهر اُجاڙي ڇڏيا، هن وقت تائين 65 ٻار زندگي جي رنگينيت ڏسڻ کان سواءِ مالڪ حقيقي سان وڃي مليا.  
     ٿر ۾ مرندڙ ٻارن جو جيڪڏهن  حقيقي پاسو ڏسجي ته کوڙ اهڙا سبب آهن جيڪي ڏينهون ڏينهن موت ڏانهن ڌڪيندا آهن جنهن ۾ غذائي قلت اهم پاسو آهي، عمومن ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن پيدائش جي وقت ٻار جو وزن اڍائي ڪلو آهي ته اهو صحتمند به هوندو ۽ بچڻ جا امڪان تمام گهڻا هوندا آهن، پر ڊاڪٽرن جي مطابق جيڪڏهن ٻار گهٽ ۾ گهٽ 900 گرام جو پيدا ٿئي ٿو ته ان کي ميڊيڪلي دوائن سان بچائي سگهجي ٿو يا ان ۾ بچڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا پر اڪثريت ٿر ۾ ٻار پيدا ئي 600 گرام کان 800 گرام تائين هوندا آهن ته انهن جي موت يقيني هوندي آهي، ٻيو اهم پهلو اهيو به آهي ته ٿر ۾ ڪنهن جا 8 ٻارن کان گهٽ ناهن، هڪ ٻار اڃان ٿڃ تي هوندو آهي ته ٻيو ٻار تيار ٿي ويندو آهي مطلب ته لائن لڳل آهي، فيملي پلاننگ جو تصور به ناهي عام ماڻهن وٽ، نتيجي ۾ ٻار کي ماءُ جي پيٽ اندر صحيح طريقي جي خوراڪ نه ملي سگهندي آهي ۽ ٻار وقت کان اڳي يا گهٽ وزن وارو پيدا ٿيندو آهي، جيڪو پوءِ اک کولڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندو آهي، ٿُلهي ليکي ڏٺو وڃي ته ٿر ۾ شعور جي ڪمي آهي يا صحت جون سهولتون به گهٽ آهن ۽ ايتري معلومات ناهي ته ٻار ڪيتري وقفي کان پوءِ پيدا ڪرڻ کپي، ۽ ڪيترا ٻار پيدا ڪرڻ کپن جيئن زندگي آساني سان گذاري سگهجي ڪنهن جو محتاج نه ٿجي.     
      ٻيو سڀ کان اهم مسئلو اهيو به آهي ته مسلسل ٿر ۾ ڏڪار رهڻ جي ڪري ٿر ۾ خوراڪ جي ڪمي ٿي ڇا ڪاڻ ته ٿر ۾ اڪثر ماڻهن جو گُذر سفر برسات جي پاڻي تي ٿيندڙ ٻنين ۾ آهي برسات نه پوڻ جي ڪري ٻنيون نه پوکي سگهيا ۽ نتيجي ۾ خوراڪ جي ڪمي ٿي ۽ مٿان وري حڪومت جي نااهلي به شمار آهي، ڇو ته جيڪڏهن جون يا آگسٽ تائين برساتون نه ٿيون پون ته ٿر پارڪر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏيئي فوري طور تي امدادي ڪاروايون شروع ڪرڻ کپن پر سنڌ حڪومت جي بي ڌياني سبب ايئن نه ٿي سگهيو، ماڻهو مرن لڳا يا غذائي قلت جا واقعا ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيا تڏهن حڪومت اک پٽي وڏا وڏا اعلان ٿيا پر سهولتون نه هجڻ جي برابر مهيا ڪيون ويون، نتيجي ۾ انهي جو ڪو فائدو نه ٿي سگهيو ۽ ٻار مرن جو سلسلو هلندو رهيو جيڪو 3 سال گذرڻ باوجود جاري آهي.
    موسمي تبديلي جي ڪري سڄي دنيا گهيريل آهي، نه موسم تي برساتون پون ٿيون نه موسم تي سردي يا گرمي اهو اشو هر سال وڌندو رهندو اسان کي گهرجي ته انهي تبديلي کي نظر ۾ رکندي اهڙا جوڳا اُپا وٺون جو اسان ڏڪار جي حالت ۾ به سڪون جو آنند وٺي سگهون، حڪومت کي گهرجي ته ٿر جي اٻوجھ ماڻهن جو خيال رکي انهن کي بنيادي سهولتون وقت سر مهيا ڪري جيئن هو انهن مان فائدو وٺي پنهنجي نسل کي بچائي سگهن، انهي کان علاوه ٿر جي ماڻهن کي گهرجي ته دنيا جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي فيملي پلاننگ تي اعتماد ڪندي وقفي ساڻ 2 يا 3 ٻار پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏين جيئن زندگي آسان ٿي پوي..!