Showing posts with label Zoheb Kamal. Show all posts
Showing posts with label Zoheb Kamal. Show all posts

Tuesday, 19 January 2016

Referred back Interview from Abdul shakoor soomro


Submitted by :  Zoheb Kamal
Roll#:2k14/MC/122
B.S Part-III
Interview & Profile
 Referred back check ur mail for detailed comments

 
انــــٽــــرويــــــو
عبدالشڪور سومرو (وڪيل)
سر اسلام عليڪم،
واليڪم السلام ……………
سوال 1:        اوهان جو نالو ڇا آهي ؟
جواب:          عبدالشڪور سومرو ولد مير محمد سومرو
سوال2:         سر اوهان جي اصل رهائش ڪٿان جي آهي.
جواب:          منهنجي اصل رهائش مريد شاخ تعلقه اوٻاڙو آهي.
سوال3:         سر اوهان جي آفيس ڪٿي آهي ؟
جواب:          منهنجي آفيس بخاري روڊ ڪولاچي لا چيمبر اوٻاڙو ۾ آهي.
سوال4:         سر اوهان پرائمري تعليم ڪٿان کان حاصل ڪئي آهي؟
جواب:          ايس ايم پبلڪ اسڪول مريد شاخ کان حاصل ڪئي آهي.
سوال5:         سر اوهان اعليٰ تعليم ڪٿان پرائي آهي
جواب:          اسلاميه ڪاليج سکر کان B.A  ڪئي ۽ بعد ۾ L.L.B بدرالعللم              دراني لا ڪاليج سکر مان حاصل ڪئي.
سوال6:         سر اوهان وڪالت ڇو ڪرڻ چاهي؟
جواب:          سستو انصاف ۽  جلد انصاف فراهم ڪري ڏيڻ عا۾ ماڻهن کي
سوال7:         سر اوهان کي وڪالت ۾ ڪيترو عرصو گذري  چڪو آهي.
جواب:          مون کي وڪالت ڪندي 5 سال گذري چڪا آهن.
سوال8:         سر ماڻهن جو چوڻ آهي ته وڪيل صاحبان صرف ڪمائڻ جي لاءِ                   آفيسون کوليون آهن نه ڪي انصاف وٺي ڏيڻ لاءِ
جواب:          هر ڪو ماڻهو پنهنجي گالهه ڪندو آهي.
                   پر اسان پنهنجي ڪم مان مطمئن آهيون سڀ ماڻهو برابر نه          هوندا             آهن. هر محڪمي ۾ هر قسم جا ماڻهو هوندا آهن.   
سوال9:         سر ماڻهو چون ٿا ته وڪيل صاحبان تڪڙو انصاف نه ٿا وٺي ڏين.
جواب:          ڪڏهن پاڻ کان ته ڪڏهن جج صاحبان غير حاضر ته وري ڪڏهن                 فريادي ته ڪڏهن شاهد غير حاضر ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه               آهي.
سوال10:       سر اوهان جا ڪهڙا ويچار آهن ته پاڪستان جي غريب عوام کي           انصاف ملندو آهي يا نه
جواب:          پاڪستان جي عدالتن مان انصاف بلڪل صحيح معيار تي ملندو              آهي. باقي ڪمي پيشي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڪو فريادي پنهنجي           داخل ڪيل ڪيس تان ڦري ٿو ته ان جو ڪو پابند فرياديءَ کان سواءِ                 عدالت يا وڪيل کي نه ٿو بڻائي سگهجي.
سوال 11:      سر اوهان ڪهڙي شخصيت کان متاثر ٿي ڪري وڪالت شروع           ڪئي.
جواب:          قائد اعظم محمد علي جناح رح صاحب.
سوال12:       سر اوهان شاگردن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا.  

جواب:          منهنجو اهو پيغام انهن شاگردن لاءِ آهي ته هو سڀ کان پهريان محنت ڪن ۽ اڳتي نڪري انصاف بهتري جي اميد انهن مان آهي ۽ هو اڳتي هلي سٺي نموني سان قانون جي تعليم عام ڪن ۽ ماڻهن کي جلد انصاف فراهم ڪندا.   

Referred back Profile of Zoheb


 Check ur mail for deatils Referred back


Submitted by :  Zoheb Kamal
Roll#:2k14/MC/122
B.S Part-III
Profile

 
پــــــــروفـــــــــائـــــــــيـــــــــل
عبدالحميد ملڪ وائيس پرنسپل
(گورنمينٽ هاءِ اسڪول کمبڙا)

استاد جو ڪم هڪ سرسبز باغ ۾ ڪندڙ مالي وانگر آهي جنهن جو پهريون ۽
آخري مقصد پنهنجن شاگردن کي گلن وانگر خوبصورت بڻائڻ آهي ائين ئي هڪ
استاد جنهن جو نالو عبدالمجيد ملڪ آهي جيڪو گورنمينٽ هاءِ اسڪول کمبڙا
۾ وائيس پرنسپل طور پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. جيڪو هڪ
ننڍڙي ۽ غريب ڳوٺ حاجي خان ملڪ ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي شروعاتي تعليم
پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ
شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ويو. جتان هن 2002 ۾بي اي ۽ 2005 ۾ ايم اي ڪئي
۽ 2007 ۾ بي ايڊ ڪئي ۽ ان کانپو ايم ايڊ 2011 ۾ مڪمل ڪئي ۽ سائين جن 15
سال هڪ خانگي اسڪول ۾ بطور استاد پنهنجو ڪم جاري رکيو جتان سائين
جن کي بطور وائيس پرنسپل ۽ پرنسپل جي عهدي تي منظم ٿيا. هن وقت
سائين جن جي عمر اٽڪل 37 سال آهي ۽ ان کانپوءِ سائين جن کي گورنمينٽ هاءِ
اسڪول ۾ استاد طور آڇ ٿي جنهن کي سائين جن قبول ڪيو ۽ پنهنجي شعبي
کي اڳتي وڌائڻ شروع ڪيائين. سائين جن کي ڪجهه مخصوص مضمونن ۾
مهارت حاصل آهي. جهڙوڪ سنڌي، اسلاميات، انگريزي، سماجي اڀياس آهي.

سائين جن جو پنهنجو شاگردن سان نه صرف استاداڻو رويو آهي بلڪ هڪ دوستاڻو به رويو آهي ۽ معاشري ۾ به اهڙن استادن جي سخت ضرورت آهي. جيڪي شاگردن جي زندگي سنوارڻ لاءِ هر لحاظ کان شاگردن سان طعاون ڪري رهيا آهن. جنهن جي ڪري معاشري ۾ به اهڙن استادن جو تمام بهترين اثر ٿو پوي.