Showing posts with label امين تڳر. Show all posts
Showing posts with label امين تڳر. Show all posts

Tuesday, 9 February 2016

Interview with Abrar Hussain Chandio advocate

It is very difficult to download. Samejo sb may help u

ڳالھ ٻولھ“محمد
امين تگر رول نمبر115“

ايڊوڪيٽ ابرار حسين چانديو

ابرار حسين جو جنم حاجي خادم حسين چانڊيو جي گهر ۾   
27 فيبروري 1982ع ۾  ڳوٺ فضل علي چانڊيو ۾ ٿيو.هن 

پرائمري تعليم جا سبق پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول 

مصري خان چانڊيو ۾ پڙهيا.ميٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ هاءِ 

اسڪول خير محمد ٻوهيو مان ۽ ا نٽر مئڊيئٽ ڊگري ڪاليج 

نوشهروفيروز مان پرائي. گريجوئيشن جي تعليم  سنڌ جي 

عظيم روحاني انسان علامه آءِ آءِ قاضي جي جوڙايل مادر 

علمي سنڌ يونيورسٽي جي شعبي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان 

2004ع ۾ پاس آئوٽ ڪئي.ان کان پوءِ ايم اي ايل ايل بي 

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪري وڪالت شروع 

ڪيائين.

س؛ اوهان وڪالت جي شعبي ۾ ڇو ۽ ڪيئن آيا؟

ج؛ مان جڏهن سنڌ يونيورسٽي مان فائنل ڪري ڳوٺ آيس ته ڳوٺ ۽ شهر ۾ تمام 

گهڻا مسئلا تعليم،صحت جهڙن بنيادي مسئلن جي کوٽ هئي ته منهنجي ستل ضمير 

جو انسان جاڳيوته پوءِ وڪالت ڪرڻ جو شوق ٿيو،منهنجو وڪالت ۾ اچڻ جو 

مقصد سنڌ جي غريب عوام جي جي حقن، مسئلن لاءِ آواز اٿاري  انهن کي عدالت 

مان انصاف فراهم ڪرائڻ آهي.مايوسي کي ختم ڪري غريبن جو هم آواز بڻجي 

ڪري ڪورٽن جي درن کي کڙڪائي ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ آهي، انسانيت جي 

س؛ اوهان وڪالت ۾ هوندي سماج لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا 

خدمت ڪرڻ آهي.

ڪيو آهي؟

ج؛مان وڪالت جي شعبي ۾ 2008 ۾ آغاز ڪرڻ کا ن پوء،نوشهروفيروز ۾ 

مختلف قسمن جون پٽيشن داخل ڪري ڳوٺ ۽ آسپاس جي عوام کي انصاف فراهم 

ڪرايو،ان سان گڏ غريب طبقي جي ماڻهن کي مالي سهڪار ڪري 

بک،بدحالي،ڏڪار جهڙن آفتن ۾ ساٿ ڏيڻ توڙي مها ٻوڏ 2010 ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 

راشن،ڪپڙا،هائڊريشنِ جو سامان،ٽئنٽ ڪئمپ مهيا ڪرڻ کان علاواھ انهن کي 

گهرن تائين منتقل ڪري نوان گهر پڻ ٺهرائي ڏنا،اهو ڪم ڪورٽ جي ذريعي 

غريب ماڻهن تائين پهچايو. نوشهروفيروز شهر کي سرسبز ۽ آباد ڪندڙ درٻيلو شاخ 

جنهن کي بااثرن 15 سالن کان بند ڪري ڇڏيو هو انهي کي ساڳي صورت ۾ هاءِ 

ناانصافيون ڪندڙ وقت جي ڪرپٽ ڪامورن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي 

ڪورٽ سکر مان 2009 ۾ بحال ڪرايو.سيشن ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن ۾ 

انصاف ماڻيو.

س؛ ڪورٽن سڳورن اندر ڏاڏي جي ڪيسن جي فيصلو پوٽو 

وٺي ٿو ان جا ڪهڙا سبب آهن ۽ اوهان ڪهڙي راءِ رکو ٿا؟

ج؛ انهي ۾ منهنجي راءِ اها آهي ته ججن جي سستي،ڪاهلي ۽ قانون مطابق 

ڪورٽن کي پروسيجرنه ڪرڻ، جنهن جو مثال اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد 

چوڌري طرفان ملڪي ليول تي جوڊيشري پاليسي جهڙن پاليسين جو اعلان ڪرڻ 

کانپوءِ به انهي تي عمل درآمد نه هئڻ ڪري عام ماڻهوو کي انصاف فراهم نٿو ڪيو 

وڃي.جيڪا بيل درخواست جوڊيشل پاليسي جي تحت ٽن ڏينهن ۾ حل ڪرڻي آهي،پر 

اها بيل درخواست مهينن جا مهينا ڪورٽن ۾ پينڊنگ ۾ رکي هلائي پئي وڃي 

۽جيڪي 2005 ائڪٽ جي تحت اسپيشل لا اڳوڻي آمر پرويز مشرف طرفان آندو 

ويوته سول ڪورٽن جي سست رفتاري۽ ڪاهلي ڏسي ڪري هڪ اسپيشل لا 

متعارف ڪرايو  ته جيئن ناجائز قبضا مافيا،ڀتاخور ماڻهن کي اهڙي ڪاري عمل 

کان تحفظ ڪرائڻ لاءِ 60 ڏينهن اندر ايس ايڇ او ۽ مختيارڪار کان جاچ ڪرائي، 

ثبوت گڏ ڪري ڏوهاري ماڻهو کي 60 ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌائي جوابدار کي 12 سال 

سزا ڏياري فريادي کي انصاف ڏياريو وڇي. اسان وٽ هرقسم جو سٺو ۽ بهترين 

قانون موجود آهي  پر بدقسمتي سان انصاف جي ڪرسين تي ويٺل بي رحم ۽ سست 

ججن جي ڪاهلي جي ڪارڻ غريب عوام کي تڪڙو انصاف نٿو ڏنو وڃي،جنهن 

س؛ ڪورٽون هئڻ جي باوجود به جرڳائي ڀوتار وڏيرا عوام 

ج؛ ڪورٽن جي فيصلا ڪرڻ وقت سست رفتاري ۽ بي رحمي جي روين کي ڏسي 

خود  عام ماڻهو ڪورٽن کان پاسيرو ٿي جوڊيشل آفسيرن کي ڇڏي ڪري تڪڙو 

انصاف وٺڻ لاءِ هڪ اڻپڙهيل وڏيري کان انصاف وٺڻ جي خاطر پنهنجي قسمت 

جي ڪري عام ماڻهو پنهنجا ذاتي فيصلا وٺڻ ۾ سالن جا سال لڳائي ٿو. 

جا فيصلا ڪن ٿا، انهي جو ڇا سبب آهي؟

جا صحيح ۽غلط فيصلا ڪرائي ٿو.  

س انصاف کي  عوام تائين تڪڙو ۽ سستو بڻائڻ لاءِ ڪهڙن 

ج. انصاف کي عام ڪرائڻ لاءِ ججن جي تعداد کي وڌائڻ ۽ جج صاحبن کي 

ٽارگيٽ ٽاسڪ ڏئي جوڊيشل پاليسي تحت اسپيشل لا ۽ عام لا کي گڏي هڪ رفتار ۾ 

س.اڪثر عوام جي اها شڪايت هوندي آهي ته وڪيل قانون 

جي پاسداري ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي بجاءِ وڏيون فيسون 

اوڳاڙي ڪنگال بڻائين ٿا، انهي بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ 

قدمن جي ضرورت آهي؟  

هلائي،جلد ۾ جلد ۽ تڪڙا فيصلا قانون مطابق ڪرڻ گهرجن.

آهي؟

ج،. وڪيلن جي زبان ۾ صرف ۽ صرف عام ماڻهن جو آوز هوندو آهي،جيڪو 

ڪورٽن جي دروازن کي کڙڪائيندي ججن جي ٻن آڱرين ۾ پڪڙيل قلم وٽ پهچائڻ 

تائين محدود هوندو آهي جڏهن وڪيل وٽ ڪو بيوس ۽ بيقصور انسان پاڻ سان ٿيل 

ناانصافين جو ازالو ڪرائڻ خاطر پنهنجن مسئلن کي قانوني طرح سان حل ڪرائڻ 

۽ تڪڙو انصاف وٺرائڻ جي اميد کڻي پهڇندا آهن ته هر عام وڪيل ۽ پيشي سان 

سچو وڪيل ان عام ماڻهن جي مسئلن کي پنهنجو سمجهي ڪري ڪورٽن مان 

انصاف وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.قانون ۾ هر ڪيس 60 ڏينهن اندر اڪلائڻو 

هوندو آهي پر ججن جي سستي ڪاهلي ڪري اهي ڪيس سالن جا سال هلن 

ٿا،جنهن  جي ڪري وڪيل ڳري فيس وٺي عام ماڻهو کي ڪنگال بڻائڻ تي مجبور 

س. اوهان جي ڪاميابي جي پويان ڪنهن جو هٿ اهي؟ 

ج، منهنجي ڪاميابي ۾ سڀ کان پهرين منهنجي امڙ جون دعائون ، هر عام انسان 

سان بهتر نيت رکڻ ،غريب ۽ بي سهارا ماڻهن کي ڪورٽن مان انصاف وٺرائي ڏيڻ 

س، اوهان سنڌ جي نوجوانن  ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪهڙو پيغام 

ج، سنڌ جي نوجوانن لاءِ اهو منهنجو پيغام آهي ته اهي پڙهائي طرف ڌيان ڏين ۽ 

پنهنجي عوام جي مسئلن جي نشاهندگي ڪرائي قانوني طريقي سان حل ڪرائن.

ڪن ٿا.

جي بدلي ۾ مليل دعائن جي ڪري ڪاميابي حاصل ٿي آهي.

ڏيندا؟

Udasyen jo mandar By M.Amin

اداسين جو مندر

فيچر _ محمد امين تڳر 2K14/MC/115

سنڌ اندر هندو ۽ مسلمان ٻه اهڙيون قومون آهن، جيڪي صدين کان گڏ رهنديون پيون اچن، ٻنهي قومن جون عبادتگاهون الڳ آهن، پر انهن پاڻ ۾ ڪڏهن به ايئن ڪونه تسليم ڪيو آهي ته اسان اوهان کان مان مٿاهون آهيون، هندو مذهب جي پراڻي تاريخ آهي، هند ۽ سنڌ اندر، موجوده دور ۾ انتهاپسند تنظيمن هندو ۽ مسلمان وچ ۾ وڏا ويڇا وڌائي ڇڏيا آهن،

 تنهن هوندي به ڪٿي ڪٿي  سنڌ اندر توهان کي هندو مسلمان جو تصور ئي نظر ڪو نه ايندو گهڻي ڀاڱي ريتون رسمون مليل جهليل هونديون، مسلمان به هندن جي عبادتگاهن ۾ شوقيا طور گهمڻ لاءِ ويندا رهندا آهن،  انهن جي تهوار ۽ ميلن ۾ به پارٽيسپيٽ ڪندا رهندا آهن، انهي ۾ صاف ظاهر ٿئي ٿو ته عقيدت مندي جي پوري معنيٰ تڏهن ٿيندي جڏهن ذات، پات، نسل انهن سڀني شين کان بالاتر هجي،.انهن عبادتگاهن ۾ اسان ڪائنات جي وجود ۽ حقيقي مالڪ کي ياد ڪريون ٿا، سنڌ اندر تاريخي مندر گهڻي تعداد ۾ موجود آهن جتي هر تعوار تي پنهنجن عبادتگاهن ۾ پوڄا پاٽ ڪندا رهندا آهن

 سنڌ ڌرتي امن ۽ آشنا جي ماءُ هئي، سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ مندر آهن انهن مان اداسين جومندر هڪ آهي، جيڪو نوشهري فيروز شهر ۾ واقع آهي. هن مندر جا گرو يعني گادي نشين شادي ڪو نه ڪندا هئا، تنهن ڪري هن مندر کي ”اداسين“ جو مندر ڪوٺيو ويو. اداسي اصل ۾ سکن جو هڪ پنٿ آهي. هيءُ 300 سال پراڻو مندر آهي. مندر جا ڪل يارنهن گادي نشين ٿي گذريا آهن، جن مان ڪنهن به شادي ڪو نه ڪئي ۽ سموري ڄمار ڇڙو گذاريائون. اهي سڀ صوفياڻي مڪتبه فڪر جا پوئلڳ هئا.

 مندر جي شروع کان هلندڙ روايت جي ابتڙ هاڻوڪي گادي نشين -بابا رامداس- شادي ڪئي آهي. -ان- ڪري هاڻي هن مندر کي ”گروشتي گادي“ وارو مندر به چيو وڃي ٿو. يعني اهو مندر جنهن جو گادي نشين شادي شده آهي. هاڻوڪي گدي نشين -بابا رامداس- جو والد عيدن داس هندو پنچائت جو مکي آهي، جنهن مطابق صديون پراڻي روايت کي بابا تليداس جي مشوري سان تبديل ڪيو ويو آهي.

هن مندر تي ٻارنهن مهينن ۾ 2 ميلا (1) گرو نانڪ جي -جنم- ڏينهن تي (2) شِوِ جي -جنم- ڏينهن تي لڳن ٿا، جنهن ۾ ڏورانهن هنڌن جا ياتري زيارت ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. مندر جي عمارت پراڻي عمارت جي مٿان، نئين طرز سان تعمير ڪئي وئي آهي، جيڪا 2005ع ۾ جڙي راس ٿي هئي.

مندر ۾ زيارت لاءِ ايندڙ ياترين کي ٽيئي وقت نگر مفت ڏنو وڃي ٿو. مندر جي عمارت ٽه ماڙ آهي. جنهن ۾ هر طبق تي شِوِ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ شِوِ جو ترشول، لنگم ۽ شري ڪرشن جي مورتي وغيره رکيل آهي. ٻئي حصي ۾ گادي نشينن جون مورتيون وغيره رکيل آهن، -جن- ۾ بابا چيتنداس، بابا وِشنداس، بابا ڪنول داس، بابا مرچو داس، بابا تاملداس، بابا منگل داس، بابا ڌيانداس، بابا جهامنداس، -بابا رامداس- (هاڻوڪو گادي نشين). شامل آهن.

مندر جي عمارت خوبصورت نموني تعمير ٿيل آهي. هيٺئين حصي ۾ ٻه ڪمرا آهن. عمارت پڪين سرن سان سيمنٽ تي اوساريل آهي. هيٺئين حصي واري ديوار کي ڳاڙهو رنگ ڪيل آهي. هڪ چورس دروازو ۽ ٽي لوهي دريون اٿس. پاسي ۾ -ٺلهه  تي ڇڄو اٿس. مندر جو صحن پڻ سنگ مرمر ۽ ماربل سان ڍڪيل آهي. مٿئين حصي ۾ هڪ وڏو هال ٺهيل آهي. ڇت جي ٻيڙ -ٻني- تي ديوار کنيل آهي، جنهن تي لوهي ڄاري لڳائي وئي آهي. ڇت تي هڪ ڪمرو به تعمير ڪيل آهي. هن مندر کي سنڌ اندر هندن جي عبادتگاهن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي.

اداسين جو مندر
فيچر  محمد امين تڳر 2K14/MC/115

Wednesday, 20 January 2016

Naushroferz today by Amin Taggar

Revised version

نوشهروفيروز جي موجوده صورتحال...!

آرٽيڪل محمد امين تڳر 2k14/mc/115

عظيم تهذيبن جي ماءُ سنڌ ڌرتي پنهنجي وجود کان اڄ تائين تاريخي حيثيت رکي ٿي، ان جو زنده مثال 5 هزار سال پراڻو موئن جو دڙو آهي، سنڌ جي قديم شهرن مان موجوده ضلعو نوشهروفيروز به هڪ آهي، نوشهروفيروز شهر سان نصير شاهه جي دور ۾ ڪلهوڙا حڪومت ۾ ٺهيو سنڌو دريا جي کاٻي پاسي سمون فقير نالي سان فقير فيروز ويرڙ تي حڪم ڪيائون ته 9 ڳوٺن کي ملائي هڪ نالو رکيو وڃي، جنهن تي انهن نالو نوشهروفيروز رکيو، 1843ع ۾ برطانيا حڪومت نوشهروفيروز کي سب ڊويزن جو درجو ڏنو، 1989ع انهي کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو نوشهروفيروز کي ضلعي جو درجو ڏياريو، هن تاريخي شهر جون مشهور شخصيت سيد الهندي شاهه 1883ع ۾ هتي مدرسه ائنڊ هاءِ اسڪول جي نالي سان بورڊنگ اسڪول قائم ڪيو جنهن ۾ اڳوڻي نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي، شمش العلماءَ عمر بن دائود پوٽو، اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر ظفر علي شاهه ۽ ٻين ڪيترين ئي اهم شخصيتن هتان تعليم پرائي آهي، 80 واري ڏهاڪي ۾ ٻهراڙيءَ ۾ ڌاڙيلن جي راڄ سبب نوشهري ۾ آباديءَ جو دٻاءَ وڌيو ۽ جيڪو هاڻي به وڌندو رهي ٿو. جنهن سبب شهر ۾ ڪاروبار وڌيو آهي، دوڪانن جي تعداد ۾ چئوڻ پنجوڻ اضافو ٿيو آهي. 20 سال اڳ هتي هڪ نجي اسڪول کليو پر هاڻي 30 کان وڌيڪ نجي تعليم جا اسڪول آهن. سنڌ جي ٻين ضلعن جيان نوشهروفيروز ضلعو به مسئلن جي ور چڙهيل آهي، جنهن ۾ ٽرئفڪ، صحت جي سهولتن جي کوٽ، عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، تعليمي ادارن جي کوٽ ۽ شهر ۾ نيڪالي جو سسٽم درهم برهم آهي، هن وقت نوشهروفيروز ۾  جيڪي پرائمري اسڪول آهن انهن مان 30 کان وڌيڪ بند پيل آهن جن تي وقتي وڏيرن پنهنجا چنبا ڄمائي قبضو ڪيو آهي، سرڪاري حڪومت جي آشرواد سان معصومن جو مستقبل تباهه پيا ڪن،  شهر ۾  وڏي ۾ وڏو مسئلو اڻپورو ٽرئفڪ نظام آهي، جنهن ڪري صبح جو رش هوندي آهي، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي  تمام گهڻي تڪليف سان گڏ پڻ مشڪلات به ٿئي ٿي، شهر جا روڊ رستا به گندگي جي ور چڙهيل آهن، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي وائرس واريون بيماريون پکڙي چڪيون آهن،  ميونسپل عملي صفائي وارا به هفتي پندرهن ڏينهن کان يا ته وري ڪڏهن ڪڏهن  مهيني تي صفائي جو فرض پورو ڪرڻ ايندا آهن، شهر اندر کليل گٽر هئڻ ڪري معصوم ٻارن جي مرڻ جا به اڪثر واقعا ٿيندا رهندا آهن، پر اڃا تائين حڪومت جي ڪن تي جونءِ به ڪونه ٿي چري،  شهر جي سول هاسپيٽل صرف نالي ماتر رهي آهي، دوائن جا ڪٻٺ صرف کالي کوکن سان ڀريل نظر ايندا، اسپتال ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر ايندا آهن، بنا سرڪاري علاج جي مريضن کي اها ئي تلقين ڪري ويندا آهن ته شام جو ڪلينڪ تي اچو توهان جو صحيح طرح سان علاج ڪيو ويندو، شهر جو غريب عوام ڊاڪٽرن جو ڳريون فيسون ڪٿي ٿو ڀري سگهي، غريب ماڻهو وٽ ايترو به پئسو ناهي هو ٽي ويلا ٻارن کي ماني کارائن، هڪ ته مهنگائي چوٽ تي چڙهيل ٻيو وري بيروزگاري، غريب ماڻهن کي گهڻن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿي، ضلعي نوشهروفيروز جون سياسي ڌريون اليڪشن جي وقت وڏين گاڏين ۾ نظر اينديون، پنهنجي مفاد خاطر ووٽ وٺڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن جون پراڻيون تعزيتون ڪرڻ لاءِ اوطاقن تي ميلا متل هوندا آهن، مشڪلاتن ۾ منهن به ڪونه ڏيکارين، پر توهان هوندي به سنڌي ماڻهو ڏاڍو مهمان نواز آهي گهر آيل دشمن کي به سٺي موٽ ڏيندو آهي، ووٽ به سندس چوڻ تي ڏئي ڇڏيندو آهي، نوشهروفيروز شهر  جي روڊ رستن جو حال به خراب آهي، جنهن ڪري ٽرئفڪ جو جام ٿيڻ، روز جو معمول بڻيل آهي، پهرين شهر اندر ڪجهه مٺي پاڻي جا پلانٽ لڳايا ويا هئا، جيڪي هن وقت ناڪاره بڻيل آهن، شهرين کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ  ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ضلعي اندر ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آبادي  ۽ بيروزگاري  به شهر جي ماحول جو نقشو بدلائي ڇڏيو آهي، وڌندڙ آبادي ۽ سهولتن جي کوٽ ڪري عوام آزار ۾ آهي، بيروزگاري جي ڪري اڪثر نوجوان پريشان ۽ مايوسي جو شڪار بڻيل آهن، اسان جي سنڌ سرڪار کي اپيل آهي ته نوشهروفيروز شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئن شهري سٺي نموني سان زندگي بسر ڪري سگهن.