Showing posts with label انٽرويو. Show all posts
Showing posts with label انٽرويو. Show all posts

Saturday, 20 February 2016

Interview with Khuda Bux Memon

Rameez Lakho

خدا بخش ميمڻ 
انٽرويو: رميز 
خدا بخش ميمڻ هن وقت ogdcl  ۾ بطور هڪ ڪيمسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ بهترين شاعر به آهي سندن شاعري جا ڪتاب به ڪيترائي ڇپجي چڪا آهن ۽ شاعري جو مواد ڪيترين ئي اخبارن ، رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو محترم جي شاعري ۾ انقلاب هوندو آهي ۽ سندن شاعري کي مشهور سنڌ جي ڳائڻي سرمد سنڌي به ڳايو آهي. متين خاصيتن کان علاوه هي هڪ بهتر سوشل ورڪر به آهي جيڪو پهنجي ڳوٺ لاءِ فلاحي ڪمن ۾ رڌل رهي ٿو.

سوال. توهان جو خانداني پسمنظر صحافي آهي پوءِ توهان صحافت شعبي جي چونڊ ڇو نه ڪئي؟
جواب. زندگي هر ڪنهن کي ڪو نه ڪو رستو ڏيکاريندي آهي مهنجي خاندان ۾ ته مهنجي وڏي ڀاءَ کي بهتر هساب سان سماجي خدمت لاءِ رهنمائي وارو شعبو کنيو يعني زندگي جي ڪشمڪش يا حالتن ۾ هن پهنجي منزل ۽ شوق کي انهي شعبي ۾ ڏٺو جيتري قدر مهنجي ڳالھ آهي ته مونکي ننڍي هوندي کان ئي شاعري پڙهڻ ۽ ڪرڻ جو شوق هوندو هو تنهن وقت ته ڪم ذهن دماغ مان شاعري لاءِ لفظ نه ملندا هئا پر شاعري جي مقابلن ۾ حصو وٺي ۽ شاعري ڪندو هئس ۽ اها خوشي ملندي هئي پوءِ ڏٺو ته صرف شاعري شاعري جي فن سان ئي اڳتي نه وڌي سگھبو ڪجھ ڪري به ڏيکارڻو آهي جڏهن ته ٿورڙي گھڻي دلچسپي ۽ ڄاڻ زميني پڙهائي ۾ هئي ان ڪري جيالوجي ۾ داخلاءِ  ورتي ۽ ان ۾ ئي پهنجي محنت ۽ جفا ڪشي ڏيکاري.

سوال.شاعري جي ميدان ۾ قدم رکيو ؟
جواب. ننڍپڻ پڻ کان ئي شوق جي ڪري اردو ادب ۽ سنڌ جي مشهور صوفي شاعرن کي پڙهيو ۽ جنهن مان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ جو شوق  ٿيو ۽ معاشري جي حآلتن کي  ڏسي ڪري پهنجي جذبات شاعري ذريعي ظاهر ٿين ٿا اها ئي وجه آهي جو شاعري جو شاعري جي ميدان ۾ اسان جا قدم پيا.

سوال. توهان جيڪي به شاعر پڙهيا آهن انهن ۾ ڪهڙي شاعر توهان کي متاثر ڪيو؟
جواب. شاعري۾ آئون صوفي شاعرن کي به پڙهندو آهيان جنهن ۾ خوجه محمد زمان جي صوفياڻ شاعري ڀٽائي جي شاعري جنهن ۾ انگ انگ ۾ فلسفو آهي ان کان پوءِ غالب ، فيض احمد فيض کي پڙهندو آهيان ۽ اهي ئي شاعر آهن جنهن جي شاعري بيمثال ۽ لاجواب آهي جيتري قدر مون وڏي گھرائي سان انهن شاعرن کي پڙهيو آهي اوتري قدر آئون انهن مان متاثر ٿيو آهيان.

سوال. توهان پهنجي ڪيرئير جي ڪاميابي لاءِ ڪهڙين ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏنو؟ ڏٺو وڃي ته توهان جو خانداني پسمنظر غريب هو؟
جواب. جڏهن پهاڙ تي پهچڻ جو حوصلو بلند هوندو آهي ته مشڪلاتون مشڪلاتون نه رهنديون آهن اهي آجيان ڪندڙ گلابن وانگر ڏشڻ ۾ اينديون آهن هر ڪاميابي جي پويان ڪڙي محنت جو راز هوندو آهي  مونکي مهنجي مهنجي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ مهنجي ڀاءَ وڏو سپورٽ ڪيو ۽ جيڪي مشڪلاتون سٺيون سي انهن پاڻ ئي سٺيون مهنجي مٿان ڇپر ڇانوَ ٿي رهيا ۽ مونکي گرم اس جو احساس به ٿيڻ نه ڏنو.

سوال. توهان جي شاعري جي ڳالھ ڪجي ته ان کي سرمد سنڌي به ڳايو آهي ؟ ڇا توهان پهنجي شاٿري لاءِ لفظ سوچي چونڊي لکندا آهيو يا وهڪري وانگر توهان جي دماغ ۾ اڳندا ويندا آهن؟ 
جواب. جي ها شاعري ئي اهڙو ڪم آهي جيڪو آون پهنجي دل و دماغ سان ڪندو آهيان ۽ خوشنصيب آهيان جو مهنجي لفظن کي مرحوم سرمد جو آوز نصيب ٿيو جيتري قدر لفظن جي ڳالھ آهي انهن لاءِ سڀ کان پهرين لازمي آهي هر طرح جي شاعري جو مطالعو ڪيل هجي ۽ مهنجو گھرو مطالعو ته ناهي پر ايترو مطالعو ضرور آهي جو لفظن جي تشڪيل ڪري سگھان ۽ ڪنهن موضوع جي شآعري تي لفظن جي تشڪيل لازمي هوند ي  آهي پر جتي محبت پيار جي موضوع جي ڳالھ هوندي آهي لفظ دل مان نڪرندا آهن ۽ موضُع جو سينگار ٿيندا آهن.

سوال.توهان کي ڪهڙي شيءَ شاعري لکڻ لاءِ متاثر ڪيو ؟
جواب.  پهنجي جذبات ۽ خيالن کي ظاهر ڪرڻ جو ذريعو شاعري کي ئي سمجهندو آهيان  پر در حقيقت آئون جيڪو آهيان سو مون ڪڏهن به پهنجي پاڻ کي ظاهر نه ڪيو آهي ۽ شاعري ئي اهو ذريعو آهي. شاعري جي شوق خاطر پڙهڻ لڳس ۽ پوءِ ڪيترن ئي شاعرن کان متاثر ٿيس ۽ شاعري لکڻ شروع ڪري ڏنم 
سوال. توهان هن وقت ڪامياب زندگي بسر ڪري رهيا آهيو ته توهان اهو ڪڏهن محسوس ڪيو ته توهان ڪامياب ٿي چڪا آهيو ؟
جواب. ڪو انسان جڏهن ڀرپور محنت ڪندو آهي ته ان کي اهو پختو يقين هوندو آهي ته هو انقريب ڪامياب ٿيڻ وارو آهي ائين ئي مهنجي محنت مونکي گڏوگڏ مونکي ڪاميابي جو احساس به ڏياريو ۽ نيٺ ڪڙي محنت کان پوءِ ڪاميابي ماڻي.
سوال. توهان پهنجي ڪامياب زندگي جو ڪهڙو تجربو نوجوانن سان ڪهڙو تجربو شئير ڪندا ؟
جواب. توهان کي اها ئي صلاح ڏيندس ته هر منزل ڏانهن هميشه ٻه رستا ويندا آهن هڪ ته ڏکيو ۽ ٻيو آسان رستو هوندو آهي مون جيتري قدر ڏٺو آهي ته اڄ جا نوجوان شارٽڪٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر پهنجي منزل تي نه پهچي سگھندا آهن ۽ جي لونگ ڪٽ به هڻڻ چاهيندا آهن تب پهنجي منزل نه ماڻي سگھندا آهن ان ڪري جيڪو رستو ڏکيو هوندو آهي اهو بظاهر ڏکيو لڳندو آهي پر هوندو آسان آهي ڇو ته وقتي حالتن جي قرباني ڏيڻ کان بعد ۾ ڪاميابي وارا سک وارا لمحا آهن پر انهي سڪون جي ڪري مستقبل جو سڪون برباد ڪرڻ بي وقوفي آهي چوڻ جو مقصد اهو ته هر ڪاميابي پويان محنت جو راز سمايل هوندو آهي تنهن ڪري نوجوان جيڪي پهنجي شعبي ۾ شوق رکن ٿا اهي گھڻي محنت ڪن ۽ اهو ته واضع آهي  ته الله تعليٰ ڪنهن جي محنت رائگان نه ڪندو آهي تنهن ڪري توهان کي محنت جو ڦل ڪاميابي سان ضرور ملندو. 

Under supervision of Sir Sohail Sangi

#SohailSangi 
#Badin, Interview,#KhudaBuxMemon

Tuesday, 9 February 2016

Interview with Abrar Hussain Chandio advocate

It is very difficult to download. Samejo sb may help u

ڳالھ ٻولھ“محمد
امين تگر رول نمبر115“

ايڊوڪيٽ ابرار حسين چانديو

ابرار حسين جو جنم حاجي خادم حسين چانڊيو جي گهر ۾   
27 فيبروري 1982ع ۾  ڳوٺ فضل علي چانڊيو ۾ ٿيو.هن 

پرائمري تعليم جا سبق پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول 

مصري خان چانڊيو ۾ پڙهيا.ميٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ هاءِ 

اسڪول خير محمد ٻوهيو مان ۽ ا نٽر مئڊيئٽ ڊگري ڪاليج 

نوشهروفيروز مان پرائي. گريجوئيشن جي تعليم  سنڌ جي 

عظيم روحاني انسان علامه آءِ آءِ قاضي جي جوڙايل مادر 

علمي سنڌ يونيورسٽي جي شعبي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان 

2004ع ۾ پاس آئوٽ ڪئي.ان کان پوءِ ايم اي ايل ايل بي 

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪري وڪالت شروع 

ڪيائين.

س؛ اوهان وڪالت جي شعبي ۾ ڇو ۽ ڪيئن آيا؟

ج؛ مان جڏهن سنڌ يونيورسٽي مان فائنل ڪري ڳوٺ آيس ته ڳوٺ ۽ شهر ۾ تمام 

گهڻا مسئلا تعليم،صحت جهڙن بنيادي مسئلن جي کوٽ هئي ته منهنجي ستل ضمير 

جو انسان جاڳيوته پوءِ وڪالت ڪرڻ جو شوق ٿيو،منهنجو وڪالت ۾ اچڻ جو 

مقصد سنڌ جي غريب عوام جي جي حقن، مسئلن لاءِ آواز اٿاري  انهن کي عدالت 

مان انصاف فراهم ڪرائڻ آهي.مايوسي کي ختم ڪري غريبن جو هم آواز بڻجي 

ڪري ڪورٽن جي درن کي کڙڪائي ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ آهي، انسانيت جي 

س؛ اوهان وڪالت ۾ هوندي سماج لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا 

خدمت ڪرڻ آهي.

ڪيو آهي؟

ج؛مان وڪالت جي شعبي ۾ 2008 ۾ آغاز ڪرڻ کا ن پوء،نوشهروفيروز ۾ 

مختلف قسمن جون پٽيشن داخل ڪري ڳوٺ ۽ آسپاس جي عوام کي انصاف فراهم 

ڪرايو،ان سان گڏ غريب طبقي جي ماڻهن کي مالي سهڪار ڪري 

بک،بدحالي،ڏڪار جهڙن آفتن ۾ ساٿ ڏيڻ توڙي مها ٻوڏ 2010 ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 

راشن،ڪپڙا،هائڊريشنِ جو سامان،ٽئنٽ ڪئمپ مهيا ڪرڻ کان علاواھ انهن کي 

گهرن تائين منتقل ڪري نوان گهر پڻ ٺهرائي ڏنا،اهو ڪم ڪورٽ جي ذريعي 

غريب ماڻهن تائين پهچايو. نوشهروفيروز شهر کي سرسبز ۽ آباد ڪندڙ درٻيلو شاخ 

جنهن کي بااثرن 15 سالن کان بند ڪري ڇڏيو هو انهي کي ساڳي صورت ۾ هاءِ 

ناانصافيون ڪندڙ وقت جي ڪرپٽ ڪامورن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي 

ڪورٽ سکر مان 2009 ۾ بحال ڪرايو.سيشن ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن ۾ 

انصاف ماڻيو.

س؛ ڪورٽن سڳورن اندر ڏاڏي جي ڪيسن جي فيصلو پوٽو 

وٺي ٿو ان جا ڪهڙا سبب آهن ۽ اوهان ڪهڙي راءِ رکو ٿا؟

ج؛ انهي ۾ منهنجي راءِ اها آهي ته ججن جي سستي،ڪاهلي ۽ قانون مطابق 

ڪورٽن کي پروسيجرنه ڪرڻ، جنهن جو مثال اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد 

چوڌري طرفان ملڪي ليول تي جوڊيشري پاليسي جهڙن پاليسين جو اعلان ڪرڻ 

کانپوءِ به انهي تي عمل درآمد نه هئڻ ڪري عام ماڻهوو کي انصاف فراهم نٿو ڪيو 

وڃي.جيڪا بيل درخواست جوڊيشل پاليسي جي تحت ٽن ڏينهن ۾ حل ڪرڻي آهي،پر 

اها بيل درخواست مهينن جا مهينا ڪورٽن ۾ پينڊنگ ۾ رکي هلائي پئي وڃي 

۽جيڪي 2005 ائڪٽ جي تحت اسپيشل لا اڳوڻي آمر پرويز مشرف طرفان آندو 

ويوته سول ڪورٽن جي سست رفتاري۽ ڪاهلي ڏسي ڪري هڪ اسپيشل لا 

متعارف ڪرايو  ته جيئن ناجائز قبضا مافيا،ڀتاخور ماڻهن کي اهڙي ڪاري عمل 

کان تحفظ ڪرائڻ لاءِ 60 ڏينهن اندر ايس ايڇ او ۽ مختيارڪار کان جاچ ڪرائي، 

ثبوت گڏ ڪري ڏوهاري ماڻهو کي 60 ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌائي جوابدار کي 12 سال 

سزا ڏياري فريادي کي انصاف ڏياريو وڇي. اسان وٽ هرقسم جو سٺو ۽ بهترين 

قانون موجود آهي  پر بدقسمتي سان انصاف جي ڪرسين تي ويٺل بي رحم ۽ سست 

ججن جي ڪاهلي جي ڪارڻ غريب عوام کي تڪڙو انصاف نٿو ڏنو وڃي،جنهن 

س؛ ڪورٽون هئڻ جي باوجود به جرڳائي ڀوتار وڏيرا عوام 

ج؛ ڪورٽن جي فيصلا ڪرڻ وقت سست رفتاري ۽ بي رحمي جي روين کي ڏسي 

خود  عام ماڻهو ڪورٽن کان پاسيرو ٿي جوڊيشل آفسيرن کي ڇڏي ڪري تڪڙو 

انصاف وٺڻ لاءِ هڪ اڻپڙهيل وڏيري کان انصاف وٺڻ جي خاطر پنهنجي قسمت 

جي ڪري عام ماڻهو پنهنجا ذاتي فيصلا وٺڻ ۾ سالن جا سال لڳائي ٿو. 

جا فيصلا ڪن ٿا، انهي جو ڇا سبب آهي؟

جا صحيح ۽غلط فيصلا ڪرائي ٿو.  

س انصاف کي  عوام تائين تڪڙو ۽ سستو بڻائڻ لاءِ ڪهڙن 

ج. انصاف کي عام ڪرائڻ لاءِ ججن جي تعداد کي وڌائڻ ۽ جج صاحبن کي 

ٽارگيٽ ٽاسڪ ڏئي جوڊيشل پاليسي تحت اسپيشل لا ۽ عام لا کي گڏي هڪ رفتار ۾ 

س.اڪثر عوام جي اها شڪايت هوندي آهي ته وڪيل قانون 

جي پاسداري ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي بجاءِ وڏيون فيسون 

اوڳاڙي ڪنگال بڻائين ٿا، انهي بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ 

قدمن جي ضرورت آهي؟  

هلائي،جلد ۾ جلد ۽ تڪڙا فيصلا قانون مطابق ڪرڻ گهرجن.

آهي؟

ج،. وڪيلن جي زبان ۾ صرف ۽ صرف عام ماڻهن جو آوز هوندو آهي،جيڪو 

ڪورٽن جي دروازن کي کڙڪائيندي ججن جي ٻن آڱرين ۾ پڪڙيل قلم وٽ پهچائڻ 

تائين محدود هوندو آهي جڏهن وڪيل وٽ ڪو بيوس ۽ بيقصور انسان پاڻ سان ٿيل 

ناانصافين جو ازالو ڪرائڻ خاطر پنهنجن مسئلن کي قانوني طرح سان حل ڪرائڻ 

۽ تڪڙو انصاف وٺرائڻ جي اميد کڻي پهڇندا آهن ته هر عام وڪيل ۽ پيشي سان 

سچو وڪيل ان عام ماڻهن جي مسئلن کي پنهنجو سمجهي ڪري ڪورٽن مان 

انصاف وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.قانون ۾ هر ڪيس 60 ڏينهن اندر اڪلائڻو 

هوندو آهي پر ججن جي سستي ڪاهلي ڪري اهي ڪيس سالن جا سال هلن 

ٿا،جنهن  جي ڪري وڪيل ڳري فيس وٺي عام ماڻهو کي ڪنگال بڻائڻ تي مجبور 

س. اوهان جي ڪاميابي جي پويان ڪنهن جو هٿ اهي؟ 

ج، منهنجي ڪاميابي ۾ سڀ کان پهرين منهنجي امڙ جون دعائون ، هر عام انسان 

سان بهتر نيت رکڻ ،غريب ۽ بي سهارا ماڻهن کي ڪورٽن مان انصاف وٺرائي ڏيڻ 

س، اوهان سنڌ جي نوجوانن  ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪهڙو پيغام 

ج، سنڌ جي نوجوانن لاءِ اهو منهنجو پيغام آهي ته اهي پڙهائي طرف ڌيان ڏين ۽ 

پنهنجي عوام جي مسئلن جي نشاهندگي ڪرائي قانوني طريقي سان حل ڪرائن.

ڪن ٿا.

جي بدلي ۾ مليل دعائن جي ڪري ڪاميابي حاصل ٿي آهي.

ڏيندا؟

interview with singer Waqar Mallah

Language mistakes, needs much correction
نوجوان راڳي وقار ملاح
انٽرويو امام علي ڀلائي
سنڌ ڌرتي هونئن ته پنهنجي ڪُک مان ڪيترن ئي عظيم راڳين کي جنم ڏنو
آهي، انهن مان هڪ نوجوان وقار ملاح به آهي  وقار ملاح حيدرآباد جي نسيم ننگر جي علائقي ۾ سندس جنم 1،1،1996 ٿيو آهي سندس بنيادي تعليم انڊس اسڪول حيدرآباد مان ۽ 9 ،10 جماعت برائيٽ فيچر مان حاصل ڪئي اٿس ۽ هائر ايجوڪيشن ڊگري ڪاليج مان ڪئي اٿس هن وقت پاڻ سنڌيونيورسٽي جي شعبي فلاسافي مان بي اي ٻئين سال جو شاگرد آهي وقار ملاح جتي پنهنجو نرالو انداز رکي ٿو اتي قدر واري کيس ڪمال جو گلو اتا ڪيو آهي سندس گلي مان جڏهن آلاپ نڪرندا آهن ته ٻڌندڙن جا لنڱ ڪانڊارجي پوندا آهن

س: توهان ڳائڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ اهو شوق ڪيئن پيدا ٿيو ۽ استاد ڪير هو؟
ج : ڳائڻ جي شروعات 13 سالن جي عمر ۽ 7 ڪلاس دوران ٿي هئي اسڪول ۾ هيڊماستر جي حوصلاافزائي سان راڳ جي تربيت حاصل ڪئي آهي ۽ راڳ جي سکيا استاد ممتاز مستوئي کانپوءِ ڄامشوري جي استاد طفيل ڀلائي کان ۽ هن وقت ڪتابن ۽ انٽرنيٽ تان وڌيڪ ريسرچ ڪندو آهيان ۽ اتان ئي سکيا ۽ معلومات ملي ٿي

س: اوهان ڪهڙي شاعرن کي گهڻي قدر ڳائيندا آهيو؟
ج : مون گهڻي قدر شيخ اياز، شاهه عبدالطيف، استاد بخاري، ماڻڪ ملاح ، رخسانه چنڙ، آڪاش انصاري ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو آهي

س: اوهان سنڌي راڳ کي اردو راڳ جي ڀيٽ ۾ ڪيئن ٿا ڏسو؟
ج : جيئن تي سنڌي راڳ مادري زبان ۾ آهي ان ڪري سولائي سان ڳائي سگهان ٿو،اردو راڳ ۾ پنهنجو رنگ رکيل آهي ان جا گيت ۽ غزل تمام منفرد آهن پر سنڌي غزل جو هڪ پنهنجو رنگ آهي ان جي ڪافي ڪلام ، سهرو ، لوڪ گيت ، وائي اردو کان تمام مختلف ۽ منفرد آهي

س: هڪ راڳي لاءِ مطالعو ڪيتري قدر ضروري آهي؟
ج : راڳ جو مطالعو تمام ضروري آهي ان کانسواءِ راڳي ڪنهن راڳ جي صلف به  صحيح انداز ۾ نه ڳائي سگهندو


س: اوهان ڪيترن ٻولين ۾ راڳ ڳائيندا آهيو؟
ج : مان 4 ٻولين ۾ ڳائيندو آهيان جنهن سنڌي ، اردو ، سرائڪي ۽ بروهڪي ۾ ڳائيندو آهيان
س: اوهان ڪهڙن شاعرن کي ڳايو ته ڀرپور موٽ ملي ۽ ڪامياب ٿيا؟
ج : مون شيخ اياز ، استاد بخاري ، علي حسن ملاح ۽ رخسانه پريت کي ڳائڻ سان تمام سٺي موٽ ملي آهي

س:توهان پنهنجي ڪلام وسيلي ڇا ٿا پيغام ڏيڻ چاهيو؟
ج :مان پنهنجي ڪلام ۽ فن وسيلي هميشه ڪوشش ڪندو آهيان ته منهنجي ٻڌندڙن کي هڪ سٺو پيغام رسي انهن ۾ سٺي ڪلام ۽ شاعري ٻڌندڙ جي ريس پوي ۽ هو غور ۽ فڪر سان ٻڌن ۽ سمجهن.

س: توهان جو مشهور گيت؟
ج : منهنجا مشهور ڳيت مٽي منهنجي ماءُ ۽ تنهنجي محفل ۾ ڪيئن ويهان ۽ استاد بخاري جا ٻول ڳائڻ سان سٺي موٽ ملي آهي .

س: توهان راڳي نه هجو ها ته ڇا هجو ها؟
ج : اگر جي مان راڳي نه هجان هان ته شاعر هجان هان ڇو ته ننڊ پڻ کان وٺي لکڻ پڙهڻ سان چاهه رهيو آهي ۽ سٺن شاعرن کي تمام دلچسپي سان پڙهندو هوس .

س: اردو غزل ۾ سنڌي موسيقي جو ڪيتري قدر ميلاپ ٿيو آهي؟
ج : اردو غزل ۽ سنڌي موسيقي ڪافي حد تائين ميلاپ آهي غزل جو رنگ چاههءُ ٻنهي ۾ لڳ ڀڳ ساڳيو آهي جيئن ته سنڌي ثقافتي راڳ يان سنڌي علائقي جو راڳ جنهن ۾ انڊيا جو ڪافي حصو اچي ٿو انهن کي راڳ جي بناوت آلاپ ، چڻچاڙ ، طرز ۽ رڌم دنيا جي ٻين حصن جي راڳين کان تمام گهڻي مختلف آهي ان ڪري اردو ۽ سنڌي راڳ جي آلاپن ۾ ڪافي حد تائين فرق اچي وڃي ٿو

س: اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي ۾ توهان ڪهڙو فرق محسوس ڪريو ٿا؟
ج : اسٽيج ريڊيو ۽ ٽي وي تمام گهڻو فرق آهي ڪو دور هوندو هو ته ريڊيو ۽ ٽي تي به اسٽيج وانگر فنڪارن کي لائيو ڳائڻو پوندو هو هن جيئن ته اڄ جي جديد دور فنڪارن جو ڪم تمام آسان ڪري ڇڏيو آهي فنڪار کي مختلف مشينو ۽ اوزار ۽ سافٽ ويئر لاءِ تال ۾ آڻي ڇڏين ٿيون اسٽيج تي ان ڪري اڄ جي جديد دور ۾ مان ريڊيو ۽ ٽي وي کان وڌيڪ اسٽيج تي ڳائڻ وڌيڪ بهتر سمجهان ٿو ان ۾ فنڪار جي سکيا ۽ تربيت چـڱي نموني ٻڌندڙن کي ڄاڻ ملي وڃي ٿي .


س: توهان سڄي سنڌ سميت ڏيهه توڙي پرڏيهه به گهميا آهيو، توهان جي محفل ۾ ڪو يادگار واقعو جيڪو اڃا تائين ياد هجي؟
ج : زندگي ۾ تمام سٺيو ۽ گهڻيون محفلون ڳائيون اٿم ته ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه زندگي جا تمام گهڻا واقعا پيش آيا اٿم جنهن ۾ هڪ واقعو ڇرڪائيندڙ آهي ته ڪنهن اين جي اوز طرفان ٺٽي ۾ ڳائڻ ويس جتي رستي ۾ اسان جي گاڏي خراب ٿي پئي تمام ڏکيائين کان پوءِ گاڏي ٺهي ۽ منزل تي پهتس ته ڳائڻ دوران آمريڪا جي هڪ انگريز اوچتو منهنجي آواز ۽ ساز تي جهمي پيو ۽ رقص ڪندي ۽ ڪلابازي کائي منهنجي باجي ۽ منهنجي منهن اڳيان پيسا رکيا ته جنهن تي مونکان وڏو ڇرڪ نڪري ويو جتي سڄي محفل ۾ ٽهڪن جا ڦهڪا پئجي ويا ان کان پوءِ يونيورسٽي ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ اسٽيج تان ڳائي جڏهن هيٺ لٿس ته شاگردن جي محبت مونکي گهري ڇڏيو ۽ ان جي چمبڙڻ دوران منهنجي خميس جو کيسو ڦاٽي پيو ۽ ٻئي پروگرام تي دير ٿي وئي منهنجي پهچڻ کان اڳ ۾ پروگرام ختم ٿي ويو ۽ دوست ناراز ٿي ويا
س: توهان پنهنجي فن مان مطمئن آهيو؟
ج :
س: توهان موسيقي جي سکيا ڪنهن کان ورتي؟
ج : ڪافي حد تائين مطمئن آهيان پر سمجهان ٿو ته اڃا وڌيڪ سکيا ۽ مطالعي جي ضرورت آهي

س: شهرت اوهان کي ڪئين ٿي لڳي؟
ج: شهرت هڪ ڏاڍو وڻندڙ لفظ آهي ۽ دنيا ۾ هر شخص چاهيندو آهي ته مان مشهور هُجان انهيءَ ڪري مون کي به شهرت پسند آهي پر اها ڀاڳ وارن جي حصي ۾ ايندي آهي ۽ وڏي محنت ۽ مشڪلن کان پوءِ ئي هٿ ايندي آهي.


س: اوهان شاگردن ۽ پرستارن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
ج: سڀ کان وڏي ۽ قيمتي شيءِ جيڪا آهي اها آهي وقت، جنهن وقت جو قدر ڪيو ان ڄڻ ته پنهنجي زندگي سنواري ڇڏي، ان لاءِ ضروري آهي ته شاگرد پنهنجي وقت کي اجايو نه وڃائين ۽ مٿن جيڪا پڙهڻ جي ذميواري رکيل آهي ان کي نڀائين، سخت محنت ڪن ڇاڪاڻ ته زندگي جي مارڪيٽ ڏاڍي ڏکي آهي، ان ۾ زندهه رهڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪريو، جيتري محنت ڪندؤ اوتري گهڻي ڄاڻ حاصل ڪندؤ. محنت سان ئي ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي.

Monday, 8 February 2016

Interview by Sadam

very  Poor
 INitial question be put in introduction. every interview has it separate introduction
Final Interview by Saddam Hussain  


مٺا مور ماڻهون سهڻي سنڌ جا آهن،
 ڪڏهن ڪين نه ڪنهن جي دلڙي رنجائن ،
 سنڌي ماڻهون ساڌا لکن ۾ پڌرا،
 عزت سان رکن جي ککهن ۾ ٻچڙا،
 قلندر ڀٽائي سچل واري سنڌ جا آهن،
 ثقافت سچائي ۾ سنڌي سچا آهن.
محمد قمبراڻي (شاعر)) 



منهنجو نالو محمد قمبراڻي ولد دين محمد قمبراڻي آهي  اصل ڳوٺ سائين ڏنو ملاح جيڪو درياءَ جي
ڪناري سان المنظر جي ڀرسان آهي ۽ منهن پيدائش  3-1-1975  ع  ۾ ٿي سندس پرائمري تعليم ڳوٺ سائين ڏنو ۾ ورتي.

سوال: ننڍ پڻ ڪيئن ۽ ڪاٿي گذاريو؟
جواب: ننڍ پڻ ڄامشوري المنظر وٽ گذاريو مان ٽئين جماعت ۾ هئس ته منهنجو والد گذاري ويو
 ان کان بعد گهر جو بوجهه مون تي هيو  ۽  پوءِ مان المنظر جي هوٽلن وٽ ڪارون صاف ڪندو
 هئس ڪجه وقت کان پوءِ ان هوٽل تي ڪم ڪيو ۽ پوءِ ان هوٽل تي مينيجر ٿيس ۽ پوءِ المنظر پل وٽ سيڪيورٽي انچارج مقرر ٿيس  مان تعليم  1989 ع  شروع ڪئي  1994 ع ۾ پنج پاس ڪري مجبوري سبب پڙهائي بند  ڪري ڇڏي ۽ اڳتي پڙهي  نه سگهيس.

سوال: جيڪڏهن شاعر نه هجو ها ته ؟
جواب: اگر شاعر نه هجا ها ته بزنس مين ٿيا ها ڇو جو  ڪراچي  ۾  ٻن هوٽلن تي مينيجري به ڪئي. بلڊيگ مٽيريل ۽ سيمينٽ جو ڪاروبار به سٺي نموني هلايو .

سوال: توهان جو شاعري ڏانهن لاڙو ڪيئن پيدا ٿيو ۽ شاعري ڪڏهن شروع ڪئي؟
جواب: شآعري ته مان 2002 ع  ۾ شروع ڪئي ۽ ڪافي سارا گيت لکيا ۽ پوءِ ڪنهن فنڪار کي مان شاعري ڏني ته هن مونکي چيو ته اوهانجي شاعري مونکي سمجه ۾ نٿي اچي ۽ مان ڪاوڙ ۾ پنهنجي شاعري جي ڊائري درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏي . انکاپوءِ 2005 ع  ۾ شاعري لکڻ شروع ڪئي ۽ پهرين شاعري ٻالڪ سندي ڳائي جنهن جا ٻول هئا. اُهي آشيانا توکي ياد آهن جيڪي سنڌوءَ ڪناري آباد آهن.

سوال: قديم ۽ جديد شاعري ۾ ڪهڙو فرق آهي ؟
جواب: جيڪا قديمي شاعري آهي ان ۾ ڏکيا لفظ آهن جيئن شاه لطيف ،  شيخ اياز ، جي شاعري آهي . اها سنڌي ٺيٺ ٻولي آهي جيڪا سمجهڻ ۾ مشڪل آهي مان اهو نٿو چوان ته قديمي شاعري غلط آهي پرقديمي شاعري پنهنجي دئور جي حساب سان صحيح آهي ۽ جديد شآعري به پنهنجي وقت جي حساب سان صحيح آهي.

سوال: شاعري جي سکيا ڪنهن کان ورتي ؟
جواب: شاعري جي سکيا مان ڪنهن کان به نه ورتي ڇو جو مان استاد بخاري کي تمام گهڻو پڙهيو آهي  . دلي استاد ، استاد بخاري کي مڃيندوآهيان. غفار تبسم ، انور قمبراڻي ، افضل سولنگي ، ماڻڪ ملاح انهن جي شآعري پڙهي ڪري انهن کان متاثر ٿي ڪري مان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ شاعري لکڻ لاءِ تنهائي هجڻ ضروري آهي.

سوال: توهان جو ڪو ڪتاب شايع ٿيو آهي ؟
جواب: ڪتاب جي تياري لڳي پئي آهي مواد به موجود آهي جنهن ۾ غزل ، گيت ، نظم به شامل آهن جيڪو ڪجه وقت ۾ شايع ٿيندو .

سوال: شاعري کان علاوه اوهان جون ٻيون ڪهڙيون  ادبي  خدمتون آهن؟
جواب: شاعري کان علاوه اسان سماجي آهيون ۽ سماج جي خدمت ڪندا آهيون ۽ ان  کان علاوه ڪاروبار به ڪري رهيا آهيون .

سوال: قوم کي پنهنجي شاعري ذريعي ڪو پيغام ڏنو آهي ؟ 
جواب: پنهنجي شآعري ذريعي قوم کي پيغام ڏنو جنهن جا ٻول هئا. ۽ ثقافت جي ٽائيم ڏنو هو
مٺا مور ماڻهون سهڻي سنڌ جا آهن،
ڪڏهن ڪين نه ڪنهن جي دلڙي رنجائن ،
سنڌي ماڻهون ساڌا لکن ۾ پڌرا،
عزت سان رکن جي ککهن ۾ ٻچڙا،
قلندر ڀٽائي سچل واري سنڌ جا آهن،
ثقافت سچائي ۾ سنڌي سچا آهن.

سوال: زندگي جو ڪو  اڻ وسرندڙ واقعو؟
جواب:  جڏهن  منهنجو بابا سائين گذاري ويو آئون ان وقت  ڇهه سالن جو هيس بابا سائين جي وفات کان پوءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش آيون جنهن ۾ آئون  بلڪل بيوس ٿي ويس اهو زندگي جو  اڻ وسرندڙ واقعو آهي جنهن کي آئون چاهيندي به وساري نه سگهيو آهيان .

سوال: اوهان جو ڪو پيغام؟
جواب: وڏن جي عزت ڪيو ننڊن سان پيار ڪيو ڌرتي سان محبت ڪريو ڪنهن جي دل نه رنجايو ڇو جو هر دل ۾ الله رهندو آهي اگر ڪنهن دل کي رنجائيندئو ته الله کي رنجائڻ جي برابر آهي. هر نوجوان کي گهرجي ته قلم سان پنهنجي جنگ کي جاري رکي. 



صدام حسين سولنگي
2k14/MC/162

Interview with Akram Kamboh

Poor

Final Interview By Khalid Shaikh

محمد اڪرم ڪمبوه ( وڪيل هاءِ ڪورٽ)


 
محمد اڪرم ڪمبوه والد محمد نظير ڪمبوه
 1981 ع ۾  ڳوٺ وڪڙو تعلقي ڏوڪري
 ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس
 پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ ئي وٺڻ کان پوءِ
هن   بي اي شاه عبدالطيف يونيورسٽي
 مان ڪئي ۽ ان کانپوءِ ايم .اي، ايل. ايل. بي
  بينظير ڀٽو لا ڪاليج  لاڻڪاڻي مان ڪئي
 پاڻ ڏهن سالن کان هڪ وڪيل جي حيثيت
 سان پنهنجا ڪم سر انجام ڏئي رهيو آهيا .

Re-formulate this question and anwer
سوال: اوهان کي هڪ وڪيل طور ڪم ڪندي ڪيترو وقت ٿيو آهي ۽ ان وقت کان وٺي هن مهل تائين اوهان وٽ اندازن ڪيترا ڪيس آيا آهن ؟
جواب: مونکي بطور وقالت ڪندي ڏه سال ٿيا آهن  2005 ع ۾ مون ڇه مهينا پريڪٽس ۾ رهڻ کانپوءِ باقائدي وڪالت جو آغاز ڪيو  جنهن ۾ اندازن مون وٽ هزار تائين ڪيس آيا آهن جنهن م ٽي سئو ڪرمنلس جيڪي مڊرس ۾ ملوث هوندا آهن اهي پنج سئو کان مٿي  شادي جا ڪيس ۽ ٻيا سول ڪيس آهن جيڪي مون وڙهيا آهن ۽ انهن ۾ ستر سيڪڙو ڪيس مون کٽيا آهن.

سوال: سنڌ ۾ خاص ڪري ڳوٺن ۾ جيڪو پوليس جو ڪم رهيو آهي ان کي هڪ وڪيل جي حيثيت سان اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: اسان جي ٻهراڙي واري علائقن ۾ عام طور ڪرائيم پوليس جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. هڪ ڳوٺ جو عام ماڻهون جنهن کي پنهنجي حقن جي تحفظ جي ڪا خبر نه آهي ان کي پوليس هروڀرو پريشان ڪري جرم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي . خدا نه خواستا اگر جي ملڪ ۾ عدالتون ۽ وڪيل نه هجن ها ته پوليس عوام کي ڪچو کائي وڃي ها اگر پوليس ملڪ ۾ ڪنهن کان ڊڄي ٿي ته اها عدالتن ۽ وڪيلن کان ئي ڊڄي ٿي

سوال: پوري پاڪستان ۾ ڪيس سالن جا سال هلي نٿا سگهن ان سڀ جو ذميوار ڪير آهي؟
جواب: پهرين ته ائين ٿيندو ناهي ته ڪو به ڪيس سالن جا سال نه هلي ڪيس تمام گهڻا هلندا آهن ۽ هلن به پيا پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجه مسئلن جي ڪري جهڙوڪ ملڪ ۾ هڙتالون وڪيلن جو بائڪاٽ يا ڪنهن ٻين مسئلن جي ڪري ڪيس ڪجه وقت لاءِ رڪجي سگهن ٿا ٻيو ته ڪورٽ جو پروسيجر ڏاڍو سِلو به آهي جنهن ۾ ڪيس کي داخل ڪرائڻ ثبوت وغيره گڏ ڪرڻ شاهدن کي وٺي اچڻ مطلب ٿورو ڊگهو پراسس ضرور آهي.

سوال: پاڪستان م ايتري تعداد ۾ فورسز هجڻ جي باوجود به ڪرائيم گهٽ ڇو نٿو  ٿئي سگهي؟
جواب: انهن سڀنن جو هڪ مسئلو آهي رشوت يا ياري نڀائڻ توهان  هڪ ننڍو مثال پوليس جو ئي وٺو ته هڪ پوليس ڪانسٽيبل جي ارڙه کان ويه هزار پگهار آهي. هڪ ماڻهون جي گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ميمبر آهن ته اهو ارڙهن هزارن مان ڇا ڪندو ظاهري ڳاله آهي ته ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ رشوت وٺندو ۽ رشوت وٺڻ کانپوءِ ڪرائيم پاڻ ئي شروع ٿئي ويندو . ٿيڻ ائين کپي ته حڪومت انهن تي ايترو پيڪيج ڏئي جو اهي رشوت نه وٺن ۽ جڏهن رشوت گهٽ ٿيندي ته ڪرائيم پاڻ ئي ختم ٿي ويندو.

سوال: اوهان پنهنجي ڪم لاءِ وڪالت کي ئي ڇو چونڊيو؟
جواب: جڏهن مان بي اي ۾ داخلا ورتي ته ڪاليج تقريبن بند رهندو هيو ۽ مان سڄو ڏينهن واندڪائي ۾ گذاريندو هيم هڪ ڏينهن منهنجو دوست ذولفقار ڪمبوه آيو ۽ مونکي صلاح ڏني ته هرو ڀرو واندي ويهڻ کان بهتر اٿئي ته ڪجه لا جا ڪتاب پڙه ۽ بي اي کانپوءِ ايم . اي ، ايل ايل بي ۾  ڪر جڏهن مان ڪتاب پڙهيا ته مونکي ڏاڍو مزو آيو ۽ دل ۾ وڪيل ٿيڻ جو خواب جاڳي پيو.

سوال: اوهان موجوده لا جو ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟
جواب: محمدن لا ، اسلامڪ لا  پي . پي . سي جهڙا ڪتاب پڙهي رهيو آهيا.

سوال: هڪ لا جي شاگرد کي پنهنجي تعليم دوران ڪهڙي قسم جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو؟
جواب: مشڪلاتون زندگي جي هر سفر ۾ هونديو آهن ۽ انهن مشڪلاتن کان سواءِ اگر ڪو سفر هجي ته اهو سفر نه چئبو هڪ لا جي شاگرد کي پنهنجي سينئر جي ذير ماتحت ڪم ڪرڻ ۾ ڪجه مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون ڇو جو ان وقت ڪم تمام گهڻو هوندو آهي ۽ ايز جونيئر  دير دير تائين ڪم ڪرڻو پوي ٿو.

سوال: هڪ وڪيل دٻاءَ واري حالت ۾ ڪم ڪيئن ڪري ٿو؟
جواب: منهنجي اندازن مطابق ته نارمل ٿئي ڪري ئي ڪندو آهي مان پنهنجو هڪ ننڍڙو واقعو ٻدايا ٿو ته مون ڪجه سال اڳ هڪ خون جو ڪيس پئي وڙهيو جيڪو اسان جي حق ۾ اچڻ جا تمام گهڻا چانسس هئا ته مونکي ڏوهارين طرفان پهريون ته لالچ آفر ڪئي وئي ۽ جڏهن مون قبول نه پئي ڪيو ته مونکي موت مار ڌمڪيون ڏنيون ويو پر پوءِ به مون اهو ڪيس وڙهيو ۽ کٽيو  ۽ اڄ به مان ماشاالله اوهان جي سامهون صحيح سالامت آهيان.

سوال: اوهان پنهنجي زندگي ۾ ڪا غلطي ڪئي هجي ان جو پڇتاءُ اڃا تائين هجي؟
جواب: ها انسان خطا جو گهر آهي ۽ خطا انسان ئي ڪندو آهي مون پنهنجي زندگي ۾ غلطيون ته تمام گهڻيون ڪيون آهن پر هڪ غلطي مونکان اڃا تائين ناهي وسرندي هڪ دفعو اسان جي ڳوٺ ۾ ڪجه ماڻهن سان ڪنهن ڳاله تان مسئلو ٿيو ۽ مون انهن کي ڊاريڪٽ ڪورٽ م ڇڪرايو حالانڪ مونکي ائين نه ڪرڻ کپي ها  انهن سان ويهي ڳوٺ جي هڪ ميمبر وانگر ڳاله ٻوله ڪرڻ کپي ها ۽ پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪرڻ کپي ها.

سوال: اوهان شاگردن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
جواب:  شاگرد قوم جو سرمايو  ۽ روشن مستقبل جي هڪ اميد هوندا آهن اهو وقت تمام گهڻو خوبصورت ۽ تيزي سان گزرندو آهي مان شاگردن کي ائين چوڻ چاهيندس ته اوهان پنهنجي دوستن سان به ڀلي ملو گهمو پر پڙهو محنت ڪيو پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪيو.


خالد حسين شيخ
2k14/MC/154

                                

interview with Dr Hashim Sheikh

Question No 1 be made introduction. poor
Final Interview by Sheeraz Ahmed Solangi

 ڊاڪٽرمحمدهاشم شيخ
  شيراز احمد سولنگي 
انٽرويو
سوال؛ اوهان جو مڪمل تعارف؟
جواب؛ منهنجو نالو محمد هاشم شيخ آهي مان
 لاڙڪاڻي کان آهيان ۽ مون پنهنجي پرائمري
تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي ۽ انٽر نوابشاه
مان ڪئي  پوءِ ايم بي بي ايس لمس مان ڪري
انکان پوءِ پوسٽ گريڊويشن  لمس مان ئي ڪئي ۽
پوءِ دل جي شعبي ۾ ڊپلومه  ۽ پوءِ سنڌ گورنمينٽ
۾ ڪميشن پاس ڪري  اسپشلسٽ آف ڪارڊيالاجي
 ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ سرڪاري ملازم طور نوڪري
جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهيان.
--------------------------------------------------



سوال؛ دل جي بيمارين جا ڪهڙا سبب آهن ۽ دل جون بيماريون ڇا جي ڪري ٿين ٿيون؟
جواب؛ اڄ ڪله اسان جو لائف اسٽائل غلڪ آهي اسان جون ايڪٽوٽيز صحيح ناهن اسان ٿوري پنڌ لاءِ به موٽرسائيڪل جو استعمال ڪيو ٿا ٻاهر فاسٽ فوڊ ۽هوٽلن تي ماني کائڻ جو رجحان  اسان وٽ گهڻو ٿي ويو آهي ننڊ ڪيو ڪون ٿا ۽ ورزش به نٿا ڪيو نه ئي ڪا فزيڪل ايڪٽوٽيز ٿا ڪيو ۽ سگريٽ وغيره پيئو ٿا انڪري دل جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون ۽ ڪجه ماڻهن کي پيدائشي دل جي بيماري هوندي آهي.

سوال؛ هر سال پاڪستان ۾ ڪيترا ماڻهون دل جي بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿا؟
جواب؛ هر ٽئين ماڻهون  سان دل جو مسئلو هوندو آهي  بلڊپريشر به دل جي بيماري جو هڪ قسم  آهي ۽ پاڪستان ۾  20 ڪروڙ ماڻهن مان تقريبن 6 ڪروڙ ماڻهون دل جي بيمارين ۾ مبتلا آهن.

سوال؛ هاءِ بلڊپريشر جي ڪري دل تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا ؟
جواب؛ هاءِ بلڊپريشر جي ڪري ڪجه به ٿي سگهي ٿو دل جو اٽيڪ به بلڊپريشر جي ڪري ٿيندو آهي اسان کي گهرجي ته بلڊپريشر کي نارمل يا ڪنٽرول ۾ رکو ته جيئن اسان کي ڪو نقصان نه پهنچي.

سوال؛ پاڪستان ۾ اهڙا ڪيترا ادارا آهن جيڪي دل جو علاج مفت ۾ ڪري رهيا آهن؟
جواب؛ تمام گهٽ ادارا آهن جيڪي دل جو علاج مفت ۾ ڪري رهيا آهن جيئن انڊس ڪورنگي ڪراچي آهي ۽ ٻئي بدين ۾ هڪ اسپتال آهي پر اُهي به ڪو خاص ڪم نه  ڪري رهيا آهن  باقي اسان جا ڊاڪٽر مفت ڪئمپ ارينج ڪري  فلاحي ونگ ذريعي  يا زڪوات جي ذريعي رعايت سان علاج ڪندا آهن. مطلب ته ڪو به ادارو چاهي سرڪاري هجي يا پرائويٽ هجي بلڪل مفت ۾  علاج نٿا ڪن سواءِ انڊس اسپتال ڪورنگي  کان علاوه.

سوال؛ ميڊيڪل سان شوق رکندڙ شاگردن کي ميڊيڪل فيلڊ ۾ اچڻ وقت ڪهڙا ڪهڙا مسئلا پيش اچن ٿا؟
جواب؛ اڄ ڪله ايم بي بي ايس اُهو ئي پڙهي سگهي ٿو جنهن وٽ پئسا آهن باقي غريب لاء پڙهڻِ تمام مشڪل آهي ۽ شاگردن سان ڪافي مسئلا درپيش اچن ٿا جيئن هاسٽلن ۾ رهائش جا مسئلا ڊميز جن تي تجربو ڪيو ويندو آهي ڊميز تمام گهٽ آهن رسورسز به گهٽ آهن ميديڪل ڪاليج توهان کي هر ضلعي ۾ ملندو پر فيڪلٽي مڪمل نه هوندي غريب شاگردن لاءِ فنڊز ناهن ۽ ميڊيڪل ڪاليجن کي يونيورسٽين ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جتي  غريب شاگرد پڙهي نٿا سگهن گورنمينٽ کي گهرجي انهن کي لائسن ڏيڻ کان پهريان انهن کي مڪمل فيڪلٽي ڪري.

سوال؛ ڊاڪٽرس هتي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ٻاهر وڄڻ ءِ اتي نڪري ڪرڻ کي ترجيح ڇو ڏيندا آهن؟
جواب؛ ترجيح انڪري گهٽ ڏيندا آهن جو هتي پگهار تمام گهٽ آهي ۽ ڊاڪٽرس تمام گهڻي محنت کان پوءِ جڏهن ڊاڪٽر ٿئي ٿو ته انکي  پورا فائدا نٿا ملن  ڊاڪٽر مجبور ٿي ٻاهر ويندا آهن مان پنهنجي گهر جو ئي هڪ مثال ڏيندس ته منهنجو والد صاحب ڊاڪٽر هو  1956ع ۾ منهنجي والد جي پگهار 350 رپيا هوندي هئي ۽ تڏهن سون جو تولو 80 رپيا هوندو هو ۽ هڪ ڊاڪٽر جي پگهار تقريبن چار تولا سون جي برابر پگهار هوندي هئي ۽ اڄ مهنجي پگهار 56 هزار آهي  جيڪا سون جي هڪ تولي جي برابر مطلب ته فائدا گهٽ هجڻ جي ڪري ڊاڪٽرن کي مجبورن  ٻاهر وڃڻو پوي ٿو.

سوال؛ ڊاڪٽر تنظيمون ڇا اهي صحيح آهن؟
جواب؛ صحيح آهن اگر انهن جو روح صحيح ۽ پاڪ آهي ورنه ڪنهن ڪم جون ناهن.

سوال؛ اوهان دل جو شعبو ڇو چونڊيو؟
جواب؛ دل جو شعبو انڪري چونڊيو جو ان وقت دل جا ڊاڪٽر تمام گهٽ هئا مان جڏهن 2004 ۾ اڳتي پڙهڻ لاءِ اسٽارٽ ورتو ته حيدرآباد ۾ دل جا چار ڊاڪٽر هئا ۽ اندروني سنڌ ۾ نه هئڻ جي برابرانڪري مون کي دل جو ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ دل جو شعبو صاف ۽ شفاف شعبو آهي ۽ هي ايمرجنسي شعبو آهي ۽ اگر ايمرجنسي ۾ اسان ڪنهن مريض کي ٽريٽ  ڪيو ٿا ۽ هو ٺيڪ ٿي وڃي ٿو اها تمام وڏي ڳاله آهي ۽ اهي لمحا مريض ۽ ڊاڪٽر کان نه وسرندڙ هوندا آهن.

سوال؛ دل جون عام بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ انهن کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو؟
جواب؛ بلڊپريشر ۽ دل جو اٽيڪ اهي دل جون عام بيماريون آهن ۽ ٻيون بيماريون ٻارن کي پيدائشي ٿين  ٿيو جھڙوڪ دل جي والن جي بيماري دل ۾ سوراخ ۽ اڪثر ڪري چيو ويندو آهي ته دل جو اٽيڪ والن جي بند ٿيڻ جي ڪري ٿيندو آهي پر اهڙو ڪجه ناهي اصل ۾ دل جون نسُون بند ٿي وينديون آهن جنهن جي ڪري اٽيڪ پوندو آهي.

سوال؛هڪ شاگرد جڏهن ايم بي بي ايس جي تعليم پوري ڪري ٿو ته انکي پنهنجو مستقبل ڪيئن روشن ڪرڻ گهرجي؟
جواب؛ اڄ ڪله جيڪو ايم بي بي ايس يا پوسٽ گريڊيوشن ڪري ميجر يا مائنر ۾ اسپيشلسٽ ٿئي ٿو هو سوچي ٿو ته مان اهو سڀ ڪري نوڪري ڪيان يا ايڊمنسٽريشن ڪيان ته اهو غلط آهي پر انکي گهرجي ته پنهنجو پاڻ کي اپڊيٽ رکي ۽ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري .

سوال؛ ميڊيڪل ڪئمپ هئڻ جا ڇا مقصد هوندا آهن؟
جواب؛ ڪئمپ جا ٻه ٽي مقصد هوندا آهن ڊاڪٽر مريض جي اسڪريننگ ڪندا آهن ۽ بيماري کي ڊ ٽيڪٽ ڪري   جن ماڻهن وٽ ڪنوينس نه هوندي آهي انهن کي در تي وڃي ٽريٽ ڪيو ويندو آهي  اڪثر ڪري ماڻهن کي ڪا هلڪي تڪليف هوندي آهي ته هو ڌيان نه ڏيندا آهن ان  تڪليف تي ۽ ڪئمپن ۾ ڪافي ماڻهن کي اکين جو نور مليو يا انهن جا ٻيا مسئلا حل ڪيا ويندا آهن ۽ عام دوائون ڏنيون وينديون آهن ۽ مفت ۾ علاج هڪ بهترين طريقو آهي ماڻهن کي آگاه   ڪرڻ  ۽  بيمارين جي باري ۾ ٻدائڻ جو.

سوال؛ اوهان جو شاگردن لاءِ ڪو پيغام ؟
جواب؛ شاگردن کي باقائدگي سان ڪلاسون اٽينڊ ڪرڻ گهرجن پنهنجي پڙهائي سان سچا رهن ۽ ڪتابن جا ِڪيڙا به سُٺا شاگرد نه هوندا آهن انهن کي گهرجي ته پريڪٽيڪل ورڪ به ڪن ۽ پنهنجو پاڻ سان سچا ٿين ته قدرت به انهن جو ساٿ ڏيندي .

          شيراز احمد سولنگي
2k14/MC/166        

                                    

Wednesday, 3 February 2016

Interview of Shahnawaz Baarch


Too many spelling mistakes.

Foto?
فريال
انٽرويو: پروفيسر شاھنواز بارچ 
رول نمبر:2k14/MC/119
انٽروڊڪشن
هڪ اهڙو استاد جيڪو موتين  ۾ بہ ڪوئينور جو هيرو،
سائين شاھنواز بارچ جيڪو انگريزي جي استاد سان گڏوگڏ ايڪٽينگ ، سنگينگ ۾ بہ ماهر ، ڪلاس ۾ ليڪچر ڏيڻ سان 
گڏوگڏ پنهنجي شاگردن کي اينٽرٽين بہ ڪرائيندو آهي سندس پيدائش 1984 ۾ ٿي . 

سوال:  سر اوهان پنهنجي تعليم ڪئين مڪمل ڪئي؟
جواب: مون پنهنجي  تعليم حاصل ڪندي وقت زندگي جي قيمت بہ سمجهي مونکي ننڊپڻ کان پڙهائي جو شوق هو اسڪول ڪاليج گورمينٽ اسڪول کان ڪيو اتي ڪلاس ۾ پوزيشن هولڊر هوندو هئس جڏھن ڪاليج جي پڙهائي ختم ٿيڻ لڳي تہ اڳيا يونيورسٽي جو سوچي وهڻو خوش ٿيندو هئس  پر منهنجي گهر جا حالات يونيورسٽي جي خرچن کي پورو نہ ڪري سڳهن ها پو۽ جئين تئين قرض کڻي منهنجي مائٽن مونکي پڙهائي جي لا۽ موڪليو ۽ منهنجي ايڊميشن انگلش شعبي ۾ ٿي جتي آئون ٻين اميرن جي خرل ٻارن کي ڏسي حيرت ۾ پهجي ويس اسان اتي ڪافي مزا بہ ڪيا پر پڙهائي کان انڪار ڪڏهن نہ ڪيو پڙھائي جي وقت پڙهائي .

سوال: يونيورسٽي جي يادون ۾ ڪنهن خاص جي ياد بہ جڙيل هوندي؟
جواب: ها ها ها هان آهي مونکي پنهنجي ڪلاس جي ڇوڪري سان محبت ٿي ۽ اها محبت سچي هئي انهن جون يادون دل ۾ اڃان بہ آهن مونکي اڃا بہ ياد آهي جڏھن اسان گول ڪينٽين تي وهي سڀ دوست يار چاھ جو چسڪو ۽ سموسا کائيندا هئاسين اها جئين گذرندي هئي ائين لگندو هو ڪا پري گذري رهي آهي آئون پاس آئوٽ ٿيڻ کان پو۽ انهن جي گهر رشتي جي لا۽ بہ ويس پر هن انڪار ڪيو ڇو تہ منهنجو رنگ ڪارو هو ۽ نڪشن ۾ جونئليور جو ڀائر ٿو لڳا.

سوال: توهان شارخ خان جا فين ڪڏهن ۽ ڪئين ٿيا انهن جهڙي ساڳئي نڪل ساڳئي آواز اهو سڀ ڪئين ٿا ڪريو؟
جواب : آئون يونيورٽي جي زماني کان بہ اڳ انهن جو فين هئس پر يونيورسٽي ۾ انهن جا گانا ٻڌي انهن کي ڳائيندو بہ هئس سڀ دوست تعريف ڪندا هئا تہ صفا شارخ خان جهڙي آواز آهي پو۽ انهن جي نڪل بہ شروع ڪندو هئس انهن جي نڪل ڪري آئون پنهنجي دوستن يارن کي کلائيندو هئس جنه سان هو پنهنجو غم ٿوري دير لا۽ بلجي ويندا هئا آئون احساس تبيعت جو ماڻهو آهيان ڪنهن کي ڏسي انهن کي خوش ڪرڻ لا۽ جونيليور جي بہ نڪل ڪندو آهيا انهن جا مزي مزي وارا فلمي ڊائيلاگ فلمي ايڪشن سان سڀ ماڻهو متاثر ٿيڻ لڳا منهنجي اهڙي نڪلون سان سڀ خوش ٿيندا هئا پو۽ اهيا ڀوڳ مزاڪ هر ڪنهن سان شروع ڪئي ڪٿي مونکي ڪڙو جواب ملندو آهي ڪٿي وري سڀ ماڻهن کي خوشي ملندي آهي .

سوال: اوهان پاڻ کي جونيليور ڇو سڏائيندا آهيو؟
جواب: اهو انهي لا۽ تہ اسان ٻنهين جو مقصد هڪ هي آهي اهو بہ ماڻهون کي پنهنجي پاڻ تان کلائي خوش ڪندو آهي ۽ آئون بہ ڪجھ ائين ئي آهيان فرق اهيو آهي تہ انهي کي هن مزاڪ مشڪري لا۽ پئسا ملندا آھن ۽ انسانيت جي ناتي انسانن سان محبت لا۽ ڪندو آهيان ڪجھ انسان انهي محبت کي سمجهي ٿو ۽ ڪير وري لتيري ويندا آهن.

سوال: اوهان پنهنجي شاگردن کي ليچر دوران ايڪٽنگ بہ ڪندا آهيو اهو ڇو؟
جواب: آئون چاهيندو آهيا منهنجا شاگرد ڀور نہ ٿين الاهي مشاگردن کي انگلش جو شعبو ڀور لڳندو آهي آئو انهن کي پراهائڻ سان گڏوگڏ ايڪٽو بہ رکندو آهيان ڪا ڪهاڻي يا ناول پرهائڻ وقت آئون انهن ڪريڪٽرن جا انداز روبهو ڪندو آهيان تہ جئين ٻارن کي ڪهاڻي ۽ ڪهاڻي جا هر ڪريڪٽرز ۽ انهن جا جذبات سمجھ ۾ اچن ۽ اهي ڀوريت کان ڀچن تہ اهيو هي سبب آهي تہ پرهائڻ سان گڏوگڏ ٻارن کي ايڪٽو ۽ اٽيڪٽ ڪجي سبجيڪٽ لا۽ .

سوال : توهان پنهنجي شاگردن کي هڪ شاگرد نہ دوست يار وانگر گائيڊ ٿا ڪريو ڇا انهن سان هنن جي رويي تي اثر نہ پوندو آهي  ؟
جواب: آئون پنهنجي شاگردن تي سختي نہ ڪندو آھيان ڇوڪري هجي يا ڇوڪرو هميشہ هڪ دوست ۽ وڏو ڀاءُ ٿي هر ڳالھ سمجهائيندو آهيان چاهي اها پڙهائي هجي يا ڪا پرسنل ڳالھ ۽ ٻارن کي مهنجي ڪلاس ۽ کيچر ۾ مزو بہ ايندو آهي اهي ڪڏهن ڀور نہ ٿيندا  آھن ۽  انهن جو رويو بہ هميشہ عزيز دوستن وانگر هوندو آهي پر ها ڪڏهن ڪڏهن ٻار آهن هنن جو رويو سخت هوندو آهي پر آئون هنن کي پيار سان سمجهائي هنن جي ڳالھ کي درگذر ڪري ڇڏيندو آهيان پر پو۽ سوچندو آهيان تہ ڇا منهنجي هن دنيا ۾ هي جڳھ آهي اڄ جي زماني ۾ ڪير بہ ڪنهن جو ناهي اسان کي پنهنجا رشتا پاڻ مضبوط ڪرڻا پوندا پنهنجي پاڻ کي بہ مضبوط ڪرڻو پوندو تڏھن هي هن جهان ۾ هلي سڳهنداسين 

سوال: ڇا اوهان جي مزاڪ ڀوڳ مشڪري سان ڪنهن ٻئي استاد کي ايتراض ٿيندو آھي ؟
جواب: آئون جڏهن ڪلاس وٺي ٻاهر ايندو آهيان تہ ڪجھ سينئر استاد موتان ۽ منهنجي پڙهائڻ تان کلندا ۽ ٽوڪ ڪندا آهن جنهن تان آئون ڪجھ وقت تائين مايوس ٿيندو آيان پر ڪڏھن ڪنهن کي جواب نہ ڏنو .

سوال: اوهان پنهنجي نئين شاگردن کي ڪئين گائيڊ ڪندا آهن ؟
جواب:  هاڻي ڏسو جيڪو نئون ٻار هوندو آهي اهو هڪ ننڊي وڻ وانگر هوندو آهي جيڪو نئون ابڙندو آهي هن کي پيار ۽ محبت سان پڙهائي  اڳيان وڌائبو آهي نئي ٻار کي پيار ۽ محبت سان گائيڊ ڪندو آهيان .

سوال : اوهان پنهنجي شاگردن جي لا۽ ڇا چوڻ چاهيندا ؟
جواب : پنهنجي شاگردن جي لا۽ چوڻ چاهيندس اهي انگلش سبجيڪٽ  کي بہ ٽائيم ڏين صرف ميجر سبجيڪٽ پڙھڻ سان انهن کي هن ئي سبجيڪٽ ۾ فائيدو ملندو پر انگلش  سبجيڪٽ کي هڪ ضروري سبجيڪٽ  سمجھن ڇو اهيو سبجيڪٽ هر وقت ۽ هر جڳھ ڪم ايندو.

Monday, 1 February 2016

آصف میمن (Interview) Referred back

very poor, no depth in questions as well as in answers.

نام: محمد رافع خان
رول نمبر: 2k14/MC/140
کلاس: BS III

آصف میمن (مسل مینیا)

آصف میمن ۱۵ دسمبر ۱۹۷۰ ؁ میں شہر حیدرآباد میں پیدا ہوے۔انہوں نے ایم اے سٹی کالج حیدرآباد سے کیا ۔ انہوں نے حیدرآباد میں پہلی بار ایک بڑے پیمانے پر جم کھولا جو کہ کامیاب ثابت ہوا ور آج تک اس جیسا حیدرآباد میں جم کوئی نہیں ہے اس جم کا نام مسل مینیا ہے۔

سوال: آپ نے پہلا جم کب کھولا اور کس مقصد سے کھولا؟
جواب: میں نے پہلا جم ۲۰۰۶ میں مسل مینیا کے نام سے کھولا۔ جم کاروبار کے لیے کھولا گیا اور اس کا مقصد یہ تھا کہ لوگ جم میں آ کر اپنے آپ کو فٹ رکھ سکیں۔

سوال:آپ نے جم کھولنے کا ہی انتخاب کیوں کیا ۔کس چیز سے متاثر ہو کہ جم کھولا؟
جواب: میں ایک نیا کاروبار چاہتا تھا جوآنے والے وقتوں میں لوگوں کی ضرورت ہو۔لوگوں میں جم کا بڑھتا ہوا رجحان دکھائی دیا اس بات سے متاثر ہو کہ جم کھولنے کا فیصلہ کیا۔

سوال:حیدرآباد میں جم کھولنے کا مشوراہ کس نے دیا؟
جواب: دوست یاروں اور والد کے مشورے سے جم حیدرآباد میں کھولا۔

سوال: وہ کون سی ورزش ہے سب سے زیادہ فائدے مند ہے؟
جواب: وزن کم کرنے کی ورزش سب سے زیادہ فائدے مند ہے کیوں کہ موٹاپا ایک بیماری ہے۔

سوال: مردوں کے ساتھ ساتھ خواتین میں بھی جم کا رجحان کیوں بڑھ رہا ہے؟
جواب: مردوں کی دیکھا دیکھی خواتین میں بھی یہ شوق با خوبی بڑھ رہا ہے، اس کی بڑی وجہ یہ ہے کہ خواتین اپنے آپ کو فٹ رکھنے کے لیے اور اپنے حُسن میں اضافے کے لیے جم کا رخ کر رہی ہیں۔

سوال: حیدرآباد میں آپ کے جم جیسی مثال نہیں ملتی ، جم کھولنے کا خیال کیسے آیا؟
جواب: میں خود ہی باڈی بلڈر رہ چکا ہوں ہرباڈی بلڈر کی خواہش ہوتی ہے کہ اس کا اپنا جم ہو۔ میں نے حیدرآباد میں اچھے پیمانے پر جم کھولا جس میں ورزش کے لیے جدید مشینں موجود ہیں اسی لیے بے مثال ہے۔

سوال: آپ نے اپنا پیسہ اس کاروبار میں ہی کیوں لگایا؟
جواب: میں نے اپنے شوق کو کاروبار میں تبدیل کیا ،اپنا پیسہ اس میں لگایا جو کہ آج بہت فائدے مند ثابت ہوا۔

سوال: آپ اس شعبے مین کتنے عرصے سے ہیں؟
جواب: میں اس شعبے میں ۸ سال سے ہوں۔

سوال:آپ کے استاد کا نام جنہوں نے آپ کو ٹرینگ دینا سکھائی؟
جواب: میرے استاد کا نام محمد وہاب ہے،جن کی وجہ سے آج اس مقام پر ہوں۔

سوال: کیا سوچ کر آپ نے جم کو اچھے درجے پر کھولا جبکہ آپ ایک عام جم بھی کھول سکتے تھے؟
جواب: حیدرآباد میں کوئی ایسا جم موجود نہ تھا جو اچھے درجے پر ہو،اسی لیے میں نے ایک اچھے درجے پر جم کھولا تاکہ لوگوں میں دلچسپی اور بڑھ جاے ۔

سوال: آپ کو اس کاروبار کا مستقبل نظر آتا ہے؟
جواب: جی ہاں مجھے اس کاروبار کا بہتر مستقبل نظر آتا ہے، اس کی بڑی وجہ یہ ہے کہ مرد وں ساتھ ساتھ خواتین میں بھی جم جوائن کرنے کا بڑہتا ہوا رجحان دکھائی دیتا ہے۔

Friday, 29 January 2016

Referred back- Interview by Hoor-e-Laiba

Too weak. This can not be taken as interview. they all questions are of introduction, where are view, opinion etc
Interview:Professor aijaz Siddiqui
By:Hoor-e-Laiba
Roll num: Mc/2k14/172

س: آپ کا نام کیا ھے؟
ج: میرا نا م اعجاز صد یقی ھے۔
س:آپ کی رہا ئش کہا کی ھے؟
ج: میری رہایش حیدرآباد کی ھے۔
س: تعلیم کا آ غاز کہا سے کیا؟
ج: تعلیم کا آغاز حیدرآباد سے ھی کیا۔اور پھر یو نیورسٹی سے نکل جانے کے بعد لندن چلا گیا P.H.D کرنے کے لأ
س:اپکا پسندید؂ہ سبجیکٹ کون سا ھے؟
ج: مجھے Mathematics پسند ھے۔

س: کتنے سال سے آپ پڑھا ر ھے ھیں؟
ج: 1970 سے میں پڑھا رھا ھو۔ اور مجھے پڑھنے کے ساتھ ساتھ پڑھانے کا بھی سو ق ر ہا۔
س:اپکا اس فیلڈ میں آنے کا کو ءي مقصد؟
ج: بس یہ میرا شو ق تھا جو مجھے یہاں تک لے آیا۔
س:آپ کو کس چیز کا شوق ھے۔
ج:مجھے کتا بیں پڑھنے کا بہت شو ق ھے۔
س:آپ کی خصو صیات ؟
مجھے ہر کام میں پDisciplineپسند ھے
س:آپ کیا سمجھتے ھیں؟ پیسہ ہي انسان کے سب کچھ ھے؟
ج:نہیں پیسہ ہي سب کچھ نہیں ۔ انسان کے پاس شعور ہونا چا ہے
بہت سے میں نے ایسے لوگ بھی دیکھے ھے جن کہ پاس بہت پیسہ
ہوتا ھے۔ مگراُن کے پاس شعور نہیں ہوتا ۔
س:مجھے کوي میسج دینا چا ھنگے؟
ج: میں یہ کہنا چاہتا ہوں کہ انسان کو ہر کام میں محنت کرني چا یہے محنت سے ہي کا میا بي ملتي ہے۔

Thursday, 28 January 2016

Interview wtih Rehamt Ali Meerali

Who has taken this interview? why u are not writting ur name , roll number  etc in the file. 
موسيقي قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي
انٽرويو ممتازجمالي

رحمت علي ميرالي. ( سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي )

موسيقي جتي روح جي غذه مڃي ويندي آهي اتي موسيقي کي سنڀاليندڙن کي روح جو راڻو مڃيو ويندو آهي موسيقي هڪ اهڙي شيءَ آهي جنهن کي ٻڌڻ سان انسان پنهنجي وڃايل وجود ڏانهن واپس ۽ اميد تي قائم دنيا تي وڃي پهچندو آهي اهڙين روح جي راڻڻ سان ۽ انسان سوچ کي پنهنجي وڃال وجود ۽ اميد جي دنيا سان ملائيندڙن جهڙن شخصن مان اسان جي سنڌ ڀري پئي آهي جيتي تاريخ جي ورڪن کان وٺي ڪري حال جي هلندڙ پني تي سوين اهڙا موسيقار فنڪار ملندا جنهن جي آواز ۽ انداز جو مثال هزارين ڪوهن تائين ٻڌا ۽ ڏنا ٿا وڃن، بلوچستان جي ضلعي اوستا محمد سان تعلق رکندڙ راڳي خاندان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ رحمت علي مرالي جنهن کي اڄوڪي سنڌي موسيقي جي دنيا ۾ استاد رحمت مرالي چيو ويندو آهي سو بـه اهڙو روح جو راڻو آهي، جنهن سنڌي موسيقي ۾ پنهنجي پياري آواز ۽ آلاپ سان  پنهنجو هڪ الڳ نالو ۽ سڃاڻپ ٺاهي ورتي. هن جا ويچار سنڌي موسيقي جي باري ۾ ٻين گلوڪارن کان مختلف آهن. هن جو روشني نيوز پيپر کي ڏنل انٽرويو هيٺ پيش ءِ خدمت آهي.

سوال: توهان ڇا سوچي موسيقي جي چونڊ ڪئي.؟
جواب:اسان جي سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ اتي هزارين  بزرگ ولي آهن ۽ اڪثر ڪري اتي ميلا ٿيندا رهندا آهن ۽ انهن ميلن ۾ راڳ رنگ بـه ٿيندو رهندو آهي، هڪ ڏنهن شڪارپور جي ڀرسان هڪڙي پير سائين ٻٺڍل فقير جو ميلو لڳو، جتي راڳ جو پرگرام هو ان ۾ بابا مون کي وٺي ويو، ان ميلي ۾ صوفي ڪلام ڳيا پيا وڃن تـه مون اهو محسوس ڪيو تـه بابا ان ڪلامن کي گهرائي سان محسوس ڪري رهيو هو، پوءِ بابا ان ڏنهن کان  پاڻ صوفي ڪلام ڳائيڻ شروع ڪيا، ۽ گهر ۾ هڪ موسيقي جو ماحول هوندو رهيو، ان کان بعد منهنجو سڀ کان وڏو ڀاءَ همت فقير بـه راڳي ٿيو ۽ ان کان ننڍو ڀاءَ شمن علي ٿيو ان کان بعد منهنجو شوق  ٿيو  مون سوچيو جڏهن منهنجو سڄو خاندان راڳ ڳائي ٿو تـه مان بـه ڳائي سگهان ٿو، ۽ آئون بـه راڳ سکڻ شروع ڪيو، ان وقت منهنجو استاد عبدالغفور سومرو هيو جنهن مونکي راڳ جي سکيا ڏني جيڪو هن وقت خيرپور يونورسٽي ۾ موسيقي جي سکيا ڏيندو آهي.

سوال: موسيقي جو ثقافت سان ڪيترو تعلق آهي؟
جواب: ڪائينات ۾ جيڪي آواز آهن اهي موسيقي آهن چاهي اهو انسان جو آواز هجي چاهي اهو ڪنهن پکي جو آواز هجي يا کڻي قدرتي شين جو آواز هجي اهي سڀ مو سيقي آهن جيڪا اسان جي ڪنن تائين اچي ٿي، اگر ثقافت جي حساب سان ڏٺو وڃي تـه هر خطي جي هر قوم جي هر ملڪ جي پنهنجي الڳ الڳ موسيقي هوندي آهي، جئين هر قوم ملڪ خطي جي سڃاڻپ ٻولي مان لڳائي سگهجي ٿي ۽ ان قوم جي تاريخ بـه ٻولي ذريعي بچي سگهي ٿي تـه ٻولي کي بچائيڻ لاءِ شاعري ۽ موسيقي هوندي هوندي آهي ۽ ٻولي خود ثقافت آهي انهي ڪري اهي شيون ضروري آهي ڪنهن قوم لڪه کي تاريخ ۽ هلندڙ زماني ۾ زنده رکڻ لاءِ.

سوال: ڇا پنهنجي ڪلامن جو ذريعي ڪو پيغام ڏيندا آهيو؟ اگر ڏيندا آهيو تـه ڪهڙو؟
جواب: منهنجي هميشـه اها ڪوشش هوندي آهي تـه آئون اهڙي شاعري کڻا جنهن ۾ ڪو پيغام هجي، سماج کي سٺي نصيحت ڏجي جيئن شاهـه جي شاعري آهي شيخ اياز جي شاعري آهي استاد بخاري جي شاعري آهي جنهن ۾ ماحول کي هڪـه سٺو پيغام ملندو آهي تـه مان بـه تقريبن اهڙي شاعري ڳائيندو آهي.
سوال: توهان اڄ جي تيز موسيقي کي ڪئين ٿا ڏسو ڇا اها سُرن سازن جي ملاپ ۾  آهي؟
جواب: اڄ جا ماڻهون ۽ بڌندڙ سرن کي نٿا ٻڌن آهي سازن کي پسند ڪندا آهي ، اهڙي حوالي سان ڪافي حد تائين جيڪي رپيڊ ڪلام آهن جنهن کي رميڪس بـه چيو ويندو آهي انهي ۾ ڪافي حد تائين سر ساز آهن اها ٻي ڳالهـه آهي تـه ان سرن سازن کي نئو انداز ڏنو ويو آهي باقي سنڌي جي جديد موسيقي ۾ اهي شِيون گهٽ ملن ٿيون.
سوال: دنيا جي موسيقي ۾ ڏينهون ڏينهن تبديلي ايندي ٿي وڃي  ڇا هن وقت تائين سنڌي موسيقي ۾ ڪا واضع تبديلي آئي آهي.؟
جواب: ڪجهـه اهڙا نوجوان فنڪار پيدا ٿيا آهن جنهن پنهنجي پاڻ کي پاڻ مڃايو آهي جنهن ۾ کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن ، انهن مڪمل سکيا وٺي ڪري پوءِ هن موسيقي جي ميدان ۾ لٿا آهن، انهي جي ڪري ڪافي تبديلي آئي آهي، پر جيڪي نوان اڻڄان گلوڪار آيا آهن انهن جي ڪري ڪافي سنڌي موسيقي کي نقصان پڻ رسيو آهي پر ان ۾ نون فنڪارن جو ڏوهـه ناهي ڇاڪاڻ جو انهن کي شوق هوندو آهي گلوڪاري جو مگر انهن کي ڪو سکيا ڏيندڙ مـه هوندو آهي ۽ پوءِ جهٽ ۾ اسڪرين تي ايندا آهن انهي جي ڪري ائين ٿيندو آهي.

سوال: توهان هميشـه سنجيده ڪلام ڳائندا آهيو انهي جو ڪو سبب.؟
جواب: منهنجي هميشـه اها ڪوشش رهي آهي تـه مان اهڙو ڪلام ڳايان جنهن ۾ ڪو پيغام هجي جيڪو ماحول سان ميلي ۽ اهڙي شاعري جنهن ۾ ڪو پيغام هجي اها مونکي شيخ اياز استاد بخاري اياز گل جهڙن شاعرن جي شاعري ۾ ميلي ٿي ۽ اهڙي شاعري هميشـه سنجيدگي سان ڳائي ويندي آهي .

سوال: توهان جي نظر ۾ ڪامياب فنڪار ڪهڙو هوندو آهي.؟
سڀ کان پهريان هن شعبي ۾ اچڻ کان پهريان سکيا تمام لازم آهي،  اگر ڪو هيتي اچي ٿو ۽ سکيل آهي جواب: تـه اهو شخص ڪا نئي شيءَ آڻي سگهي ٿو نئي ڪريئيشن ڪري سگهي ٿو، اگر سکيل ئي نـه هوندو تـه پوءِ گزارو ئي ڪري سگهي ٿو جنهن کي اسين سنڌي ۾ ڄوڳاڙ چوندا آهيون تـه منهنجي نظر ۾ اهو ئي ڪامياب جيڪو شاعري ڪري سگهي ادب جي ڄاڻ هجيس، ادب سان وابسطـه هجي ۽ پاڻ شاعري ڪرڻ ڄاڻي اگر شاعري نٿو ڪري تـه ڪم سي ڪم شاعري جي باري انهي ڪي مڪمل ڄان رکي.
اثر پوي ٿو؟
اوهان سنڌي ميڊيـا کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندو؟

مان اهو پيغام ڏيندس جيڪي دوست سيکل ناهن انهن کي هڪ دم اڳتي نـه کڻي اچن انهن ڱي اسڪرين تـه هڪ دم نـه آڻڻ اسان جون جيڪي تاريخي ڌنو آهن انهي سان جوٺ ڪئي وئي، اسان جي شاعري سان جوٺ ڪئي وئي آئي، اڄ ڪلهـه اهڙي شاعري ڳائي ٿي وڃي ۽ اهو ڪلام جڏهن چينل ٿي هلي ٿو تـه اسان پنهنجي فيملي سان ويهي ڪري اهو گانو ٻڌي نٿا سگهون. سو مان اهو ئي چوندس تـه سنڌي کي ميڊيا وارا ڪاروبار نـه بڻائيڻ ۽ جيڪي پراڻا راڳي آهن انهن جو قدر ڪن جئين اسان جي موسيقي امر رهي ۽ بچي سگهي.