Showing posts with label فيچر. Show all posts
Showing posts with label فيچر. Show all posts

Tuesday, 9 February 2016

Udasyen jo mandar By M.Amin


اداسين جو مندر


فيچر _ محمد امين تڳر 2K14/MC/115


سنڌ اندر هندو ۽ مسلمان ٻه اهڙيون قومون آهن، جيڪي صدين کان گڏ رهنديون پيون اچن، ٻنهي قومن جون عبادتگاهون الڳ آهن، پر انهن پاڻ ۾ ڪڏهن به ايئن ڪونه تسليم ڪيو آهي ته اسان اوهان کان مان مٿاهون آهيون، هندو مذهب جي پراڻي تاريخ آهي، هند ۽ سنڌ اندر، موجوده دور ۾ انتهاپسند تنظيمن هندو ۽ مسلمان وچ ۾ وڏا ويڇا وڌائي ڇڏيا آهن،

 تنهن هوندي به ڪٿي ڪٿي  سنڌ اندر توهان کي هندو مسلمان جو تصور ئي نظر ڪو نه ايندو گهڻي ڀاڱي ريتون رسمون مليل جهليل هونديون، مسلمان به هندن جي عبادتگاهن ۾ شوقيا طور گهمڻ لاءِ ويندا رهندا آهن،  انهن جي تهوار ۽ ميلن ۾ به پارٽيسپيٽ ڪندا رهندا آهن، انهي ۾ صاف ظاهر ٿئي ٿو ته عقيدت مندي جي پوري معنيٰ تڏهن ٿيندي جڏهن ذات، پات، نسل انهن سڀني شين کان بالاتر هجي،.انهن عبادتگاهن ۾ اسان ڪائنات جي وجود ۽ حقيقي مالڪ کي ياد ڪريون ٿا، سنڌ اندر تاريخي مندر گهڻي تعداد ۾ موجود آهن جتي هر تعوار تي پنهنجن عبادتگاهن ۾ پوڄا پاٽ ڪندا رهندا آهن

 سنڌ ڌرتي امن ۽ آشنا جي ماءُ هئي، سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ مندر آهن انهن مان اداسين جومندر هڪ آهي، جيڪو نوشهري فيروز شهر ۾ واقع آهي. هن مندر جا گرو يعني گادي نشين شادي ڪو نه ڪندا هئا، تنهن ڪري هن مندر کي ”اداسين“ جو مندر ڪوٺيو ويو. اداسي اصل ۾ سکن جو هڪ پنٿ آهي. هيءُ 300 سال پراڻو مندر آهي. مندر جا ڪل يارنهن گادي نشين ٿي گذريا آهن، جن مان ڪنهن به شادي ڪو نه ڪئي ۽ سموري ڄمار ڇڙو گذاريائون. اهي سڀ صوفياڻي مڪتبه فڪر جا پوئلڳ هئا.

 مندر جي شروع کان هلندڙ روايت جي ابتڙ هاڻوڪي گادي نشين -بابا رامداس- شادي ڪئي آهي. -ان- ڪري هاڻي هن مندر کي ”گروشتي گادي“ وارو مندر به چيو وڃي ٿو. يعني اهو مندر جنهن جو گادي نشين شادي شده آهي. هاڻوڪي گدي نشين -بابا رامداس- جو والد عيدن داس هندو پنچائت جو مکي آهي، جنهن مطابق صديون پراڻي روايت کي بابا تليداس جي مشوري سان تبديل ڪيو ويو آهي.

هن مندر تي ٻارنهن مهينن ۾ 2 ميلا (1) گرو نانڪ جي -جنم- ڏينهن تي (2) شِوِ جي -جنم- ڏينهن تي لڳن ٿا، جنهن ۾ ڏورانهن هنڌن جا ياتري زيارت ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. مندر جي عمارت پراڻي عمارت جي مٿان، نئين طرز سان تعمير ڪئي وئي آهي، جيڪا 2005ع ۾ جڙي راس ٿي هئي.

مندر ۾ زيارت لاءِ ايندڙ ياترين کي ٽيئي وقت نگر مفت ڏنو وڃي ٿو. مندر جي عمارت ٽه ماڙ آهي. جنهن ۾ هر طبق تي شِوِ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ شِوِ جو ترشول، لنگم ۽ شري ڪرشن جي مورتي وغيره رکيل آهي. ٻئي حصي ۾ گادي نشينن جون مورتيون وغيره رکيل آهن، -جن- ۾ بابا چيتنداس، بابا وِشنداس، بابا ڪنول داس، بابا مرچو داس، بابا تاملداس، بابا منگل داس، بابا ڌيانداس، بابا جهامنداس، -بابا رامداس- (هاڻوڪو گادي نشين). شامل آهن.

مندر جي عمارت خوبصورت نموني تعمير ٿيل آهي. هيٺئين حصي ۾ ٻه ڪمرا آهن. عمارت پڪين سرن سان سيمنٽ تي اوساريل آهي. هيٺئين حصي واري ديوار کي ڳاڙهو رنگ ڪيل آهي. هڪ چورس دروازو ۽ ٽي لوهي دريون اٿس. پاسي ۾ -ٺلهه  تي ڇڄو اٿس. مندر جو صحن پڻ سنگ مرمر ۽ ماربل سان ڍڪيل آهي. مٿئين حصي ۾ هڪ وڏو هال ٺهيل آهي. ڇت جي ٻيڙ -ٻني- تي ديوار کنيل آهي، جنهن تي لوهي ڄاري لڳائي وئي آهي. ڇت تي هڪ ڪمرو به تعمير ڪيل آهي. هن مندر کي سنڌ اندر هندن جي عبادتگاهن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي.




اداسين جو مندر
فيچر  محمد امين تڳر 2K14/MC/115

سنڌ اندر هندو ۽ مسلمان ٻه اهڙيون قومون آهن، جيڪي صدين کان گڏ رهنديون پيون اچن، ٻنهي قومن جون عبادتگاهون الڳ آهن، پر انهن پاڻ ۾ ڪڏهن به ايئن ڪونه تسليم ڪيو آهي ته اسان اوهان کان مان مٿاهون آهيون، هندو مذهب جي پراڻي تاريخ آهي، هند ۽ سنڌ اندر، موجوده دور ۾ انتهاپسند تنظيمن هندو ۽ مسلمان وچ ۾ وڏا ويڇا وڌائي ڇڏيا آهن،

 تنهن هوندي به ڪٿي ڪٿي  سنڌ اندر توهان کي هندو مسلمان جو تصور ئي نظر ڪو نه ايندو گهڻي ڀاڱي ريتون رسمون مليل جهليل هونديون، مسلمان به هندن جي عبادتگاهن ۾ شوقيا طور گهمڻ لاءِ ويندا رهندا آهن،  انهن جي تهوار ۽ ميلن ۾ به پارٽيسپيٽ ڪندا رهندا آهن، انهي ۾ صاف ظاهر ٿئي ٿو ته عقيدت مندي جي پوري معنيٰ تڏهن ٿيندي جڏهن ذات، پات، نسل انهن سڀني شين کان بالاتر هجي،.انهن عبادتگاهن ۾ اسان ڪائنات جي وجود ۽ حقيقي مالڪ کي ياد ڪريون ٿا، سنڌ اندر تاريخي مندر گهڻي تعداد ۾ موجود آهن جتي هر تعوار تي پنهنجن عبادتگاهن ۾ پوڄا پاٽ ڪندا رهندا آهن

 سنڌ ڌرتي امن ۽ آشنا جي ماءُ هئي، سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ مندر آهن انهن مان اداسين جومندر هڪ آهي، جيڪو نوشهري فيروز شهر ۾ واقع آهي. هن مندر جا گرو يعني گادي نشين شادي ڪو نه ڪندا هئا، تنهن ڪري هن مندر کي ”اداسين“ جو مندر ڪوٺيو ويو. اداسي اصل ۾ سکن جو هڪ پنٿ آهي. هيءُ 300 سال پراڻو مندر آهي. مندر جا ڪل يارنهن گادي نشين ٿي گذريا آهن، جن مان ڪنهن به شادي ڪو نه ڪئي ۽ سموري ڄمار ڇڙو گذاريائون. اهي سڀ صوفياڻي مڪتبه فڪر جا پوئلڳ هئا.

 مندر جي شروع کان هلندڙ روايت جي ابتڙ هاڻوڪي گادي نشين -بابا رامداس- شادي ڪئي آهي. -ان- ڪري هاڻي هن مندر کي ”گروشتي گادي“ وارو مندر به چيو وڃي ٿو. يعني اهو مندر جنهن جو گادي نشين شادي شده آهي. هاڻوڪي گدي نشين -بابا رامداس- جو والد عيدن داس هندو پنچائت جو مکي آهي، جنهن مطابق صديون پراڻي روايت کي بابا تليداس جي مشوري سان تبديل ڪيو ويو آهي.

هن مندر تي ٻارنهن مهينن ۾ 2 ميلا (1) گرو نانڪ جي -جنم- ڏينهن تي (2) شِوِ جي -جنم- ڏينهن تي لڳن ٿا، جنهن ۾ ڏورانهن هنڌن جا ياتري زيارت ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. مندر جي عمارت پراڻي عمارت جي مٿان، نئين طرز سان تعمير ڪئي وئي آهي، جيڪا 2005ع ۾ جڙي راس ٿي هئي.

مندر ۾ زيارت لاءِ ايندڙ ياترين کي ٽيئي وقت نگر مفت ڏنو وڃي ٿو. مندر جي عمارت ٽه ماڙ آهي. جنهن ۾ هر طبق تي شِوِ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ شِوِ جو ترشول، لنگم ۽ شري ڪرشن جي مورتي وغيره رکيل آهي. ٻئي حصي ۾ گادي نشينن جون مورتيون وغيره رکيل آهن، -جن- ۾ بابا چيتنداس، بابا وِشنداس، بابا ڪنول داس، بابا مرچو داس، بابا تاملداس، بابا منگل داس، بابا ڌيانداس، بابا جهامنداس، -بابا رامداس- (هاڻوڪو گادي نشين). شامل آهن.

مندر جي عمارت خوبصورت نموني تعمير ٿيل آهي. هيٺئين حصي ۾ ٻه ڪمرا آهن. عمارت پڪين سرن سان سيمنٽ تي اوساريل آهي. هيٺئين حصي واري ديوار کي ڳاڙهو رنگ ڪيل آهي. هڪ چورس دروازو ۽ ٽي لوهي دريون اٿس. پاسي ۾ -ٺلهه  تي ڇڄو اٿس. مندر جو صحن پڻ سنگ مرمر ۽ ماربل سان ڍڪيل آهي. مٿئين حصي ۾ هڪ وڏو هال ٺهيل آهي. ڇت جي ٻيڙ -ٻني- تي ديوار کنيل آهي، جنهن تي لوهي ڄاري لڳائي وئي آهي. ڇت تي هڪ ڪمرو به تعمير ڪيل آهي. هن مندر کي سنڌ اندر هندن جي عبادتگاهن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي.


Monday, 8 February 2016

Kirshan sweets of Umerkot

It is all praises. No critical angle. feature is always reporting based. U need quotes, and attribution. No compare contrast.


ڪرشن جي مٺائي
فيچر: راجيش ڪمار
رول نمبر: 78

سنڌ جي هر شهر جي هڪ پنهنجي الڳ سڃاڻپ آهي، اهو تاريخي جڳهـه جي ڪري هجي يا ڪنهن بزرگ ولي جي ڪري يا وري ڪو مختلف هنرن، کائڻ پيڻ جي شين جي ڪري، جيئن ميهڙ مهندي  جي ڪري مشهور آهي، تـه وري  شڪار پور اتان جي آچار جي ڪري ۽ سنڌڙي انبن جي ڪري، جيئن دادوگورک جي ڪري ڄامشورو تعليمي ادارن جي ڪري پوري ملڪ ۾ سڃاتا وڃن ٿا اهڙي طرح سنڌ جو تاريخي شهر عمر ڪوٽ بـه پنهنجي حيثيت پاڻ رکي ٿو، جيڪو امر ڪوٽ بـه سڏيو وڃي ٿو ۽ تاريخي طور خاص ڪري قلعي عمر مارئي جي قصي ۽ اڪبر بادشاه جي جنم ڀومي جي ڪري مشهور آهي، مگر ان سان گڏو گڏ هڪ ٻي شئ پڻ آهي جيڪو عمر ڪوٽ کي نـه صرف سنڌ توڙي پر پوري ملڪ ۽ ٻاهر مشهور ڪري ٿي. اها آهي  ڪرشن جي مٺائي.

 پنهنجي منفرد  ذائعقي جي ڪري  جيڪو پوري سنڌ ۾ تمام مشهور آهي.     ،         
جيئن نالي مان ظاهر آهي تـه هن مٺائي جو ٺاهيندڙ ڪرشن کتري آهي،  جيڪو ڪرشن حلوائي جي نالي پڻ سڃاتو وڃي ٿو ، ڇو جو ان جي مٺائي سان گڏ حلوو پڻ مشهور آهي، موجوده ڪرشن جو دڪان شاهي بازار عمر ڪوٽ شهر ۾ آهي، بقول هتي دڪان تي ڪم ڪندڙ پراڻي ڪاريگر سوائي مل مالهي ٻڌايو تـه ڪرشن مٺائي ٺهڻ جي شروعات 1980ع کان بـه اڳ هڪ ننڍي دڪان کان ڪئي، بعد ۾ مٺائي جو ڏينهون ڏينهن مقبوليت وڌندي وئي، هتان جي ماڻهون ۾ نـه پر پوري سنڌ توڙي ملڪ ۾، ۽ خاص ڪري حلوو جيڪو اڄ بـه تمام گهڻو مشهور آهي، جيڪو نِج گيهـه ۽ پستن مان ٺاهيو وڃي ٿو، سوائي مل مالهي وڌيڪ ٻڌايو تـه ائين تـه مارڪيٽ ۾ ٻيا دڪان هئا ۽ اڄ بـه آهن پر ماڻهون اڄ بـه هن مٺائي ۽ حلوي کي پسند ڪن ٿا، ڇاڪاڻ جو هن مٺائي جو هڪ منفرد ۽ الڳ ذائقو آهي، هن چيو تـه اسان جو حلوو سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف شهر ڏانهن تـه ماڻهون وٺي ويندا آهن پر ٻين ملڪن جيئن گهڻو ڪري انڊيـا ۾ بـه ويندو آهي، ۽ ڪافي ماڻهون شادي بارات سالگراهـه ۽ خاص ڪري ٻاهرين ملڪ تحفي تور موڪليندا آهن.  ۽ تقريبن روز مڻ کان مٿي هلي ويندو آهي، ۽ خاص ڪر ي هولي ديوالي ۽ عيد ۾ اتي رش وڌي ويندي آهي جو اسان ڏيندي پهچي نـه سگهندا آهيون، هن مٺائي جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو تـه اسان مٺائي نِج گيهـه سان گڏ صاف سٿرائي واري ماحول ۾ ٺاهيون ٿا، اهو ئي سبب آهي جو روز ڏيڍ مڻ کان مٿي مٺائي هلندي آهي.

ائين ئي جڏهن آئون دڪان تي موجود هئس اتي هڪ گراهڪ جنهن پنهنجو نالو امرت ٻڌايو پي تـه  اسان کي جڏهن بـه مٺائي وٺڻي هوندي آ، اسان هن دڪان تان وٺندا آهيون ڇو جو هڪ مناسب اگهـه سان گڏ  سٺي مٺائي ميلي وڃي ٿي، جيڪا کائيڻ ۾ بـه ذائقي دار ۽ بهترين هوندي آهي.
مٺائي ۽ حلوي جي مقبوليت جي ڪري گراهڪن کي مٺائي پوري نـه ٿيندي آهي انهي جي ڪري انهي مٺائي ۽ حلوي جا 3 
دڪان ٻيا  هلي رهيا آهن. جيڪي شهر جي مختلف جائين تي آهن ۽ گراهڪ اتي آساني سان اها مٺائي وٺي سگهن ٿا، ۽ انهن ٽنهي دڪانن کي مختلف ڀروسي وارا ماڻهون هلائين ٿا پر ان سان گڏو گڏ دڪانن جو مالڪ سيٺ ڪرشن پڻ ڪجهـه وقت هر دڪان کي ڏيندو آهي جئين ڪا شئي اڳتي پوئتي نـه ٿي وڃي، پر جڏهن حلوو ٺهندو آهي تـه اتي ڪرشن خود موجود هوندو آهي، جئين گراڪن جي پسند جو حلوو ٺهي سگهي. انهي ۾ ڪو بـه شڪ ناهي تـه مٺائي کي وڌيڪ منفرد بڻائي ( اهو بـه هڪ مناسب اگهه سان) ماڻهون ۾ وڌيڪ پسند ٿيندڙ ۾ سيٺ ڪرشن جي وڏي محنت ۽ جستجو آهي،

هو پاڻ چوي ٿو تـه مون مٺائي ٺاهڻ جي شروعات ۾ لالچ نـه ڪئي ۽ سٺي شيءَ مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ماڻهون کي شڪايت جو موقعو نـه ميلي.

انهي ۾ ڪو بـه شڪ ناهي تـه اڄ جيڪا ڪرشن سيٺ جي سڃاڻپ جڳ ۾ آهي اها انهي ئي مٺائي ۽ حلوه جي ڪري ئي آهي. 

Thursday, 4 February 2016

Achaank Hotel

What about pix? u should observe para in writing. Comments from people and experts are needed

فيچر نجيب چانڊيو رول نمبر 116
شاخ جي ڪپ تي اچانڪ هوٽل
هونئن ته هر علائقي ۾ هوٽل چپي چپي تي موجود هوندا آهن،پر ڪي هوٽل اهڙا به هجن ٿا جيڪي بنسبت ٻين هوٽلن جي وڌيڪ مشهور ۽ اهميت لائق هجن ٿا اهڙن مشهور علائقائي هوٽلن ۾ وارھ شهر جو “اچانڪ “ هوٽل به هڪ آهي جيڪو هڪ منفرد هوٽل آهي هي هوٽل شاخ جي ڪپ تي قائم آهي جتي صاف سٿرو ماحول هجڻ سان گڏوگڏ بهترين چانھ ۽ عمده کاڌن جو بندوبست پڻ  هجي ٿو اهو ئي سبب آهي جو پرھ ڦٽي پرڀات جڏهن  رات جي اونداهيءَ کان موڪلائي ٿي ته شهر جا اڪثر ماڻهو ٻيا هوٽل ڇڏي چانھ جون سرڪيون ڀرڻ لاءِ هتي پهچي وڃن ٿا جنهن ڪري هن هوٽل تمام ٿورڙي عرصي ۾ آس پاس مشهوري ماڻي ورتي آهي ان حوالي سان

هتي ايندڙ ويندڙ اڪثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته وچ شهر ۾ هوندڙ هوٽلن تي شور هجي ٿو جنهن ڪري ماڻهو بيزار ٿيو وڃي پر هي اچانڪ هوٽل جيئن ته شهر ۽ بازار کان ٿوري مفاصلي  ۽ شاخ جي ڪپ تي قائم آهي جتي خاموشي وارو پرسڪون ماحول جڙيل هجي ٿو جنهن ڪري هتي اچڻ سان ذهيني سڪون ۽ روح کي راحت ملي ٿي.جڏهن شام جو سج لامون لهي ٿو ته اچانڪ هوٽل وٽ گرمين جي موسم ۾ هوادار ماحول هجي ٿو جنهن جو سبب کليل ماحول آهي هوٽل جي ارد گرد وڻڪاري ٿيل آهي جنهن ڪري هوا صاف هجي ٿي  ان سان گڏوگڏ بهترين ۽ تازي چانھ پڻ ملي ٿي ٻن منزلن تي قائم هن اچانڪ هوٽل تي بهترين فرنيچر جو به بندوبست ٿيل  آهي جن ۾ بهترين ڪرسيون،سندل،خوبصورت ثقافتي کٽون ۽ تول وهاڻا شامل آهن جيڪي هڪ خوبصورت منظر جو ڏيک ڏين ٿا ۽ ثقافتي رنگ ڏسڻ وٽان ملي ٿو هتي چانھ لاءِ بهترين قسم جو کير خريد ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ مزدور پڻ پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکن ٿا جن جي مزدوري ٻين هوٽلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڻ آهي هن هوٽل نه صرف علائقي واسين کي تفريح جوڳو سازگار ماحول بخشيو آهي پر ڪيترن ئي بيروزگار ماڻهن کي با روزگار به بڻايو آهي ان سان گڏوگڏ عمدن کاڌن جو بندوبست پڻ هر وقت هجي ٿو جنهن ڪري اڪثر ماڻهو پنهنجي دوستن ۽ احبابن کي شوق سان دعوت طورهتي وٺي اچن ٿا شهر جا اڪثر پڙهيا لکيا اهي  نوجوان جيڪي هوٽل تي اچڻ کان لنوائيندا آهن اهي به  شام جي ٽائيم تي ٽولن جي صورت ۾ هن هوٽل تي اچن ٿا جنهن جو سبب هتي جو پر سڪون ماحول جو هجڻ آهي هن هوٽل ۾ ٽي وي حال الڳ آهي جتي اڪثر  ڪرڪيٽ ۽ خبرون هلن ٿيون جنهن ڪري مختلف ملڪن جون ٿيندڙ ڪرڪيٽ ميئچون  توڙي ملڪي خبرون ڏسڻ بڌڻ جي سهولت موجود آهي ان کان علاوه بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ وڏي جنريٽر جو بندوبست به آهي جنهن ڪري هتي ايندڙ ماڻهن کي گرمي جو منهن ڏسڻو ڪو نه ٿو پوي ۽ هو سڪون ۾ هجن ٿا 
ان حوالي سان هوٽل مالڪ سيٺ ارشادعلي  مرزاڻي جو چوڻ آهي ته اچانڪ هوٽل تمام ٿورڙي ئي عرصي ۾ آس پاس مشهور ٿي ويو آهي جنهن جواهم  سبب بهترين ماحول جو هجڻ آهي هو ٻڌائي ٿو ته گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان نڪري پر سڪون ماحول ۾ اچڻ لاءِ ماڻهو اسان جي هوٽل تي اچي ويهن ٿا جتي کين سٺي ذائقي دار چانھ ۽ عمده کاڌا ملن ٿا هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسان خالص کير وٺون ٿا جنهن ۾ ڪا به ملاوٽ نه آهي جنهن ڪري گراهڪن کي ڪنهن به شڪايت جو موقعو نه ٿو ملي.اچانڪ هوٽل جي هڪ خاصيت  اها به آهي ته ايتريون ساريون سهولتون هجڻ جي باوجود هر شيءِ جو اگھ مناسب آهي ۽ اچانڪ هوٽل سڄي شهر واسين لاءِ تفريح جو مرڪزبڻيل آهي.

Tuesday, 2 February 2016

رکشہ -فرحانہ ناغڑ

Unchecked
نام:فرحانہ ناغڑ
رول نمبر:24
اسائمنٹ:فیچر 
میڈیم:اردو
                                     رکشہ
رکشہ تین پہیوں پر مشتمل سواری ہے جو ایک بندہ چلاتا ہے اور سواریاں اٹھا تا ہے۔رکشہ لفظ سب سے پہلے ۱۸۸۷میں ایجاد ہوا ۔رکشہ ایجاد ہونے سے پہلے لوگ سائیکل رکشہ میں سفرکیاکرتے تھے اور رکشہ بھی انہی سائیکل رکشہ کو دیکھ کر بنایا گیا ہے۔سائیکل رکشہ پیرں کی مدد سے چلنے ولا رکشہ ہے جو ابھی بھی بہت سی جگہوں پر چل رہا ہے۔لیکن سائیکل رکشہ کے بمقابلپیٹرول سے چلنے والے رکشے کو زیادہ ترجح حاصل ہے کیونکہ یہ زیادہ آرام دہ اور تیز سواری ہے۔اسی لئے رکشہ ایک مشہور ایجادکے طور پر سامنے آیا۔



رکشہ جاپان میں ۱۸۶۹ میں ایجاد ہوا۔lzuni yasoka نے suzuki tokyjiroسے پارڑنرشپ

کر کہ رکشہ بنایا ۔گھوڑا گاڑی جو ٹکیو کی سڑکوں پر نظر آتی تھی رکشہ اسی سے متاثر ہو کر بنایاگیاہے۔رکشہ لوگوں کے لئے ایکمفید سواری ہے جو سائیکل رکشہ سے زیادہ آرام دہ اور تیز ہے۔۱۹ ویں صدی میں رکشہ ایشین ممالک میں بھی مشہور ہوا۔اورمردوں کے روزگار کے لئے مفید ثابت ہوا ۔۱۲ویں صدی میں رکشہ باقی ملکوں میں بھی مشہور ہوا اس وقت وہاں کے لوگ ٹیکسیوں میںیا سائیکل رکشہ پر سفر کرتے تھے تو اس وقت پیٹرول رکشہ ان کے لئے ایک مفید ایجاد تھی۔



رکشہ تھائیلینڈ کی سڑکوں پر بھی نظر آتا ہے اس کے علاوہ پاکستان بنگلہ دیش میں بھی استعمال ہوتا ہے۔رکشے 
کا خاکہ کنگ لویس نے اپنی بیماربیوی کے لئے بنایاتھا جوجاپان میں رہا کرتے تھے۔اس نے یہ فیصلہ کیا کہ کوئی ایسی سواری ہو جوتیز بھی ہو اور آرام دہ بھی تو یہی سوچ کے اس نے رکشے کا خاکہ بنایا اورپھر رکشہ بننے کے بعد یہ تیزی سے ترقی کرتا رہااور دنیا بھر میں مشہور ہوگیا۔رکشے کو جاپان میں لوگman powered vechicleکے نام سے جانتے ہیں ۔

رکشہجاپان میں دوسری ورلڈوار تک مشہور رہا اس کے بعد رکشے کی پیٹرول کی قیمتوں میں بدلاؤ شروع ہوگیاپاکستان میں رکشہ لاہور میں بنایا جاتا ہے۔اور جب سے رکشہ بنا ہے تب سے لے کر اب تک رکشے میں 
بہت بدلاؤ آگیا ہے پہلے رکشہ پیٹرول پر چلا کرتا تھا اس کے بعد ایل پی جی رکشہ چلا اور اب اس کے بعد سی این جی رکشہچل رہا ہے۔رکشے کو سی این جی رکشے میں منتقل کر کے ایک فائدہ یہ بھی ہوا ہے کہ اس سے ماحول میں آلودگی میں کمی آئے گیاور پیٹرول والے پرانے ماڈل کے رکشے بہت دھواں خارج کرتے ہیں جس سے ماحول آلودہ ہوتا ہے۔ سی این جی رکشہکچھ حد تک پیٹرول رکشہ سے بڑا ہوتا ہے اور آرام دہ بھی ہوتا ہے۔رکشے کی قیمتوں میں پچھلے بیس سالوں میں ۵۰۰ گناہاضافہ ہوا ہے .


مہنگائی کے سبب پہلے جس جگہ کا کرایہ ۱۰ سے ۸ روپے ہوتا تھا اب اسی جگہ کا کرایہ ۶۰ سے ۷۰ روپے لیا جا رہاہے۔اگر دیکھا جائے تو آج کل رکشہ مہنگائی کے سبب مہنگا معلوم ہوتا ہے اور بہت سے لوگ رکشے کی سواری کو برداشت نہیںکرپارہے ہیں حیدرآباد میں تو جگہیں قریب ہے تو رکشہ استعمال میں آتا ہے لوگ بچوں کے اسکول کے لئے بھی رکشہلگواتے ہیں مگر کراچی جسے بڑے شہر میں لوگ مہنگائی کے سبب دور کی جگہ کے لئے بس سے سفر کرتے ہیں۔ 



بھارت کے شہر ممبئی میں رکشے کے حوالے سے ایک دلچپ چیز یہ بھی ہے کہ وہاں کی خواتین مرد کے شانہ بشانہ ہوکر
رکشہ چلا رہی ہیں۔ممبئی میں ان عورتوں کی تعداد تقریبا۴۶۷ ہے جو رکشہ چلا رہی ہیں ۔وہاں کے ٹرانسپورٹ آفیسر کا کہنا ہےکہ رکشہ چلانے سے ان عورتوں کے اندر اعتماد پیدا ہوتا ہے۔وہاں کی حکومت نے باقائدہ ان کو ڈرایؤنگ کا لائسینس دےدیا ہے .




ان کا کہنا ہے کہ جس طرح ابروڈ میں عورتیں ٹیکسی چلا رہی ہیں اسی طرح ہمیں بھی اپنے ملک کی عورتوں کو اس کام کی اجازت دے کر ان کا اعتماد بڑھانا چاہئے۔پاکستان کے شہر لاہور میں بھی ایک خاتون ہیں جو رکشا چلا رہی ہے جس میں سواری وہ بس خواتین کی ہیاٹھا تی ہے اور اس رکشے کا رنگ گلابی رکھا ہے کیونکہ یہ صرف خواتین کو لئے ہے یہ رکشہ خاص طور پر خواتین کے لئے ہے جسمیں ڈرایؤر بھی خاتون ہے اور سواری بھی خواتین کی ہی ہوتی ہے۔آج کل کے دور میں رکشہ بہت کام آنے والی سواری ہے
جو لوگوں کے لئے آمدورفت کا ایک بہترین ذریعہ ہے جس سے لوگوں کو بہت فائدے حاصل ہیں۔




لوگوں کا کہنا ہے کہ رکشے سے ہمیں بہت سے فائدے حاصل ہیں سب سے اہم بچوں کا اسکول کا مصلح حل
ہو گیا ہے اس کے علاوہ سامان لانا لے جانا بھی رکشے میں باآسانی ہوجاتا ہے۔حیدرآباد میں ٹیکسی کی سروس نہیں ہیں تو جنلوگوں کے پاس اپنی سواری نہیں ہے تو وہ لوگ رکشے سے فائدہ اٹھا لیتے ہیں اور رکشہ ان کی آمدورفت کے ساتھ ساتھ انکے سامان کو بھی ایک جگہ سے دوسری جگہ پہنچادیتاہے۔قریب جانا ہو یا دور رکشہ ہر جگہ مفید ثابت ہوتا ہے۔اس میں باآسانیاپنے سامان کے ساتھ جایا جا سکتا ہے۔

Practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi, Department of Media & Communication Studies, University of Sindh

مکھی محل - سائرہ ناصر

Unchecked
 Needs more attribution. plz disscuss


سائرہ ناصر ؔ : فیچر 
رول نمبر: 2K14/MC/84


                                       مکھی محل

ہندو -پاک کے بہت سے شہروں کی طرح شہر حیدرآباد بھی اپنی شاندار تعمیراتی شاہکاروں کی وجہ سے مشہور ہے ۔تاہم بڑھتی ہوئی آبادی اور ضروریات کی وجہ سے اکثریت حویلیاں اور محلات ہندو باشندوں نے تعمیر کروائے جو طویل تقسیم سے پہلے ختم ہو چکے ۔ جن میں سے ایک وقت سے بچایا ہوا سندھی ہندو خاندان ورثہ کا گھر مکھی محل ہے ۔


شاندار فنِ تعمیر کا شاہکار نمونہ مکھی محل آج سے تقریباًسو دہائیوں قبل مکھی جیتھا نند بِن پرتم داس ( ۱۸۳۳ - ۱۹۲۷)نے ۱۹۲۰ میں اپنی خواہش اور پسند کے عین مطابق تعمیر کروایا اور اسے مکھی ہاؤس نہیں بلکہ مکھی محل کا نام دیا اور ۱۹۲۷ میں رحلت کے بعد اپنی بیواہ اور دو بیٹوں کے نام کر گئے ۔ مکھی ہاؤس پّکے قلعے کے مرکزی دروازے اور ہوم اسٹیڈ ہال کے برعکس جائے پر واقع ہے ۔اس کی 833-3 مربع گز پیمائش کا ذکر شہری سروے نمبر 983 وارڈ D میں کیا گیا ہے ۔



بقول مکھی خاندان کی ۹۵ سالہ دھرم کے: ۱۹۷۵ میں ہماری مٹیاری کی ذرعی ذمین میں دلچسپی رکھنے والے ساتھیوں نے یہ افواہ پھیلا دی تھی کہ مکھی خاندان کی جان کو خطرہ ہے اس لئے ہم مکھی محل چھوڑ کر چلے گئے تھے 


مکھی خاندان کے جانے کے بعد متروکہ حکام نے آ مدنی کے لئے قبضہ کیا اور دکان قائم کی ،پھر رینجرز کو حفاظت کے لئے تعینات کیا گیا لیکن انہوں نے عمارت کا غلط استعمال کرنا شروع کر دیا تھا۔سردی سے بچاو کے لئے کھڑکی کے فریم کو آگ جلانے کے لئے استعمال کرتے تھے ۔ رینجرز کے بعد گھر خدیجہ خدیجہ گرلز ہائی اسکول کے حوالے کر دیا گیا ۔


متعدد ایجنسیوں کی مکھی ہاؤس کی شاندار ساخت پر قبضہ کی کوشش کے باوجوداس کی شان کو تبدیل نہ کیا جا سکا ۔ لہذا ۲۰۰۹ میں اینٹیکیوٹس ڈپارٹمنٹ کے ون مین آرمی کلیم اللہ لاشاری نے چارج سنبھالا اور مکمل ۱۶ تصاویرکی مدد سے پانچ سال مکھی محل کو ا’سکی اصل حالت میں لانے کے لئے کام کیا ، اور ۲۰۱۳ کو مکھی ہاؤس میوزیم کا افتتاح کیا جس میں مکھی خاندان کے ارکان نے شمولیت کی جن میں سے دھرم اور اندرو نے اپنے گھر کے کونے کونے سے جڑی بچپن کی یادوں کو دہرایا ۔


 مکھی جیتھانند کے ۲۷ ورثاء جس میں آپکے بھائی کے بچّوں میں سے اندرو نے حکومت کو مکھی ہاؤس کو عوام کے لئے میوزیم کے طور پر کھولنے کی اجازت دی اس شرط کے ساتھ کہ اگر حکومت نے اس پر قبضہ کیا یا اسے غلط مقصد میں استعمال کیا تو یہ واپس لے لیا جائیگا ۔ 


مکھی محل پنر جہان انداز میں بنایا گیا ہے۔ گھر کے تمام آرائشی سازوسامان محل کے ہیں عمارت کی تعمیر میں اعلی معیار کا ماربل ،جودھپور کا پتھر اور پلاسٹر آف پیرس کا مواد استعمال کیا گیا تھاہے۔ ساگوان لکڑی بڑے پیمانے پر عمارت میں استعمال کی گئی ۔ دروازے اور کھڑکیوں میں شیشم کی لکڑی استعمال کی گئی ہے جس پر دلکش ڈیذائننگ گلاس لگے ہوئے ہیں۔دیواروں پر پھولوں کے ڈیذائن ہیں ۔ 



مکھی ہاؤس کے مرکزی دروازے کے اردگرد مضباط دیوار ہے ۔ دائیں جانب سیڑیوں سے چڑھتے ہی بڑے صحن میں داخل ہوتے ہیں ۔ جس کے متعلق مقامی رہائشیوں کا کہنا ہے کہ یہاں پر مکھی فیملی اپنی عبادت کرتے تھے اور پرساد تقسیم کرتے تھے ۔ گراونڈ فلور۸ کمروں پر مشتمل ہے ہر کمرے میں تین سے چار دروازے ہیں ۔ ہر دروازہ دوسرے کمرے میں کھلتا ہے ۔ہر کمرے میں متعدد ہوادان ہیں ۔برآمدے کے مشرقی حصّے سے دو باتھ روم اور ایک سنڈاس ہے ۔

 ایک لکڑی کی سیڑھی صحن کی مغربی سمت سے پہلیمنزل کی طرف جاتی ہے ۔ پہلی منزل چھ بیڈروم اور ایک چھوٹے سے ہال پر مشتمل ہے ،جبکہ مشرقی اور مغربی جانب مزید دو کمرے اور اسٹور روم ہے ۔ دونوں کمرے کشادہ ہال کیساتھ جڑے ہوئے ہیں ۔ جنوبی جانب ایک برآمدہ اور بالکنی ہے جس کے مشرقی حصے میں دو باتھروم اور ایک سنڈاس ہے ۔اندرونی دیواریں مختلف قسم کی پینٹنگز سے سجی ہوئی ہیں ۔


حیدرآباد کے دل میں دفن فنِ تعمیر کا شاہکار نمونہ جسے توجہ کا مرکز ہونا چاہئے اور اور بہتر رہنمائی ہونی چاہئے لیکن افسوس وہ اپنے اطراف میں بھی پہچان سے محروم ہے جسکا پتہ وہاں کہ علاقہ مکین کی لاعلمی سے ہوا ۔۳۰ سال سے رہائش پزیر اشرف کا کہنا ہے کہ : یہ ایک صرف عمارت ہے جو مختلف لوگو ں کے قبضے میں رہ چکی ہے ۔


۵۸ سالوں سے رہائش پزیر محمد یوسف کا کہنا ہے کہ : یہ عمارت ہندو طریقت کی بہترین مثال ہے کیونکہ ہندووں کی یہ روایت ہے کہ وہ کوئی عمارت یا دھرم شالاضرور تعمیر کرتے ہیں جو کہ انسانی فلاح کے کام آتی ہے۔مکھی محل بھی بے آسرا اور مسافر لوگوں کے ٹہرنے کے لیے بہترین ٹھکانا تھا خاص کر کہ ہندو وہاں رات گزارتے اور صبح اپنی منزل کی جانب بڑھ جاتے ۔
اب مکھی محل کو سندھ حکومت نے قبضہ میں لے کر اسے میوزیم بنا دیا ہے جس کے افتتاح پر سندھ حکومت کے سربراہان نے بھی شرکت کی۔ 

Practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi, Department of Media & Communication Studies, University of Sindh

Thursday, 21 January 2016

Revised Old temple of Hyderabad

Revised version . There should be paragraphs. In fotos write should not be shown.


حيدرآباد شهر شهرين جي رهائش وارين عمارتن سان گڏ قديمي مندر به موجود آهن، هندو برادري جون اهي عبادتگاهون عيسائين لاءِ چرچ ۽ سکن لاءِ گردوارا قائم دائم آهن، جتي الڳ الڳ مذهبن جا ماڻهو عبادت ڪن ٿا، هن شهر ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو ڀائيچاري سان گڏجي رهندا پيا اچن، شهر جي ڳتيل آبادي ۾ قديمي مندرن جي هٿ چراندا نه ڪئي وئي آهي، جتي هندو برادري هندو رسمن موجب مندرن ۾ پهچي آساني سان عبادت ڪندي آهي. ڀارت ۾ بابري مسجد جي واقعي بعد حيدرآباد جي قديمي ٻين مذهبن جي عبادتن گاهن تي گهرا اثر ڇڏيا هئا، اڄ به متاثر مندر حيدرآباد جي ڳتيل آبادي ۾ موجود آهن. جيتوڻيڪ هندو برادري جا مندر ٻئي صورت اختيار ڪري ويا آهن، جتي ماڻهن گهر ٺاهي رهڻ به لڳا آهن. شهر ۾ هوئن ته 16 کان مندر آهن پر 4 کن قديمي مندر آهن، جيتوڻيڪ تازو جوڙيل سوين مندر پوڄا پاٽ لاءِ موجود آهن. پراڻا مندر هڪ ۽ ٻه صدي جي عمر رکن ٿا، جتي اڌ صدي اڳ ٻيهر مرمت به ڪئي وئي. سمورن مندرن ۾ شيو جي پوڄا لاءِ لنگ پيل آهي، جتي کير جي پوڄا ڪئي ويندي آهي، نانگ ۽ کير جو لاڳاپو ڏيکاري ويندو آهي. اهڙي ريت ٽنڊو ولي محمد ۾ موجود قديمي مندر هڪ ڪوٽي نما جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، جتي انگلش اکرن ۾ مندر بابت معلومات لکيل آهي، اتي مندر جو سن 1895 لکيل آهي، هن مندر جي ٻيهر 1945ع ۾ مرمت ڪئي وئي. هن مندر جي سارسنڀال ڪندڙ پوڄاري ڪرشن آهي، جيڪو ڀارت ۾ اچي آباد ٿيو، هتي شيون جي نانگ جي پوڄا لاءِ کير وافر مقدار ۾ ايندو آهي، پوڄاري جي مددگار اهو کير چانهه ٺاهڻ ۽ پيئڻ لاءِ استعمال آڻيندي آهن. هن مندر ۾ صفائي سٿرائي جا انتظام نه هجڻ سبب بدبوءِ محسوس ڪئي وئي، پوڄاري ٻڌايو ته هي بدبو کير جي آهي، حيدرآباد ۾ مندرن تي شيو جا نانگ ٽامي ۽ پتل مان ٺهيل آهن پر ٽنڊو ولي محمد جي مندر جي جيئرو نانگ ويٺل هو، جيڪو اڃا وڏو پئي ٿيو. لڳي هو ته پوڄاري ٻاهران نانگ کڻي آندو هو جڏهن ته عقيدت جي لحاظ کان ٻڌايو ويو ته صحافي خوشنصيب آهيو، اوهان شيو جي پوڄا ۾ نانگ جي زيارت ڪئي آهي. هن مندر ۾ پوڄاري ڪوٺي ٺاهي رهندو به آهي. اڳ ۾ هن مندر جي وڏي ايراضي هئي. جتي ماڻهن قبضا ڪري فليٽ ٺاهي ڇڏيا آهن. هن مندر جي هيٺ دڪان به قبضي هيٺ اچي ويو آهي. هي قديمي مندر اوقاف کاتي جي نظرن کان اوجهل آهي. هتي آس پاس جا ديوان ۽ ٻيون هندو برادريون پوڄا لاءِ نذرانو ڏيڻ سان گڏ فروٽ ۽ کير رکي ويندا آهن. هن مندر جيترو قديمي مندر سائيٽ ايريا ۾ ڪالي ماتا جي نالي سان موجود آهي. هي مندر گنجي ٽڪر جي جبل ۾ کوٽي ٺاهيو ويو آهي، جبل جي غار به موجود آهي، اها غار ڀٽ ڌڻي شاهه عبداللطيف سان منسوب آهي. هن مندر جي سارسنڀال ڪندڙ شيوا منڊلي تنظيم جي اڳواڻن موجب ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه هنگلاج پنڌ ڪرڻ کان اڳ هن مند هنڌ تي غار ٺاهي 40 ڏينهن جو چلو ڪاٽيو، جيڪا نشاني مندر جي ڀر ۾ اڄ به موجود آهي، جتي ننڍيون مورتيون عبادت لاءِ پيل آهن. هن مندر تي شرپسندن حملو ڪري مورتين کي باهه ڏني هئي. جنهن جو نامعلوم ماڻهن تي ڪيس به داخل ڪيو ويو. جڏهن ته مندر جي پلاٽ تي پ پ اڳواڻ پاران قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ڪري پ پ اڳواڻ جي مندر جي ٿورن سان بنيادي ميمبرشب به معطل ٿي چڪي آهي. حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ هندو برادري جو شيران والي وارو مندر موجود آهي. جتي 10 محرم الحرام تي ميلو به لڳندو آهي. ميلي ۾ شيڊول ڪاسٽ سان هزارين ياتري پهچي عبادت ڪندا آهن. هن ڀيري محرم جي عقيدت ۾ 10 محرم بدران ٻئي تاريخ تي لڳايو، هن مندر ۾ ڀارت جي هڪ مندر جي تسلسل ۾ هون جي باهه ٻاري پوڄا ڪئي ويندي آهي. ان باهه لاءِ مشهور آهي ته ڀارت جي شهر جولا ۾ هڪ جبل ۾ مغل دور کان باهه ٻرندي رهي ٿي. سائنسدانن پاران تجربا ڪرڻ باوجود باهه جي ٻرڻ جا سبب نه ڳولي سگهيا آهن. اها ڳالهه باهه ٻاري ويٺل مهاراج ڀڳت رتن لال ٻڌائي هئي. حيدرآباد شهر جا قديمي مندر هڪ ماضي جي رسمن کي به ياد ڪن ٿا. مندرن سان گڏ گردوارا به قائم ٿيل آهن، جيڪي هاڻ شڪل مٽائي ويا آهن، فقير جي پڙ ۾ قائم قديمي مندر ۾ شهرين رهائش اختيار ڪئي آهي. جيڪي هندوستان مان لڏي هتي آيا هئا، اهي مندر ۾ نماز به ادا ڪندا آهن. هن مندر جي ڀر ۾ سنڌ هيوميو پيٿڪ ڪاليج جي عمارت قائم آهي. جتي اڳ ۾ سکن جو گردوارو هوندو هو. جتي هاڻ لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، گهر ۾ تبديل ٿيل مندر ۾ کائڻ پيئڻ جا ٺڪر ۽ بسترا آهن، مندر جي هڪ احاطي ۾ پٿر جو مورتيون موجود آهي، جن کي نقصان رسائڻ بدران ساڳئي حالت ۾ برقرار آهن. اهڙن قديمي مندرن جو ڪم ڪاشي ۽ سنگ مرمر جي پٿر سان ڪيو ويو آهي. اهڙن مندر ۾ گهرن جي نشاندهي باوجود حڪومت تحرڪ به ورتو آهي. اهڙي طرح ڦليلي ۾ مندر جا آثار باقي آهي پر هندوستان کان لڏي آيل ڪٽنب  آباد آهي. حيدرآباد جي سونارڪي بازار ۾ مندر تي ٻن ڀائرن قبضو ڪري ورتو آهي. هن مندر ۾ عبادت ڪرڻ بند ٿي وئي آهي. هن مندر ۾ سنگ مرمر ۽ قميتي پٿر سان ڪم ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ٽاور مارڪيٽ جي مندر کي ڪٻاڙ خاني ۾ تبديل ڪيو آهي. اهڙن مندر جي بحالي لاءِ سرڪار اکيون نه پٽيون آهن. حيدرآباد جي بازار حسن سري گهاٽ لڳ سوچي پاڙي ۾ هڪ راما پير جو مندر آهي. جنهن کي پوڄارين بهتر حالت ۾ رکيو آهي، جنهن کي عبات جي وقت کولي وري تالو هنيو ويندو آهي. راما پير جو ٻيو مندر سري گهاٽ ۾ موجود دڪانن جي وچ ۾ آهي. جيڪو قديمي مندر آهي. هن مندر کي بابري مسجد جي واقعي بعد ڊاهيو ويو، جيڪو وري تعمير ٿيو، هتي راما پير جون 5 کان وڏيڪ مورتيون رکيل آهن، هن مندر کان اڳتي 400 فٽ تي بابا گروناڪ سان منسوب گردوارو مندر آهي، جنهن کي گرنٿ مندر به سڏيو ويندو آهي. هي مندر اوقاف کاتي جي نگراني ۾ آهي. جتي مهاراج جيوت مقرر ٿيل آهن. هن مندر ۾ شيو جو ناگ وارو پٿر هڪ صدي کان زير زمين اڀريل آهي، ساڳئي وقت گذريل 25 سالن کان چمني به ٻرندي آهي.

Referred back

حيدرآباد شهر شهرين جي رهائش وارين عمارتن سان گڏ قديمي115%;"آهن، هندو برادري جون اهي عبادتگاهون قديمي دور
 کان سڃاڻپ رکندڙ آهن. شهر جي ڳتيل آبادي ۾ قديمي مندرن جي هٿ چراندا نه ڪئي وئي آهي، جتي هندو برادري هندو رسمن موجب مندرن ۾ پهچي آساني سان عبادت ڪندي آهي. ڀارت ۾ بابري مسجد جي واقعي بعد حيدرآباد جي قديمي ٻين مذهبن جي عبادتن گاهن تي گهرا اثر ڇڏيا هئا، اڄ به متاثر مندر حيدرآباد جي ڳتيل آبادي ۾ موجود آهن. جيتوڻيڪ هندو برادري جا مندر ٻئي صورت اختيار ڪري ويا آهن، جتي ماڻهن گهر ٺاهي رهڻ به شروع ڪيا آهن. شهر ۾ هوئن ته 16 کن قديمي مندر آهن پر 4 کن وڌيڪ قديمي آهن، جيتوڻيڪ تازو جوڙيل سوين مندر پوڄا پاٽ لاءِ موجود آهن. پراڻا مندر هڪ ۽ ٻه صدي جي عمر رکن ٿا، جتي اڌ صدي اڳ ٻيهر مرمت به ڪئي وئي. سمورن مندرن ۾ شيو جي پوڄا لاءِ لنگ پيل آهي، جتي کير جي پوڄا ڪئي ويندي آهي، نانگ ۽ کير جو لاڳاپو ڏيکاريو ويندو آهي. اهڙي ريت ٽنڊو ولي محمد ۾ موجود قديمي مندر هڪ ڪوٺي نما جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، جتي انگلش اکرن ۾ مندر بابت معلومات لکيل آهي، اتي مندر جو سن 1895ع لکيل آهي، هن مندر جي ٻيهر 1945ع ۾ مرمت ڪئي وئي. هن مندر جي سارسنڀال ڪندڙ پوڄاري ڪرشن آهي، جيڪو ڀارت ۾ اچي آباد ٿيو، هتي شيون جي نانگ جي پوڄا لاءِ کير وافر مقدار ۾ ايندو آهي، پوڄاري جي مددگار اهو کير چانهه ٺاهڻ ۽ پيئڻ لاءِ استعمال آڻيندي آهن. هن مندر ۾ صفائي سٿرائي جا انتظام نه هجڻ سبب بدبوءِ محسوس ڪئي وئي، پوڄاري ٻڌايو ته هي بدبو کير جي آهي، حيدرآباد ۾ مندرن تي شيو جا نانگ ٽامي ۽ پتل مان ٺهيل آهن پر ٽنڊو ولي محمد جي مندر جي جيئرو نانگ ويٺل هو، جيڪو اڃا وڏو پئي ٿيو. لڳي هو ته پوڄاري ٻاهران نانگ کڻي آندو هو جڏهن ته عقيدت جي لحاظ کان ٻڌايو ويو ته صحافي خوشنصيب آهيو، اوهان شيو جي پوڄا ۾ نانگ جي زيارت ڪئي آهي. هن مندر ۾ پوڄاري ڪوٺي ٺاهي رهندو به آهي. اڳ ۾ هن مندر جي وڏي ايراضي هئي. جتي ماڻهن قبضا ڪري فليٽ ٺاهي ڇڏيا آهن. هن مندر جي هيٺ دڪان به قبضي هيٺ اچي ويو آهي. هي قديمي مندر اوقاف کاتي جي نظرن کان اوجهل آهي. هتي آس پاس جا ديوان ۽ ٻيون هندو برادريون پوڄا لاءِ نذرانو ڏيڻ سان گڏ فروٽ ۽ کير رکي ويندا آهن. هن مندر جيترو قديمي مندر سائيٽ ايريا ۾ ڪالي ماتا مندر جي نالي سان قائم آهي. هي مندر گنجي ٽڪر جي جبل ۾ کوٽي ٺاهيو ويو آهي، جبل جي غار به موجود آهي، اها غار ڀٽ ڌڻي شاهه عبداللطيف سان منسوب آهي. هن مندر جي سارسنڀال ڪندڙ شيوا منڊلي تنظيم جي اڳواڻن موجب ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه هنگلاج پنڌ ڪرڻ کان اڳ هن مند هنڌ تي غار ٺاهي 40 ڏينهن جو چلو ڪاٽيو، جيڪا نشاني مندر جي ڀر ۾ اڄ به موجود آهي، جتي ننڍيون مورتيون عبادت لاءِ پيل آهن. هن مندر تي شرپسندن حملو ڪري مورتين کي باهه ڏني هئي. جنهن جو نامعلوم ماڻهن تي ڪيس به داخل ڪيو ويو. حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ هندو برادري جو شيران والي وارو مندر موجود آهي. جتي 10 محرم الحرام تي ميلو به لڳندو آهي. ميلي ۾ شيڊول ڪاسٽ سان هزارين ياتري پهچي عبادت ڪندا آهن. هن ڀيري محرم جي عقيدت ۾ 10 محرم بدران ٻئي تاريخ تي لڳايو، هن مندر ۾ ڀارت جي هڪ مندر جي تسلسل ۾ هون جي باهه ٻاري پوڄا ڪئي ويندي آهي. ان باهه لاءِ مشهور آهي ته ڀارت جي شهر جولا ۾ هڪ جبل ۾ مغل دور کان باهه ٻرندي رهي ٿي. سائنسدانن پاران تجربا ڪرڻ باوجود باهه جي ٻرڻ جا سبب نه ڳولي سگهيا آهن. اها ڳالهه باهه ٻاري ويٺل مهاراج ڀڳت رتن لال ٻڌائي هئي. حيدرآباد شهر جا قديمي مندر هڪ ماضي جي رسمن کي به ياد ڪن ٿا. مندرن سان گڏ گردوارا به قائم ٿيل آهن، جيڪي هاڻ شڪل مٽائي ويا آهن، فقير جي پڙ ۾ قائم قديمي مندر ۾ شهرين رهائش اختيار ڪئي آهي. جيڪي هندوستان مان لڏي هتي آيا هئا، اهي مندر ۾ نماز به ادا ڪندا آهن. هن مندر جي ڀر ۾ سنڌ هيوميو پيٿڪ ڪاليج جي عمارت قائم آهي. جتي اڳ ۾ سکن جو گردوارو هوندو هو. جتي هاڻ لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، گهر ۾ تبديل ٿيل مندر ۾ کائڻ پيئڻ جا ٺڪر ۽ بسترا آهن، مندر جي هڪ احاطي ۾ پٿر جو مورتيون موجود آهي، جن کي نقصان رسائڻ بدران ساڳئي حالت ۾ برقرار آهن. اهڙن قديمي مندرن جو ڪم ڪاشي ۽ سنگ مرمر جي پٿر سان ڪيو ويو آهي. اهڙن مندر ۾ گهرن جي نشاندهي باوجود حڪومت تحرڪ به ورتو آهي. اهڙي طرح ڦليلي ۾ مندر جا آثار باقي آهي پر هندوستان کان لڏي آيل ڪٽنب آباد آهي. حيدرآباد جي سونارڪي بازار ۾ مندر تي ٻن ڀائرن قبضو ڪري ورتو آهي. هن مندر ۾ عبادت ڪرڻ بند ٿي وئي آهي. هن مندر ۾ سنگ مرمر ۽ قميتي پٿر سان ڪم ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ٽاور مارڪيٽ جي مندر کي ڪٻاڙ خاني ۾ تبديل ڪيو آهي. اهڙن مندر جي بحالي لاءِ سرڪار اکيون نه پٽيون آهن. حيدرآباد جي بازار حسن سري گهاٽ لڳ سوچي پاڙي ۾ هڪ راما پير جو مندر آهي. جنهن کي پوڄارين بهتر حالت ۾ رکيو آهي، جنهن کي عبات جي وقت کولي وري تالو هنيو ويندو آهي. راما پير جو ٻيو مندر سري گهاٽ ۾ موجود دڪانن جي وچ ۾ آهي. جيڪو قديمي مندر آهي. هن مندر کي بابري مسجد جي واقعي بعد ڊاهيو ويو، جيڪو وري تعمير ٿيو، هتي راما پير جون 5 کان وڏيڪ مورتيون رکيل آهن، هن مندر کان اڳتي 400 فٽ تي بابا گروناڪ سان منسوب گردوارو مندر آهي، جنهن کي گرنٿ مندر به سڏيو ويندو آهي. هي مندر اوقاف کاتي جي نگراني ۾ آهي. جتي مهاراج جيوت مقرر ٿيل آهن. هن مندر ۾ شيو جو ناگ وارو پٿر هڪ صدي کان زير زمين اڀريل آهي، ساڳئي وقت گذريل 25 سالن کان چمني به ٻرندي آهي

Wednesday, 20 January 2016

Roopa Marri روپا ماڙي

رميز لاکو


رولنمبر  2k14/mc79
بي ايس پارٽ 3
فيچر رائيٽنگ ؛ روپا ماڙي
روپا ماڙي
سنڌ جي تاريخ ۾ حڪومتي ڪهاڻيون ڪيتريون ئي پراڻيون آهن سنڌ ۾ ڪيترائي دور ۽ حڪومتون آيون آهن جنهن مان هڪ تاريخ جوڳو دور سومرن جو دور آهي ۽ انهي دور ۾ انهن حڪمرانن جا چرچا هلندا آيا آهن ۽ اچن پيا جيڪي سنڌي قوم کي بهادري جو درس ڏين ٿا.
سنڌ ۾ سومرن جي دور حڪومت جي ڳاله ڪجي ٿي تـ سڀ کان پهرين دودو پهنجي بهادري جو مثال ڏئي تاريخ ۾ پهنجي ڳڻپ ڪرائي ٿو ۽ جنهن کان پوءِ چنيسر ب مهنجي شموليت سنڌ جي حڪمرانن ۾ پاڻ ڪرائي ٿو. سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت جتي انهن حڪمرانن جا ئي چرچا ڳڻيا ويندا آهن.
انهن حڪمرانن جي مزار روپا ماڙي آهي جيڪا پهنجي قديمي حيثيت رکي ٿي . روپا ماڙِي جيڪا بدين شهر کان 42 ڪلو ميٽر جي فاصلي رڻ جي ڪڇ تي ٻڌل آهي.
دودو ۽ چنيسر جو تربتون هن مزار ۾ واقع آهن ۽ اهي تربتون ان ماڙي ۾ ڪاٺين جي ڇت هيٺ وڏي خوبصورتي سان سجايل آهن ۽ هن کي هڪ خوبصورت ماڙي جيان وڏو مٽي جو دڙو آهي ۽ هن ماڙي ۾ مٽي جو شيون پکيڙيون پيون آهن اسان کي هن وسريل جڳه روپا ماڙي جي ياد ڏيارين ٿيون جيڪا  گھمڻ کان پوءِ ائين محسوس ڪرائي ٿي تـ ان کي وسارڻ هڪ بيوقفي آهي.  
روپاماڙي اها جڳھ آهي جتي سنڌ طوري ٻين صوبن مان ماڻهون پهنجون مرادون کڻي ايندا آهن ۽ هي جڳھ گھمڻ لاءِ ان کي دلچسپي واري انداز ۾ وٺندا آهن.
روپا ماڙي جتي هر سال تفريحي سرگرميون ٿينديون رهن ٿيون ۽ ڪيترن ئي علائقن مان ماڻهو هتي ايندا آهن ۽ ڪيترا ئي فنڪار پهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن ڪي ماڻهو تـ وري پهنجي وڏن حاڪمن کي ڏيڻ جي نيت سان انيڪ تحفـ کڻي ايندا آهن ۽ اتي جي غريبن ۾ تقسيم ڪندا آهن. روپا ماڙي سنڌ جي ضلعي بدين جي اها واحد مزار آهي جيڪا پهنجي سادگي سان گڏ هر سال وڏو ميڙاڪ ڪرڻ جو اعزاز رکي ٿي.
روپا ماڙي جتي سوره سنڌ شهيد سلطان دودي سومري جو ساليانو عرس 3 ڏيهن لڳاتار هلندو آهي هن عرس کي ميلي وانگر ڏٺو ويندو آهي ان جي ڪري جو اتي ڪافي ميلي وارين شين سان گڏ ثقافتي رنگن جون جھلڪيون بـ ڏسڻ ۾ اينديون آهن.
هن عرس ۾ سڀ کان پهرين قرآن خواني ڪرائيندا آهن پوءِ مزارن تي کڻي آيل چادرون چڙهايون وينديون آهن ۽ جنهن کان بعد ۾ سومرا برادري آپس ۾ ميٽنگ ڪندا آهن ۽ پوءِ صوفياڻيون محفلون لڳايون وينديون آهن مشاعره بــ ٿيندا آهن  تـ مقالا بـ ٿيندا آهن ڪچهريون بـ ٿينديون آهن ۽ ادبي محفلون ب ٿينديون آهن ان کان علاوه ملھ جا مقابلا بـ ٿيندا آهن گهوڙن ۽ ڏاندن جو ڊوڙون بـ ڏسڻ ۾ اينديون آهن ايراني سرڪس رانديڪن جي بازار ميجڪ شو ۽ ٻيا ثقافتي پروگرام منعقد ڪيا ويندا آهن  ۽ جنهن جي ڪري ئي روپا ماڙي کي اها حيثيت انهن جي پوءِ لڳن جي ان محنت جي ڪري ملي رهي آهي.
جڏهن اسان سنڌ جي بهترين دورن جي ڳالھ ڪنداسين تـ ٽالپر ، ڪلهوڙن ۽ سومرن جا دور اسان کي نمايان نظر ايندا ۽ سومرن جي دور جا اهي سورما دودو ۽ چنيسر ياد ايندا جڏهن اسان انهن جي بهادري وارن قصن کي ٻڌندا آهيون تـ اسان کي ان جي مزار گھمڻ جي چاھ وڌندي آهي پر اسن جڏهن ان جاءِ تي وينداسين تـ اسان کي ان جي حالت ڏسي تمام گھڻو قياص ٿيندو.
محترم نصرالله سومرو جيڪو روپا ماڙي ۾ ٿيندڙ عرس سنڀاليندو آهي ۽ اتي جا مرمتي ڪم سرانجام ڏيندو آهي ان جو چوڻ هو تـ روپا ماڙي جيڪا پهنجي تاريخ ۽ خوبصورتي جو بهترين مثال آهي ۽ اهو ان ۾ موجود بهادر حڪمران دودي جي مزار جي ڪري آهي سڄي سنڌ مان ماڻهو سندن زيارت ڪرڻ ايندا آهن هن جو وڌيڪ چوڻ هو تـ روپا ماڙي جيڪا هڃر سرڪار جي نا اهلي جي ڪري خراب حالت ۾ آهي. جڏهن هي عرس ٿيندو آهي تـ اتي جا مڪامي ماڻهو پهنجو ذاتي خرچ لڳائيندا آهن تنهن باوجود بـ اتي سڄي سنڌ مان آيل ماڻهو تمام گھڻو پريشاني جو شڪار ٿيندا آهن پر اگر سنڌ حڪومت پهنجي بهادر حڪمرانن جي ڪري ئي ان تاريخي جڳھ جي باري ۾ ٿوڙي نظر بـ ڪري تـ هي جڳھ سڄي سنڌ ۾ نـ پر ملڪ ۾ مِشهور ٿي ويندي  محترم جو چوڻ هو تـ اتي جا بزرگ جڏهن پري پري کان مزار جي زيارت ڪرڻ ايندا آهن تـ سهولتون نـ هئڻ ڪري تمام گھڻو پريشان ٿيندا آهن ۽ الگ نظام نـ هئڻ ڪري عورتون ۽ ٻار بـ صحيح طريقي سان تفريحي مزو نـ وٺي سگهندا آهن.
روپاماڙي لڳ ڪجھ آبادي ۾ بزرگن جو چوڻ هئو تـ روپا ماڙي جيڪا دودو ۽ چنيسر جي پهچان آهي ۽ تنهن زماني ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڀلائي خاطر انهن ڪيترائي ڪم ڪيا ۽ انهي عوام جي مستقبل جي بهتري لاءِ خزانو بـ رکيو پر اڄ حڪومت جي سئين سڌي ناهلي چئجي يا لاپرواهي چئجي جو هڪ تـ ان جي حالت خراب لڳي پئي آهي ۽ ٻيو ان ۾ کنڊرات پئجي رهيا آهن جيڪو سنڌ واسين جو حق آهي. هن وڌيڪ چيو تـ اسان جي حڪومت چاهي ڪيترو بـ نظر انداز ڪري پر هو ائين نـ سمجھي تـ انهن جي نظر انداز ڪرڻ سان اسان جي دل مان بـ اها جڳھ نڪري ويندي پر دراصل اسان جي دل ۾ وڌيڪ جذبو پيدا ثي رهيو آهي ۽ پهنجي مدد پاڻ تحت اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون.
روپا ماڙي سنڌ جي مشهور حڪومت جي حڪمرانن دودو ۽ چنيسر جنهن جا بهادري جا قصا اڄ بـ ماڻهن جي واتان ٻڌا ويندا آهن پر جڏهن اسان جي نظر ان زبون ٿيل مزار تي پوندي تـ دلي طرح سان ڏک رسندو. 
روپا ماڙي جيڪا پهنجي قديمي حيثيت رکي ٿي اڄ حڪومت جي نظر اندازي جي ڪري ان ۾ کنڊرات ۽ چوريون ٿين ٿيون ۽ هن جڳھ جي حالت زبوني ڏسجي ٿي اتي جي مڪامي ماڻهن کان پڇيو ويو تـ هو اڪثر اها ئي شڪايت ڪندا رهن ٿا تـ حڪومت پهنجي عملن ۾ سچائي ڏيکاري تـ هي روپا ماڙي اهڙي جڳه ٿي وڃي جو ن جڳھ جي هاڪ هر هنڌ ٿي ويندي .
حڪومت کي گھرجي تـ سنڌ جي تاريخ وڃائڻ نـ ڏئي صرف سنڌ جي تاريخ ئي بچي آهي جيڪا سنڌ کي تاريخي ڳڻپ ۾ شمار ڪري ٿي روپا ماڙي تـ پوءِ لڳن جي ڪري ڏسڻ جهڙي رهي آهي پر اگر سنڌ حڪومت جي حالت اها رهي تـ نيٺ سنڌ پهنجي تاريخ جا پنا وساري ويهندي

ڪاڇي جو واڻ



ڪاڇي جو واڻ
فيچر
ممتاز علي جمالي
2k14-Mc-159
جوهي کان وٺي واهي تائين، واهي کان وٺي ٽندو رحيم خان، ۽ ٽنڊو رحيم خان کان وٺي ڇني، شاهسڻ، منڇر ، جوهي تائين. انهي وچ واري علائقي کي ڪاڇو چيو ويندو آهي، اهو علائقو تقريبن غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي بثر ڪري رهيو آهي، انهن ڪري کاڇي جا ماڻهون نـه بلڪـه غريب آهن بلڪـه ساده سٻاجهڙا ۽ محنت ڪش بـه آهن.                                                                      
                            ڪاڇي جي ٻين شئين جيان واڻ بـه پوري سنڌ توڙي ملڪـه ۾ مشهور آهي.
واڻ جبل ۾ ٿيندڙ قدرتي فصل ڦيش مان ٺهندو آهي. ڦيش جا بـه ڪجهـه قسم آهن هڪڙو مادو ٻيو نر،  نر جا پن اڇا ۽ ننڍا هوندا آهن، ۽ مادي ڦيش جا پن وڏا ۽ ساوه هوندا آهن، ڦيش لابارو ڪري ڪٽي ويندي آهي بعد ۾  ڦيش کي سڪائڻ لاءِ کولي ميدان ۾ يا گهرن جي ڇتن تي رکي ويندي آهي، جڏهن اها ڦيش سڪي ويندي آهي تـه ان کي هيٺ لاهي ان ۾ غير ضروري   ڦيش جي پنن کي الڳ ڪيو ويندو آهي، ۽ بعد ۾ ان  کي هڪ هڪ پن ڪري الڳ الڳ ڪيو ويندو آهي.
                        ڪجهـه ڪاريگر پاڻ ڦيش سڪائي ڪري پاڻ واڻ ٺاهيندا آهن مگر ڪجهـه وري مارڪيٽ مان وٺي ايندا آهن، اهو ڦيش مارڪيٽ ۾ اُٺن جي زريعي پهچائي ويندي آهي.
واڻ جي ٺاهڻ جي ڪم کي 7 مڙسي ڪم بـه چيو ويندو آهي ڇا ڪاڻ جو واڻ ٺاهڻ دوران 7 عمل ڪيا ويندا آهن، سڀ کان پهريان ڪاريگر ڦيش جي پنن کي الڳ ڪندا آهن  اگر ان دوُران ڪو  پن ڦيش جو ڪسو نڪرندو آهي تـه ان کي الڳ ڪندا آهن جيئن واڻ مضبوط ٺهي، ٻيو مرحلو پن ڦيش جا الڳ ڪرڻ بعد مٺ تي پن جهلي ان کي هيٺ پٿر  رکي ڪري مٿي ڪاٺ جي مڳلي سان ڪٽيندا آهن، جڏهن انهي ڦيش جا پن ڪُٽي  نرم ٿي ويندا آهن تـه ٽين مرحلي ۾ ان کي  پاڻي ۾ وجهندا آهن، جئين ڦيش
جا پن نرم ٿين ۽ وٽڻ ۾ اچن.
                    ڦيش کي ڪڏهن 12 ڪلاڪ تـه ڪڏهن 6 ڪلاڪ پاڻي ۾ وجهندا آهن، اگر نر ڦيش آهي تـه اهو جهٽ ۾ پاڻي ۾ نرم ڪپهـه جهڙي ٿي ويندي آهي، مگر مادي آهي تـه انهي کي گهڻي وقت تائين پاڻي ۾ رکندا آهن، چوٿون مرحلو اهم مرحلو ۽ تڪليف دا هوندو آهي، ان مرحلي ۾ ڦيش کي پاڻي مان ڪڍي ڪري پوءِ ان کي هٿ سان وٽڻ شروع ڪندا آهن، ۽ واڻ ٺاهڻ جو ڪم ڪاڇي وارا 12 مهينـا ئي ڪندا آهن، ڪڏهن سرد راتن ۾ بـه  ٿڌي ڦيش کي پاڻي مان ڪڍي بـه وٽندا آهن. ان کان پوءِ 100 يا 150 ميٽر جا نوڙا ٺاهيندا آهن، انهي کي ڪاڇي جي واڻ ڪاريگر ڪورڙ يا ڪنهن ڪنهن ڳوٺ ۾ نوڙي بـه چوندا آهن ، ڪورڙ جو مطلب تـه ڪچو واڻ، ان ڪورڙ جا 20 کان 30 ويٽا يا نوڙا ٺاهيندا آهن پوءِ ان کي وري  پاڻي ۾ رکي ڇڏيندا آهن. پنجين مرحلي ۾ ان نوڙي جا ٻـه پاسا قل ۾ ڦسائي ڪري واڻ وٽيندا آهن، جنهن سان نوڙي واڻ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، اڪثر ڪري ڪاريگر واڻ جي وزن وڌائڻ لاءِ ان دوُران مٽي بـه وجهندا آهن، جنهن سان نـه صرف واڻ جو وزن وڌندو آهي بلڪــه ان جو رنگ بـه مٽي وانگي اڇو ٿيندو آهي،
ڇهين مرحلي ۾ ان واڻ کي ڪل مان ڪڍي ڪري ديوي جي وڻ ڪنڊي جي وڻ يا نم جي وڻ سان رهڙيندا آهن جيئن واڻ صاف ٿي وڃي.
                  هن عمل جو آخري مرحلو تمام زبردست ۽ دلڪش هوندو آهي، اهي ڪاريگر واڻ کي هڪ گل وانگي نوڙي ۾  ٻڌندا آهن، جنهن جو وزن اڌ ڪلو کان 3 پاءَ ٿيندو آهي، جڏهن اهي گل جهڙا واڻ جو نوڙا ٺهندا آهن تـه پوءِ نـه صرف واپاري کي اهو واڻ وڻندو آهي بلڪـه اهو واڻ گهڻي عرصي تائين محفوظ بـه پڻ رهندو آهي.
اهو واڻ تقريبن هر شهر ۾ ويندو آهي، اهو واڻ کٽ ۾ ڪرسي ، ۽ ٻين شين ۾ استعمال ۾ ايندو آهي.  


                       اهو عمل ڊگهو ضرور آهي  پر ڪاڇي جو عورتون هر ڪم لاءِ هڪڙو الڳ الڳ ڏينهن رکنديون آهن، جهڙوڪ ڦيش ڪٽڻ جو الڳ ڏينهن رکنديون آهن، ڦيش وٽڻ کي الڳ ڏينهن ڏينديون آهن.
                      اڪثر ڪري ڳوٺ جون عورتون اهو سڄو عمل گڏجي ڪنديون آهن، اهي سڀ ڳوٺ جون مايون هڪ وڻ جي هيٺيان ويهي پنهنجا سور سلينديون بـه آهن ۽  مذاق گلا ڪچهري بـه ڪنديون آهن. ڳوٺ جون اهي عورتون پنهنجي گهر جو چلهو انهي واڻ جي آمدني مان هلائينديون آهن، مائي باڊي جنهن کي واڻ ٺاهيندي 60 سال ٿيا آهن هن چيو تـه اهو ڪم اسان جي ابن ڏاڏن کان هلندو ٿو اچي ۽ اسان جو گذر سفر بـه انهي واڻ مان ٿيندو آهي. مگر سوفا سيٽ اچڻ ۽ ڦيش جي مهانگائي جي ڪري واڻ جي اهميت ۽ ڪاروبار ڏينهون ڏينهن گهٽجندو ٿو وڃي.

Practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi, Department of Media & Communication Studies, University of Sindh

Tuesday, 19 January 2016

Referred back -food street of Latiabad

This file name is with " Dr Shahid 3". and sent by  bilal rajput. but the writer is waqas, and its feature about Food street. Let me know what it is in fact? This shows non serious attitude towards parctical work  
It is not unit 8 of Hyderabad. 
There are number of language, spelling and proof mistakes. plz correct them and refile it. 
File should be with proper name, if it is revised version that should be mentioned in the file name as well as in the writing piece. otherwise it will not be considered. Try to send thru your own email ID, so that u can get response immediately and properly.  

نا م: محمد وقا ص آرائیں 
رو ل نمبر :  66 



حیدر آباد یو نٹ نمبر ۸ " فو ڈ اسٹریٹ " 
حیدر آباد ، شہر ہے ان زند ہلو گو ں کا جو بھی کسی تفریح و مزہ کے مو قع کو ہا تھ سے جا نے نہیں دیتے جو ہمیشہ تلا ش میں رہتے ہیں ایسے مو قو ں کی ، ایسے ضیا فت و تہو ار کی جس میں کسی بھی قسم کے مزے یا تفریح کا عنصر رہ نہ جا ئے ۔
اور جہا ں با ت آتی ہے کھا نے پینے کی تو حیدر آباد کی عوا م اس میں بھی کسی سے پیچھے نہیں !ایک وقت تھا جب حیدر آباد میں ہو ٹلنگ کے لئے واھر مقدار میں جگہ مو جو د یہ تھیں ۔ تو لو گ چند جگہ ہو ں کا رخ کیا کر تے تھے ۔ جیسے کا کا ک سلا طین ہو ٹل ، منگل بر یا نی ، اور بھی کچھ دیگر دیسی کھا نو ں کے ہو ٹل ، کچھ وقت پہلے یہا ں فاسٹ فو ڈ ، چا ئنیز کھا نو ں کا کو ئی رجھا ن نہیں تھا تو یہا ں کی عوا ن بھی ان کھا نو ں سے کچھ خا ص آشنا نہ تھی ۔
پھر آہستہ آہستہ وقت کے سا تھ کچھ جگہ ہو ں پر اس طر ح کے کھا نو ں کو متعر ف کو وا یا گیا ، جس میں شا مل ہے حیدر آباد کے یو نٹ نمبر ۸ کی فو ڈ اسٹریٹ، 2009 سے شرو ع ہو نے والی یہ اسٹریٹ پہلے تو صر ف 2 سے 3 چھو ٹی کھا نے پینے کی دکا نو ں پر مبنی تھی ، پھر 2009 میں متعر ف ہو ا یو نٹ ۸کی فوڈریسٹرونٹ " فو ڈ ماسٹر " جس کو عوا م کی جا نب سے خو ب پر یرانی حا صل ہو ئی بہےریں ذائقے اور خوش گوار موحو ل نے اس کی ترقی میں چا ر چا ند لگا دیئے ۔
یہ کچھ وقت میں ایک کے بعد ایک بہترین ہو ٹل یہا ں شرو ع ہو نے لگے جو جو حیدر آباد کی شوقین عوا م کے لئے کسی تحفہ سے کم نہ تھا فا ت فاسٹ فو ڈ کے سا تھ ساتھ مزے دار دیسی اور روائتی کھانوں کے ہو ٹل بھی اس اسٹریٹ کو مزید چا ر چا ند لگاتے گئے اور پہلے سے کئی زیا دہ پزیرآئی حاصل کروائی ۔ اب یہا ں حیدر آباد کی عوا م کا جم غضیر ہر وقت مو جو د ہو تا ہے لو گ دور درا ز کی جگہ ہو ں اور شہروں سے اور نئے نئے ذائقو ں سے آشناہو نے دوڑے چلے آتے ہیں ۔ ۸ نمبر کی اس فو ڈ اسٹریٹ کی خا ص با ت یہ ہے کہ چھو ٹے رقبے پر ہو نے کے با وجو د بھی ہر چیز مہیہ ہے ۔
اسٹریٹ کے اسک کو نے پر بنے چائے کے ہو ٹل پر لو گو ں کا مجمو عہ جمع ہو تا ہے ۔ جہا ں لو گ اپنی دن بھر کی تھکن اتار نے چلے آتے ہیں اور بعض اوقا ت چائے کی پیا لی کے سا تھ سا تھ کئی موضوعات پر تبصرے بھی ہو رہے ہو تے ہیں چائے کے ہو ٹل سے تھو ڑا گئے چلیں تو مزے دار مچھلی ، سینڈوچ ، با ر بی کیو ، پیزا اور آئسکریم اور بھی کئی مزے دار ہو ٹلز کی بھر ما ر ہے جہا ں معا شرے کا یرتبضہ زند گی کے زائقو ں کا مزہ لینے آتا ہے ۔ ایک مزدور ے سے لے کر بڑے گھروں کی فیملیز اور بھی کئی بڑے بڑے لو گ تشریف لا تے ہیں اور حید رآباد کے یو نٹ نمبر ۸ کی اس فو ڈاسٹریٹ پر اپنے دوست یا ر اور پیا رو ں کے سا تھ زند گی کے کچھ خو بصو ر ت پل گزار تے ہیں ۔ 

Referred back Gurrr

Referred back again

Feature By Khalid Hussain Shaikh

ڪمند مان ٺهندڙڳڙ                               

پاڪستان هڪ ذريعي ملڪ آهي  پاڪستان جو ستر سيڪڙو عوام جو ڪاروهنوار زراعت سان ئي آهي هاري مختلف قسمن جو اناج اُپائن ٿا. جن ۾ ڪمند به ملڪي پيداوار جي حساب سان هڪ خاص اهميت رکي ٿو. ڪمند جي پيداوار ۾ پاڪستان سال ٻه هزار پندرهه  جي انگن اکرن موجب دنيا جو ڇهون نمبر وڏو ملڪ آهي پاڪستان ۾ خاص ڪري صوبي سنڌ ۾ ڪمند جي سٺي پيداوار ٿئي ٿي جنهن ۾ ضلعو بدين ،نوبشاه، شڪارپور، گهوٽڪي دادو  ۾ پوکيو وڃي ٿو
ڪمند جون به ڪجه جنسون ٿينديون آهن جن ۾ ڳڙالو ڪمند جنهن جو رنگ ڳاڙه سرو ڳنڍيري يا کاڄرو ڪمند جنهن جو رنگ سائو ۽ سائيز ۾ ٿلهو به ٿئي ٿو جيڪو عام طور تي شهرن ۾ کاڌو ۽ رس يعني جوس طور استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ان کان علاوه ڪمند جون ٻيون به ڪجه جنسون ٿين ٿيون.
ڳڙالو ڪمند جيڪو ڳڙ ، کنڊ ، مصري ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ لاءِ ڪم آندو ويندو آهي ڳڙالو ڪمند جي اٺ کان نوَ مهينن جي سار سنڀال کانپوءِ واڍي وارو عمل شروع ڪيو ويندو آهي واڍي جو عملو زمين تي پوکيل ڪمند ۽ واڍي جي تيزي واري حساب سان ڪرايو ويندو آهي.
ڪمند جي واڍي دوران هاري هڪ مشين زمين ۾ هڻندا آهن جنهن کي چيڙو يا چيڇڙو چيو ويندو آهي. اهو چيڙو ڪمند مان ڪڍندڙ رس واري مشين جهڙوهوندو آهي ۽ ان چيڙي ۾ ڏه کان پندرهن فٽن جي هڪ لٺ يا لوهي   سيک ملائي ڪري ان سان اُٺُ ، ڏاند يا گهوڙو جوٽيو ويندو آهي. پر تقريبن اُٺُ ، ڏاند ۽ گهوڙو ڏهه کان ٻارنهه سال اڳ جوٽيو ويندو هيو  هاڻي ان جانور جي جڳه جديد موٽر مشين والاري آهي ڇو جو جديد مشينري جي ذريعي ماڻهون وقت بچائڻ سان گڏوگڏ گهڻو فائدو پڻ حاصل ڪن ٿا  پر ان سڄي عمل کي شروع ڪرڻ کان پهريان ان چيري تي ڪمند جو هڪ وڏو ڍير جمع ڪيو ويندو آهي ۽ ان جانور يا مشين شروع ٿيڻ کانپوءِان ڪمند جي ڍير مان ٻه ماڻهون ان چيڙي ۾ ڪمند وجهندا آهن ڪمند مان نڪرندڙ رس هڪ پائيپ جي ذريعي هڪ تئي ۾ جمع ٿيندي آهي ۽ اتان پوءِ هڪ ٻئي تئي يعني باه تي چاڙهيل تئي ۾ وڍي ويندي آهي اها باه جنهن تي ڪمند جي رس سان ڀريل تئي چاڙهي ويندي آهي اها ان ئي ڪچري يعني ڪمند جي کل مان ٻاري ويندي آهي جيڪا چيڙي مان ڪمند جي رس نڪرڻ کانپوءِ خالي فوڳ واري صورت اختيار ڪندي آهي.
ان باه تي ٻه يا ٽي ڪلاڪ  ٻه سئو سينٽيگرٽ جي باه سان اها ڪمند مان نڪتل رس ڪجه ڪيميڪلن ذريعي هڪ چاش يعني گھاٽي رس واري صورت ۾ بدلائي ويندي آهي ان کانپوءِ ان چاش کي  ٽيهه کان چاليهه منٽن بعد ڪاٺ جي  هڪ پاٽ ۾ان چاش کي لاٿو ويندو آهي ان پاٽ ۾ لاهڻ کانپوءِ چار کان پنج ماڻهن جو عملو ڪجه اوزارن سان گڏائڻ جو عمل شروعس ڪندا آهن جيڪو اندازن ٻه ڪلاڪ جاري هوندو آهي ان کانپوء ِاها چاش کير جي ڏهي واري صورت اختيار  ڪري وٺندي آهي  جنهن کي ڪم ڪندڙ هاري هٿن ۾ کڻي ان کي ڪڻڪ جي اٽي مان ٺهيل چاڻن واري صورت ۾ آڻيندا آهن پر اڃ ڪلهه ان سڀ جي جاءِ هڪ مشين والاري آهي اُهو سڄو ڪم مشينري پئي ڪري ان سڄي عمل کان پوءِ ڳڙ کي  ٻه يا ٽي ڏينهن اُس ۾ سڪائڻ کان پوءِ  مارڪيٽ ۾ ڳڙُ آندو ويندو آهي. جيئن ته ڳڙ جا مختلف ڏهه قسم ٿين ٿا جنهن ۾ اڇو ۽ ڪارو ڳڙ عام آهن ماڻهون پنهنجي کاڌي وارين شين ۾ اڇي ڳڙ کي تمام گهڻي ترجيح ڏين ٿا ڇو جو ڪاري ڳڙ جي ڀيٽ ۾ ان جو ذائقو تمام بهتر ٿئي ٿو ڪارو ڳڙ عام ڪري دوائن ٺاهڻ يا جانورن جي علاج لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي سنڌ ۾ سڀ کان گهڻي مقدار ۾ گڙ جي پيداوار ضلعي بدين ۾ ٿئي ٿي ضلعي بدين ۾ گڙ سڄي سنڌ  ۽ پاڪستان ۾ وڪڻيو  وڃي ٿو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گڙ واپارين جي ذريعي پهنچايو ويندو آهي جنهن ۾ واپاري مختلف ٽرانسپورٽ جهڙوڪ  ٽرڪ ، مزدا ، بس ۽ ٻين گاڏين ذريعي پهچائن ٿا ۽ ننڍا واپاري چنگچي رڪشا گڏه گاڏن ذريعي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين گڙ پهچائيندا آهن سنڌ جي سکر شهر ۾ گڙ جو هڪ بهترين مارڪيٽ آهي جٿي سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جو گڙ آڻي کپايو ويندو آهي   


خالد حسين شيخ                   

     2k14/Mc/154

Referred back Qalandri Ghaar

2nd version - still expert opinion is needed or some secondary data

Feature By Sheeraz Ahmed Solangi


قلندري غار                                        
                       

                                                       
ائين ته سڄي سنڌ  قدرتي وسيلن ۽ ڪرشمن سان مالا مال آهي جنهن ۾ ٺٽي ضلعي ۾ حضرت بلال جي درگاه تي ڪرشما ته  ٻئي پاسي مڪلي واري قبرستان جا عجيب ۽  غريب   منظر اچي وڃن ٿا. . ان سڀني ڪرشمن ۽ منظرن مان سيوهڻ ۾ قلندري غار به هڪ خاصي قسم جو عجيب قدرتي ڪرشمو آهي. قلندري غار  سيوهڻ جي جبلن ۾ هڪ غار آهي جنهن کي قلندري غار جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو  قلندري غار جيڪا سيوهڻ  شهر  کان ڏکڻ  طرف  اٺ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي  ڳوٺ ڀڳو ٽوڙو سيوهڻ جي مين روڊ سان لڳو لڳ  آهي ۽ اهو غار چاليه کان پنجاه سال اڳ ڳولهي لڌو ويو هيو. ان غار جي  ڊيڳه ارڙهن فٽ ۽ ويڪر  ٽيه کان  چاليه فٽ آهي جنهن جي  خاصيت  ِاها آهي ته هن غار ۾ سال جا ٻارهن مهينا ٿڍي هوا لڳندي آهي پر گرمين جا ڏينهن ايندي ئي ان غار مان ايندڙ قدرتي ٿڍي هوا وڌيڪ ٿڍي ۽ پرسڪون بڻجي وڃي ٿي جنهن ۾ علائقي جا ماڻهون گرمين جي ڏينهن ۾ خاص ڪري سيوهڻ شهر جي سٽيل گرم هوا کان بچڻ واسطي  غار ۾ ايندا آهن  ۽ ان غار کي علائقي جي ماڻهن قدرتي ايئر ڪنڊيشن جو نالو ڏنو آهي جتي  ماڻهو پڻ تمام  پري پري کان اها قدرتي ٿڌي هوا جو مزو وٺڻ ايندا آهن جنهن ۾ خاص  ڪري ساوڻ جي جون جولاءِ وارو مهينو اچي وڃن ٿا.
غار سيوهڻ روڊ جي لڳ روڊ کان اٺ  فٽ مٿي آهي .غار جي ٻاهران جڏهن گلشير ڪورار نالي ماڻهون سان اسانجي ملاقات ٿي ته هن  اِهو ٻڌايو ته هو پنهنجي ابن ڏاڏن کان هن غار جي  سنڀال ڪندا پيا اچن ۽ هن وقت هو پاڻ  غار جو هلڪو ڪم ڪار ڪندو آهي ۽  غار جي سار سنڀال ڪندو آهي  غار تي ايندڙن کي چانه پڻ پياري ٿو جنهن جو ڪو به معاوضو نٿو وٺي  غار جي ڀرسان  پڻ هڪ مسجد  ٺهيل آهي جتي غار تي گهمڻ ايندڙ ماڻهون يا رستي جا مسافر نماز ادا ڪندا آهن اها مسجد تقريبن پنجويهه سال اڳ ۾ مولوي عبدالله چنه جن ٺهرائي  ۽ مسجد ۾ پڻ غار جي ٿڌي هوا جو اثر آهي مسجد جي ٻاهران هڪ قبر آهي جيڪا گلشير ڪورار جي چاچي خدمتگار فقير ميهر ڪورار جي آهي  فقير ميهر ڪورار به پنهنجي زندگيءِ ۾ ان غار جي سار سنڀال ڪندو هو ان غار جي مٿان ريل گاڏي جو رستو پڻ آهي جٿان هر گزرندڙ ريل گذر ڪندي آهي غار ۾ ايندڙ قدرتي هوا ڪاٿا ٿي اچي ڪيئن ٿي اچي ان جو ڪوئي به پتو نه لڳائي سگهيو آهي غار ۾ اندر هڪ ننڍڙي سرنگه وڃي ٿي جنهن ۾ اندر تمام گهڻي اونده آهي ۽ ان ۾ اندر وڃڻ تمام مشڪل آهي
غار جي ٻاهران هڪ آستانو آهي جنهن تي غار گهمڻ ايندڙ ماڻهون غار گهمڻ کان پوءِ چانه پڻ پيئن ٿا غار جي ٻاهران ڪجه وڻ به آهن جن ۾ ٻير جو وڻ ۽  هڪ بيدمشق آهي
غار جي صفائي سٿرائي ڪندڙ گلشير ڪورار جو چوڻ آهي ته هتي پاڻي جي ڏاڍي تڪليف آهي ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن لاءِ  پاڻي ڀر واري ڳوٺ مان کڻي اچون ٿا جيڪو ڏه کان پندرهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي  آهي  هن غار ۾ روز اٺ سئو کان هزار ماڻهون گهمڻ اچن ٿا.

شيراز احمد سولنگي
2k14/MC/166




Referred back 
Feature Article by Sheeraz Ahmed Solangi

قلندري غار                                                        

قلندري غار جيڪو سيوهڻ کان ڏکڻ کان 8 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي سيوهڻ جي جابلو ٽڪرين ۾ آهي جيڪا 40 کان 50 سال اڳ ڳولهي لڌي وئي هئي. اهو غار ڊيڳه 18 فٽ ۽ ويڪر 30 کان 40 فٽ آهي جنهن جو ڪمال اهو آهي ته اتي سال جا ٻارهن مهينا ٿڍي هوا لڳندي آهي جنهن کي علائقي جي ماڻهن قدرتي ايئر ڪنڊيشن جو نالو ڏنو آهي جتي ماڻهو تمام گهڻو پري پري کان ايندا آهن جنهن ۾ خاص  ڪري ساوڻ جي جون جولاءِ وارو مهينو اچي وڃن ٿا.
غار سيوهڻ روڊ جي لڳ روڊ کان 8 فٽ مٿي آهي .غار جي ٻاهران غار جي سار سنڀال ڪندڙ گلشير ڪورار جيڪو اتان جو هلڪو ڪم ڪار ڪندو آهي ۽ ايندڙن کي چانه پڻ پياريندو آهي جنهن جي ڪا به چارجز وغيره نه آهي غار جي ڀرسان هڪ مسجد ٺهيل آهي جتي رستي جا مسافر نماز ادا ڪندا آهن اها مسجد مولوي عبدالله چنه جن ٺهرائي هئي ان غار جي مٿان ريل جو رستو پڻ آهي جٿان هر گزرندڙ ريل گذر ڪندي آهي غار ۾ ايندڙ قدرتي هوا ڪاٿا ٿي اچي ڪيئن ٿي اچي ان جو کي ڪو به گولهي نه سگهيو آهي غار ۾ اندر هڪ ننڍڙي سرنگه وڃي ٿي جنهن ۾ اندر تمام گهڻي اونده آهي ۽ ان ۾ اندر وڃڻ تمام مشڪل آهي
غار جي ٻاهران هڪ آستانو آهي جنهن تي غار گهمڻ ايندڙ ماڻهون غار گهمڻ کان پوءِ چانه پڻ پيئن ٿا
غار جي ٻاهران ڪجه وڻ به آهن جن ۾ ٻير جو وڻ ۽  هڪ بيدمشق آهي
غار جي صفائي سٿرائي ڪندڙ گلشير ڪورار جو چوڻ آهي ته هتي پاڻي جي ڏاڍي تڪليف آهي پاڻي ڀر واري ڳوٺ مان کڻي اچن ٿا جيڪو 10 ڪان 15 ڪلوميٽر پري آهي غار ۾ روز اٺ سئو کان هزار گهمڻ اچن ٿا.