Showing posts with label آرٽيڪل. Show all posts
Showing posts with label آرٽيڪل. Show all posts

Monday, 25 April 2016

سوشل ميڊيا معاشري لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي


 سوشل ميڊيا معاشري لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي
اسان جڏهن 20 سال پوئتي نظر وجهنداسين تـ اسان کي نظر ايندو تـ هر هڪ شخص پهنجو وقت ڪتابن ، اخبارن ۽رسالن کي ڏيندو هئو پر هاڻي سمارٽ فون ۾ موجود سوشل سائيٽس تي غير ضروري سرگرمين ۾ مصروف رهي ٿو. جهازن ۽ انتظار گاهن ۾ ويٺل ماڻهو ڪنهن ڪتاب ۾ مطالعو ڪندي ڏسبو هو۽ لائيبريري هر هڪ گهر جو حصو هئي هر ٻئي شخص وٽ گھٽ ۾ گھٽ  هڪ  ڪتاب هوندو هوجنهن جو هو انتظار گاھ يا سفر دوران مطالعو ڪندو هو اسپتالن ۽ ٻين جاين تي ڪتاب پيا  هوندا هئا جيڪي اتي ويٺل ماڻهو پڙهندي نظر ايندا هئا. پر اڄ جي دور ۾ سمارٽ  فون ماڻهڻ جي هٿ مان ڪتاب کسي ڇڏيا آهن سمارت فون ۾ جديد ٽيڪنالوجي سان گڏ هر سهولت موجود آهي جيڪا نوجوان ظوڙي بزرگن ۽ ٻارن جي دلچسپي جو سبب بڻيل آهي. اڄ ڪلھ گهر ۾ ماني تيار نـ بـ ٿيل هوندي تـ ٻار ماٺ ڪري انتظار ڪندا آهن پر وائي فائي  ۾ خلل هوندي تـ گهر سر تي کڻي ڇڏيندا آهن. انهي سمارٽ فون جي بدولت معلومات جي فراهمي ۽ سوشل ميڊيا جو استعمال وڌي ويو آهي پر جتي هن جامثبت پهلو آهن اتي هن جي منفي اثرن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي.
ٻين وٽان ملندڙ معلومات کي اڳتي پهچائڻ ۾ صرف هڪ بٽڻ کي دٻائڻو پوي ٿو معلومات صحيح هجي يا غلط ڪير بـ ان تي توجه نـ ڏيندو آهي.
سوشل ميڊيا ذريعي صحت سماجي مسئلن ۽ ٻين جي باري ۾ تمام گھڻي معلومات پکڙجي رهي آهي جيڪا افسوس جهڙي ڳالھ آهي ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو بـ اها غلط معلومات پکيڙڻ ۾ شامل آهن وقت جي قلت ڪري ڪير بـ اهو نـ سوچيندو آهي تـ معلومات صحيح آهي يا غلط . هي اهو دور آهي جتي ڪو بـ شخص ميڊيا کان لاتعلق رهي نٿو سگھي . جتي ميڊيا جي فائدن بابت نظر وجھجي تـ ميڊيا عوام کي زندگي جي سڀني شعبن بابت تمام گھڻي معلومات پهچائي ٿي دنيا جي ڪنهن بـ ڪنڊ ۾ جيڪي ڪجھ ٿئي ٿو اهو سڄي دنيا ۾ چنڊ سيڪنڊن ۾ پکڙجي وڃي ٿو۽ زمين تي موجود هر شخص دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ٿيندڙ وقعن کان وقف ٿي ٿو وڃي جڏهن تـ ماضي ۾ اهي ڳالهيون پهچڻ ۾ تمام گھڻو وقت لڳندو هو. ميڊيا جي ڪري عوام کي سياست ، ِصحت ، تعليم ،راندين ، سماجي مسئلن مطلب تـ هر هڪ شعبي جي باري ۾ نئين نئين معلومات وڏي آساني سان ملي ويندي آهي جيڪو ميڊيا جو اهم ۽ مثبت ڪردار آهي پر تصوير جا هميشه ٻـ پهلو هوندا آهن تـ ان جو بيو رخ بـ آهي ان حلت ۾ ميڊيا پهنجي ذميداري جو مظاهرو نـ ڪندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن غلط معلومات پکيڙڻ جو ذ ريعو بـ بڻبي آهي. سوين اخبارون ۽ ٽي وي چئنلس جي موجودگي ۾ نشر و اشاعت جا تمام ٿورڙا ادارا آهڙا آهن جن جي م،علومات مستد ۽ قبلِ اعتبار آهي.
ميڊيا ۾ تـ اهڙا ماڻهو بـ ضرور هوندا آهن جن جي اها ذميواري هوندي آهي تـ اهي خبرن ۽ معلومات جي تصديق ڪري پوءِ جاري ڪندا آهن. پر سوشل ميڊيا بي لغام حوڙي وانگر آهي جنهن جي معلومات خبرون ۽ ٻيو مواد بغير ڪنهن تصديق جي وائرس وانگر ڦيلجي ويندو آهي جنهن جي ڪو بـ تصديق ۽ تحقيق جي ذحمت نـ ڪندو آهي.
ڪجھ ڏينهن  پهرين مون سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ پڙهي جيڪا هڪ معزز استاد شيئر ڪئي هئي ان ۾ لکيل هو تـ رات جو 12 بجي کان پوءِ موبائيل بند ڪري ڇڏيو ڇو تـ خلاءِ مان هڪ خطرناڪ قسم جي تابڪاري ۽ ٻيون لهرون زمين طرف اچي رهيون آهن جيڪي موبائيل فون ذريعي انسان کي نقصان پهچائينديون. مون محترم استاد جو اهو پيغام پڙهي انهي ڳالھ جي تصديق ڪئي ۽ معلوم ٿيو تـ ان ڳالھ ۾ ڪا سچائي نـ هئي، پهمجي استاد کي انهي بابت آگاھ ڪيم تـ هن اهو تسليم ڪيو تـ هن بغير ڪنهن تصديق جي پيغام کي اڳتي روانو ڪري ڇڏيو آهي بهر حال ڪيترن ئي ماڻهن تي ان جو غلط اثر پيو هوندو ان ڳالھ جو ڪو بـ تدارڪ ممڪن ناهي . انهي نوعيت جا ٻيا بـ ڪيترائي پيغام اطلاع۽ معلومات روزانو گردش ڪندا رهن ٿا جن کي ماڻهو بغير ڪنهن تصديق جي شيئر ڪندا رهن ٿا ڪٿي ڪا پاڻ مرادو ڪهاڻي پيش ڪئي ويندي آهي تـ ڪٿي وري ڪنهن ايجاد جي باري ۾ ٻڌايو ويندو آهي تـ ڪٿي وري وائرس اچڻ جا اطلاع ڏنا ويندا آهن .
ان کان سواءِ هڪ خطرناڪ روايت ٻ نڪري  وئي آهي تـ صحت جي باري ۾ غلط معلومات پکيڙي پئي وڃي اهڙن پيغامن ۾ شگر هاءِ بلڊ پريشر ڪينسر ۽ بين موضي مرضن جو ڪو بـ مستعل علاج موجود نـ آهي جنهن ڪري ڪنهن بـ ڏنل غلط معلومات جي بنياد تي ڪو مريض بـ عمل ڪري پهنجي صحت اڃا نـ خراب ڪري سگھي ٿو. سوشل ميڊيا ذريعي هن قسم جي معلومات پکيڙڻ ۽ ماڻهن جي صحت سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي .
آئون وڌيڪ تعجب ۾ پئجي ويس جڏهن هڪ معزز معاشري جي سماجي شخصيت جنهن کي  سوشل ميڊيا تي گھڻا ماڻهو فالو ڪندا آهن ان شوگر جي علاج جي لاءِ ديسي ڪڪڙ جي بِيضن کي لوڻ ۾ ملائي کائڻ جو مشورو ڏنو ڪيترن ئي ماڻهن ان جي معلومات کي ٻين سان شيئر ڪيو اهڙا معزز دانشور استاد معاشري جي رهنمائي ڪندا آهن پر جڏهن اهي ئي ان قسم جي معلومات کي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪنداآهن تـ اسان کي تمام گھڻو افسوس ۽ ڏک ٿيندو آهي . سائنس جو هڪ عام شاگرد بـ اهو سمجهي ٿو تـ شوگر جو تعلق جسم ۾ موجود کنڊ جي ميٽابوليزم سان آهي جنهن جي لاءِ انسولين يا شوگر جي ٻين دوائن سان ئي علاج ممڪن آهي بيضا ۽ لوڻ کائڻ سان تـ شوگر جو مرض اڃا بـ وڌي سگھي ٿو ڇا ڪاڻ تڱ شوگر جا گھڻا مريض بلڊپريشر ۽ رت ۾ ڪولسٽرول گھڻائي وارن مسئلن جو شڪار هوندا آهن تـ لوڻ ۽ بيضا انهن ٻنهي بيمارين کي وڌائڻ جو سبب بڻبا آهن. اهو ڪم ڊاڪٽر يا معالج جو آهي ان کي ئي ڪرڻ ڏجي.
سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ انهي حقيقت کان بخوبي واقف آهن تـ اج جي دور ۾ معلومات باھ ونگر پکڙبي آهي. ان ڪري اسان کي پهنجي ذميداري سان تحقيق ۽ تصديق ڪرڻ بعد ئي سوشل ميڊيا تي معلومات شيئر ۽ لائيڪ ڪرڻ گھرجي پر اها اسن سڀني جي ذميواري آهي تـ سوشل ميڊيا استعمال ڪندِڙن کي پڻ اها صلاح ڏيون تـ ڪا بـ معلومات بغير سوچڻ سمجھڻ جي شيئر نـ ڪرڻ گهرجي ممڪن آهي تـ اسان جي اها ڪوشش ڪامياب ٿئي انهي صورتحال جو تدارڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ اسان سڀني ذميواري آهي ممڪن آهي تـ اسان غلط معلومات جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪامياب وڃون جنهن جي ڪري گھٽ ۾ گھٽ انساني صحت سان کيڏڻ جو سلسلو گھٽجي سگهي ٿو.
سوشل ميڊيا زندگي جي حقيَقي رشتن درميان ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو سبب پڻ بڻجي رهي آهي ان جي ڪري رشتن تان اعتماد کڄي وڃڻ جا امڪان پيدا ٿي رهيا آهن هڪ بئي تان ويساھ کڄي رويا آهن ۽ روئين ۾ پهنجائپ وارو رجحان ختم ٿي ويو آهي. گذريل ڪجھ عرصي کان سوشل ميڊيا اهڙا مسئلا پيدا ڪرڻ جو هڪ وڏو سبب بڻجي سامهون اچي رهي آهي. پهنجي ساٿي کي نظر نداز ڪري ٽيوٽر ، واٽس ايپ ، فيس بڪ ، تي مصروف رهڻ جي عادت جي ڪري ڪيترا ئي جوڙا هڪ ٻئي کان عليحدگي اختيار ڪري چڪا آهن .
سنڌ ۾ ڪافي اهڙا طلاق جا ڪيس ڏسڻ ۾ آيا آهن جن جو سبب سوشل ميڊيا آهي. هڪ رپورٽ مطابق طلاق جي 10 ڪيسن ۾ 6 ڪيس اهڙا هوندا آهن جن جو سبب انٽرنيٽ جو استعمال آهي.
عورت ڪائونسلر شهلا زيدي جو چوڻ آهي تـ گزريل 3 مهينن دوران عدالت ۾ آيل 42 ڪيس اهڙا هئا جن جي عليحدگي جو سبب صرف ۽ صرف سوشل ميڊيا آهي.
نفسياتي ماهرن جو اهو بـ چوڻ آهي تـ جڏهن ڪو شخص گھڻو وقت سوشل ميڊيا تي گذاريندو آهي تـ ان جا اثر حقيقي رشتن تي پوندا آهن جيڪو هڪ فطري عمل آهي خاندان ۾ هڪ ٻئي جي تعريف نـ ڪري رهيا آهن نـ وري پهنجي خانداني ماڻهن جي خيالن کي ڪا اهميت ڏئي رهيا آهن . هاڻي سوشل سائيٽس تي تصوير ۽ ڪمينتس پوسٽ ڪري ماڻهو پهنجون خوشيون تلاش ڪري رهيا آهن. اڄ ڪلجتي سوشل ميڊيا جي ڪري دنيا ڳنڍجي وئي آهي تـ اتي ان جا نقصان بـ نظرانداز نٿا ڪري سگھجن . اسان سڀني کي اها ڪوشش ڪرڻ گھرجي تـ سوشل ميڊيا جي استعمال وقت ان جي منفي اثرن کان پري رهون ڪا بـ ڳالھ شيئر ڪرڻ کان پهرين ان جي تصديق ڪريون تـ اها صحيح آهي يا غلط ائين اکيون پوري ڪو پيغام يا معلومات ٻي طرف رواني ڪرڻ سماجي معاشي نقصان آهن ان سان انسان جي صحت تي ب خراب اثر پون ٿا جن کي روڪڻ جي اڄڪلھ تمام گھني ضرورت آهي .
#SocialMedia, #Rameez
#رميز, #سوشل_ميڊيا, 

Monday, 8 February 2016

انٽرنيٽ جو استعمال فائدو يا نقصان Referred back

Observe paragraphing. This seems not according to ur approved topic
Article
 Final Article by Sheeraz Ahmed Solangi

شيرازسولنگي      آرٽيڪل
انٽرنيٽ جو استعمال فائدو يا نقصان








اڄ دنيا ۾ تقريبن 80  سيڪڙو ماڻهون انٽرنيٽ جو استعمال باقائدگي سان ڪن ٿا. ۽ انهيءِ ٽيڪنالوجي کي ڏينهون ڏينهن جديد بڻايو پيو وڃي پر شروعات کان اڄ تائين ماڻهون ان جو غلط استعمال ڪن ٿا. حالانڪ انٽرنيٽ جو گهڻو استعمال معاشري ۾ غلط ۽ غير سماجي سرگرمين جو سبب بڻجي رهيو آهي. انٽرنيٽ جي استعمال جو ڪجه خرابيون هي آهن ته انٽرنيٽ جي هرو ڀرو جي استعمال سان نوجوان طبقو معاشري تي ۽ سماجي تعلقات جي فگدان جو شڪار ٿي رهيو آهي . آڳاٽي زماني جا ماڻهون هڪ رابطي  ۽ معلومات جي ڪري گڏجي رهندا هئا. ۽ هڪ ٻئي وٽ به رهندا هئا. پر هاڻي اهي سرگرميون ختم ٿي چڪيون آهن جنهن سان سماجي تعلقات خراب ٿيا آهن۽ ماڻهون هر قسم جي معلومات انٽرنيٽ تان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جنهن جي ڪري ڪتابن جو مطالعي جو رجحان ختم ٿيندو پيو وڃي. ۽ ڪجه ماڻهون انٽرنيٽ جي ذريعي غير اخلاقي ۽ غير قانوني فعل به سرانجام ڏين ٿا. دهشت گردي ۽ ڪرپشن جا گروه اهي غلط ڪم به انٽرنيٽ جي ذريعي ٿين ٿا. گهڻي دير تائين انٽرنيٽ جي استعمال سان اکيون خراب ٿين ٿيون ۽ مختلف بيمارين جو سبب بڻجن ٿيون. محفلن ۽ ميلن جو رونقون به انٽرنيٽ جي ڪري ئي تباه آهن ماڻهن ۾ ميل ملاقات جو رجحان تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي. انٽرنيٽ تي مذهبي اخلاقيات جي ذريعي اشتهار پهلايا وڃن ٿا سياسي ۽ ذاتي اختلافن کي انٽرنيٽ تي ڳولڻ جو وڌيڪ موقعو ملندو آهي جنهن سان معاشرو بدنظمي ۽ هنگامي صورت حال جو شڪار بڻبو . ڪافي دفعا انٽرنيٽ تي غلط معلومات ڏني ويندي آهي جنهن سان تمام گهڻا مسئلا ۽ غلط فهميون جنم وٺي سگهن ٿيون ۽ نوجوان شاگرد يا ٻيا ماڻهون انٽرنيٽ جو غير ضروري استعمال ڪري وقت ضايع ڪن ٿا.جيئن فيس بڪ ، چيٽنگ  اي ميل ۽ ٻيون شيون جن سان وقت ضايع ٿئي ٿو. انٽرنيٽ جي گهڻي استعمال سان نوجوان ذهني ڪمزوري ۽ ڊپريشن جو شڪار بڻجن ٿا. هڪ تحقيقي اداري مطابق ماڻهون انٽرنيٽ جي حد کان وڌيڪ استعمال سان ايتري ته حد تائين انٽرنيٽ جا عادي ٿي وڃن ٿا جو اگر هو هڪ ڏنيهن انٽرنيٽ جو استعمال نه ڪن ته هنن جو پريشان ۽ بيچين  رهڻ وڌي ويندو آهي. ۽ ڪتابي مطالعو هر عمر ۾ دماغي بيمارين کان بچائيندو آهي انٽر نيٽ جو گهڻو استعمال ذهني مرضن جو ڪارڻ پڻ بڻجندو آهي. انٽرنيٽ جو گهڻو استعمال ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي . انڪري انٽرنيٽ جي خراب اثرن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي  انٽرنيٽ جي استعمال ڪندڙن کي نقصانن جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ گهرجي. انٽرنيٽ تي برعڪس فلمون ۽ لٽريچر موجود هوندا آهن جنهن سان نوجوان نسل ۽ خاص ڪري ٻار مغربي انداز جي فلمن جي اثرن سان پنهنجي والدين جي نافرماني تي لهي ايندا آهن انڪري ٻارن کي انٽرنيٽ جي  بيوجه ۽ غلط استعمال کان روڪڻ گهرجي اڄ جي دور ۾ انٽرنيٽ جو حلقو اثر ايترو ته وڌي ويو آهي جو ماڻهون تصور به نٿو ڪري سگهي ته  انٽرنيٽ هڪ پنهنجي متوازن دنيا قائم ڪري ڇڏي آهي. جنهن جا پنهنجا اصول آهن انٽرنيٽ انسان جي بنيادي ضرورت بڻجي چُڪي آهي. نوجوانن ۾ انٽرنيٽ جو استعمال تمام گهڻي ڪثرت سان ڪيو ٿو وڃي اِهو هڪ عام مشاهدو آهي ته ڪمپيوٽر هر گهر جو اهم ترين حصو بڻجي چڪو آهي ۽ ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن وٽ انٽرنيٽ جي سهولت پڻ موجود هوندي آهي. شاگرد پنهنجي شعبي جي مطابق انٽرنيٽ تان معلومات ڪافي ساري معلومات کڻي سگهن ٿا ۽ انٽرنيٽ شاگردن  کي نوان دوست ڳولڻ ۾ مدد ڪندي آهي. هاڻي خبرن جو رجحان تمام تيز ٿي ويو آهي ۽ معلومات حاصل ڪرڻ آسان ٿي وئي آهي. اڄ انٽرنيٽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي. جنهن وٽ ڪمپيوٽر نه هوندو آهي اُهي انٽرنيٽ ڪيفي تي انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿا. عام طرح سان ڏٺو وڃي ته اڃ جو نوجوان انٽرنيٽ جو استعمال تفريح لاءِ ڪري ٿو تفريح به انسان جو بنيادي حق آهي پر انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ دوران اسان کي اهو خيال ضرور رکڻ گهرجي ته ڇا اسان انٽرنيٽ جو استعمال  صحت مند تفريح لاءِ ڪري رهيا آهيون. انٽرنيٽ جي استعمال جي دوران لاپرواهي وڌنڌي ٿي وڃي والدين کي پنهنجي ذميداري جو احساس هجڻ گهرجي ته هنن جا ٻار انٽرنيٽ ڇا جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ نوجوانن کي به خيال رکڻ گهرجي ته ڇا انٽرنيٽ جي استعمال سان هنن کي ڪو فائدو ملي ٿو اگر نتيجو اهو نڪري ته فائدو مليو آهي ته مطلب اسان انٽرنيٽ جو استعمال صحيح ڪيو آهي يا اگر نتيجو غلط نڪري ته مطلب ته اسان انٽرنيٽ جو استعمال صحيح نه پيا ڪيون  ۽ اسان کي انٽرنيٽ جو استعمال درست ڪرڻ گهرجي . هن نفسانفسي جي دور ۾ انسان پنهنجي مٽن مائٽن ۽ رشتن کان پري ٿيندو پيو وڃي ۽ انهن سان ملڻ لاءِ وقت ڪڍڻ تمام مشڪل ٿي ويو آهي  انٽرنيٽ جي ذريعي پنهنجي مٽن مائٽن سان رابطي ۾  رهي سگهجي ٿو. انٽڙنيٽ جي ذريعي عام ماڻهون به معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو. ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ دلچسبي وٺي سگهي ٿو ۽  تحقيق ڪرڻ سان ذهني نشورنما بهتررهي ٿي. اڄ انٽرنيٽ جو استعمال وڌي رهيو آهي ۽ ماڻهون انٽرنيٽ هر جڳه استعمال ڪن پيا جهڙوڪ گهر، يونيورسٽي، ڪاليج، آفيس ، سفر ۽ ٻي  هر جڳه تي انٽرنيٽ جو استعمال وڌنڌو ٿو وڃي انٽرنيٽ جو استعمال صرف نوجوان نه پر هر عمر جو ماڻهون ڪري رهيو آهي ۽ انٽرنيٽ تمام ڪارآمد ۽ بنيادي شيءِ بڻجندي پئي وڃي. انٽرنيٽ جي ذريعي بزنس ڪرڻ به آسان ٿي وئي آهي شآپنگ به گهر ويٺي ڪري سگهجي ٿي ڪنهن به شيءِ جو آرڊر آن لائن ڏئي ڪري ساڳي قيمت ۾ گهر ويٺي گهرائي سگهجي ٿي انٽرنيٽ تي آن لائن اخبار پڙهڻ جو رجحان به وڌي ويو  آهي جنهن سان ڪاغذ جو استعمال  گهٽجي ويو آهي ۽ گلوبل وارمنگ جو خطرو به گهٽجندو پيو  وڃي.

شيراز احمد سولنگي
2k14/MC/166

Friday, 29 January 2016

Status of mother toungues in pakistan


 نجيب الله چانڊيو رول نمبر 116
آرٽيڪل

There should be paragraphing
پاڪستان ۾ مادري ٻولين جي موجوده صورتحال


فطرت جي وسيع ۽ وشال دنيا ۾ هر مخلوق پنهنجي جذبات۽ خيالن  جو اظهار مخصوص آوازن ذريعي ڪري ٿي. جنهن لاءِ خلق ڪائنات جي مخلوق کي مخصوص ٻوليون ٿين ٿيون.جن ۾ قومي ٻوليون،علائقائي ٻوليون ۽ مادري ٻوليون شامل آهن. مادري زبان ماءُ جي ٻوليءَ کي چيو ويندو آهي جيڪا ٻار پنهنجي گھر ۾ سکي ۽ ڳالهائي ٿو، ۽ پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ سماجي چرپر کي سمجھي ٿو. ان ڪري جتي قومي ۽ علائقائي زبانن جي اهميت آهي اتي مادري زبان مکيه حيثيت رکي ٿي.اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ پنج صوبا آهن جن ۾ هر صوبي جي پنهنجي پنهنجي  صوبائي،علائقائي ۽ مادري زبان آهي .جهڙوڪ سنڌي،پنجابي،پشتو،بلوچي ۽ سرائڪي زبانون آهن جن ۾ هرهڪ ٻوليءَ جو پنهنجو شاعر آهي جيئن سنڌي جو شاه عبداللطيف،پنجابي جو وارث شاھ يا بلي شاھ، سرائڪي جو غلام فريد،پشتو جو خوشحال خان خٽڪ،بلوچي جو نصير گل خان هي سڀ شاعر ۽ اديب لسانيات جا ماهر آهن جن پنهنجي ٻولين جا گرامر ٺاهي انهن کي ترقي ڏياري ان ڪري انهن صوبائي ٻولين جي اهميت ۽ ادب کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. پر صدمي جي ڳاله اها آهي ته پاڪستان ۾ موجود مادري زبانن لاءِ خطرا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن ۽ اهي مادري ٻوليون پنهنجن ئي صوبن۽ علائقن مان غائب ٿينديون ٿيون وڃن ۽انگريزي ،اردوزبانن کي فروغ مليل آهي جيڪي سرڪاري دفترن توڙي اسڪولن،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڳالهايون ۽ پڙهايون وڃن ٿيون جنهن ڪري مادري زبانن جي اهميت ڏينهون ڏينهن گهٽجندي خطرناڪ موڙ تي پهچندي پئي وڃي .ايتري قدر جو نرسري کان ئي مادري ٻولين کي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ اڻ اعلانيل طور نيڪالي ڏني وئي آهي بلخصوص سنڌ ۾ سنڌي جھڙي شاهڪار ٻولي کي به خانگي اسڪولن مان ڄڻ نيڪالي ڏني وئي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ اهڙا تعليمي ادارا ڪراچي کان وٺي ڪينجھر تائين موجود آهن، جن ۾ سنڌي زبان نه صرف سيکارڻ تي پابندي آهي پر انهن اسڪولن ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي به پابندي پيل آهي.حالانڪ سنڌ اسيمبلي جي 1972ع جي ٺهراءُ مطابق سنڌي لازمي پڙهائڻ قرار ڏنل آهي، پر ان تي ڪو به عمل نه ٿو ڪيو وڃي. جنهن ڪري اها صورتحال ڏکوئيندڙ آهي.انگريزي يا اردو زبانن جي اهميت کان ڪنهن حد تائين انڪار ناهي مگر صوبائي ٻولين کان انڪار هرگز نه ٿو ڪري سگهجي. ڳچ عرصي کان وٺي صوبن جو اهو مطالبو رهيو آهي ته  سندن ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏئي انهن جو تحفظ ڪيو وڃي جيڪو مطالبو قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي آڏو به ٿيندو رهيو آهي پر اسٽيڊنگ ڪاميٽي ان مطالبي کي هميشه نظر انداز ڪندي ان مطالبي کي قومي تشخص خلاف سمجھندي رهي آهي جيڪو عمل صوبائي ٻولين توڙي ملڪ ۾ رهندڙ قومن سان  سراسر زيادتي تي مبني آهي. ڇاڪاڻ ته پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ ڪيترين ئي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو حاصل آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي به شامل آهي. پر اتي ڪو  به ملڪي تشخص لاءِ ٻوليون خطرو ناهن بڻيون.مادري ٻولين کي اهميت نه ڏيڻ سان احساس محرومي جنم وٺي ٿي ۽ ملڪ ۾ رهندڙ عوام پنهنجي مادري زبانن ۾ لکڻ پڙهڻ کان محروم رهي ٿو ته ان سان هڪ اهم نقصان ٿئي ٿو ڇو ته بنسبت ٻين ٻولين جي پنهنجي مادري زبان سان دنيا جي علم کي پڙهڻ ۾  سمجھڻ آسان ٿئي ٿو ان ڪري ٻولين جي بنياد تي پيدا ٿيل مونجھارن کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ شامل قومن جي تاريخي ٻولين جي اهميت کي سمجهندي قومي ٻولي جو درجو ڏئي، دفترن ۽ تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ ۽ سيکارڻ لازمي قرار ڏنو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ شامل صوبن جي عوام جي ٻولي ۽ لولي نه صرف قائم رهي سگھي، پر هو علم کي پنهنجي زبانن ۾ سمجھي ملڪي ترقي ۾ پنهنجون سموريون صلاحيتون چڱي نموني ڪتب آڻي سگھن. 

Thursday, 28 January 2016

Road accidents in sindh

آرٽيڪل:  سنڌ ۾ وڌنڌڙ روڊ حادثا ۽ زيان ٿيندڙ انساني جانيون،،،!!!
مشتاق علي جمالي 2k14/mc/142   
سوچان ٿو ته هڪ ماءٌ پورا 9 مهينا جنهن ٻار  کي پنهنجي پيٽ ۾ پالي ٿو ان جو لاقانونيت سان
سرشار هن معاشري ۾ ڪهڙو مستقبل هوندو؟ ڇا پورا  9 مهيناممتا جي پيٽ   ۾ پلجڻ بعد هو ڀوت
بنگلا بڻيل سرڪاري اسپتال جي گندي ۽ بدبو دار بستري  تي اکيون کوليندو؟ ڇا هو جڏهن بانبڙا پائڻ
واري عمر تائين پهچندو  ته ڪنهن کليل گٽر ۾ ڪري ڌرتي ماءٌ  جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيندو؟ يا
جيڪڏهن گٽرن ۾  ڪرڻ کان بچي وڏو ٿيندو ته اسڪول وڃڻ لاءِ کيس اها ئي وين ملندي؟ جنهن جي
ڇت تي 10 کان وڌيڪ سلئنڊر رکيل هوندا آهن ۽ ان جو ڊرائيور ڀنڳ ۽ چرس جي نشي ۾ ٽن ٿي روڊ
تي هلائڻ بدران هوا ۾ اڏامندو هجي ؟ ۽ ان وين جو مستقبل سلئنڊر ڦاٽڻ سبب سڙي وڃڻ ،ڪنهن گاڏي
سان ٽڪرائجڻ يا ڪلٽي ٿيڻ ئي هجي ؟ ۽ نتيجي ۾ سوار سڀ مسافر موت جي چنبي ۾ هليا ويندا هجن.
جيڪڏهن اتفاق سان ڪو بچي به ته ايمبولنس نه هجڻ يا اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب زندگي جي جنگ
هارائي ويندو هجي؟ ان ٻار جو مستقبل ڇا هوندو؟ جتي جي شاهراهن تي موت جو راڪاس هلندو هجي؟
سوچيان ٿو ته مائرون رڳو روڊ حادثن ۾ ذيان ٿيندڙ جانين جا انگ اکر پڙهن، تڏه به هو ٻارن جي جنم ڏيڻ
کان اڳ هڪ هزار ڀيرا سوچينديون جئين اڄڪلهه ڏڪار سبب ٻارن جي موت تي ٿري مائرون سوچينديون آهن پر اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ هر سال روڊ حادثن ۾ مرندڙ ماڻهن جو انگ ٽارگيٽ ڪلنگ، دهشت گردي ۽ قبيلائي
تڪرارن جي مرندڙ ماڻهن کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ هجي ٿو.روزاني جون اخبارون اهڙين حادثن  سان ڀريون
ڀريون پيون آهن. ڪي حادثا ته اهڙا زخم ڏيئي ويا آهن جيڪي شايد ڪڏهن به ڀرجي نه سگهن.انهن جيان
دولتپور وين حادثو به هڪ آهي، جنهن ۾ گلن جھڙا اسڪولي ٻارڙا هميشه لاءِ سمهي رهيا هئا هڪ رپورٽ
موجب سال 2015ع ۾ روڊ حادثن جو ملڪي  رڪارڊ به سنڌ جي حصي ۾ آيو اسان رڳوان ئي
صوبي جي ضلعي مٽياري جو ذڪر ڪريون ته به دنيا جو سڌريل قومون سڪتي ۾ اچي وڃن پر اسان
جي دل روز روز اهڙن حادثن کي ڏسي پٿر بڻجي وئي آهي.  رپورٽ موجب  مٽياري ضلعي ۾ هر مهيني
100 کان به وڏيڪ روڊ حادثا ٿين ٿا  جن ۾ مجمعي طور 10 کان 20 انساني جانيون  ضايع ٿي
وينديون آهن ۽ 90 کان 100 ماڻهون زخمي يا معذور ٿي وڃن ٿا ، اهڙي طرح هر سال 10،000 کان وڌيڪ ننڍا وڏا روڊ حادثه ٿين ٿا. جن جي نتيجي ۾ مجموعي طور 150 کان 200 ماڻهون موت
جي منهن ۾ هليا وڃن ۽ ۽ 9 کان 10 هزار ماڻهون زخمي ۽ معزور ٿي عذاب واري زندگي گذارين ٿا.
ڪاوش جي رپورٽ مطابق حادثن دوران زخمين کي اسپتال پهچائڻ لاءِ موٽروي پوليس وٽ ايمبولينس سروس
به ناهي، ايڌي يا ڇيپا جون ايمبولينسون پهچڻ تائين  ڪيترائي زخمي فوت ٿي وڃن ٿا.ان کان علاوه
سڄي سنڌ ۾ ڪوئيڪ رسپانس سروس به موجود ناهي . جنهن سبب هنگامي حالتن ۾  تمام گھڻيون ڏکيائيون
پيش اچن ٿيون ۽ ٻيو وري قومي شاهراه ۽ مختلف هاءِويز سميت روڊن جي حالت پڻ تمام گھڻي خراب
آهي، جنهن سبب حادثه معمول بڻجي ويا آهن. ٽرئفڪ وڌيڪ هجڻ باوجود روڊ سوڙها آهن.ڊرائيور جي
غفلت، دوران ڊرائيونگ نشي جو استعمال ڪرڻ ۽ لڳاتار 12_12 ڪلاڪ ڊرائيونگ ڪرڻ سبب ب حادثه
ٿين ٿا..
ملڪي سطح تي روڊ حادثن جو رڪارڊ ملڻ بعد به اختيار ڌڻين نوٽس نه ورتو، هي رڪارڊ ته هڪ الارم
آهي، جيڪڏهن اهو الارم اسان جي هوش ۾ اچڻ جو سبب نه ٿو بڻجي ته پوءِ نيٺ ڇا ڪجي ؟ ڇا هوش
۾ اچڻ لاءِ اسان کي ڪنهن وڏي ۽ خطرناڪ حادثي جو انتظار ڪرڻ گھرجي؟
سنڌ حڪومت کي گھرجي ته هو روڊ حادثن ۾ روز درجنين ماڻهن جي مرڻ جو تڪڙو نوٽس وٺي،  حادثن
جي روڪٿام لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن هڪ ماءَ جي جھولي خالي نه ٿئي ۽ مائرون ٻار ڄڻڻ کان اڳ
انجي مستقبل بابت سوچين ..
Mushtaque Ali Jamali
 2k14/MC/142

Nudity in films and its effects on society

Chha twhan khey article ander pahnjo nalo, roll number  aen Final likhan main ko problem ahy?
Ketra dafa chayo ahy.. smjh main galeh nathi achi? 
 Matlb harubhru b gher zumewari dekharni ahy....
                  فحاشي فلمون ۽ ان جو سماج تي اثر         
آرٽيڪل
ممتازجمالي
                      گزريل ٽين ڏهاڪن کان دنيا ڀر ۾ جيتري فلمي دنيا ۾ ترقي آئي آهي اها ڪنهن ٻي شعبي ۾ شايد ئي آئي هجي، جيتي ڪافي سال اڳ سائيلينٽ فلمون وڏي شوق سان ڏٺيون وينديون هيون ان جاءِ تـه اڄ ٿري ڊي فلمون اچي ويون آهن، جيتي ون فريمنگ ڪيمرا استعمال ڪئي ويندي هئي اتي اڄ جديد ڪيمرائون اچي ويون آهن، مگر فلمون جهڙيون بـه هجن ان جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ هوندي آهي، ڪجهـه فلمون تمام مختصر تـه ڪجهـه وري تمام ڊگهيون هونديون آهن ڪجهـه فلمون سلسلي وار اينديون آهن تـه ڪجـهه وري ري ميڪ ۾ اينديون آهن.
                 پر ان هر فلمن جو موضوع الڳ هوندو آهي ڪجهـه فلمون پيار محبت تـه ڪجهـه وري سماج جي برائين تي هونديون آهن، ڪجهـه قدرت جي بناوت ۽ تصوارتي شئين تي ٺهنديون آهن، ۽ ان ۾ هڪڙي قسم جون فلون اهڙيون هونديون آهن جيڪي بنا ڪنهن اخلاقي حد جي جنسي ميلاپ ڏکارين ٿيون، جنهن کي انگريزي ۾ ”پارن موويز“ ۽ سنڌي۾ فحاشي فلمون سڏيندا آهي.
              هڪ گوگل رپورٽ موجب دنيا ۾ سڀ کان وڏو ڪاروبار ڪندڙ اهي فلمون آهي ۽ هر هڪ سيڪنڊ جي اندر دنيا ۾ اندازن 3 لک ڊلر اهڙين فلمن تي خرچ ايندو آهي ۽ آمريڪا اهڙين فلمن جو ڳڙهـه آهي جيتي هر 39 منٽن بعد هڪ فحاشي ”پارن“ فلم ٺهندي آهي، دنيا جي تيز ترين ۽ وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ اهي فلمون پاڪستان ۾  نـه بلڪي ڏينهون وڌينديون ٿيون وڃن پر سماج اندر برائين جو جڙ بـه بڻجي رهيون آهن ۽ ان سان گڏ ڪاروبار بـه بڻجي ويون آهن..
            فوڪس نيوز ايجنسي جي هڪـه رپورٽ موجب گوگل سرچ ۾ پاڪستان پهرين ملڪن ۾ آهي جتي فحاشي فلمون آن لائن وڏي انگ ۾  سرچ ڪيون ٿيون وڃن،  تعجب جي ڳالهـه اها بـه آهي تـه انهي رپورٽ موجب سعودي عربـيـه، ترقي ايران ۽ مسلمان ملڪه پڻ سرفهرست ۾ آهن.
           سيپٽمبر 2011 ع ۾ هڪ پاڪستاني هيڪر سپريم ڪورٽ جي آفيشل ويبسائيٽ هيڪ ڪئي، جنهن پاڪستان ۾ هڪ وڏو چرچو پڻ مچايو هو، پر جڏهن ان هيڪر پنهنجي ڊمانڊ رکي تـه ماڻهون توڙي ڪجهـه قانوني ماهرن پڻ ان جي حمايت ڪئي، ان هيڪر پاڪستان اندر فحاشي فلمن تي بندش جي گهر ڪئي هئي، ۽ وري ڪجهـه وقت بعد پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي جي آفيشل ويب سائيٽ هيڪ ٿي، ۽ ان ۾ بـه هيڪر پاڪستان اندڙ اهڙين فلمن جي ڪاروبار ۽ اهڙين فلمن جي ويبسائيٽس جي بندش جي گهر ڪئي، ۽ مجبورن پاڪستاني حڪومت تحرڪ ۾ آئي، ۽ ان اهڙين فلمون هلائيندڙ 1000 مشهور ۽ وڏيون ويبسائيٽون بند ڪيون ويون.
آنلائين بندش  مان ڪو خاص فائيدو نـه پيو، ڇو جو ڪافي سافٽ ويئر ان بلاڪ ۾ اهي ساڳيون فلمون ڏکارين پيون ۽ انهي جي خبر خود ”پي ٽي اي“ وارن کي چنگي ريت آهي، ان سان گڏو گڏ ساڳي وقت پاڪستان ۾ فحاشي فلمن جون سي ڊيز بازارن ۽ مارڪيٽ ۾ کولي عام وڪامڻڻ لڳيون، جنهن جي ڪري انهن فلمن جي روڪٿام نا ممڪن نظر آئي.
اهو ئي نـه پاڪستان جي اندڙ هوٽلن ۽ وڏين توڙي ننڍين سنيمائون تي اهي فلمون پڻ ڏکاريون پيون وڃن.
انهي فلمن جي بندش جا خاص سبب آهن ، جهڙي طرح ڊرگ الڪول چرس انساني زندگي لاءِ خطرو آهن اهڙي طرح ماڻهون سمجهن ٿا تـه فحاشي فلمون ڏسڻ سان ڪو خطرو ناهي، اهڙين پارن فلم ڏسندڙ  جو اهو چوڻ آهي تـه اهي اهڙيون فلمون ڏسي پنهنجو وقت پاس ڪن ٿا ۽ ان جو ان تي ڪو خاص اثر نٿو پئي، پر جهڙي طرح ڊرگ الڪول جا سائيڊ افيڪٽ آهن اهڙي طرح فحاشي فلمن جا ڪجهـه سائيڊ افيڪٽ آهن ۽ اهي افيڪٽ اڳتي وڌي وڏو خطرناڪ ٿين ٿا، ۽ انساني زندگي تي هڪـه وڏو ناڪاري اثر وجهن ٿا.
اهي فحاشي فلمون سماج تي اهڙو اثر ڇڏن ٿيون جو انسان هر طرح سان ڪمزور ٿي وڃي ٿو، هڪ ساڪيولوجيڪل رپورٽ موجب اهي فحاشي فلمون انساني زندگي تي تمام گهڻو ناڪاري اثر وجهن ٿيون فحاشي فلمون ڏسڻ سان انسان هڪ خيالي دنيا ڏانهن هليو ويندو آهي ان جي دماغ شئين کي ياد ڪرڻ جي صلاحيت گهٽائي ڇڏيندو آهي.
سماج سڌارڪ ماروي پنهور جو چوڻ آهي تـه فحاشي فلمن جي ڪري سماج ۾ ريپ جا ڪيس درپيش ٿين ٿا انهي سان گڏو گڏ سيڪسول حيراسمينٽ جهڙا واقعـه پڻ وڌن ٿا.
قانوني ماهر ۽ وڪيل حميد رند چيو تـه ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جا ڪيس ايندا آهن جنهن پويان تقريبن اهڙين فلمن جو اثر هوندو آهي.
حڪومت کي گهرجي تـه اهڙن فلمن جي بندش لاءِ هڪ الڳ قانون پاس ڪرايو وڃي جنهن تي اهڙين فلمن جي ڪاري ڪاروبار ڪندڙ سان گڏ ٺاهيندڙ ۽ ڏسندڙ تي قانوني جرم لاڳو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن نوجوان اهڙين فلمن ڏانهن وڌندا رهيا تـه اهي مستقبل ۾ هلي ڪري وڏي نقصان کي منهن ڏيندا.


Tuesday, 26 January 2016

Online gaming and studnets

Faryal article  رول نمبر: 119-2k14-MC

آن لائن گيمينگ 
 فريال

 آن لائن گيمينگ تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي اڄ جي جنريشن پنهنجو پورو ٽائم لائن گيمس ۾ ذائيا ٿا ڪن ۽۽ انهن جو گهڻو استعمال اوهان جي پڙهائي ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي رهيو آھي آن لائن گيمس اسان کي اينٽرٽين لا۽ ايجاد ڪيون ويون آهن نہ ڪي پنهنجي پاڻ کي نقصان ۾ وجهڻ لا۽ آن لائن جو گهڻو استعمال اسان کي هر طرحن جا نقصان ڏئي ٿي اسان کي نہ صرف پڙھائي ۾ بلڪہ physically ۽ mentally destroy پڻ ڪري ٿي . اڄ جو نوجوان سڄو ڏينهن هڪ ئي جڳھ تي ويهي سست ٿي وڃي ٿو هڪ ئي جڳھ تائين پنهنجي پاڻ کي ڪري ڇڏي ٿو ايتري تائين جو هن کي پنهنجي صحت جو بہ خيال نہ ٿو رهي سمورو وقت آن لائن گيمينگ ۾ مصروف رهڻ جي ڪري ٻار پنهنجي پڙهائي کان بجي ٿو جنهن جي وجھ سان اسڪول ، اسڪول يا يونيورسٽي ۾ ھن جو رزلٽ ڪري پوي ٿو آن لائن گيمينگ صرف ۽ صرف وقت جي بربادي آھي انهن جو گهڻو استعمال اسان کي صرف نقصان ڏئي سگهي ٿو چاهي اهو نقصان پڙھائي ۾ هجي يا وري ٻئي ڪنهن ۾ . آن لائن گيمينگ ۾ مصروف هي نوجوان پنهنجي صحت سان گڏو گڏ ڪنهن سان گڏ communicate کان بہ محروم رهن ٿا هڪ ئي جگھ تي ويھي دنيا دين کان مهروم ٿي وڃن ٿا هنن کي ڪنهن جي ڪا بہ خبر نہ هوندي آھي ايترو جو اگر گهر ۾ ڪير مهمان بہ اچي تہ هنن لا۽ گيم کيڏڻ وڌيڪ ضروري هوندو آھي اهي پنهنجي عزيزن کي بہ گهٽ وقت ڏيندا آهن اڄ جو نوجوان اڳوڻي نوجوانن کان وڌيڪ سست آهي ڇو تہ اهي Active ناهن ناهي ذھني نا هي جسماني طور تي. سست سان گڏوگڏ اهي بيمارين ۾ بہ مبتلا ٿي ٿا وڃن هڏ ڪمزور ۽ نظر خراب ٿي وڃي ٿي Back bones ۽ Headache جهڙيون بيماريون عام ٿي ويون آهن ۽ پو۽ اسڪول ڪاليج جون گهڻيون موڪلون سبب انهن جو رزلٽ ڪري پوي ٿو اسڪول ڪاليج ۾ ٽاپ تي رهندڙ ٻار بہ اگر ايئن ئي پنهنجو قت آن لائن گيمينگ ۾ وڃائي تہ انهن جو رزلٽ بہ باقي انهن وانگر هوندو جيڪي پنهنجو سمورو وقت انهن فضول ايڪٽيوٽي ۾ گذارين ٿا اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ %60 کان وڌيڪ شاگرد پنهنجو قيمتي وقت پڙھائي جي بجائي انهن فضول گيمون ۾ ٿا لڳائين انهن کي اهو احساس تڪ ناهي تہ ڪيئن اسان جا مائيٽ هڪ هڪ روپيو جمح ڪري اسان کي پڙھائين ٿا لکائين ٿا اسان جي مستقبل لا۽ پاڻ محنت ڪري اسان لي اڳيان وڌائن ٿا پر اهي انهن گيمون کان فارغ هجن تہ انهن کي اها ڳالھ بہ سمجھ ۾ اچي اڄ جي نوجوان کي انهي آن لائن گيمينگ جو ايترو ڪريز آهي جو گهر ۾ اگر مائٽ منع ڪري تہ انهن سان بدتميزي سان پيش اچي پو۽ ٻاهر وڃي نيٽ ڪيفي تي استعمال ڪن ٿا آن لائن گيمينگ صرف اينٽرٽيمينٽ لا۽ آھي پر اسان جا نوجوان انهن کي هڪ عادت بڻائي ڇڏيو آهياهي انهن عادت کان مجبور ٿي سست ۽ بيڪما ٿي ويا آهن تنهن ڪري اسان جا نوجوان هر شئي کان محروم آهنآن لائن گيمينگ رشتن ۾ بہ فاصلا پيدا ڪري ٿي گهڻي کان گهڻو وقت انهن تي ذائح ڪرڻ جي ڪري اسان پنهنجي عزيزن کان پري رهون ٿا نوجوانن کي گهرجي پاڻ ۾ شعور ڌارين پنهنجي پڙھائي پنهنجي مائٽن کي وقت ڏين هر Activity جو حصو ٿين Active رهن سماجي ڪمن ۾ اڄن صرف هڪ جڳھ تي ويهي اهي ڪا بہ شئي حاصل نہ ٿا ڪري سڳهن انهن کي کپي تہ اهي پنهنجي پاڻ کي ذھني ۽ جسماني طور تي مڪمل تيار ڪن

Wednesday, 20 January 2016

Umerkot Public Library


تباهي جو شڪار عمر ڪوٽ جي پبلڪ لائبريري
آرٽيڪل:
راجيش ڪمار
2k14/mc/78
لائيبريري يا ڪتب خانو جيڪو تعليم جو روح سڏيو وڄي ٿو انسان جو عقل ڏاهپ گهڻو ڪري ڪتابن سان سلهاڙيل هوندو آهي اسڪولن ، ڪاليجن يان يونيورسٽي جو سينگار ڪتب خانا ئي هوندا آهن، نـه صرف سينگار پر انهن ڪاليجن ۽ يونورسٽين جي شاگردن لاءِ علم جو وڌارو آڻين ٿا، جئين هڪـه ڏاهي چيو تـه ”جڏهن بـه ڪنهن ملڪ تي حملو ٿيندو آهي تـه ان ملڪ جون لائبريريون ڏڪي ويندويون آهن، اهو ان ڪري تـه لائبريريون ڪنهن بـه قوم ۽ ملڪ جي علم اهڃاڻ هونديون آهن، ائين اسان جيڪڏهن مغربي ملڪن جي اعليٰ تعليمي ادارن توڙي ننڍن شهرن ۾ گهڻي ڀاڱي لائبريري ۽ ان جي ڪتابن جي هاڪ هوندي آهي، اسان جي ملڪ ۾ جيتري قدر ملٽي ميڊيا ترقي ڪئي آهي ايتري قدر شاگردن ڪتابي زوُق کي جاري رکيو آهي ڇاڪاڻ جو ڪتاب نـه صرف ڄاڻ فراهم ڪن ٿا پر ان سان گڏو گڏو دماغ کي سڪون وارو بڻائين ٿا، خاص ڪري غريب شاگردن لاءِ جيڪي ڪتاب خريد ڪري نٿا سگهن، ۽ انهن جي ترقي لاءِ جو هڪ تمام اهم ڪردار آهي، ۽ اسين جيڪڏهن تاريخ ۾ نظر وجهنداسون تـه اهي سڀ وڏا ماڻهون جيڪي پنهنجي زندگي ۾ گهڻو ڪري تعليمي ڪاميابيون ماڻيون اهي نـه صرف لائبريرين
۾ پڙهيا پر پنهنجون لائبريريون گهر ۾ ٺاهيون.
ائين ئي پاڪستان ۾ 1952ع ۾ جنرل مارشل ايوب جي دوُر ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ منظور ٿيندڙ پبلڪ لائبريريون ڪتب خانا وقت سر سارسنڀال نـه ٿيڻ جي ڪري تباهي ڏانهن وڃي رهيون آهن. ائين ئي سنڌ جو تاريخي شهر عمر ڪوٽ جنهن جي هڪ الڳ تاريخي سڃاڻپ آهي. پر افسوس سان هن جي حيثيت تاريخ طور رهي آهي، هن جديد تعليمي دُرر ۾ پوري عمر ڪوٽ شهر ۾ صرف هڪ لائبريري آهي، جنهن کي عمر ڪوٽ پبلڪ لائبريري چيو وڃي ٿو، جيڪا 70ع ۽ 80ع جي وچ واري ڏهاڪي ۾ تعمير ٿي. بعد ۾ 11 ڊسمبر 1985 ع ۾ ان وقت جي وڏي وزير سنڌ جسٽس ”ر“ غوث علي شاهـه نئي هنڌ نئي سر قائم ڪئي، جنهن جو مقصد هو تـه ان وقت جي پٺ تي پيل علائقي جي شاگردن ۽ هتان جي ادبي سياسي سماجي ماڻهون کي ڪتابي مطعالي سان ڳنڍيو وڃي، جئين هو تعليم سان سلهاڙيل هجڻ ڪري اڳتي وڌندا وڃن، پر جڏهن اسين اڄ هن تعليمي ۽ تاريخي شهر عمر ڪوٽ جي مين لائبريري تي هڪ نظر وجهنداسين تـه کنڊر ٿيندڙ منظر نظر ايندو آهي. ان کنڊر ٿيڻ جو سبب ڇا ليکي سگهجي
ٿو....!! انتطامـيه جي بي ڌياني يا بجيٽ جو نـه اچڻ ...!!! 
لائبريري جڏهن قائم ٿي تـه ان وقت مختلف قسمن جا ڪتاب جن جو تعداد 10 هزار کان وڌيڪ هيو، ۽ ان کان پوءِ بـه سياسي سماجي توڙي ادبي شخصيتيون پنهنجي طرفان هتي ڪتاب رکندا ويا مگر اهو عمل ڪافي وقت نـه هلي سگهيو، جڏهن هتي ڪتاب ۽ رسالا هوندا هئا تـه روزاني اندازي موجب 50 کان 60 شاگرد هروز اچي علمي اضافو ڪندا هئا،  گذريل ڪافي سالن هتي سڪيورٽي انتظام نـه هجڻ ڪري هتان ڪتاب آهستـه آهستـه گم ٿيندا ويا، ۽ هاڻي الميو اهو آهي تـه عمر ڪوٽ جي تاريخي ڪتب خانو صرف نالي جو ڪتب خانو رهيو جتي 15 هزار ڪتاب هوندا هئا اڄ اتي آنگرين تي ڳڻجڻ جيترا ڪتاب پيل آهن، جيڪي هيئنر  اڏوهي جو کاڄ بڻيل ۽ مٽي سان ڀريل آهن. ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته عمارت کي ڏسي اهو لڳندو آهي تـه سوين سالن کان هن اهم عمارت جي ڪنهن سار سنڀال ناهي لڌي، ديوارن تـه ڏار پيئجي ويا آهن، ۽ انقريب اهي ديوارون بـه لئي مٽي ٿيڻ جو خدشو پڻ آهي. اگر ڪو شاگرد يا اديب شخص پنهنجي گهران ڪتاب کڻي هتي پڙهڻ اچي ٿو تـه هنن جي لاءِ ويهڻ جي ڪرسي نـه آهي ، ۽ نادرا آفيس جي ڀرسان هجڻ جي ڪري سڄي رش لائبريري جي پڙهڻ واري ماحول کي خراب ڪري ٿي جنهن جي ڪري هاڻي هتي ڪير اچڻ لاءِ بـه تيار ناهي.
ساڳي طرح جڪڏهن اسان عمر ڪوٽ جي هڪ ٻي لائبريري جيڪا هڪ سماج سڌارڪ تنظيم (اين جي او) طرفان ٺهرائي وئيم اتي شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي، اگر سهولتن جي ڳالهـه ڪنداسين تـه هتي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، ويهڻ لاءِ خوشگوار جڳهه ۽ خاموشي وارو ماحول ۽ مختلف قسمن جا ڪتاب بـه آساني سان ملي سگهن ٿا. انهي جي ڪري ئي شاگرد هن سرڪاري لائيبريري کي ڇڏي ڪري اوڏانهن لاڙو ڪن ٿا. پر پبلڪ لائبريري جي خاص ڪري غريب شاگردن ۽ پڙهندڙ جنهن کي ڪتاب خريد ڪڙڻ جي گنجائش نـه هوندي آهي انهن لاءِ پبلڪ لائبريري جو هڪ اهم ڪردار آهي، ڇوجو جيڪڏهن ترقي آفتاح ملڪن کي ڏسنداسون تـه هر عوامي مرڪز تي ڪتب خانـه قائم آهن جيئن ماڻهون اتي پڙهي ڪري پنهنجي علم ۾ وڌارو آڻين .
هڪ سٺي لائبريري جو موجود هئڻ
جو مطلب اهو هر گز ناهي جو اها سٺي ڊزائين ۾ ٺهيل هجي پر ان سان گڏوگڏ  ۾ هر قسم جا ڪتاب، رسالا، اخبار هجن ۽ مطالعي

 ڪندڙن لاءِ سهولتون جهڙوڪ خاموش ماحول ، صاف پاڻي وغيره.
عمر ڪوٽ جي پبلڪ لائبريري کي ڏسي ائين لڳي ٿو تـه اها تباهي صرف لائبريري جي نـه بلڪـه هتي هر ان شاگرد جي آهي جيڪي پڙهڻ چاهين ٿا، اڳتي اچڻ چاهين ٿا.
وقت جي مالڪن ۽ تعليم سان وابسته
وزيرن مشيرن کي گهرجي تـه تاريخ کي محفوظ ڪندي هن تاريخي علمي خزاني کي ٻيهر رنگ ڏنو وڃي، هن جي عمارت نئي سر جوڙي قائم ڪري هن کي شهر جي شور شرابي کان پري رکيو وڃي ۽ لاپرواهي ڪندڙ تعليم دشمنن احساس ڏيارو وڃي تـه اگر ڪو عمر ڪوٽ جو ٻار پڙهي ٿو تـه سنڌ پڙهي ٿي، ۽ سنڌ سان دشمني پنهنجي جيجل ماءُ سان دشمني جي برابر آهي. هي لائبريري  جيڪو هيئنر محرومي جو احساس ڏياري رهي آهي ۽ انهي اهم مسئلي کي ترت حل ڪرڻ گهرهجي،  ڇاڪاڻ جو هن لائبريري جي تباهي جو اثر اسان جي ايندڙ نسلن تـي نـه پئي، ۽ هي لائبريري صرف ڪجهـه ڪاروائين ڪتابن ۾ لکيل نـه هجي.






                                                                                              


Naushroferz today by Amin Taggar

Revised version

نوشهروفيروز جي موجوده صورتحال...!

آرٽيڪل محمد امين تڳر 2k14/mc/115

عظيم تهذيبن جي ماءُ سنڌ ڌرتي پنهنجي وجود کان اڄ تائين تاريخي حيثيت رکي ٿي، ان جو زنده مثال 5 هزار سال پراڻو موئن جو دڙو آهي، سنڌ جي قديم شهرن مان موجوده ضلعو نوشهروفيروز به هڪ آهي، نوشهروفيروز شهر سان نصير شاهه جي دور ۾ ڪلهوڙا حڪومت ۾ ٺهيو سنڌو دريا جي کاٻي پاسي سمون فقير نالي سان فقير فيروز ويرڙ تي حڪم ڪيائون ته 9 ڳوٺن کي ملائي هڪ نالو رکيو وڃي، جنهن تي انهن نالو نوشهروفيروز رکيو، 1843ع ۾ برطانيا حڪومت نوشهروفيروز کي سب ڊويزن جو درجو ڏنو، 1989ع انهي کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو نوشهروفيروز کي ضلعي جو درجو ڏياريو، هن تاريخي شهر جون مشهور شخصيت سيد الهندي شاهه 1883ع ۾ هتي مدرسه ائنڊ هاءِ اسڪول جي نالي سان بورڊنگ اسڪول قائم ڪيو جنهن ۾ اڳوڻي نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي، شمش العلماءَ عمر بن دائود پوٽو، اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر ظفر علي شاهه ۽ ٻين ڪيترين ئي اهم شخصيتن هتان تعليم پرائي آهي، 80 واري ڏهاڪي ۾ ٻهراڙيءَ ۾ ڌاڙيلن جي راڄ سبب نوشهري ۾ آباديءَ جو دٻاءَ وڌيو ۽ جيڪو هاڻي به وڌندو رهي ٿو. جنهن سبب شهر ۾ ڪاروبار وڌيو آهي، دوڪانن جي تعداد ۾ چئوڻ پنجوڻ اضافو ٿيو آهي. 20 سال اڳ هتي هڪ نجي اسڪول کليو پر هاڻي 30 کان وڌيڪ نجي تعليم جا اسڪول آهن. سنڌ جي ٻين ضلعن جيان نوشهروفيروز ضلعو به مسئلن جي ور چڙهيل آهي، جنهن ۾ ٽرئفڪ، صحت جي سهولتن جي کوٽ، عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، تعليمي ادارن جي کوٽ ۽ شهر ۾ نيڪالي جو سسٽم درهم برهم آهي، هن وقت نوشهروفيروز ۾  جيڪي پرائمري اسڪول آهن انهن مان 30 کان وڌيڪ بند پيل آهن جن تي وقتي وڏيرن پنهنجا چنبا ڄمائي قبضو ڪيو آهي، سرڪاري حڪومت جي آشرواد سان معصومن جو مستقبل تباهه پيا ڪن،  شهر ۾  وڏي ۾ وڏو مسئلو اڻپورو ٽرئفڪ نظام آهي، جنهن ڪري صبح جو رش هوندي آهي، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي  تمام گهڻي تڪليف سان گڏ پڻ مشڪلات به ٿئي ٿي، شهر جا روڊ رستا به گندگي جي ور چڙهيل آهن، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي وائرس واريون بيماريون پکڙي چڪيون آهن،  ميونسپل عملي صفائي وارا به هفتي پندرهن ڏينهن کان يا ته وري ڪڏهن ڪڏهن  مهيني تي صفائي جو فرض پورو ڪرڻ ايندا آهن، شهر اندر کليل گٽر هئڻ ڪري معصوم ٻارن جي مرڻ جا به اڪثر واقعا ٿيندا رهندا آهن، پر اڃا تائين حڪومت جي ڪن تي جونءِ به ڪونه ٿي چري،  شهر جي سول هاسپيٽل صرف نالي ماتر رهي آهي، دوائن جا ڪٻٺ صرف کالي کوکن سان ڀريل نظر ايندا، اسپتال ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر ايندا آهن، بنا سرڪاري علاج جي مريضن کي اها ئي تلقين ڪري ويندا آهن ته شام جو ڪلينڪ تي اچو توهان جو صحيح طرح سان علاج ڪيو ويندو، شهر جو غريب عوام ڊاڪٽرن جو ڳريون فيسون ڪٿي ٿو ڀري سگهي، غريب ماڻهو وٽ ايترو به پئسو ناهي هو ٽي ويلا ٻارن کي ماني کارائن، هڪ ته مهنگائي چوٽ تي چڙهيل ٻيو وري بيروزگاري، غريب ماڻهن کي گهڻن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿي، ضلعي نوشهروفيروز جون سياسي ڌريون اليڪشن جي وقت وڏين گاڏين ۾ نظر اينديون، پنهنجي مفاد خاطر ووٽ وٺڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن جون پراڻيون تعزيتون ڪرڻ لاءِ اوطاقن تي ميلا متل هوندا آهن، مشڪلاتن ۾ منهن به ڪونه ڏيکارين، پر توهان هوندي به سنڌي ماڻهو ڏاڍو مهمان نواز آهي گهر آيل دشمن کي به سٺي موٽ ڏيندو آهي، ووٽ به سندس چوڻ تي ڏئي ڇڏيندو آهي، نوشهروفيروز شهر  جي روڊ رستن جو حال به خراب آهي، جنهن ڪري ٽرئفڪ جو جام ٿيڻ، روز جو معمول بڻيل آهي، پهرين شهر اندر ڪجهه مٺي پاڻي جا پلانٽ لڳايا ويا هئا، جيڪي هن وقت ناڪاره بڻيل آهن، شهرين کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ  ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ضلعي اندر ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آبادي  ۽ بيروزگاري  به شهر جي ماحول جو نقشو بدلائي ڇڏيو آهي، وڌندڙ آبادي ۽ سهولتن جي کوٽ ڪري عوام آزار ۾ آهي، بيروزگاري جي ڪري اڪثر نوجوان پريشان ۽ مايوسي جو شڪار بڻيل آهن، اسان جي سنڌ سرڪار کي اپيل آهي ته نوشهروفيروز شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئن شهري سٺي نموني سان زندگي بسر ڪري سگهن.