Showing posts with label صدام. Show all posts
Showing posts with label صدام. Show all posts

Monday, 8 February 2016

Interview by Sadam

very  Poor
 INitial question be put in introduction. every interview has it separate introduction
Final Interview by Saddam Hussain  


مٺا مور ماڻهون سهڻي سنڌ جا آهن،
 ڪڏهن ڪين نه ڪنهن جي دلڙي رنجائن ،
 سنڌي ماڻهون ساڌا لکن ۾ پڌرا،
 عزت سان رکن جي ککهن ۾ ٻچڙا،
 قلندر ڀٽائي سچل واري سنڌ جا آهن،
 ثقافت سچائي ۾ سنڌي سچا آهن.
محمد قمبراڻي (شاعر)) 



منهنجو نالو محمد قمبراڻي ولد دين محمد قمبراڻي آهي  اصل ڳوٺ سائين ڏنو ملاح جيڪو درياءَ جي
ڪناري سان المنظر جي ڀرسان آهي ۽ منهن پيدائش  3-1-1975  ع  ۾ ٿي سندس پرائمري تعليم ڳوٺ سائين ڏنو ۾ ورتي.

سوال: ننڍ پڻ ڪيئن ۽ ڪاٿي گذاريو؟
جواب: ننڍ پڻ ڄامشوري المنظر وٽ گذاريو مان ٽئين جماعت ۾ هئس ته منهنجو والد گذاري ويو
 ان کان بعد گهر جو بوجهه مون تي هيو  ۽  پوءِ مان المنظر جي هوٽلن وٽ ڪارون صاف ڪندو
 هئس ڪجه وقت کان پوءِ ان هوٽل تي ڪم ڪيو ۽ پوءِ ان هوٽل تي مينيجر ٿيس ۽ پوءِ المنظر پل وٽ سيڪيورٽي انچارج مقرر ٿيس  مان تعليم  1989 ع  شروع ڪئي  1994 ع ۾ پنج پاس ڪري مجبوري سبب پڙهائي بند  ڪري ڇڏي ۽ اڳتي پڙهي  نه سگهيس.

سوال: جيڪڏهن شاعر نه هجو ها ته ؟
جواب: اگر شاعر نه هجا ها ته بزنس مين ٿيا ها ڇو جو  ڪراچي  ۾  ٻن هوٽلن تي مينيجري به ڪئي. بلڊيگ مٽيريل ۽ سيمينٽ جو ڪاروبار به سٺي نموني هلايو .

سوال: توهان جو شاعري ڏانهن لاڙو ڪيئن پيدا ٿيو ۽ شاعري ڪڏهن شروع ڪئي؟
جواب: شآعري ته مان 2002 ع  ۾ شروع ڪئي ۽ ڪافي سارا گيت لکيا ۽ پوءِ ڪنهن فنڪار کي مان شاعري ڏني ته هن مونکي چيو ته اوهانجي شاعري مونکي سمجه ۾ نٿي اچي ۽ مان ڪاوڙ ۾ پنهنجي شاعري جي ڊائري درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏي . انکاپوءِ 2005 ع  ۾ شاعري لکڻ شروع ڪئي ۽ پهرين شاعري ٻالڪ سندي ڳائي جنهن جا ٻول هئا. اُهي آشيانا توکي ياد آهن جيڪي سنڌوءَ ڪناري آباد آهن.

سوال: قديم ۽ جديد شاعري ۾ ڪهڙو فرق آهي ؟
جواب: جيڪا قديمي شاعري آهي ان ۾ ڏکيا لفظ آهن جيئن شاه لطيف ،  شيخ اياز ، جي شاعري آهي . اها سنڌي ٺيٺ ٻولي آهي جيڪا سمجهڻ ۾ مشڪل آهي مان اهو نٿو چوان ته قديمي شاعري غلط آهي پرقديمي شاعري پنهنجي دئور جي حساب سان صحيح آهي ۽ جديد شآعري به پنهنجي وقت جي حساب سان صحيح آهي.

سوال: شاعري جي سکيا ڪنهن کان ورتي ؟
جواب: شاعري جي سکيا مان ڪنهن کان به نه ورتي ڇو جو مان استاد بخاري کي تمام گهڻو پڙهيو آهي  . دلي استاد ، استاد بخاري کي مڃيندوآهيان. غفار تبسم ، انور قمبراڻي ، افضل سولنگي ، ماڻڪ ملاح انهن جي شآعري پڙهي ڪري انهن کان متاثر ٿي ڪري مان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ شاعري لکڻ لاءِ تنهائي هجڻ ضروري آهي.

سوال: توهان جو ڪو ڪتاب شايع ٿيو آهي ؟
جواب: ڪتاب جي تياري لڳي پئي آهي مواد به موجود آهي جنهن ۾ غزل ، گيت ، نظم به شامل آهن جيڪو ڪجه وقت ۾ شايع ٿيندو .

سوال: شاعري کان علاوه اوهان جون ٻيون ڪهڙيون  ادبي  خدمتون آهن؟
جواب: شاعري کان علاوه اسان سماجي آهيون ۽ سماج جي خدمت ڪندا آهيون ۽ ان  کان علاوه ڪاروبار به ڪري رهيا آهيون .

سوال: قوم کي پنهنجي شاعري ذريعي ڪو پيغام ڏنو آهي ؟ 
جواب: پنهنجي شآعري ذريعي قوم کي پيغام ڏنو جنهن جا ٻول هئا. ۽ ثقافت جي ٽائيم ڏنو هو
مٺا مور ماڻهون سهڻي سنڌ جا آهن،
ڪڏهن ڪين نه ڪنهن جي دلڙي رنجائن ،
سنڌي ماڻهون ساڌا لکن ۾ پڌرا،
عزت سان رکن جي ککهن ۾ ٻچڙا،
قلندر ڀٽائي سچل واري سنڌ جا آهن،
ثقافت سچائي ۾ سنڌي سچا آهن.

سوال: زندگي جو ڪو  اڻ وسرندڙ واقعو؟
جواب:  جڏهن  منهنجو بابا سائين گذاري ويو آئون ان وقت  ڇهه سالن جو هيس بابا سائين جي وفات کان پوءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش آيون جنهن ۾ آئون  بلڪل بيوس ٿي ويس اهو زندگي جو  اڻ وسرندڙ واقعو آهي جنهن کي آئون چاهيندي به وساري نه سگهيو آهيان .

سوال: اوهان جو ڪو پيغام؟
جواب: وڏن جي عزت ڪيو ننڊن سان پيار ڪيو ڌرتي سان محبت ڪريو ڪنهن جي دل نه رنجايو ڇو جو هر دل ۾ الله رهندو آهي اگر ڪنهن دل کي رنجائيندئو ته الله کي رنجائڻ جي برابر آهي. هر نوجوان کي گهرجي ته قلم سان پنهنجي جنگ کي جاري رکي. 



صدام حسين سولنگي
2k14/MC/162

Tuesday, 19 January 2016

Referred back Saleem Bhutto Laifi - Profile

Profile By Saddam Hussain Solangi 
 u should also write ur name in Sindhi and mention that its profile. Check ur mail for details

سليم ڀٽو لطيفي                                             

سنڌ  ڌرتي مختلف شاعرن اديبن ۽ ليکڪن سان ڀريل آهي. جنهن ۾ ڪجه اهڙا ماڻهون جيڪي پنهنجي ڌرتي جي مشهور شاعرن سان چاه رکن  ٿا ته ڪجه اديبن ۽ ليکڪن سان . انهن مان هڪ انسان هي آهي جنهن جو عشق شاه عبدالطيف ڀٽائي سان آهي جنهن جو نالو آهي  سليم ڀٽو لطيفي.
 شاه عبدالطيف ڀٽائي سان ايترو چاه اٿس جو سندس پنهنجي نالي پويان به لطيفي سڏائي ٿو

سليم ڀٽو لطيفي ولد حاجي  محمد عظيم
 ڀٽو پهرين آڪٽوبر  1961 ع تي ڳوٺ
ٻيلو پتڻ ضلعو خيرپور ناٿن شاه ۾ جنم
ورتو سليم ڀٽو پنهنجي زندگي جي
شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري
 اسڪول مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ جي
 تعليم 1976 ع ۾  ميهڙ جي گورنمينٽ 
هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. انٽر جي
 تعليم پنهنجي ڳوٺ جي گورنمينٽ ڪاليج
 ڪي اين شاه مان 1978 ع ۾ پاس ڪئي
 پنهنجي تعليم جاري رکڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي
 ۾ ٽيسٽ پاس ڪري ايم اي انگلش جي ڊگري حاصل ڪئي .
سليم ڀٽو لطيفي پنهنجي عملي زندگي جي شروعات 1978 ع ۾  جونيئر اسڪول ٽيچر جي حيثيت ۾  ڪئي جونيئر استاد جي مقرري ميهڙ ۾ ڪئي وئي . ان کان بعد سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي ۾ لاڪچرار جي حيثيت سان مقرر ٿيو
ليڪچرار جي هجڻ باوجود پنهنجي  تعليم کي نه ڇڏيو ۽ 1987 ع ۾  پي. سي. ايس  ڪواليفائي ڪرڻ بعد 1988 ع ۾  سي . ايس . ايس ڪواليفائي ڪري ورتي  جنهن کان پوءِ ايڪسائيز ٽيڪسيشن آفيسر مقرر ٿيو. ايڪسائيز  ڊپارٽمينٽ کاتي ۾ مقرري کان پوءِ مختلف ضلعن ۾ فرائض سرانجام  ڏنا انهن ضلعن ۾ ڪجه ضلعا هي آهن حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاه، خيرپور ميرس، سانگھڙ، دادو، شڪارپور، ڄامشورو، مٽياري ء گھوٽڪي ۾ نوڪري ڪري چڪو آهي. هن وقت لاڙڪاڻي ۾ ڊاريڪٽر پراپرٽي ٽيڪس طور ڊيوٽي ڪري رهيو آهي. سليم ڀٽو لطيفي جو لطيف سائين سان محبت ۽ ان ڏانهن لاڙو ايم . اي  انگريزي ڪرڻ دوران وڌيڪ رجحان ٿيو. انگريزي شعبي ۾ پڙهندو هيو ۽ فارغ وقت ۾ لطيف سائين جا ڪتاب به شوق سان پڙهندو هو کيس لطيف سائين سان عشق ته ننڊي هوندي کان هو پر ايم . اي ڪندي دوران تمام وڌيڪ دلجسبي سان پڙهن لڳو سليم ڀٽو سادو ۽ خوش مزاج طبيعت رکندڙ آهي. سليم
ڀٽو لطيف سائين تي ڪجه مختلف ڪتاب به پڻ لکي چڪو آهي جن مان ڪجه هي ڪتاب شايع ٿيا آهن

.1 شاه جي شاعري جو جديد فڪر 1990ع ۾ لکيو.
2. لطيفي لات جا 1991ع ۾ ڇپيو.
3 .شاه جي شاعري جو سچ 1995ع
 Horizon of Shah Latif Poetry 1994. 4
5 .لات جا لطيف جي 1994ع
6 .حقيقت هن حال جي جلد چار (4) 1997 - 1995
7 .مهڙا بيت سڌير 2003ع
 8 .قدر ڪيميا ان جو 2005ع
 9 .اسان جو شاه لطيف (جلد 5)

سليم ڀٽو لطيفيءَ جو لطيف سائين سان عشق تمام گھرو آهي. سندس سمورين لکڻين جو محور ۽ مرڪز شاه لطيف آهي. هو لطيف سائين سان عشق کان سواءِ پنهنجي وجود جي نفي ڪري ٿو.
سليم ڀٽو لطيفي عام زندگيءَ ۾ ملنسار ۽ پربهار شخصيت جو مالڪ آهي. هوا ڄائي وڏائي ۽ ٺاٺ کان پري ڀڄندڙ آهي، هو سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي واري رهائشگاه تي "لطيفي تحقيقي تڪيو" جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو آهي.
جٿان لطيف سائين تي سندس لکيل ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪري ٿو. سندن سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ڄامشوري واري رهائش گاه "لطيفي واهيرو" جي نالي سان مشهور آهي.  

سليم ڀٽو لطيفي اهو پيغام ڏئي ٿو ته پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪو قائم ڪيو ۽ پيار ۽ محبت سان رهو  ڪتابن سان دل لڳايو ۽ پنهنجي تعليم ۾ نواڻ آڻيون. ادب ، ثقافت ۽ شاعري کي اجاگر ڪيو