very Poor
INitial question be put in introduction. every interview has it separate introduction
INitial question be put in introduction. every interview has it separate introduction
Final Interview by Saddam Hussain
مٺا مور ماڻهون سهڻي سنڌ جا آهن،
ڪڏهن ڪين نه ڪنهن جي دلڙي رنجائن ،
سنڌي ماڻهون ساڌا لکن ۾ پڌرا،
عزت سان رکن جي ککهن ۾ ٻچڙا،
قلندر ڀٽائي سچل واري سنڌ جا آهن،
ثقافت سچائي ۾ سنڌي سچا آهن.
محمد قمبراڻي (شاعر))
منهنجو نالو محمد قمبراڻي ولد دين محمد قمبراڻي آهي اصل ڳوٺ سائين ڏنو ملاح جيڪو درياءَ جي
ڪناري سان المنظر جي ڀرسان آهي ۽ منهن پيدائش 3-1-1975 ع ۾ ٿي سندس پرائمري تعليم ڳوٺ سائين ڏنو ۾ ورتي.
سوال: ننڍ پڻ ڪيئن ۽ ڪاٿي گذاريو؟
جواب: ننڍ پڻ ڄامشوري المنظر وٽ گذاريو مان ٽئين جماعت ۾ هئس ته منهنجو والد گذاري ويو
ان کان بعد گهر جو بوجهه مون تي هيو ۽ پوءِ مان المنظر جي هوٽلن وٽ ڪارون صاف ڪندو
هئس ڪجه وقت کان پوءِ ان هوٽل تي ڪم ڪيو ۽ پوءِ ان هوٽل تي مينيجر ٿيس ۽ پوءِ المنظر پل وٽ سيڪيورٽي انچارج مقرر ٿيس مان تعليم 1989 ع شروع ڪئي 1994 ع ۾ پنج پاس ڪري مجبوري سبب پڙهائي بند ڪري ڇڏي ۽ اڳتي پڙهي نه سگهيس.
سوال: جيڪڏهن شاعر نه هجو ها ته ؟
جواب: اگر شاعر نه هجا ها ته بزنس مين ٿيا ها ڇو جو ڪراچي ۾ ٻن هوٽلن تي مينيجري به ڪئي. بلڊيگ مٽيريل ۽ سيمينٽ جو ڪاروبار به سٺي نموني هلايو .
سوال: توهان جو شاعري ڏانهن لاڙو ڪيئن پيدا ٿيو ۽ شاعري ڪڏهن شروع ڪئي؟
جواب: شآعري ته مان 2002 ع ۾ شروع ڪئي ۽ ڪافي سارا گيت لکيا ۽ پوءِ ڪنهن فنڪار کي مان شاعري ڏني ته هن مونکي چيو ته اوهانجي شاعري مونکي سمجه ۾ نٿي اچي ۽ مان ڪاوڙ ۾ پنهنجي شاعري جي ڊائري درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏي . انکاپوءِ 2005 ع ۾ شاعري لکڻ شروع ڪئي ۽ پهرين شاعري ٻالڪ سندي ڳائي جنهن جا ٻول هئا. اُهي آشيانا توکي ياد آهن جيڪي سنڌوءَ ڪناري آباد آهن.
سوال: قديم ۽ جديد شاعري ۾ ڪهڙو فرق آهي ؟
جواب: جيڪا قديمي شاعري آهي ان ۾ ڏکيا لفظ آهن جيئن شاه لطيف ، شيخ اياز ، جي شاعري آهي . اها سنڌي ٺيٺ ٻولي آهي جيڪا سمجهڻ ۾ مشڪل آهي مان اهو نٿو چوان ته قديمي شاعري غلط آهي پرقديمي شاعري پنهنجي دئور جي حساب سان صحيح آهي ۽ جديد شآعري به پنهنجي وقت جي حساب سان صحيح آهي.
سوال: شاعري جي سکيا ڪنهن کان ورتي ؟
جواب: شاعري جي سکيا مان ڪنهن کان به نه ورتي ڇو جو مان استاد بخاري کي تمام گهڻو پڙهيو آهي . دلي استاد ، استاد بخاري کي مڃيندوآهيان. غفار تبسم ، انور قمبراڻي ، افضل سولنگي ، ماڻڪ ملاح انهن جي شآعري پڙهي ڪري انهن کان متاثر ٿي ڪري مان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ شاعري لکڻ لاءِ تنهائي هجڻ ضروري آهي.
سوال: توهان جو ڪو ڪتاب شايع ٿيو آهي ؟
جواب: ڪتاب جي تياري لڳي پئي آهي مواد به موجود آهي جنهن ۾ غزل ، گيت ، نظم به شامل آهن جيڪو ڪجه وقت ۾ شايع ٿيندو .
سوال: شاعري کان علاوه اوهان جون ٻيون ڪهڙيون ادبي خدمتون آهن؟
جواب: شاعري کان علاوه اسان سماجي آهيون ۽ سماج جي خدمت ڪندا آهيون ۽ ان کان علاوه ڪاروبار به ڪري رهيا آهيون .
سوال: قوم کي پنهنجي شاعري ذريعي ڪو پيغام ڏنو آهي ؟
جواب: پنهنجي شآعري ذريعي قوم کي پيغام ڏنو جنهن جا ٻول هئا. ۽ ثقافت جي ٽائيم ڏنو هو
مٺا مور ماڻهون سهڻي سنڌ جا آهن،
ڪڏهن ڪين نه ڪنهن جي دلڙي رنجائن ،
سنڌي ماڻهون ساڌا لکن ۾ پڌرا،
عزت سان رکن جي ککهن ۾ ٻچڙا،
قلندر ڀٽائي سچل واري سنڌ جا آهن،
ثقافت سچائي ۾ سنڌي سچا آهن.
سوال: زندگي جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
جواب: جڏهن منهنجو بابا سائين گذاري ويو آئون ان وقت ڇهه سالن جو هيس بابا سائين جي وفات کان پوءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش آيون جنهن ۾ آئون بلڪل بيوس ٿي ويس اهو زندگي جو اڻ وسرندڙ واقعو آهي جنهن کي آئون چاهيندي به وساري نه سگهيو آهيان .
سوال: اوهان جو ڪو پيغام؟
جواب: وڏن جي عزت ڪيو ننڊن سان پيار ڪيو ڌرتي سان محبت ڪريو ڪنهن جي دل نه رنجايو ڇو جو هر دل ۾ الله رهندو آهي اگر ڪنهن دل کي رنجائيندئو ته الله کي رنجائڻ جي برابر آهي. هر نوجوان کي گهرجي ته قلم سان پنهنجي جنگ کي جاري رکي.
صدام حسين سولنگي
2k14/MC/162
No comments:
Post a Comment