Showing posts with label پون ڪمار. Show all posts
Showing posts with label پون ڪمار. Show all posts

Thursday, 21 January 2016

Revised- Profile of Iqbal Mallah

Revised version 
سينيئر صحافي اقبال ملاح جو پروفائل 
پون ڪمار
رول نمبر 117
سنڌ جي صحافت ۽ سياسي نظرياتي هلچل ۾ اقبال ملاح جو تعارف ڪنهن کان ڳجهو نه رهيو آهي. هن زندگي جا ڪيترائي سال سنڌي صحافت کي ارپيا آهن. هن جو ماضي به صحافت وانگر هڪ نظرياتي سياسي استاد ۽ مخلص ڪارڪن طور گذريو آهي. اهو تسلسل اڄ به هن جي لکڻين ۾ چٽي ريت نظر اچي ٿو. اقبال ملاح پهرين فيبروري 1970 ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ گهاڙي ۾ جنم ورتو.هن جو والد زرعي اداري ۾ سرڪاري ملازم هو، جنهن اقبال ملاح جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پڙهائڻ ۾ زري برابر ڪوتاهي نه ڪئي. اقبال ملاح جو والد مزدور اڳواڻ به هيو، ان ڪري هن جيئن ئي گهر ۾ اک کولي ته سندس اڳيان هڪ مزدور گهراڻو موجود هو، جنهن سبب هن پورهيت سياست جو اغاز ڪيو
.هن پرائمري تعليم 1980 ۾ حيدرآباد تعلقي لطيف آباد جي ڳوٺ عبدلله نوناري مان حاصل ڪئي، جنهن بعد اٺ درجا ڳوٺ ولي داد چانڊيو اسڪول ميهڙ ۾سال 1987  پاس ڪيا. مئٽرڪ جو امتحان  ميهڙ شهر ۽ ٻارهين جماعت جو امتحان خيرپور ناٿن شاهه ڪاليج مان پاس ڪيو، وڌيڪ تعليم لاءِ ِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو آيو، جتان 1990 ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊگري ورتي. اقبال ملاح سياست جو آغاز ستين جماعت کان ڪيو ۽ اٺين جماعت  دوران ساٿي ٻارڙا سٿ ۾ شامل ٿي باقاعدا شاگرد سياست جو آغاز ڪيو، اقبال ملاح پنهنجي جيون ساٿي طور ٻه شاديون ڪيون، جن مان ٽي پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. هن جو وڏو پٽ ساحل، آدرش، ساگر، سرويج ۽ نياڻين ۾ مهڪ ۽ سنڌو آهن. هن موجب ته زالن کي چاهت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو آهي. زالن ۾ تلخ ڪلامي نه ڪئي آهي. گڏيل خاندان جي بدولت زالن جي ڪڏهن به تڪرار سامهون نه آيو آهي. هو زالن کان ناراض ٻارن جي سار سنڀال نه رکڻ جي صورت ۾ ٿيندو آهي. هن جي پهرين شادي 25 سال اڳ ٻالڪ پڻي ۾ ادي بدي طور ٿي. سندس ٻي شادي مشهور ڪميونيسٽ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي نياڻي بختاور ڄام سان ٿي، جيڪا هينئر صحت شعبي ۾ 17 گريڊ جي آفيسر آهي،  شادي وقت ڊي ايس ايف ۾ سرگرم اڳواڻ به هو. هن جي شادي ۾ سڄي سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ۽ ڪامريڊ ساٿين شرڪت ڪئي. شادي ڪاڄ ۾ منصوبي تحت مشهور ڌاڙيلن جي ٽولي ڪاهه ڪئي ۽ ڌاڙيلن فائرنگ ڪرڻ بعد مير ٿيٻي سوڌو 11 ساٿين کي اغوا ڪيو. جڏهن ته مغوي سياسي اڳواڻن جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي ، محترم شهيد بينظير ڀٽو، پير پاڳارا، سميت وڏن سياستدانن هن واقعي جي مذمت ڪئ.ي ۽ اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪيو، هن جي شادي وقت برک کاهوڙي  ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي پارٽي جي سلسلي ۾ روس جي دوري تي ويل هو، جيتوڻيڪ ڪامريڊ ڄام ساقي اغوا ڪيل اڳواڻن جي بازيابي لاءِ پاڪستاني سفارتخاني سان رابطو ڪري روس جي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن زور ڀريو ته ڪامريڊ اقبال جي شادي ڪاڄ مان اغوا ڪيل 11 ڄڻن کي بازياب ڪرائي سندس وارثن حوالي ڪيو وڃي، جنهن بعد ڌاڙيلن ڪامريڊ ساٿين کي سخت تڪليف ۾ رکيو ۽ ڪامريڊ سجاد ظهير ۽ ٻين ڪجه ساٿين کي بنا ڀنگ ڀرڻ جي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته مغوي مير ٿيٻو ۽ حفيظ دايو کي ڀنگ عيوض مائٽن حوالي ڪيو ويو، ڌاڙيلن اهڙي وصول ڪيل ڀنگ تي چيو ته اسان 11 ڄڻن کي اغوا ڪري ڪجهه به حاصل نه ڪيو، ٻن ڄڻن جي ڀنگ وٺي ڳولين جو خرچ پورو ڪيو آهي، ساڳي وقت ڌاڙيلن جي ٽولي پورهيتن کي قيدي بڻائي شرمندگي محسسوس ڪئي،اها وارتا اقبال ملاح موجب ته ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي آيل اڳواڻن ٻڌائي هئي.
 اقبال ملاح شاگرد سياست دوران ڪميونسٽ پارٽي جي ذيلي ونگ ڊي ايس ايف جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو ، جڏهن ته 1990ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي شاگرد ڪميٽي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙيل هجڻ ڪري اقبال ملاح سنڌ ۽ ملڪ جو هر شهر گهميو ۽ هڪ دوستن جو وڏو حلقو پڻ تيار ڪيو. هن سياست وقت نظرياتي، سياسي، ادبي ۽ تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪيو۽ پڙهائرڌسري جو عمل اڄ به جاري رکيو اچي. هن جي پسند جا ليکڪ ڪيترائي گذريا آهن. مئڪسم گورڪي جو لکيل ناول ماءَ ۽ ٻئي مهاڀاري جنگ جي پسپمنظر ۾ لکيل ناول چرغ جلتا رها ڪتاب پسندديد رهيا آهن. جيتوڻيڪ اهڙن ڪتابن جي مطالعي ئي زندگي هن جي زندگي ۾ تبديلي آندي. اقبال ملاح جي هڪ خاصيت اها به آهي ته هي دنيا ۾ ملهاجندڙ پورهيتن ۽ پيڙهيل طبقي جي عالمي ڏهاڙن جي موقعي تي وڌي چڙهي حصو وٺندو رهيو آهي. هن انتهائي تڪليف وارين حالتن ۾ تعليم پرائي هن تعليم دوران حيدرآباد جي گدو چوڪ واري علائقي ۾ اخبارن جو اسٽال لڳايو ، جتي ڪامريڊ ساٿي حيدر شاهاڻي ٻيا دوست ڏسي ڳاڏي مان لهي ڳلي لڳائيندا هئا ۽ چوندا هئا ته ڪامريڊ هي ڇا پيو ڪرين؟ هن يونيورسٽي مان ڊگري وٺڻ بعد عام شاگردن وانگر ڪنهن سرڪاري نوڪري ۽ وڏي عهدي لاءِ ڊڪ ڊوڙ نه ڪئي ۽ پورهيت طبقي جي انقلاب لاءِ عملي قدم کڻڻ شروع ڪيا ..هن ڏکين حالتن ۾ غربت سبب ايم اي جي پهرين سيميسٽر ۾ حصو نه وٺي سگهيو، هن پنهنجي صحافتي سفر جو آغاز 1992 ع ۾ ڪيو ، هن صحافتي خدمت جي شروعات سنڌ جي وڏي ۽ مشهور اخبار ڪاوش ۾ بطور خاص رپوررٽر ڪئي. هن اهڙي پوزيشن تي رهندي سنڌي صحافت ۾ نيو شيون متعارف ڪرايو هن پنهنجي لکڻين ۾ تحقيقي جرنلزم کي متعارف ڪرايو، جنهن بعد هن ساڳئي اداري طرفان نڪرندڙ سياسي ميگزين ۾  پڻ ڪم ڪيو، جڏهن ته محروم سينيئر صحافي ارشاد گلاباڻي جڏهن ڪراچي ۾ رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ ويو ته اقبال ملاح حيدرآباد ۾ اسٽاف رپورٽر مقرر ٿي صحافتي خدمت سرانجام ڏني . ٺيڪ ٻن سالن بعد هن سنڌ جي ٻي مشهور اخبار عوامي آواز  ۾ حيدرآباد لاءِ بيورو چيف مقرر ٿيو، جڏهن ته روزاني دعا ، ڊيلي پاڪ  ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ ڪم ڪيو ۽ هن وقت عوامي آواز جو ريزيڊنت ايڊيٽر عهدي تي رهندي صحافتي سفر جاري رکيو پيو اچي. هن صحافتي پيشي دوران ڪالم لکڻ جو سلسلو بند نه ڪيو آهي هن جا ڪالم سياسي  ۽ ٻين معاملن تي شايع ٿيندا رهيا آهن. هن صحافين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن ۾ سرگرم ڪرادار ادا ڪيو  آهي اڄڪلهه حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جو جنرل سيڪريٽر پڻ آهي اقبال ملاح سنڌ جي صحافين سان ٿيندڙ زيادتين ڏاڍاين ۽ ناانصافين خلاف آواز بلند ڪندو رهيو آهي، صحافين جي مسئلي تي هي صحافين جي پاسي بيهندي ڏاڍ ڪندڙ ڌرين سان مقابلو ڪري مهاڏو به اٽڪايو آهي.

Referred back

Revised Old temple of Hyderabad

Revised version . There should be paragraphs. In fotos write should not be shown.

حيدرآباد شهر شهرين جي رهائش وارين عمارتن سان گڏ قديمي مندر به موجود آهن، هندو برادري جون اهي عبادتگاهون عيسائين لاءِ چرچ ۽ سکن لاءِ گردوارا قائم دائم آهن، جتي الڳ الڳ مذهبن جا ماڻهو عبادت ڪن ٿا، هن شهر ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو ڀائيچاري سان گڏجي رهندا پيا اچن، شهر جي ڳتيل آبادي ۾ قديمي مندرن جي هٿ چراندا نه ڪئي وئي آهي، جتي هندو برادري هندو رسمن موجب مندرن ۾ پهچي آساني سان عبادت ڪندي آهي. ڀارت ۾ بابري مسجد جي واقعي بعد حيدرآباد جي قديمي ٻين مذهبن جي عبادتن گاهن تي گهرا اثر ڇڏيا هئا، اڄ به متاثر مندر حيدرآباد جي ڳتيل آبادي ۾ موجود آهن. جيتوڻيڪ هندو برادري جا مندر ٻئي صورت اختيار ڪري ويا آهن، جتي ماڻهن گهر ٺاهي رهڻ به لڳا آهن. شهر ۾ هوئن ته 16 کان مندر آهن پر 4 کن قديمي مندر آهن، جيتوڻيڪ تازو جوڙيل سوين مندر پوڄا پاٽ لاءِ موجود آهن. پراڻا مندر هڪ ۽ ٻه صدي جي عمر رکن ٿا، جتي اڌ صدي اڳ ٻيهر مرمت به ڪئي وئي. سمورن مندرن ۾ شيو جي پوڄا لاءِ لنگ پيل آهي، جتي کير جي پوڄا ڪئي ويندي آهي، نانگ ۽ کير جو لاڳاپو ڏيکاري ويندو آهي. اهڙي ريت ٽنڊو ولي محمد ۾ موجود قديمي مندر هڪ ڪوٽي نما جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، جتي انگلش اکرن ۾ مندر بابت معلومات لکيل آهي، اتي مندر جو سن 1895 لکيل آهي، هن مندر جي ٻيهر 1945ع ۾ مرمت ڪئي وئي. هن مندر جي سارسنڀال ڪندڙ پوڄاري ڪرشن آهي، جيڪو ڀارت ۾ اچي آباد ٿيو، هتي شيون جي نانگ جي پوڄا لاءِ کير وافر مقدار ۾ ايندو آهي، پوڄاري جي مددگار اهو کير چانهه ٺاهڻ ۽ پيئڻ لاءِ استعمال آڻيندي آهن. هن مندر ۾ صفائي سٿرائي جا انتظام نه هجڻ سبب بدبوءِ محسوس ڪئي وئي، پوڄاري ٻڌايو ته هي بدبو کير جي آهي، حيدرآباد ۾ مندرن تي شيو جا نانگ ٽامي ۽ پتل مان ٺهيل آهن پر ٽنڊو ولي محمد جي مندر جي جيئرو نانگ ويٺل هو، جيڪو اڃا وڏو پئي ٿيو. لڳي هو ته پوڄاري ٻاهران نانگ کڻي آندو هو جڏهن ته عقيدت جي لحاظ کان ٻڌايو ويو ته صحافي خوشنصيب آهيو، اوهان شيو جي پوڄا ۾ نانگ جي زيارت ڪئي آهي. هن مندر ۾ پوڄاري ڪوٺي ٺاهي رهندو به آهي. اڳ ۾ هن مندر جي وڏي ايراضي هئي. جتي ماڻهن قبضا ڪري فليٽ ٺاهي ڇڏيا آهن. هن مندر جي هيٺ دڪان به قبضي هيٺ اچي ويو آهي. هي قديمي مندر اوقاف کاتي جي نظرن کان اوجهل آهي. هتي آس پاس جا ديوان ۽ ٻيون هندو برادريون پوڄا لاءِ نذرانو ڏيڻ سان گڏ فروٽ ۽ کير رکي ويندا آهن. هن مندر جيترو قديمي مندر سائيٽ ايريا ۾ ڪالي ماتا جي نالي سان موجود آهي. هي مندر گنجي ٽڪر جي جبل ۾ کوٽي ٺاهيو ويو آهي، جبل جي غار به موجود آهي، اها غار ڀٽ ڌڻي شاهه عبداللطيف سان منسوب آهي. هن مندر جي سارسنڀال ڪندڙ شيوا منڊلي تنظيم جي اڳواڻن موجب ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه هنگلاج پنڌ ڪرڻ کان اڳ هن مند هنڌ تي غار ٺاهي 40 ڏينهن جو چلو ڪاٽيو، جيڪا نشاني مندر جي ڀر ۾ اڄ به موجود آهي، جتي ننڍيون مورتيون عبادت لاءِ پيل آهن. هن مندر تي شرپسندن حملو ڪري مورتين کي باهه ڏني هئي. جنهن جو نامعلوم ماڻهن تي ڪيس به داخل ڪيو ويو. جڏهن ته مندر جي پلاٽ تي پ پ اڳواڻ پاران قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ڪري پ پ اڳواڻ جي مندر جي ٿورن سان بنيادي ميمبرشب به معطل ٿي چڪي آهي. حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ هندو برادري جو شيران والي وارو مندر موجود آهي. جتي 10 محرم الحرام تي ميلو به لڳندو آهي. ميلي ۾ شيڊول ڪاسٽ سان هزارين ياتري پهچي عبادت ڪندا آهن. هن ڀيري محرم جي عقيدت ۾ 10 محرم بدران ٻئي تاريخ تي لڳايو، هن مندر ۾ ڀارت جي هڪ مندر جي تسلسل ۾ هون جي باهه ٻاري پوڄا ڪئي ويندي آهي. ان باهه لاءِ مشهور آهي ته ڀارت جي شهر جولا ۾ هڪ جبل ۾ مغل دور کان باهه ٻرندي رهي ٿي. سائنسدانن پاران تجربا ڪرڻ باوجود باهه جي ٻرڻ جا سبب نه ڳولي سگهيا آهن. اها ڳالهه باهه ٻاري ويٺل مهاراج ڀڳت رتن لال ٻڌائي هئي. حيدرآباد شهر جا قديمي مندر هڪ ماضي جي رسمن کي به ياد ڪن ٿا. مندرن سان گڏ گردوارا به قائم ٿيل آهن، جيڪي هاڻ شڪل مٽائي ويا آهن، فقير جي پڙ ۾ قائم قديمي مندر ۾ شهرين رهائش اختيار ڪئي آهي. جيڪي هندوستان مان لڏي هتي آيا هئا، اهي مندر ۾ نماز به ادا ڪندا آهن. هن مندر جي ڀر ۾ سنڌ هيوميو پيٿڪ ڪاليج جي عمارت قائم آهي. جتي اڳ ۾ سکن جو گردوارو هوندو هو. جتي هاڻ لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، گهر ۾ تبديل ٿيل مندر ۾ کائڻ پيئڻ جا ٺڪر ۽ بسترا آهن، مندر جي هڪ احاطي ۾ پٿر جو مورتيون موجود آهي، جن کي نقصان رسائڻ بدران ساڳئي حالت ۾ برقرار آهن. اهڙن قديمي مندرن جو ڪم ڪاشي ۽ سنگ مرمر جي پٿر سان ڪيو ويو آهي. اهڙن مندر ۾ گهرن جي نشاندهي باوجود حڪومت تحرڪ به ورتو آهي. اهڙي طرح ڦليلي ۾ مندر جا آثار باقي آهي پر هندوستان کان لڏي آيل ڪٽنب  آباد آهي. حيدرآباد جي سونارڪي بازار ۾ مندر تي ٻن ڀائرن قبضو ڪري ورتو آهي. هن مندر ۾ عبادت ڪرڻ بند ٿي وئي آهي. هن مندر ۾ سنگ مرمر ۽ قميتي پٿر سان ڪم ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ٽاور مارڪيٽ جي مندر کي ڪٻاڙ خاني ۾ تبديل ڪيو آهي. اهڙن مندر جي بحالي لاءِ سرڪار اکيون نه پٽيون آهن. حيدرآباد جي بازار حسن سري گهاٽ لڳ سوچي پاڙي ۾ هڪ راما پير جو مندر آهي. جنهن کي پوڄارين بهتر حالت ۾ رکيو آهي، جنهن کي عبات جي وقت کولي وري تالو هنيو ويندو آهي. راما پير جو ٻيو مندر سري گهاٽ ۾ موجود دڪانن جي وچ ۾ آهي. جيڪو قديمي مندر آهي. هن مندر کي بابري مسجد جي واقعي بعد ڊاهيو ويو، جيڪو وري تعمير ٿيو، هتي راما پير جون 5 کان وڏيڪ مورتيون رکيل آهن، هن مندر کان اڳتي 400 فٽ تي بابا گروناڪ سان منسوب گردوارو مندر آهي، جنهن کي گرنٿ مندر به سڏيو ويندو آهي. هي مندر اوقاف کاتي جي نگراني ۾ آهي. جتي مهاراج جيوت مقرر ٿيل آهن. هن مندر ۾ شيو جو ناگ وارو پٿر هڪ صدي کان زير زمين اڀريل آهي، ساڳئي وقت گذريل 25 سالن کان چمني به ٻرندي آهي.

Referred back

حيدرآباد شهر شهرين جي رهائش وارين عمارتن سان گڏ قديمي115%;"آهن، هندو برادري جون اهي عبادتگاهون قديمي دور
 کان سڃاڻپ رکندڙ آهن. شهر جي ڳتيل آبادي ۾ قديمي مندرن جي هٿ چراندا نه ڪئي وئي آهي، جتي هندو برادري هندو رسمن موجب مندرن ۾ پهچي آساني سان عبادت ڪندي آهي. ڀارت ۾ بابري مسجد جي واقعي بعد حيدرآباد جي قديمي ٻين مذهبن جي عبادتن گاهن تي گهرا اثر ڇڏيا هئا، اڄ به متاثر مندر حيدرآباد جي ڳتيل آبادي ۾ موجود آهن. جيتوڻيڪ هندو برادري جا مندر ٻئي صورت اختيار ڪري ويا آهن، جتي ماڻهن گهر ٺاهي رهڻ به شروع ڪيا آهن. شهر ۾ هوئن ته 16 کن قديمي مندر آهن پر 4 کن وڌيڪ قديمي آهن، جيتوڻيڪ تازو جوڙيل سوين مندر پوڄا پاٽ لاءِ موجود آهن. پراڻا مندر هڪ ۽ ٻه صدي جي عمر رکن ٿا، جتي اڌ صدي اڳ ٻيهر مرمت به ڪئي وئي. سمورن مندرن ۾ شيو جي پوڄا لاءِ لنگ پيل آهي، جتي کير جي پوڄا ڪئي ويندي آهي، نانگ ۽ کير جو لاڳاپو ڏيکاريو ويندو آهي. اهڙي ريت ٽنڊو ولي محمد ۾ موجود قديمي مندر هڪ ڪوٺي نما جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، جتي انگلش اکرن ۾ مندر بابت معلومات لکيل آهي، اتي مندر جو سن 1895ع لکيل آهي، هن مندر جي ٻيهر 1945ع ۾ مرمت ڪئي وئي. هن مندر جي سارسنڀال ڪندڙ پوڄاري ڪرشن آهي، جيڪو ڀارت ۾ اچي آباد ٿيو، هتي شيون جي نانگ جي پوڄا لاءِ کير وافر مقدار ۾ ايندو آهي، پوڄاري جي مددگار اهو کير چانهه ٺاهڻ ۽ پيئڻ لاءِ استعمال آڻيندي آهن. هن مندر ۾ صفائي سٿرائي جا انتظام نه هجڻ سبب بدبوءِ محسوس ڪئي وئي، پوڄاري ٻڌايو ته هي بدبو کير جي آهي، حيدرآباد ۾ مندرن تي شيو جا نانگ ٽامي ۽ پتل مان ٺهيل آهن پر ٽنڊو ولي محمد جي مندر جي جيئرو نانگ ويٺل هو، جيڪو اڃا وڏو پئي ٿيو. لڳي هو ته پوڄاري ٻاهران نانگ کڻي آندو هو جڏهن ته عقيدت جي لحاظ کان ٻڌايو ويو ته صحافي خوشنصيب آهيو، اوهان شيو جي پوڄا ۾ نانگ جي زيارت ڪئي آهي. هن مندر ۾ پوڄاري ڪوٺي ٺاهي رهندو به آهي. اڳ ۾ هن مندر جي وڏي ايراضي هئي. جتي ماڻهن قبضا ڪري فليٽ ٺاهي ڇڏيا آهن. هن مندر جي هيٺ دڪان به قبضي هيٺ اچي ويو آهي. هي قديمي مندر اوقاف کاتي جي نظرن کان اوجهل آهي. هتي آس پاس جا ديوان ۽ ٻيون هندو برادريون پوڄا لاءِ نذرانو ڏيڻ سان گڏ فروٽ ۽ کير رکي ويندا آهن. هن مندر جيترو قديمي مندر سائيٽ ايريا ۾ ڪالي ماتا مندر جي نالي سان قائم آهي. هي مندر گنجي ٽڪر جي جبل ۾ کوٽي ٺاهيو ويو آهي، جبل جي غار به موجود آهي، اها غار ڀٽ ڌڻي شاهه عبداللطيف سان منسوب آهي. هن مندر جي سارسنڀال ڪندڙ شيوا منڊلي تنظيم جي اڳواڻن موجب ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه هنگلاج پنڌ ڪرڻ کان اڳ هن مند هنڌ تي غار ٺاهي 40 ڏينهن جو چلو ڪاٽيو، جيڪا نشاني مندر جي ڀر ۾ اڄ به موجود آهي، جتي ننڍيون مورتيون عبادت لاءِ پيل آهن. هن مندر تي شرپسندن حملو ڪري مورتين کي باهه ڏني هئي. جنهن جو نامعلوم ماڻهن تي ڪيس به داخل ڪيو ويو. حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ هندو برادري جو شيران والي وارو مندر موجود آهي. جتي 10 محرم الحرام تي ميلو به لڳندو آهي. ميلي ۾ شيڊول ڪاسٽ سان هزارين ياتري پهچي عبادت ڪندا آهن. هن ڀيري محرم جي عقيدت ۾ 10 محرم بدران ٻئي تاريخ تي لڳايو، هن مندر ۾ ڀارت جي هڪ مندر جي تسلسل ۾ هون جي باهه ٻاري پوڄا ڪئي ويندي آهي. ان باهه لاءِ مشهور آهي ته ڀارت جي شهر جولا ۾ هڪ جبل ۾ مغل دور کان باهه ٻرندي رهي ٿي. سائنسدانن پاران تجربا ڪرڻ باوجود باهه جي ٻرڻ جا سبب نه ڳولي سگهيا آهن. اها ڳالهه باهه ٻاري ويٺل مهاراج ڀڳت رتن لال ٻڌائي هئي. حيدرآباد شهر جا قديمي مندر هڪ ماضي جي رسمن کي به ياد ڪن ٿا. مندرن سان گڏ گردوارا به قائم ٿيل آهن، جيڪي هاڻ شڪل مٽائي ويا آهن، فقير جي پڙ ۾ قائم قديمي مندر ۾ شهرين رهائش اختيار ڪئي آهي. جيڪي هندوستان مان لڏي هتي آيا هئا، اهي مندر ۾ نماز به ادا ڪندا آهن. هن مندر جي ڀر ۾ سنڌ هيوميو پيٿڪ ڪاليج جي عمارت قائم آهي. جتي اڳ ۾ سکن جو گردوارو هوندو هو. جتي هاڻ لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، گهر ۾ تبديل ٿيل مندر ۾ کائڻ پيئڻ جا ٺڪر ۽ بسترا آهن، مندر جي هڪ احاطي ۾ پٿر جو مورتيون موجود آهي، جن کي نقصان رسائڻ بدران ساڳئي حالت ۾ برقرار آهن. اهڙن قديمي مندرن جو ڪم ڪاشي ۽ سنگ مرمر جي پٿر سان ڪيو ويو آهي. اهڙن مندر ۾ گهرن جي نشاندهي باوجود حڪومت تحرڪ به ورتو آهي. اهڙي طرح ڦليلي ۾ مندر جا آثار باقي آهي پر هندوستان کان لڏي آيل ڪٽنب آباد آهي. حيدرآباد جي سونارڪي بازار ۾ مندر تي ٻن ڀائرن قبضو ڪري ورتو آهي. هن مندر ۾ عبادت ڪرڻ بند ٿي وئي آهي. هن مندر ۾ سنگ مرمر ۽ قميتي پٿر سان ڪم ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ٽاور مارڪيٽ جي مندر کي ڪٻاڙ خاني ۾ تبديل ڪيو آهي. اهڙن مندر جي بحالي لاءِ سرڪار اکيون نه پٽيون آهن. حيدرآباد جي بازار حسن سري گهاٽ لڳ سوچي پاڙي ۾ هڪ راما پير جو مندر آهي. جنهن کي پوڄارين بهتر حالت ۾ رکيو آهي، جنهن کي عبات جي وقت کولي وري تالو هنيو ويندو آهي. راما پير جو ٻيو مندر سري گهاٽ ۾ موجود دڪانن جي وچ ۾ آهي. جيڪو قديمي مندر آهي. هن مندر کي بابري مسجد جي واقعي بعد ڊاهيو ويو، جيڪو وري تعمير ٿيو، هتي راما پير جون 5 کان وڏيڪ مورتيون رکيل آهن، هن مندر کان اڳتي 400 فٽ تي بابا گروناڪ سان منسوب گردوارو مندر آهي، جنهن کي گرنٿ مندر به سڏيو ويندو آهي. هي مندر اوقاف کاتي جي نگراني ۾ آهي. جتي مهاراج جيوت مقرر ٿيل آهن. هن مندر ۾ شيو جو ناگ وارو پٿر هڪ صدي کان زير زمين اڀريل آهي، ساڳئي وقت گذريل 25 سالن کان چمني به ٻرندي آهي