حيدرآباد شهر شهرين جي رهائش
وارين عمارتن سان گڏ قديمي مندر به موجود آهن، هندو برادري جون اهي
عبادتگاهون عيسائين لاءِ چرچ ۽ سکن لاءِ گردوارا قائم دائم آهن، جتي الڳ الڳ مذهبن
جا ماڻهو عبادت ڪن ٿا، هن شهر ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو ڀائيچاري سان گڏجي رهندا پيا
اچن، شهر جي ڳتيل آبادي ۾ قديمي مندرن جي هٿ چراندا نه ڪئي وئي آهي، جتي هندو
برادري هندو رسمن موجب مندرن ۾ پهچي آساني سان عبادت ڪندي آهي. ڀارت ۾ بابري مسجد
جي واقعي بعد حيدرآباد جي قديمي ٻين مذهبن جي عبادتن گاهن تي گهرا اثر ڇڏيا هئا،
اڄ به متاثر مندر حيدرآباد جي ڳتيل آبادي ۾ موجود آهن. جيتوڻيڪ هندو برادري جا
مندر ٻئي صورت اختيار ڪري ويا آهن، جتي ماڻهن گهر ٺاهي رهڻ به لڳا آهن. شهر ۾ هوئن
ته 16 کان مندر آهن پر 4 کن قديمي مندر آهن، جيتوڻيڪ تازو جوڙيل سوين مندر پوڄا
پاٽ لاءِ موجود آهن. پراڻا مندر هڪ ۽ ٻه صدي جي عمر رکن ٿا، جتي اڌ صدي اڳ ٻيهر
مرمت به ڪئي وئي. سمورن مندرن ۾ شيو جي پوڄا لاءِ لنگ پيل آهي، جتي کير جي پوڄا
ڪئي ويندي آهي، نانگ ۽ کير جو لاڳاپو ڏيکاري ويندو آهي. اهڙي ريت ٽنڊو ولي محمد ۾
موجود قديمي مندر هڪ ڪوٽي نما جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، جتي انگلش اکرن ۾ مندر بابت
معلومات لکيل آهي، اتي مندر جو سن 1895 لکيل آهي، هن مندر جي ٻيهر 1945ع ۾ مرمت
ڪئي وئي. هن مندر جي سارسنڀال ڪندڙ پوڄاري ڪرشن آهي، جيڪو ڀارت ۾ اچي آباد ٿيو،
هتي شيون جي نانگ جي پوڄا لاءِ کير وافر مقدار ۾ ايندو آهي، پوڄاري جي مددگار اهو
کير چانهه ٺاهڻ ۽ پيئڻ لاءِ استعمال آڻيندي آهن. هن مندر ۾ صفائي سٿرائي جا انتظام
نه هجڻ سبب بدبوءِ محسوس ڪئي وئي، پوڄاري ٻڌايو ته هي بدبو کير جي آهي، حيدرآباد ۾
مندرن تي شيو جا نانگ ٽامي ۽ پتل مان ٺهيل آهن پر ٽنڊو ولي محمد جي مندر جي جيئرو
نانگ ويٺل هو، جيڪو اڃا وڏو پئي ٿيو. لڳي هو ته پوڄاري ٻاهران نانگ کڻي آندو هو
جڏهن ته عقيدت جي لحاظ کان ٻڌايو ويو ته صحافي خوشنصيب آهيو، اوهان شيو جي پوڄا ۾
نانگ جي زيارت ڪئي آهي. هن مندر ۾ پوڄاري ڪوٺي ٺاهي رهندو به آهي. اڳ ۾ هن مندر جي
وڏي ايراضي هئي. جتي ماڻهن قبضا ڪري فليٽ ٺاهي ڇڏيا آهن. هن مندر جي هيٺ دڪان به
قبضي هيٺ اچي ويو آهي. هي قديمي مندر اوقاف کاتي جي نظرن کان اوجهل آهي. هتي آس
پاس جا ديوان ۽ ٻيون هندو برادريون پوڄا لاءِ نذرانو ڏيڻ سان گڏ فروٽ ۽ کير رکي
ويندا آهن. هن مندر جيترو قديمي مندر سائيٽ ايريا ۾ ڪالي ماتا جي نالي سان موجود آهي.
هي مندر گنجي ٽڪر جي جبل ۾ کوٽي ٺاهيو ويو آهي، جبل جي غار به موجود آهي، اها غار
ڀٽ ڌڻي شاهه عبداللطيف سان منسوب آهي. هن مندر جي سارسنڀال ڪندڙ شيوا منڊلي تنظيم
جي اڳواڻن موجب ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه هنگلاج پنڌ ڪرڻ کان اڳ هن مند هنڌ تي
غار ٺاهي 40 ڏينهن جو چلو ڪاٽيو، جيڪا نشاني مندر جي ڀر ۾ اڄ به موجود آهي، جتي
ننڍيون مورتيون عبادت لاءِ پيل آهن. هن مندر تي شرپسندن حملو ڪري مورتين کي باهه
ڏني هئي. جنهن جو نامعلوم ماڻهن تي ڪيس به داخل ڪيو ويو. جڏهن ته مندر جي پلاٽ تي
پ پ اڳواڻ پاران قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ڪري پ پ اڳواڻ جي مندر جي ٿورن سان
بنيادي ميمبرشب به معطل ٿي چڪي آهي. حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ هندو برادري جو
شيران والي وارو مندر موجود آهي. جتي 10 محرم الحرام تي ميلو به لڳندو آهي. ميلي ۾
شيڊول ڪاسٽ سان هزارين ياتري پهچي عبادت ڪندا آهن. هن ڀيري محرم جي عقيدت ۾ 10
محرم بدران ٻئي تاريخ تي لڳايو، هن مندر ۾ ڀارت جي هڪ مندر جي تسلسل ۾ هون جي باهه
ٻاري پوڄا ڪئي ويندي آهي. ان باهه لاءِ مشهور آهي ته ڀارت جي شهر جولا ۾ هڪ جبل ۾
مغل دور کان باهه ٻرندي رهي ٿي. سائنسدانن پاران تجربا ڪرڻ باوجود باهه جي ٻرڻ جا
سبب نه ڳولي سگهيا آهن. اها ڳالهه باهه ٻاري ويٺل مهاراج ڀڳت رتن لال ٻڌائي هئي.
حيدرآباد شهر جا قديمي مندر هڪ ماضي جي رسمن کي به ياد ڪن ٿا. مندرن سان گڏ
گردوارا به قائم ٿيل آهن، جيڪي هاڻ شڪل مٽائي ويا آهن، فقير جي پڙ ۾ قائم قديمي
مندر ۾ شهرين رهائش اختيار ڪئي آهي. جيڪي هندوستان مان لڏي هتي آيا هئا، اهي مندر
۾ نماز به ادا ڪندا آهن. هن مندر جي ڀر ۾ سنڌ هيوميو پيٿڪ ڪاليج جي عمارت قائم
آهي. جتي اڳ ۾ سکن جو گردوارو هوندو هو. جتي هاڻ لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، گهر ۾
تبديل ٿيل مندر ۾ کائڻ پيئڻ جا ٺڪر ۽ بسترا آهن، مندر جي هڪ احاطي ۾ پٿر جو
مورتيون موجود آهي، جن کي نقصان رسائڻ بدران ساڳئي حالت ۾ برقرار آهن. اهڙن قديمي
مندرن جو ڪم ڪاشي ۽ سنگ مرمر جي پٿر سان ڪيو ويو آهي. اهڙن مندر ۾ گهرن جي نشاندهي
باوجود حڪومت تحرڪ به ورتو آهي. اهڙي طرح ڦليلي ۾ مندر جا آثار باقي آهي پر
هندوستان کان لڏي آيل ڪٽنب
آباد آهي. حيدرآباد جي سونارڪي بازار ۾ مندر تي ٻن ڀائرن قبضو ڪري ورتو آهي. هن
مندر ۾ عبادت ڪرڻ بند ٿي وئي آهي. هن مندر ۾ سنگ مرمر ۽ قميتي پٿر سان ڪم ڪيو ويو
آهي. اهڙي ريت ٽاور مارڪيٽ جي مندر کي ڪٻاڙ خاني ۾ تبديل ڪيو آهي. اهڙن مندر جي
بحالي لاءِ سرڪار اکيون نه پٽيون آهن. حيدرآباد جي بازار حسن سري گهاٽ لڳ سوچي
پاڙي ۾ هڪ راما پير جو مندر آهي. جنهن کي پوڄارين بهتر حالت ۾ رکيو آهي، جنهن کي
عبات جي وقت کولي وري تالو هنيو ويندو آهي. راما پير جو ٻيو مندر سري گهاٽ ۾ موجود
دڪانن جي وچ ۾ آهي. جيڪو قديمي مندر آهي. هن مندر کي بابري مسجد جي واقعي بعد
ڊاهيو ويو، جيڪو وري تعمير ٿيو، هتي راما پير جون 5 کان وڏيڪ مورتيون رکيل آهن، هن
مندر کان اڳتي 400 فٽ تي بابا گروناڪ سان منسوب گردوارو مندر آهي، جنهن کي گرنٿ
مندر به سڏيو ويندو آهي. هي مندر اوقاف کاتي جي نگراني ۾ آهي. جتي مهاراج جيوت
مقرر ٿيل آهن. هن مندر ۾ شيو جو ناگ وارو پٿر هڪ صدي کان زير زمين اڀريل آهي،
ساڳئي وقت گذريل 25 سالن کان چمني به ٻرندي آهي.
Referred back
حيدرآباد شهر شهرين جي رهائش وارين عمارتن سان گڏ قديمي115%;"آهن، هندو برادري جون اهي عبادتگاهون قديمي دور
کان سڃاڻپ رکندڙ آهن. شهر جي ڳتيل آبادي ۾ قديمي مندرن جي هٿ چراندا نه ڪئي وئي آهي، جتي هندو برادري هندو رسمن موجب مندرن ۾ پهچي آساني سان عبادت ڪندي آهي. ڀارت ۾ بابري مسجد جي واقعي بعد حيدرآباد جي قديمي ٻين مذهبن جي عبادتن گاهن تي گهرا اثر ڇڏيا هئا، اڄ به متاثر مندر حيدرآباد جي ڳتيل آبادي ۾ موجود آهن. جيتوڻيڪ هندو برادري جا مندر ٻئي صورت اختيار ڪري ويا آهن، جتي ماڻهن گهر ٺاهي رهڻ به شروع ڪيا آهن. شهر ۾ هوئن ته 16 کن قديمي مندر آهن پر 4 کن وڌيڪ قديمي آهن، جيتوڻيڪ تازو جوڙيل سوين مندر پوڄا پاٽ لاءِ موجود آهن. پراڻا مندر هڪ ۽ ٻه صدي جي عمر رکن ٿا، جتي اڌ صدي اڳ ٻيهر مرمت به ڪئي وئي. سمورن مندرن ۾ شيو جي پوڄا لاءِ لنگ پيل آهي، جتي کير جي پوڄا ڪئي ويندي آهي، نانگ ۽ کير جو لاڳاپو ڏيکاريو ويندو آهي. اهڙي ريت ٽنڊو ولي محمد ۾ موجود قديمي مندر هڪ ڪوٺي نما جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، جتي انگلش اکرن ۾ مندر بابت معلومات لکيل آهي، اتي مندر جو سن 1895ع لکيل آهي، هن مندر جي ٻيهر 1945ع ۾ مرمت ڪئي وئي. هن مندر جي سارسنڀال ڪندڙ پوڄاري ڪرشن آهي، جيڪو ڀارت ۾ اچي آباد ٿيو، هتي شيون جي نانگ جي پوڄا لاءِ کير وافر مقدار ۾ ايندو آهي، پوڄاري جي مددگار اهو کير چانهه ٺاهڻ ۽ پيئڻ لاءِ استعمال آڻيندي آهن. هن مندر ۾ صفائي سٿرائي جا انتظام نه هجڻ سبب بدبوءِ محسوس ڪئي وئي، پوڄاري ٻڌايو ته هي بدبو کير جي آهي، حيدرآباد ۾ مندرن تي شيو جا نانگ ٽامي ۽ پتل مان ٺهيل آهن پر ٽنڊو ولي محمد جي مندر جي جيئرو نانگ ويٺل هو، جيڪو اڃا وڏو پئي ٿيو. لڳي هو ته پوڄاري ٻاهران نانگ کڻي آندو هو جڏهن ته عقيدت جي لحاظ کان ٻڌايو ويو ته صحافي خوشنصيب آهيو، اوهان شيو جي پوڄا ۾ نانگ جي زيارت ڪئي آهي. هن مندر ۾ پوڄاري ڪوٺي ٺاهي رهندو به آهي. اڳ ۾ هن مندر جي وڏي ايراضي هئي. جتي ماڻهن قبضا ڪري فليٽ ٺاهي ڇڏيا آهن. هن مندر جي هيٺ دڪان به قبضي هيٺ اچي ويو آهي. هي قديمي مندر اوقاف کاتي جي نظرن کان اوجهل آهي. هتي آس پاس جا ديوان ۽ ٻيون هندو برادريون پوڄا لاءِ نذرانو ڏيڻ سان گڏ فروٽ ۽ کير رکي ويندا آهن. هن مندر جيترو قديمي مندر سائيٽ ايريا ۾ ڪالي ماتا مندر جي نالي سان قائم آهي. هي مندر گنجي ٽڪر جي جبل ۾ کوٽي ٺاهيو ويو آهي، جبل جي غار به موجود آهي، اها غار ڀٽ ڌڻي شاهه عبداللطيف سان منسوب آهي. هن مندر جي سارسنڀال ڪندڙ شيوا منڊلي تنظيم جي اڳواڻن موجب ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه هنگلاج پنڌ ڪرڻ کان اڳ هن مند هنڌ تي غار ٺاهي 40 ڏينهن جو چلو ڪاٽيو، جيڪا نشاني مندر جي ڀر ۾ اڄ به موجود آهي، جتي ننڍيون مورتيون عبادت لاءِ پيل آهن. هن مندر تي شرپسندن حملو ڪري مورتين کي باهه ڏني هئي. جنهن جو نامعلوم ماڻهن تي ڪيس به داخل ڪيو ويو. حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ هندو برادري جو شيران والي وارو مندر موجود آهي. جتي 10 محرم الحرام تي ميلو به لڳندو آهي. ميلي ۾ شيڊول ڪاسٽ سان هزارين ياتري پهچي عبادت ڪندا آهن. هن ڀيري محرم جي عقيدت ۾ 10 محرم بدران ٻئي تاريخ تي لڳايو، هن مندر ۾ ڀارت جي هڪ مندر جي تسلسل ۾ هون جي باهه ٻاري پوڄا ڪئي ويندي آهي. ان باهه لاءِ مشهور آهي ته ڀارت جي شهر جولا ۾ هڪ جبل ۾ مغل دور کان باهه ٻرندي رهي ٿي. سائنسدانن پاران تجربا ڪرڻ باوجود باهه جي ٻرڻ جا سبب نه ڳولي سگهيا آهن. اها ڳالهه باهه ٻاري ويٺل مهاراج ڀڳت رتن لال ٻڌائي هئي. حيدرآباد شهر جا قديمي مندر هڪ ماضي جي رسمن کي به ياد ڪن ٿا. مندرن سان گڏ گردوارا به قائم ٿيل آهن، جيڪي هاڻ شڪل مٽائي ويا آهن، فقير جي پڙ ۾ قائم قديمي مندر ۾ شهرين رهائش اختيار ڪئي آهي. جيڪي هندوستان مان لڏي هتي آيا هئا، اهي مندر ۾ نماز به ادا ڪندا آهن. هن مندر جي ڀر ۾ سنڌ هيوميو پيٿڪ ڪاليج جي عمارت قائم آهي. جتي اڳ ۾ سکن جو گردوارو هوندو هو. جتي هاڻ لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، گهر ۾ تبديل ٿيل مندر ۾ کائڻ پيئڻ جا ٺڪر ۽ بسترا آهن، مندر جي هڪ احاطي ۾ پٿر جو مورتيون موجود آهي، جن کي نقصان رسائڻ بدران ساڳئي حالت ۾ برقرار آهن. اهڙن قديمي مندرن جو ڪم ڪاشي ۽ سنگ مرمر جي پٿر سان ڪيو ويو آهي. اهڙن مندر ۾ گهرن جي نشاندهي باوجود حڪومت تحرڪ به ورتو آهي. اهڙي طرح ڦليلي ۾ مندر جا آثار باقي آهي پر هندوستان کان لڏي آيل ڪٽنب آباد آهي. حيدرآباد جي سونارڪي بازار ۾ مندر تي ٻن ڀائرن قبضو ڪري ورتو آهي. هن مندر ۾ عبادت ڪرڻ بند ٿي وئي آهي. هن مندر ۾ سنگ مرمر ۽ قميتي پٿر سان ڪم ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ٽاور مارڪيٽ جي مندر کي ڪٻاڙ خاني ۾ تبديل ڪيو آهي. اهڙن مندر جي بحالي لاءِ سرڪار اکيون نه پٽيون آهن. حيدرآباد جي بازار حسن سري گهاٽ لڳ سوچي پاڙي ۾ هڪ راما پير جو مندر آهي. جنهن کي پوڄارين بهتر حالت ۾ رکيو آهي، جنهن کي عبات جي وقت کولي وري تالو هنيو ويندو آهي. راما پير جو ٻيو مندر سري گهاٽ ۾ موجود دڪانن جي وچ ۾ آهي. جيڪو قديمي مندر آهي. هن مندر کي بابري مسجد جي واقعي بعد ڊاهيو ويو، جيڪو وري تعمير ٿيو، هتي راما پير جون 5 کان وڏيڪ مورتيون رکيل آهن، هن مندر کان اڳتي 400 فٽ تي بابا گروناڪ سان منسوب گردوارو مندر آهي، جنهن کي گرنٿ مندر به سڏيو ويندو آهي. هي مندر اوقاف کاتي جي نگراني ۾ آهي. جتي مهاراج جيوت مقرر ٿيل آهن. هن مندر ۾ شيو جو ناگ وارو پٿر هڪ صدي کان زير زمين اڀريل آهي، ساڳئي وقت گذريل 25 سالن کان چمني به ٻرندي آهي
No comments:
Post a Comment