Revised version
Referred back
سنڌ جي صحافت ۽ سياسي نظرياتي هلچل ۾ اقبال ملاح جو تعارف ڪنهن کان ڳجهو نه رهيو آهي. هن زندگي جا ڪيترائي سال سنڌي صحافت کي ارپيا آهن. هن جو ماضي به صحافت وانگر هڪ نظرياتي سياسي استاد ۽ مخلص ڪارڪن طور گذريو آهي. اهو تسلسل اڄ به هن جي لکڻين ۾ چٽي ريت نظر اچي ٿو. اقبال ملاح پهرين فيبروري 1970 ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ گهاڙي ۾ جنم ورتو.هن جو والد زرعي اداري ۾ سرڪاري ملازم هو، جنهن اقبال ملاح جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پڙهائڻ ۾ زري برابر ڪوتاهي نه ڪئي. اقبال ملاح جو والد مزدور اڳواڻ به هيو، ان ڪري هن جيئن ئي گهر ۾ اک کولي ته سندس اڳيان هڪ مزدور گهراڻو موجود هو، جنهن سبب هن پورهيت سياست جو اغاز ڪيو
سينيئر صحافي اقبال ملاح جو پروفائل
پون ڪمار
رول نمبر 117
سنڌ جي صحافت ۽ سياسي نظرياتي هلچل ۾ اقبال ملاح جو تعارف ڪنهن کان ڳجهو نه
رهيو آهي. هن زندگي جا ڪيترائي سال سنڌي صحافت کي ارپيا آهن. هن جو ماضي به صحافت
وانگر هڪ نظرياتي سياسي استاد ۽ مخلص ڪارڪن طور گذريو آهي. اهو تسلسل اڄ به هن جي
لکڻين ۾ چٽي ريت نظر اچي ٿو. اقبال ملاح پهرين فيبروري 1970 ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ
گهاڙي ۾ جنم ورتو.هن جو والد زرعي اداري ۾ سرڪاري ملازم هو، جنهن اقبال ملاح جي
تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پڙهائڻ ۾ زري برابر ڪوتاهي نه ڪئي. اقبال ملاح جو
والد مزدور اڳواڻ به هيو، ان ڪري هن جيئن ئي گهر ۾ اک کولي ته سندس اڳيان هڪ مزدور
گهراڻو موجود هو، جنهن سبب هن پورهيت سياست جو اغاز ڪيو
.هن پرائمري تعليم 1980 ۾ حيدرآباد تعلقي لطيف آباد جي ڳوٺ عبدلله نوناري مان
حاصل ڪئي، جنهن بعد اٺ درجا ڳوٺ ولي داد چانڊيو اسڪول ميهڙ ۾سال 1987 پاس ڪيا. مئٽرڪ جو امتحان ميهڙ شهر ۽ ٻارهين جماعت جو امتحان خيرپور ناٿن
شاهه ڪاليج مان پاس ڪيو، وڌيڪ تعليم لاءِ ِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو آيو، جتان 1990
۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊگري ورتي. اقبال ملاح سياست جو آغاز ستين جماعت کان ڪيو ۽ اٺين
جماعت دوران ساٿي ٻارڙا سٿ ۾ شامل ٿي
باقاعدا شاگرد سياست جو آغاز ڪيو، اقبال ملاح پنهنجي جيون ساٿي طور ٻه شاديون
ڪيون، جن مان ٽي پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. هن جو وڏو پٽ ساحل، آدرش، ساگر،
سرويج ۽ نياڻين ۾ مهڪ ۽ سنڌو آهن. هن موجب ته زالن کي چاهت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به
نه ڏنو آهي. زالن ۾ تلخ ڪلامي نه ڪئي آهي. گڏيل خاندان جي بدولت زالن جي ڪڏهن به تڪرار
سامهون نه آيو آهي. هو زالن کان ناراض ٻارن جي سار سنڀال نه رکڻ جي صورت ۾ ٿيندو
آهي. هن جي پهرين شادي 25 سال اڳ ٻالڪ پڻي ۾ ادي بدي طور ٿي. سندس ٻي شادي مشهور
ڪميونيسٽ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي نياڻي بختاور ڄام سان ٿي، جيڪا هينئر صحت شعبي
۾ 17 گريڊ جي آفيسر آهي، شادي وقت ڊي ايس
ايف ۾ سرگرم اڳواڻ به هو. هن جي شادي ۾ سڄي سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ۽ ڪامريڊ ساٿين
شرڪت ڪئي. شادي ڪاڄ ۾ منصوبي تحت مشهور ڌاڙيلن جي ٽولي ڪاهه ڪئي ۽ ڌاڙيلن فائرنگ
ڪرڻ بعد مير ٿيٻي سوڌو 11 ساٿين کي اغوا ڪيو. جڏهن ته مغوي سياسي اڳواڻن جي
بازيابي لاءِ سڄي سنڌ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي ، محترم شهيد بينظير ڀٽو، پير پاڳارا،
سميت وڏن سياستدانن هن واقعي جي مذمت ڪئ.ي ۽ اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪيو، هن جي
شادي وقت برک کاهوڙي ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ
ڄام ساقي پارٽي جي سلسلي ۾ روس جي دوري تي ويل هو، جيتوڻيڪ ڪامريڊ ڄام ساقي اغوا
ڪيل اڳواڻن جي بازيابي لاءِ پاڪستاني سفارتخاني سان رابطو ڪري روس جي ڪميونسٽ
پارٽي جي اڳواڻن زور ڀريو ته ڪامريڊ اقبال جي شادي ڪاڄ مان اغوا ڪيل 11 ڄڻن کي
بازياب ڪرائي سندس وارثن حوالي ڪيو وڃي، جنهن بعد ڌاڙيلن ڪامريڊ ساٿين کي سخت
تڪليف ۾ رکيو ۽ ڪامريڊ سجاد ظهير ۽ ٻين ڪجه ساٿين کي بنا ڀنگ ڀرڻ جي آزاد ڪيو ويو،
جڏهن ته مغوي مير ٿيٻو ۽ حفيظ دايو کي ڀنگ عيوض مائٽن حوالي ڪيو ويو، ڌاڙيلن اهڙي
وصول ڪيل ڀنگ تي چيو ته اسان 11 ڄڻن کي اغوا ڪري ڪجهه به حاصل نه ڪيو، ٻن ڄڻن جي
ڀنگ وٺي ڳولين جو خرچ پورو ڪيو آهي، ساڳي وقت ڌاڙيلن جي ٽولي پورهيتن کي قيدي
بڻائي شرمندگي محسسوس ڪئي،اها وارتا اقبال ملاح موجب ته ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب
ٿي آيل اڳواڻن ٻڌائي هئي.
اقبال ملاح شاگرد سياست دوران ڪميونسٽ
پارٽي جي ذيلي ونگ ڊي ايس ايف جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو ، جڏهن ته 1990ع ڌاري سنڌ
يونيورسٽي شاگرد ڪميٽي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙيل هجڻ
ڪري اقبال ملاح سنڌ ۽ ملڪ جو هر شهر گهميو ۽ هڪ دوستن جو وڏو حلقو پڻ تيار ڪيو. هن
سياست وقت نظرياتي، سياسي، ادبي ۽ تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪيو۽ پڙهائرڌسري جو عمل
اڄ به جاري رکيو اچي. هن جي پسند جا ليکڪ ڪيترائي گذريا آهن. مئڪسم گورڪي جو لکيل
ناول ماءَ ۽ ٻئي مهاڀاري جنگ جي پسپمنظر ۾ لکيل ناول چرغ جلتا رها ڪتاب پسندديد
رهيا آهن. جيتوڻيڪ اهڙن ڪتابن جي مطالعي ئي زندگي هن جي زندگي ۾ تبديلي آندي. اقبال
ملاح جي هڪ خاصيت اها به آهي ته هي دنيا ۾ ملهاجندڙ پورهيتن ۽ پيڙهيل طبقي جي
عالمي ڏهاڙن جي موقعي تي وڌي چڙهي حصو وٺندو رهيو آهي. هن انتهائي تڪليف وارين
حالتن ۾ تعليم پرائي هن تعليم دوران حيدرآباد جي گدو چوڪ واري علائقي ۾ اخبارن جو
اسٽال لڳايو ، جتي ڪامريڊ ساٿي حيدر شاهاڻي ٻيا دوست ڏسي ڳاڏي مان لهي ڳلي
لڳائيندا هئا ۽ چوندا هئا ته ڪامريڊ هي ڇا پيو ڪرين؟ هن يونيورسٽي مان ڊگري وٺڻ
بعد عام شاگردن وانگر ڪنهن سرڪاري نوڪري ۽ وڏي عهدي لاءِ ڊڪ ڊوڙ نه ڪئي ۽ پورهيت
طبقي جي انقلاب لاءِ عملي قدم کڻڻ شروع ڪيا ..هن ڏکين حالتن ۾ غربت سبب ايم اي جي
پهرين سيميسٽر ۾ حصو نه وٺي سگهيو، هن پنهنجي صحافتي سفر جو آغاز 1992 ع ۾ ڪيو ،
هن صحافتي خدمت جي شروعات سنڌ جي وڏي ۽ مشهور اخبار ڪاوش ۾ بطور خاص رپوررٽر ڪئي.
هن اهڙي پوزيشن تي رهندي سنڌي صحافت ۾ نيو شيون متعارف ڪرايو هن پنهنجي لکڻين ۾
تحقيقي جرنلزم کي متعارف ڪرايو، جنهن بعد هن ساڳئي اداري طرفان نڪرندڙ سياسي
ميگزين ۾ پڻ ڪم ڪيو، جڏهن ته محروم سينيئر
صحافي ارشاد گلاباڻي جڏهن ڪراچي ۾ رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ ويو ته اقبال ملاح حيدرآباد ۾
اسٽاف رپورٽر مقرر ٿي صحافتي خدمت سرانجام ڏني . ٺيڪ ٻن سالن بعد هن سنڌ جي ٻي
مشهور اخبار عوامي آواز ۾ حيدرآباد لاءِ بيورو
چيف مقرر ٿيو، جڏهن ته روزاني دعا ، ڊيلي پاڪ
۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ ڪم ڪيو ۽ هن وقت عوامي آواز جو ريزيڊنت ايڊيٽر عهدي
تي رهندي صحافتي سفر جاري رکيو پيو اچي. هن صحافتي پيشي دوران ڪالم لکڻ جو سلسلو
بند نه ڪيو آهي هن جا ڪالم سياسي ۽ ٻين
معاملن تي شايع ٿيندا رهيا آهن. هن صحافين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن ۾ سرگرم
ڪرادار ادا ڪيو آهي اڄڪلهه حيدرآباد يونين
آف جنرلسٽ جو جنرل سيڪريٽر پڻ آهي اقبال ملاح سنڌ جي صحافين سان ٿيندڙ زيادتين
ڏاڍاين ۽ ناانصافين خلاف آواز بلند ڪندو رهيو آهي، صحافين جي مسئلي تي هي صحافين
جي پاسي بيهندي ڏاڍ ڪندڙ ڌرين سان مقابلو ڪري مهاڏو به اٽڪايو آهي.
Referred back
سنڌ جي صحافت ۽ سياسي نظرياتي هلچل ۾ اقبال ملاح جو تعارف ڪنهن کان ڳجهو نه رهيو آهي. هن زندگي جا ڪيترائي سال سنڌي صحافت کي ارپيا آهن. هن جو ماضي به صحافت وانگر هڪ نظرياتي سياسي استاد ۽ مخلص ڪارڪن طور گذريو آهي. اهو تسلسل اڄ به هن جي لکڻين ۾ چٽي ريت نظر اچي ٿو. اقبال ملاح پهرين فيبروري 1970 ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ گهاڙي ۾ جنم ورتو.هن جو والد زرعي اداري ۾ سرڪاري ملازم هو، جنهن اقبال ملاح جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پڙهائڻ ۾ زري برابر ڪوتاهي نه ڪئي. اقبال ملاح جو والد مزدور اڳواڻ به هيو، ان ڪري هن جيئن ئي گهر ۾ اک کولي ته سندس اڳيان هڪ مزدور گهراڻو موجود هو، جنهن سبب هن پورهيت سياست جو اغاز ڪيو
.هن پرائمري تعليم 1980 ۾ حيدرآباد تعلقي لطيف آباد جي ڳوٺ عبدلله نوناري مان
حاصل ڪئي، جنهن بعد اٺ درجا ڳوٺ ولي داد چانڊيو اسڪول ميهڙ ۾سال 1987 پاس ڪيا. مئٽرڪ جو امتحان ميهڙ شهر ۽ ٻارهين جماعت جو امتحان خيرپور ناٿن
شاهه ڪاليج مان پاس ڪيو، وڌيڪ تعليم لاءِ ِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو آيو، جتان 1990
۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊگري ورتي. اقبال ملاح سياست جو آغاز ستين جماعت کان ڪيو ۽ اٺين
جماعت دوران ساٿي ٻارڙا سٿ ۾ شامل ٿي
باقاعدا شاگرد سياست جو آغاز ڪيو، اقبال ملاح پنهنجي جيون ساٿي طور ٻه شاديون
ڪيون، جن مان ٽي پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. هن جو وڏو پٽ ساحل، آدرش، ساگر،
سرويج ۽ نياڻين ۾ مهڪ ۽ سنڌو آهن. هن موجب ته زالن کي چاهت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به
نه ڏنو آهي. زالن ۾ تلخ ڪلامي نه ڪئي آهي. گڏيل خاندان جي بدولت زالن جي ڪڏهن به تڪرار
سامهون نه آيو آهي. هو زالن کان ناراض ٻارن جي سار سنڀال نه رکڻ جي صورت ۾ ٿيندو
آهي. هن جي پهرين شادي 25 سال اڳ ٻالڪ پڻي ۾ ادي بدي طور ٿي. سندس ٻي شادي مشهور
ڪميونيسٽ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي نياڻي بختاور ڄام سان ٿي، جيڪا هينئر صحت شعبي
۾ 17 گريڊ جي آفيسر آهي، شادي وقت ڊي ايس
ايف ۾ سرگرم اڳواڻ به هو. هن جي شادي ۾ سڄي سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ۽ ڪامريڊ ساٿين
شرڪت ڪئي. شادي ڪاڄ ۾ منصوبي تحت مشهور ڌاڙيلن جي ٽولي ڪاهه ڪئي ۽ ڌاڙيلن فائرنگ
ڪرڻ بعد مير ٿيٻي سوڌو 11 ساٿين کي اغوا ڪيو. جڏهن ته مغوي سياسي اڳواڻن جي
بازيابي لاءِ سڄي سنڌ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي ، محترم شهيد بينظير ڀٽو، پير پاڳارا،
سميت وڏن سياستدانن هن واقعي جي مذمت ڪئ.ي ۽ اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪيو، هن جي
شادي وقت برک کاهوڙي ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ
ڄام ساقي پارٽي جي سلسلي ۾ روس جي دوري تي ويل هو، جيتوڻيڪ ڪامريڊ ڄام ساقي اغوا
ڪيل اڳواڻن جي بازيابي لاءِ پاڪستاني سفارتخاني سان رابطو ڪري روس جي ڪميونسٽ
پارٽي جي اڳواڻن زور ڀريو ته ڪامريڊ اقبال جي شادي ڪاڄ مان اغوا ڪيل 11 ڄڻن کي
بازياب ڪرائي سندس وارثن حوالي ڪيو وڃي، جنهن بعد ڌاڙيلن ڪامريڊ ساٿين کي سخت
تڪليف ۾ رکيو ۽ ڪامريڊ سجاد ظهير ۽ ٻين ڪجه ساٿين کي بنا ڀنگ ڀرڻ جي آزاد ڪيو ويو،
جڏهن ته مغوي مير ٿيٻو ۽ حفيظ دايو کي ڀنگ عيوض مائٽن حوالي ڪيو ويو، ڌاڙيلن اهڙي
وصول ڪيل ڀنگ تي چيو ته اسان 11 ڄڻن کي اغوا ڪري ڪجهه به حاصل نه ڪيو، ٻن ڄڻن جي
ڀنگ وٺي ڳولين جو خرچ پورو ڪيو آهي، ساڳي وقت ڌاڙيلن جي ٽولي پورهيتن کي قيدي
بڻائي شرمندگي محسسوس ڪئي،اها وارتا اقبال ملاح موجب ته ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب
ٿي آيل اڳواڻن ٻڌائي هئي.
اقبال ملاح شاگرد سياست دوران ڪميونسٽ
پارٽي جي ذيلي ونگ ڊي ايس ايف جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو ، جڏهن ته 1990ع ڌاري سنڌ
يونيورسٽي شاگرد ڪميٽي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙيل هجڻ
ڪري اقبال ملاح سنڌ ۽ ملڪ جو هر شهر گهميو ۽ هڪ دوستن جو وڏو حلقو پڻ تيار ڪيو. هن
سياست وقت نظرياتي، سياسي، ادبي ۽ تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪيو۽ پڙهائرڌسري جو عمل
اڄ به جاري رکيو اچي. هن جي پسند جا ليکڪ ڪيترائي گذريا آهن. مئڪسم گورڪي جو لکيل
ناول ماءَ ۽ ٻئي مهاڀاري جنگ جي پسپمنظر ۾ لکيل ناول چرغ جلتا رها ڪتاب پسندديد
رهيا آهن. جيتوڻيڪ اهڙن ڪتابن جي مطالعي ئي زندگي هن جي زندگي ۾ تبديلي آندي. اقبال
ملاح جي هڪ خاصيت اها به آهي ته هي دنيا ۾ ملهاجندڙ پورهيتن ۽ پيڙهيل طبقي جي
عالمي ڏهاڙن جي موقعي تي وڌي چڙهي حصو وٺندو رهيو آهي. هن انتهائي تڪليف وارين
حالتن ۾ تعليم پرائي هن تعليم دوران حيدرآباد جي گدو چوڪ واري علائقي ۾ اخبارن جو
اسٽال لڳايو ، جتي ڪامريڊ ساٿي حيدر شاهاڻي ٻيا دوست ڏسي ڳاڏي مان لهي ڳلي
لڳائيندا هئا ۽ چوندا هئا ته ڪامريڊ هي ڇا پيو ڪرين؟ هن يونيورسٽي مان ڊگري وٺڻ
بعد عام شاگردن وانگر ڪنهن سرڪاري نوڪري ۽ وڏي عهدي لاءِ ڊڪ ڊوڙ نه ڪئي ۽ پورهيت
طبقي جي انقلاب لاءِ عملي قدم کڻڻ شروع ڪيا ..هن ڏکين حالتن ۾ غربت سبب ايم اي جي
پهرين سيميسٽر ۾ حصو نه وٺي سگهيو، هن پنهنجي صحافتي سفر جو آغاز 1992 ع ۾ ڪيو ،
هن صحافتي خدمت جي شروعات سنڌ جي وڏي ۽ مشهور اخبار ڪاوش ۾ بطور خاص رپوررٽر ڪئي.
هن اهڙي پوزيشن تي رهندي سنڌي صحافت ۾ نيو شيون متعارف ڪرايو هن پنهنجي لکڻين ۾
تحقيقي جرنلزم کي متعارف ڪرايو، جنهن بعد هن ساڳئي اداري طرفان نڪرندڙ سياسي
ميگزين ۾ پڻ ڪم ڪيو، جڏهن ته محروم سينيئر
صحافي ارشاد گلاباڻي جڏهن ڪراچي ۾ رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ ويو ته اقبال ملاح حيدرآباد ۾
اسٽاف رپورٽر مقرر ٿي صحافتي خدمت سرانجام ڏني . ٺيڪ ٻن سالن بعد هن سنڌ جي ٻي
مشهور اخبار عوامي آواز ۾ حيدرآباد لاءِ بيورو
چيف مقرر ٿيو، جڏهن ته روزاني دعا ، ڊيلي پاڪ
۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ ڪم ڪيو ۽ هن وقت عوامي آواز جو ريزيڊنت ايڊيٽر عهدي
تي رهندي صحافتي سفر جاري رکيو پيو اچي. هن صحافتي پيشي دوران ڪالم لکڻ جو سلسلو
بند نه ڪيو آهي هن جا ڪالم سياسي ۽ ٻين
معاملن تي شايع ٿيندا رهيا آهن. هن صحافين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن ۾ سرگرم
ڪرادار ادا ڪيو آهي اڄڪلهه حيدرآباد يونين
آف جنرلسٽ جو جنرل سيڪريٽر پڻ آهي اقبال ملاح سنڌ جي صحافين سان ٿيندڙ زيادتين
ڏاڍاين ۽ ناانصافين خلاف آواز بلند ڪندو رهيو آهي، صحافين جي مسئلي تي هي صحافين
جي پاسي بيهندي ڏاڍ ڪندڙ ڌرين سان مقابلو ڪري مهاڏو به اٽڪايو آهي.
No comments:
Post a Comment