Showing posts with label Rameez Lakho. Show all posts
Showing posts with label Rameez Lakho. Show all posts

Saturday, 20 February 2016

Profile of Babu Buriro by Rameez Lakho



رميز لاکو
سنڌي پروفائيل
BS Part 3  
Roll no 2k14/mc/79


                                                                             بابو ٻرڙو جيڪو جانورن کي انسانن جھڙي اهميت ڏي ٿو
                                                                                                      ضلعي بدين جي شهر لواري شريف ۾ 1985 ع ۾ بابو ٻرڙي جو جنم ٿيو هن کي ننڍي هوندي کان ئي جانورن لي پالڻ جو شوق هو ڪڏهن طوطي لاءِ ضد ڪندو تـه ڪڏهن ٻانگي لاءِ ضد ڪندو پر جئين پاڻ آزاد پسند آهي تئين ماحول کي بـ ڏسڻ چاهيندو آهي. هڪ دفعي جي ڳالھ آهي تـ هن پهنجي والد کي چيو تـ مونکي تتر کپي جڏهن اها فرمائش پوري ڪئي وئي تـ هڪ مهيني جي اندر هن ان پکي کي آزاد ڪري ڇڏيو ڪنهن دوست پڇيو تـ چيائين يار مونکي روز هي تتر درد ڀري آواز ۾ چوندو هو تـ مونکي دنيا ڏسڻي آهي پوءِ جڏهن آون آزاد گھمي رهيو آهيان تـ خالق جي هر مخلوق کي ائين جئييڻ جو حق آهي لفظن جي تـ تشڪيل چئجي پر بابو جي دل جي ڳالھ آهي اها ان کان پوءِ والدين جي طرفان گھڻائي  دڙڪا ۽ ڇڙٻون کاڌائين پر پوءِ بڱ هي نـ مڙيو. 10 سالن جي عمر ۾ مائٽ زبردستي هن کي اسڪول موڪليندا هئي پر هي نـ ويندو هئو ۽ اسڪول وڃڻ جي بهاني ڪنهن ڌنار سان گڏ مال کي ڏسي  ۽ وقر گذاري پهنجو
شوق پورو ڪندو هئو.
جئين ئي هي شخص عمر ۾ وڌندو ويو تئين هن جو شوق جانورن ڏانهن راغب ٿيندو ويو ۽ هر طرح جي مال جي نسل کان واقف ٿيندو ويو گهر ۾ غربت هئڻ جي ڪري مال تـ نـ پالي سگھيو آهي پر گھر ۾ موجود ڪتي يا ٻلي کي ڪڏهن بـ بکيو نـ رکندو آهي گوشت جي دڪانن تان کنڀڙاٽيون بـ کڻي انهن جو پيٽ پاليندو آهي مال جي نسل ڪشي جي حوالي سان هن جو نالو پاڙي م وڌي رهيو آهي ڳوٺ جا چڱا چڱا ماڻهو مال وٺڻ لاءِ نسل ڪشي لاءِ بابو کي وٺي ويندا آهن ۽ مٺائي طور هن کي چڱي خاصي خرچي بـ ڏيندا آهن.
31 سالن جو هي شخص جهڙي طرح انسانن سان رهمدلي سان پيش اچي ٿو ساڳئي طرح جانورن لءِ بـ ايتري ِ ئي محبت رکي ٿو. بابو جانورن سان بـ دوستاڻو رويو اختيار ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيندو آهي مطلب تـ جانور ڇا چاهيندو آهي ؟ هي آساني سان  سمجھي وڃي ٿو پکين سان هن جو لڳاءَ وڌيڪ آهي جھڙوڪ ڪڪڙ، طوطو ، تتر وغيره وغيره . ماڻهون بابو کي پکي وٺي ڏيندا آهن پالي وڌائي ڏيڻ جي لاءِ ۽ جيڪي طوطا  بابو وٽ آهن اهي ٻولي سکيل آهن  تـ ماڻهو جيڪي هن وٽ پهنجا طوطا ٻولي سيکارڻ لاءِ رکي ويندا آهن اهي صرف 2 يا 3 هفتن ۾ ٻولي ٻولڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جيڪي بابو جي هٿ جا هريل طوطا آهن اهي ايترا تـ هيراڪ ٿي ويندا آهن جو پڃري جو دروازو کولي ڇڏڻ تي بـ نـ ڀڄندا آهن ۽ جڏهن بابو پهنجي طوطن کي وڻن تي ڇڏيندو آهي تـ اهي ميوا کائي واپس بابو وٽ موٽي ايندا آهن.
هي شخص تعليم تـ نـ پرائي سگھيو پر اهڙن ڪمن سان انسانن کي رحمدلي جو ديس ڏئي ٿو. بابو معاشري لاءِ اهڙا مثال قائم ڪري ٿو جيڪي تعليم بـ اڻپورا ڏئي ٿي . خانداني پسمنظر غريباڻو هئڻ ڪري هن شخص کي زندگي ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ڪنهن وقت تـ اهڙي نوبت آئي جو بابو کي جانورن کان الگ ڪيو ويو يعني تـ ان کي محنت مزدوري لاءِ چيو ويندو هو ۽ هي ان کان ڪيٻائيندو هو نيٺ ڪيتري ئي زور ڀرڻ کان پوءِ هي چڻآ وڪڻڻ ويندو هو ۽ ماڻهو هن کان چڻا وٺڻ سان گڏو گڏ  پکين جي باري ۾ پڇندا هئا ڪي تـ وري  پکين جي يا جانورن جي طبيعت ڏيکارڻ ايندا هئا تـ طوطي کي فلاڻي شيءَ ٿي پئي آهي ان جو ڪو ڏس ڏي  بابو جو تجربو اهڙو هوندو آهي جو هي جيڪي صلاح ڏيندو هو اها فائديمند ثابت ٿيندي هئي ۽ اجھ ڏينهن تائين ماڻهو جانورن جي ڊاڪٽر جي بدران هن شخص تي اعتماد رکن ٿا.
انسان دوست، ماحول دوست، ۽ جانور دوست بابو ۾ اهي سڀ خاصيتون موجود آهن جيڪي هڪ عام ۽ سٺي شهري ۾ هئڻ گھرجن هي شخص ڪڏهن بـ ڪنهن جو بـ برو نـ چاهيندو آهي هر ننڍي طوڙي وڏي جي ممڪن مدد ڪندو ۽ چاهيندو تـ بيزبان شخص هجي يا جانور ڪڏهن ڪنهن جي هٿان رنج نـ ٿئي ڇاڪاڻ انسان تـ پهنجون گھرجون ٻڌائي پوريون ڪندو آهي يا تڪيف تي چئي وٺندو آهي پر هي بيزبان جانور ڪجھ نٿا ڪري سگھن تنهن ڪري هي جانورن سان لڳاءُ وڌيڪ رکندو آهي. ايتري غربت جي باوجود بـ جتي بـ هي رسي سان ٻڌل جانور ڏسندو آهي تـ ان کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندو آهي ۽ آزاد ڪرائي پوءِ ڇڏيندو آهي.
جانورن سان رحمدلي انسانن سان همدردي هن شخص جي عادت ۾ شمار ٿي چڪا آهن بابو چوندو آهي تـ صرف مونکي نـ هر شخص کي جانورن سان اهو سلوڪ اپنائڻ گھرجي اهو هر ماڻهو جو فرض آهي.
بابو لواري شريف شهر ۾ جانورن لاءِ آسائش جو ذريعو بڻيل آهي هي هر روز پکين کي ان ٽڪر ڏيڻ گرمين ۾ ٺڪر جر ٿاون ۾ پاڻي رکڻ ۽ هر جانور جو پيٽ ڀرڻ کي هي پهنجو فرض سمجھندو آهي. هي چاهيندو آهي تـ انصاف صرف انسانن تائين محدود نڱ هجي جانورن لاءِ بـ اهڙو ئي انصاف هئڻ گھرجي جتي هڪ گڏھ گرمي هجي يا سيارو ڪيتروئي وزن کڻي ٿو پر هن کي ايترو گاھ بـ نصيب نٿو ٿئي اگر انصاف هجي تـ گڏھ جيترو ڪم ڪري ٿوگاھ بـ اوترو مليس تـ ان جي مالڪ جي روزي  ۾ برڪت اچي وڃي ۽ اگر هر ڪو ائين ڪري تـ معاشري ۾ خوسحالي جي برسات هر روز پوي.
بابو جيڪو چڻا وڪڻي محنت مزدوري ڪري سندس ۽ بيزبان جانورن سان گڏ گھر وارن جو پيٽ پالي رهيو آهي در حقيقت آهڙا شخص اسان جي معاشري ۾ هڪ بهترين مثال هئڻ جو اعزاز رکن ٿا ۽ بابو انهن فردن مان هڪ آهي جيڪو اسان کي جانورن طوڙي انسانن سان همدردي ۽ رحمدلي جو درس ڏئي ٿو ۽ معاشري جو هڪ بهترين فرد هئڻ سان گڏ انيڪ خاصيتن سان اهڙي بيزبان مخلوق جي مدد ڪندو رهي ٿو ۽ ڪندو رهندو.  

Under supervision of Sir Sohail Sangi

#SohailSangi,  #Profile, 

#Profile, #BabuBuriro, #RameezLakho

Interview with Khuda Bux Memon

Rameez Lakho

خدا بخش ميمڻ 
انٽرويو: رميز 
خدا بخش ميمڻ هن وقت ogdcl  ۾ بطور هڪ ڪيمسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ بهترين شاعر به آهي سندن شاعري جا ڪتاب به ڪيترائي ڇپجي چڪا آهن ۽ شاعري جو مواد ڪيترين ئي اخبارن ، رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو محترم جي شاعري ۾ انقلاب هوندو آهي ۽ سندن شاعري کي مشهور سنڌ جي ڳائڻي سرمد سنڌي به ڳايو آهي. متين خاصيتن کان علاوه هي هڪ بهتر سوشل ورڪر به آهي جيڪو پهنجي ڳوٺ لاءِ فلاحي ڪمن ۾ رڌل رهي ٿو.

سوال. توهان جو خانداني پسمنظر صحافي آهي پوءِ توهان صحافت شعبي جي چونڊ ڇو نه ڪئي؟
جواب. زندگي هر ڪنهن کي ڪو نه ڪو رستو ڏيکاريندي آهي مهنجي خاندان ۾ ته مهنجي وڏي ڀاءَ کي بهتر هساب سان سماجي خدمت لاءِ رهنمائي وارو شعبو کنيو يعني زندگي جي ڪشمڪش يا حالتن ۾ هن پهنجي منزل ۽ شوق کي انهي شعبي ۾ ڏٺو جيتري قدر مهنجي ڳالھ آهي ته مونکي ننڍي هوندي کان ئي شاعري پڙهڻ ۽ ڪرڻ جو شوق هوندو هو تنهن وقت ته ڪم ذهن دماغ مان شاعري لاءِ لفظ نه ملندا هئا پر شاعري جي مقابلن ۾ حصو وٺي ۽ شاعري ڪندو هئس ۽ اها خوشي ملندي هئي پوءِ ڏٺو ته صرف شاعري شاعري جي فن سان ئي اڳتي نه وڌي سگھبو ڪجھ ڪري به ڏيکارڻو آهي جڏهن ته ٿورڙي گھڻي دلچسپي ۽ ڄاڻ زميني پڙهائي ۾ هئي ان ڪري جيالوجي ۾ داخلاءِ  ورتي ۽ ان ۾ ئي پهنجي محنت ۽ جفا ڪشي ڏيکاري.

سوال.شاعري جي ميدان ۾ قدم رکيو ؟
جواب. ننڍپڻ پڻ کان ئي شوق جي ڪري اردو ادب ۽ سنڌ جي مشهور صوفي شاعرن کي پڙهيو ۽ جنهن مان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ جو شوق  ٿيو ۽ معاشري جي حآلتن کي  ڏسي ڪري پهنجي جذبات شاعري ذريعي ظاهر ٿين ٿا اها ئي وجه آهي جو شاعري جو شاعري جي ميدان ۾ اسان جا قدم پيا.

سوال. توهان جيڪي به شاعر پڙهيا آهن انهن ۾ ڪهڙي شاعر توهان کي متاثر ڪيو؟
جواب. شاعري۾ آئون صوفي شاعرن کي به پڙهندو آهيان جنهن ۾ خوجه محمد زمان جي صوفياڻ شاعري ڀٽائي جي شاعري جنهن ۾ انگ انگ ۾ فلسفو آهي ان کان پوءِ غالب ، فيض احمد فيض کي پڙهندو آهيان ۽ اهي ئي شاعر آهن جنهن جي شاعري بيمثال ۽ لاجواب آهي جيتري قدر مون وڏي گھرائي سان انهن شاعرن کي پڙهيو آهي اوتري قدر آئون انهن مان متاثر ٿيو آهيان.

سوال. توهان پهنجي ڪيرئير جي ڪاميابي لاءِ ڪهڙين ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏنو؟ ڏٺو وڃي ته توهان جو خانداني پسمنظر غريب هو؟
جواب. جڏهن پهاڙ تي پهچڻ جو حوصلو بلند هوندو آهي ته مشڪلاتون مشڪلاتون نه رهنديون آهن اهي آجيان ڪندڙ گلابن وانگر ڏشڻ ۾ اينديون آهن هر ڪاميابي جي پويان ڪڙي محنت جو راز هوندو آهي  مونکي مهنجي مهنجي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ مهنجي ڀاءَ وڏو سپورٽ ڪيو ۽ جيڪي مشڪلاتون سٺيون سي انهن پاڻ ئي سٺيون مهنجي مٿان ڇپر ڇانوَ ٿي رهيا ۽ مونکي گرم اس جو احساس به ٿيڻ نه ڏنو.

سوال. توهان جي شاعري جي ڳالھ ڪجي ته ان کي سرمد سنڌي به ڳايو آهي ؟ ڇا توهان پهنجي شاٿري لاءِ لفظ سوچي چونڊي لکندا آهيو يا وهڪري وانگر توهان جي دماغ ۾ اڳندا ويندا آهن؟ 
جواب. جي ها شاعري ئي اهڙو ڪم آهي جيڪو آون پهنجي دل و دماغ سان ڪندو آهيان ۽ خوشنصيب آهيان جو مهنجي لفظن کي مرحوم سرمد جو آوز نصيب ٿيو جيتري قدر لفظن جي ڳالھ آهي انهن لاءِ سڀ کان پهرين لازمي آهي هر طرح جي شاعري جو مطالعو ڪيل هجي ۽ مهنجو گھرو مطالعو ته ناهي پر ايترو مطالعو ضرور آهي جو لفظن جي تشڪيل ڪري سگھان ۽ ڪنهن موضوع جي شآعري تي لفظن جي تشڪيل لازمي هوند ي  آهي پر جتي محبت پيار جي موضوع جي ڳالھ هوندي آهي لفظ دل مان نڪرندا آهن ۽ موضُع جو سينگار ٿيندا آهن.

سوال.توهان کي ڪهڙي شيءَ شاعري لکڻ لاءِ متاثر ڪيو ؟
جواب.  پهنجي جذبات ۽ خيالن کي ظاهر ڪرڻ جو ذريعو شاعري کي ئي سمجهندو آهيان  پر در حقيقت آئون جيڪو آهيان سو مون ڪڏهن به پهنجي پاڻ کي ظاهر نه ڪيو آهي ۽ شاعري ئي اهو ذريعو آهي. شاعري جي شوق خاطر پڙهڻ لڳس ۽ پوءِ ڪيترن ئي شاعرن کان متاثر ٿيس ۽ شاعري لکڻ شروع ڪري ڏنم 
سوال. توهان هن وقت ڪامياب زندگي بسر ڪري رهيا آهيو ته توهان اهو ڪڏهن محسوس ڪيو ته توهان ڪامياب ٿي چڪا آهيو ؟
جواب. ڪو انسان جڏهن ڀرپور محنت ڪندو آهي ته ان کي اهو پختو يقين هوندو آهي ته هو انقريب ڪامياب ٿيڻ وارو آهي ائين ئي مهنجي محنت مونکي گڏوگڏ مونکي ڪاميابي جو احساس به ڏياريو ۽ نيٺ ڪڙي محنت کان پوءِ ڪاميابي ماڻي.
سوال. توهان پهنجي ڪامياب زندگي جو ڪهڙو تجربو نوجوانن سان ڪهڙو تجربو شئير ڪندا ؟
جواب. توهان کي اها ئي صلاح ڏيندس ته هر منزل ڏانهن هميشه ٻه رستا ويندا آهن هڪ ته ڏکيو ۽ ٻيو آسان رستو هوندو آهي مون جيتري قدر ڏٺو آهي ته اڄ جا نوجوان شارٽڪٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر پهنجي منزل تي نه پهچي سگھندا آهن ۽ جي لونگ ڪٽ به هڻڻ چاهيندا آهن تب پهنجي منزل نه ماڻي سگھندا آهن ان ڪري جيڪو رستو ڏکيو هوندو آهي اهو بظاهر ڏکيو لڳندو آهي پر هوندو آسان آهي ڇو ته وقتي حالتن جي قرباني ڏيڻ کان بعد ۾ ڪاميابي وارا سک وارا لمحا آهن پر انهي سڪون جي ڪري مستقبل جو سڪون برباد ڪرڻ بي وقوفي آهي چوڻ جو مقصد اهو ته هر ڪاميابي پويان محنت جو راز سمايل هوندو آهي تنهن ڪري نوجوان جيڪي پهنجي شعبي ۾ شوق رکن ٿا اهي گھڻي محنت ڪن ۽ اهو ته واضع آهي  ته الله تعليٰ ڪنهن جي محنت رائگان نه ڪندو آهي تنهن ڪري توهان کي محنت جو ڦل ڪاميابي سان ضرور ملندو. 

Under supervision of Sir Sohail Sangi

#SohailSangi 
#Badin, Interview,#KhudaBuxMemon