Showing posts with label رميز. Show all posts
Showing posts with label رميز. Show all posts

Monday, 25 April 2016

سوشل ميڊيا معاشري لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي


 سوشل ميڊيا معاشري لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي
اسان جڏهن 20 سال پوئتي نظر وجهنداسين تـ اسان کي نظر ايندو تـ هر هڪ شخص پهنجو وقت ڪتابن ، اخبارن ۽رسالن کي ڏيندو هئو پر هاڻي سمارٽ فون ۾ موجود سوشل سائيٽس تي غير ضروري سرگرمين ۾ مصروف رهي ٿو. جهازن ۽ انتظار گاهن ۾ ويٺل ماڻهو ڪنهن ڪتاب ۾ مطالعو ڪندي ڏسبو هو۽ لائيبريري هر هڪ گهر جو حصو هئي هر ٻئي شخص وٽ گھٽ ۾ گھٽ  هڪ  ڪتاب هوندو هوجنهن جو هو انتظار گاھ يا سفر دوران مطالعو ڪندو هو اسپتالن ۽ ٻين جاين تي ڪتاب پيا  هوندا هئا جيڪي اتي ويٺل ماڻهو پڙهندي نظر ايندا هئا. پر اڄ جي دور ۾ سمارٽ  فون ماڻهڻ جي هٿ مان ڪتاب کسي ڇڏيا آهن سمارت فون ۾ جديد ٽيڪنالوجي سان گڏ هر سهولت موجود آهي جيڪا نوجوان ظوڙي بزرگن ۽ ٻارن جي دلچسپي جو سبب بڻيل آهي. اڄ ڪلھ گهر ۾ ماني تيار نـ بـ ٿيل هوندي تـ ٻار ماٺ ڪري انتظار ڪندا آهن پر وائي فائي  ۾ خلل هوندي تـ گهر سر تي کڻي ڇڏيندا آهن. انهي سمارٽ فون جي بدولت معلومات جي فراهمي ۽ سوشل ميڊيا جو استعمال وڌي ويو آهي پر جتي هن جامثبت پهلو آهن اتي هن جي منفي اثرن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي.
ٻين وٽان ملندڙ معلومات کي اڳتي پهچائڻ ۾ صرف هڪ بٽڻ کي دٻائڻو پوي ٿو معلومات صحيح هجي يا غلط ڪير بـ ان تي توجه نـ ڏيندو آهي.
سوشل ميڊيا ذريعي صحت سماجي مسئلن ۽ ٻين جي باري ۾ تمام گھڻي معلومات پکڙجي رهي آهي جيڪا افسوس جهڙي ڳالھ آهي ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو بـ اها غلط معلومات پکيڙڻ ۾ شامل آهن وقت جي قلت ڪري ڪير بـ اهو نـ سوچيندو آهي تـ معلومات صحيح آهي يا غلط . هي اهو دور آهي جتي ڪو بـ شخص ميڊيا کان لاتعلق رهي نٿو سگھي . جتي ميڊيا جي فائدن بابت نظر وجھجي تـ ميڊيا عوام کي زندگي جي سڀني شعبن بابت تمام گھڻي معلومات پهچائي ٿي دنيا جي ڪنهن بـ ڪنڊ ۾ جيڪي ڪجھ ٿئي ٿو اهو سڄي دنيا ۾ چنڊ سيڪنڊن ۾ پکڙجي وڃي ٿو۽ زمين تي موجود هر شخص دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ٿيندڙ وقعن کان وقف ٿي ٿو وڃي جڏهن تـ ماضي ۾ اهي ڳالهيون پهچڻ ۾ تمام گھڻو وقت لڳندو هو. ميڊيا جي ڪري عوام کي سياست ، ِصحت ، تعليم ،راندين ، سماجي مسئلن مطلب تـ هر هڪ شعبي جي باري ۾ نئين نئين معلومات وڏي آساني سان ملي ويندي آهي جيڪو ميڊيا جو اهم ۽ مثبت ڪردار آهي پر تصوير جا هميشه ٻـ پهلو هوندا آهن تـ ان جو بيو رخ بـ آهي ان حلت ۾ ميڊيا پهنجي ذميداري جو مظاهرو نـ ڪندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن غلط معلومات پکيڙڻ جو ذ ريعو بـ بڻبي آهي. سوين اخبارون ۽ ٽي وي چئنلس جي موجودگي ۾ نشر و اشاعت جا تمام ٿورڙا ادارا آهڙا آهن جن جي م،علومات مستد ۽ قبلِ اعتبار آهي.
ميڊيا ۾ تـ اهڙا ماڻهو بـ ضرور هوندا آهن جن جي اها ذميواري هوندي آهي تـ اهي خبرن ۽ معلومات جي تصديق ڪري پوءِ جاري ڪندا آهن. پر سوشل ميڊيا بي لغام حوڙي وانگر آهي جنهن جي معلومات خبرون ۽ ٻيو مواد بغير ڪنهن تصديق جي وائرس وانگر ڦيلجي ويندو آهي جنهن جي ڪو بـ تصديق ۽ تحقيق جي ذحمت نـ ڪندو آهي.
ڪجھ ڏينهن  پهرين مون سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ پڙهي جيڪا هڪ معزز استاد شيئر ڪئي هئي ان ۾ لکيل هو تـ رات جو 12 بجي کان پوءِ موبائيل بند ڪري ڇڏيو ڇو تـ خلاءِ مان هڪ خطرناڪ قسم جي تابڪاري ۽ ٻيون لهرون زمين طرف اچي رهيون آهن جيڪي موبائيل فون ذريعي انسان کي نقصان پهچائينديون. مون محترم استاد جو اهو پيغام پڙهي انهي ڳالھ جي تصديق ڪئي ۽ معلوم ٿيو تـ ان ڳالھ ۾ ڪا سچائي نـ هئي، پهمجي استاد کي انهي بابت آگاھ ڪيم تـ هن اهو تسليم ڪيو تـ هن بغير ڪنهن تصديق جي پيغام کي اڳتي روانو ڪري ڇڏيو آهي بهر حال ڪيترن ئي ماڻهن تي ان جو غلط اثر پيو هوندو ان ڳالھ جو ڪو بـ تدارڪ ممڪن ناهي . انهي نوعيت جا ٻيا بـ ڪيترائي پيغام اطلاع۽ معلومات روزانو گردش ڪندا رهن ٿا جن کي ماڻهو بغير ڪنهن تصديق جي شيئر ڪندا رهن ٿا ڪٿي ڪا پاڻ مرادو ڪهاڻي پيش ڪئي ويندي آهي تـ ڪٿي وري ڪنهن ايجاد جي باري ۾ ٻڌايو ويندو آهي تـ ڪٿي وري وائرس اچڻ جا اطلاع ڏنا ويندا آهن .
ان کان سواءِ هڪ خطرناڪ روايت ٻ نڪري  وئي آهي تـ صحت جي باري ۾ غلط معلومات پکيڙي پئي وڃي اهڙن پيغامن ۾ شگر هاءِ بلڊ پريشر ڪينسر ۽ بين موضي مرضن جو ڪو بـ مستعل علاج موجود نـ آهي جنهن ڪري ڪنهن بـ ڏنل غلط معلومات جي بنياد تي ڪو مريض بـ عمل ڪري پهنجي صحت اڃا نـ خراب ڪري سگھي ٿو. سوشل ميڊيا ذريعي هن قسم جي معلومات پکيڙڻ ۽ ماڻهن جي صحت سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي .
آئون وڌيڪ تعجب ۾ پئجي ويس جڏهن هڪ معزز معاشري جي سماجي شخصيت جنهن کي  سوشل ميڊيا تي گھڻا ماڻهو فالو ڪندا آهن ان شوگر جي علاج جي لاءِ ديسي ڪڪڙ جي بِيضن کي لوڻ ۾ ملائي کائڻ جو مشورو ڏنو ڪيترن ئي ماڻهن ان جي معلومات کي ٻين سان شيئر ڪيو اهڙا معزز دانشور استاد معاشري جي رهنمائي ڪندا آهن پر جڏهن اهي ئي ان قسم جي معلومات کي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪنداآهن تـ اسان کي تمام گھڻو افسوس ۽ ڏک ٿيندو آهي . سائنس جو هڪ عام شاگرد بـ اهو سمجهي ٿو تـ شوگر جو تعلق جسم ۾ موجود کنڊ جي ميٽابوليزم سان آهي جنهن جي لاءِ انسولين يا شوگر جي ٻين دوائن سان ئي علاج ممڪن آهي بيضا ۽ لوڻ کائڻ سان تـ شوگر جو مرض اڃا بـ وڌي سگھي ٿو ڇا ڪاڻ تڱ شوگر جا گھڻا مريض بلڊپريشر ۽ رت ۾ ڪولسٽرول گھڻائي وارن مسئلن جو شڪار هوندا آهن تـ لوڻ ۽ بيضا انهن ٻنهي بيمارين کي وڌائڻ جو سبب بڻبا آهن. اهو ڪم ڊاڪٽر يا معالج جو آهي ان کي ئي ڪرڻ ڏجي.
سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ انهي حقيقت کان بخوبي واقف آهن تـ اج جي دور ۾ معلومات باھ ونگر پکڙبي آهي. ان ڪري اسان کي پهنجي ذميداري سان تحقيق ۽ تصديق ڪرڻ بعد ئي سوشل ميڊيا تي معلومات شيئر ۽ لائيڪ ڪرڻ گھرجي پر اها اسن سڀني جي ذميواري آهي تـ سوشل ميڊيا استعمال ڪندِڙن کي پڻ اها صلاح ڏيون تـ ڪا بـ معلومات بغير سوچڻ سمجھڻ جي شيئر نـ ڪرڻ گهرجي ممڪن آهي تـ اسان جي اها ڪوشش ڪامياب ٿئي انهي صورتحال جو تدارڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ اسان سڀني ذميواري آهي ممڪن آهي تـ اسان غلط معلومات جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪامياب وڃون جنهن جي ڪري گھٽ ۾ گھٽ انساني صحت سان کيڏڻ جو سلسلو گھٽجي سگهي ٿو.
سوشل ميڊيا زندگي جي حقيَقي رشتن درميان ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو سبب پڻ بڻجي رهي آهي ان جي ڪري رشتن تان اعتماد کڄي وڃڻ جا امڪان پيدا ٿي رهيا آهن هڪ بئي تان ويساھ کڄي رويا آهن ۽ روئين ۾ پهنجائپ وارو رجحان ختم ٿي ويو آهي. گذريل ڪجھ عرصي کان سوشل ميڊيا اهڙا مسئلا پيدا ڪرڻ جو هڪ وڏو سبب بڻجي سامهون اچي رهي آهي. پهنجي ساٿي کي نظر نداز ڪري ٽيوٽر ، واٽس ايپ ، فيس بڪ ، تي مصروف رهڻ جي عادت جي ڪري ڪيترا ئي جوڙا هڪ ٻئي کان عليحدگي اختيار ڪري چڪا آهن .
سنڌ ۾ ڪافي اهڙا طلاق جا ڪيس ڏسڻ ۾ آيا آهن جن جو سبب سوشل ميڊيا آهي. هڪ رپورٽ مطابق طلاق جي 10 ڪيسن ۾ 6 ڪيس اهڙا هوندا آهن جن جو سبب انٽرنيٽ جو استعمال آهي.
عورت ڪائونسلر شهلا زيدي جو چوڻ آهي تـ گزريل 3 مهينن دوران عدالت ۾ آيل 42 ڪيس اهڙا هئا جن جي عليحدگي جو سبب صرف ۽ صرف سوشل ميڊيا آهي.
نفسياتي ماهرن جو اهو بـ چوڻ آهي تـ جڏهن ڪو شخص گھڻو وقت سوشل ميڊيا تي گذاريندو آهي تـ ان جا اثر حقيقي رشتن تي پوندا آهن جيڪو هڪ فطري عمل آهي خاندان ۾ هڪ ٻئي جي تعريف نـ ڪري رهيا آهن نـ وري پهنجي خانداني ماڻهن جي خيالن کي ڪا اهميت ڏئي رهيا آهن . هاڻي سوشل سائيٽس تي تصوير ۽ ڪمينتس پوسٽ ڪري ماڻهو پهنجون خوشيون تلاش ڪري رهيا آهن. اڄ ڪلجتي سوشل ميڊيا جي ڪري دنيا ڳنڍجي وئي آهي تـ اتي ان جا نقصان بـ نظرانداز نٿا ڪري سگھجن . اسان سڀني کي اها ڪوشش ڪرڻ گھرجي تـ سوشل ميڊيا جي استعمال وقت ان جي منفي اثرن کان پري رهون ڪا بـ ڳالھ شيئر ڪرڻ کان پهرين ان جي تصديق ڪريون تـ اها صحيح آهي يا غلط ائين اکيون پوري ڪو پيغام يا معلومات ٻي طرف رواني ڪرڻ سماجي معاشي نقصان آهن ان سان انسان جي صحت تي ب خراب اثر پون ٿا جن کي روڪڻ جي اڄڪلھ تمام گھني ضرورت آهي .
#SocialMedia, #Rameez
#رميز, #سوشل_ميڊيا, 

Saturday, 20 February 2016

Profile of Babu Buriro by Rameez Lakho



رميز لاکو
سنڌي پروفائيل
BS Part 3  
Roll no 2k14/mc/79


                                                                             بابو ٻرڙو جيڪو جانورن کي انسانن جھڙي اهميت ڏي ٿو
                                                                                                      ضلعي بدين جي شهر لواري شريف ۾ 1985 ع ۾ بابو ٻرڙي جو جنم ٿيو هن کي ننڍي هوندي کان ئي جانورن لي پالڻ جو شوق هو ڪڏهن طوطي لاءِ ضد ڪندو تـه ڪڏهن ٻانگي لاءِ ضد ڪندو پر جئين پاڻ آزاد پسند آهي تئين ماحول کي بـ ڏسڻ چاهيندو آهي. هڪ دفعي جي ڳالھ آهي تـ هن پهنجي والد کي چيو تـ مونکي تتر کپي جڏهن اها فرمائش پوري ڪئي وئي تـ هڪ مهيني جي اندر هن ان پکي کي آزاد ڪري ڇڏيو ڪنهن دوست پڇيو تـ چيائين يار مونکي روز هي تتر درد ڀري آواز ۾ چوندو هو تـ مونکي دنيا ڏسڻي آهي پوءِ جڏهن آون آزاد گھمي رهيو آهيان تـ خالق جي هر مخلوق کي ائين جئييڻ جو حق آهي لفظن جي تـ تشڪيل چئجي پر بابو جي دل جي ڳالھ آهي اها ان کان پوءِ والدين جي طرفان گھڻائي  دڙڪا ۽ ڇڙٻون کاڌائين پر پوءِ بڱ هي نـ مڙيو. 10 سالن جي عمر ۾ مائٽ زبردستي هن کي اسڪول موڪليندا هئي پر هي نـ ويندو هئو ۽ اسڪول وڃڻ جي بهاني ڪنهن ڌنار سان گڏ مال کي ڏسي  ۽ وقر گذاري پهنجو
شوق پورو ڪندو هئو.
جئين ئي هي شخص عمر ۾ وڌندو ويو تئين هن جو شوق جانورن ڏانهن راغب ٿيندو ويو ۽ هر طرح جي مال جي نسل کان واقف ٿيندو ويو گهر ۾ غربت هئڻ جي ڪري مال تـ نـ پالي سگھيو آهي پر گھر ۾ موجود ڪتي يا ٻلي کي ڪڏهن بـ بکيو نـ رکندو آهي گوشت جي دڪانن تان کنڀڙاٽيون بـ کڻي انهن جو پيٽ پاليندو آهي مال جي نسل ڪشي جي حوالي سان هن جو نالو پاڙي م وڌي رهيو آهي ڳوٺ جا چڱا چڱا ماڻهو مال وٺڻ لاءِ نسل ڪشي لاءِ بابو کي وٺي ويندا آهن ۽ مٺائي طور هن کي چڱي خاصي خرچي بـ ڏيندا آهن.
31 سالن جو هي شخص جهڙي طرح انسانن سان رهمدلي سان پيش اچي ٿو ساڳئي طرح جانورن لءِ بـ ايتري ِ ئي محبت رکي ٿو. بابو جانورن سان بـ دوستاڻو رويو اختيار ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيندو آهي مطلب تـ جانور ڇا چاهيندو آهي ؟ هي آساني سان  سمجھي وڃي ٿو پکين سان هن جو لڳاءَ وڌيڪ آهي جھڙوڪ ڪڪڙ، طوطو ، تتر وغيره وغيره . ماڻهون بابو کي پکي وٺي ڏيندا آهن پالي وڌائي ڏيڻ جي لاءِ ۽ جيڪي طوطا  بابو وٽ آهن اهي ٻولي سکيل آهن  تـ ماڻهو جيڪي هن وٽ پهنجا طوطا ٻولي سيکارڻ لاءِ رکي ويندا آهن اهي صرف 2 يا 3 هفتن ۾ ٻولي ٻولڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جيڪي بابو جي هٿ جا هريل طوطا آهن اهي ايترا تـ هيراڪ ٿي ويندا آهن جو پڃري جو دروازو کولي ڇڏڻ تي بـ نـ ڀڄندا آهن ۽ جڏهن بابو پهنجي طوطن کي وڻن تي ڇڏيندو آهي تـ اهي ميوا کائي واپس بابو وٽ موٽي ايندا آهن.
هي شخص تعليم تـ نـ پرائي سگھيو پر اهڙن ڪمن سان انسانن کي رحمدلي جو ديس ڏئي ٿو. بابو معاشري لاءِ اهڙا مثال قائم ڪري ٿو جيڪي تعليم بـ اڻپورا ڏئي ٿي . خانداني پسمنظر غريباڻو هئڻ ڪري هن شخص کي زندگي ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ڪنهن وقت تـ اهڙي نوبت آئي جو بابو کي جانورن کان الگ ڪيو ويو يعني تـ ان کي محنت مزدوري لاءِ چيو ويندو هو ۽ هي ان کان ڪيٻائيندو هو نيٺ ڪيتري ئي زور ڀرڻ کان پوءِ هي چڻآ وڪڻڻ ويندو هو ۽ ماڻهو هن کان چڻا وٺڻ سان گڏو گڏ  پکين جي باري ۾ پڇندا هئا ڪي تـ وري  پکين جي يا جانورن جي طبيعت ڏيکارڻ ايندا هئا تـ طوطي کي فلاڻي شيءَ ٿي پئي آهي ان جو ڪو ڏس ڏي  بابو جو تجربو اهڙو هوندو آهي جو هي جيڪي صلاح ڏيندو هو اها فائديمند ثابت ٿيندي هئي ۽ اجھ ڏينهن تائين ماڻهو جانورن جي ڊاڪٽر جي بدران هن شخص تي اعتماد رکن ٿا.
انسان دوست، ماحول دوست، ۽ جانور دوست بابو ۾ اهي سڀ خاصيتون موجود آهن جيڪي هڪ عام ۽ سٺي شهري ۾ هئڻ گھرجن هي شخص ڪڏهن بـ ڪنهن جو بـ برو نـ چاهيندو آهي هر ننڍي طوڙي وڏي جي ممڪن مدد ڪندو ۽ چاهيندو تـ بيزبان شخص هجي يا جانور ڪڏهن ڪنهن جي هٿان رنج نـ ٿئي ڇاڪاڻ انسان تـ پهنجون گھرجون ٻڌائي پوريون ڪندو آهي يا تڪيف تي چئي وٺندو آهي پر هي بيزبان جانور ڪجھ نٿا ڪري سگھن تنهن ڪري هي جانورن سان لڳاءُ وڌيڪ رکندو آهي. ايتري غربت جي باوجود بـ جتي بـ هي رسي سان ٻڌل جانور ڏسندو آهي تـ ان کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندو آهي ۽ آزاد ڪرائي پوءِ ڇڏيندو آهي.
جانورن سان رحمدلي انسانن سان همدردي هن شخص جي عادت ۾ شمار ٿي چڪا آهن بابو چوندو آهي تـ صرف مونکي نـ هر شخص کي جانورن سان اهو سلوڪ اپنائڻ گھرجي اهو هر ماڻهو جو فرض آهي.
بابو لواري شريف شهر ۾ جانورن لاءِ آسائش جو ذريعو بڻيل آهي هي هر روز پکين کي ان ٽڪر ڏيڻ گرمين ۾ ٺڪر جر ٿاون ۾ پاڻي رکڻ ۽ هر جانور جو پيٽ ڀرڻ کي هي پهنجو فرض سمجھندو آهي. هي چاهيندو آهي تـ انصاف صرف انسانن تائين محدود نڱ هجي جانورن لاءِ بـ اهڙو ئي انصاف هئڻ گھرجي جتي هڪ گڏھ گرمي هجي يا سيارو ڪيتروئي وزن کڻي ٿو پر هن کي ايترو گاھ بـ نصيب نٿو ٿئي اگر انصاف هجي تـ گڏھ جيترو ڪم ڪري ٿوگاھ بـ اوترو مليس تـ ان جي مالڪ جي روزي  ۾ برڪت اچي وڃي ۽ اگر هر ڪو ائين ڪري تـ معاشري ۾ خوسحالي جي برسات هر روز پوي.
بابو جيڪو چڻا وڪڻي محنت مزدوري ڪري سندس ۽ بيزبان جانورن سان گڏ گھر وارن جو پيٽ پالي رهيو آهي در حقيقت آهڙا شخص اسان جي معاشري ۾ هڪ بهترين مثال هئڻ جو اعزاز رکن ٿا ۽ بابو انهن فردن مان هڪ آهي جيڪو اسان کي جانورن طوڙي انسانن سان همدردي ۽ رحمدلي جو درس ڏئي ٿو ۽ معاشري جو هڪ بهترين فرد هئڻ سان گڏ انيڪ خاصيتن سان اهڙي بيزبان مخلوق جي مدد ڪندو رهي ٿو ۽ ڪندو رهندو.  

Under supervision of Sir Sohail Sangi

#SohailSangi,  #Profile, 

#Profile, #BabuBuriro, #RameezLakho

Interview with Khuda Bux Memon

Rameez Lakho

خدا بخش ميمڻ 
انٽرويو: رميز 
خدا بخش ميمڻ هن وقت ogdcl  ۾ بطور هڪ ڪيمسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ بهترين شاعر به آهي سندن شاعري جا ڪتاب به ڪيترائي ڇپجي چڪا آهن ۽ شاعري جو مواد ڪيترين ئي اخبارن ، رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو محترم جي شاعري ۾ انقلاب هوندو آهي ۽ سندن شاعري کي مشهور سنڌ جي ڳائڻي سرمد سنڌي به ڳايو آهي. متين خاصيتن کان علاوه هي هڪ بهتر سوشل ورڪر به آهي جيڪو پهنجي ڳوٺ لاءِ فلاحي ڪمن ۾ رڌل رهي ٿو.

سوال. توهان جو خانداني پسمنظر صحافي آهي پوءِ توهان صحافت شعبي جي چونڊ ڇو نه ڪئي؟
جواب. زندگي هر ڪنهن کي ڪو نه ڪو رستو ڏيکاريندي آهي مهنجي خاندان ۾ ته مهنجي وڏي ڀاءَ کي بهتر هساب سان سماجي خدمت لاءِ رهنمائي وارو شعبو کنيو يعني زندگي جي ڪشمڪش يا حالتن ۾ هن پهنجي منزل ۽ شوق کي انهي شعبي ۾ ڏٺو جيتري قدر مهنجي ڳالھ آهي ته مونکي ننڍي هوندي کان ئي شاعري پڙهڻ ۽ ڪرڻ جو شوق هوندو هو تنهن وقت ته ڪم ذهن دماغ مان شاعري لاءِ لفظ نه ملندا هئا پر شاعري جي مقابلن ۾ حصو وٺي ۽ شاعري ڪندو هئس ۽ اها خوشي ملندي هئي پوءِ ڏٺو ته صرف شاعري شاعري جي فن سان ئي اڳتي نه وڌي سگھبو ڪجھ ڪري به ڏيکارڻو آهي جڏهن ته ٿورڙي گھڻي دلچسپي ۽ ڄاڻ زميني پڙهائي ۾ هئي ان ڪري جيالوجي ۾ داخلاءِ  ورتي ۽ ان ۾ ئي پهنجي محنت ۽ جفا ڪشي ڏيکاري.

سوال.شاعري جي ميدان ۾ قدم رکيو ؟
جواب. ننڍپڻ پڻ کان ئي شوق جي ڪري اردو ادب ۽ سنڌ جي مشهور صوفي شاعرن کي پڙهيو ۽ جنهن مان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ جو شوق  ٿيو ۽ معاشري جي حآلتن کي  ڏسي ڪري پهنجي جذبات شاعري ذريعي ظاهر ٿين ٿا اها ئي وجه آهي جو شاعري جو شاعري جي ميدان ۾ اسان جا قدم پيا.

سوال. توهان جيڪي به شاعر پڙهيا آهن انهن ۾ ڪهڙي شاعر توهان کي متاثر ڪيو؟
جواب. شاعري۾ آئون صوفي شاعرن کي به پڙهندو آهيان جنهن ۾ خوجه محمد زمان جي صوفياڻ شاعري ڀٽائي جي شاعري جنهن ۾ انگ انگ ۾ فلسفو آهي ان کان پوءِ غالب ، فيض احمد فيض کي پڙهندو آهيان ۽ اهي ئي شاعر آهن جنهن جي شاعري بيمثال ۽ لاجواب آهي جيتري قدر مون وڏي گھرائي سان انهن شاعرن کي پڙهيو آهي اوتري قدر آئون انهن مان متاثر ٿيو آهيان.

سوال. توهان پهنجي ڪيرئير جي ڪاميابي لاءِ ڪهڙين ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏنو؟ ڏٺو وڃي ته توهان جو خانداني پسمنظر غريب هو؟
جواب. جڏهن پهاڙ تي پهچڻ جو حوصلو بلند هوندو آهي ته مشڪلاتون مشڪلاتون نه رهنديون آهن اهي آجيان ڪندڙ گلابن وانگر ڏشڻ ۾ اينديون آهن هر ڪاميابي جي پويان ڪڙي محنت جو راز هوندو آهي  مونکي مهنجي مهنجي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ مهنجي ڀاءَ وڏو سپورٽ ڪيو ۽ جيڪي مشڪلاتون سٺيون سي انهن پاڻ ئي سٺيون مهنجي مٿان ڇپر ڇانوَ ٿي رهيا ۽ مونکي گرم اس جو احساس به ٿيڻ نه ڏنو.

سوال. توهان جي شاعري جي ڳالھ ڪجي ته ان کي سرمد سنڌي به ڳايو آهي ؟ ڇا توهان پهنجي شاٿري لاءِ لفظ سوچي چونڊي لکندا آهيو يا وهڪري وانگر توهان جي دماغ ۾ اڳندا ويندا آهن؟ 
جواب. جي ها شاعري ئي اهڙو ڪم آهي جيڪو آون پهنجي دل و دماغ سان ڪندو آهيان ۽ خوشنصيب آهيان جو مهنجي لفظن کي مرحوم سرمد جو آوز نصيب ٿيو جيتري قدر لفظن جي ڳالھ آهي انهن لاءِ سڀ کان پهرين لازمي آهي هر طرح جي شاعري جو مطالعو ڪيل هجي ۽ مهنجو گھرو مطالعو ته ناهي پر ايترو مطالعو ضرور آهي جو لفظن جي تشڪيل ڪري سگھان ۽ ڪنهن موضوع جي شآعري تي لفظن جي تشڪيل لازمي هوند ي  آهي پر جتي محبت پيار جي موضوع جي ڳالھ هوندي آهي لفظ دل مان نڪرندا آهن ۽ موضُع جو سينگار ٿيندا آهن.

سوال.توهان کي ڪهڙي شيءَ شاعري لکڻ لاءِ متاثر ڪيو ؟
جواب.  پهنجي جذبات ۽ خيالن کي ظاهر ڪرڻ جو ذريعو شاعري کي ئي سمجهندو آهيان  پر در حقيقت آئون جيڪو آهيان سو مون ڪڏهن به پهنجي پاڻ کي ظاهر نه ڪيو آهي ۽ شاعري ئي اهو ذريعو آهي. شاعري جي شوق خاطر پڙهڻ لڳس ۽ پوءِ ڪيترن ئي شاعرن کان متاثر ٿيس ۽ شاعري لکڻ شروع ڪري ڏنم 
سوال. توهان هن وقت ڪامياب زندگي بسر ڪري رهيا آهيو ته توهان اهو ڪڏهن محسوس ڪيو ته توهان ڪامياب ٿي چڪا آهيو ؟
جواب. ڪو انسان جڏهن ڀرپور محنت ڪندو آهي ته ان کي اهو پختو يقين هوندو آهي ته هو انقريب ڪامياب ٿيڻ وارو آهي ائين ئي مهنجي محنت مونکي گڏوگڏ مونکي ڪاميابي جو احساس به ڏياريو ۽ نيٺ ڪڙي محنت کان پوءِ ڪاميابي ماڻي.
سوال. توهان پهنجي ڪامياب زندگي جو ڪهڙو تجربو نوجوانن سان ڪهڙو تجربو شئير ڪندا ؟
جواب. توهان کي اها ئي صلاح ڏيندس ته هر منزل ڏانهن هميشه ٻه رستا ويندا آهن هڪ ته ڏکيو ۽ ٻيو آسان رستو هوندو آهي مون جيتري قدر ڏٺو آهي ته اڄ جا نوجوان شارٽڪٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر پهنجي منزل تي نه پهچي سگھندا آهن ۽ جي لونگ ڪٽ به هڻڻ چاهيندا آهن تب پهنجي منزل نه ماڻي سگھندا آهن ان ڪري جيڪو رستو ڏکيو هوندو آهي اهو بظاهر ڏکيو لڳندو آهي پر هوندو آسان آهي ڇو ته وقتي حالتن جي قرباني ڏيڻ کان بعد ۾ ڪاميابي وارا سک وارا لمحا آهن پر انهي سڪون جي ڪري مستقبل جو سڪون برباد ڪرڻ بي وقوفي آهي چوڻ جو مقصد اهو ته هر ڪاميابي پويان محنت جو راز سمايل هوندو آهي تنهن ڪري نوجوان جيڪي پهنجي شعبي ۾ شوق رکن ٿا اهي گھڻي محنت ڪن ۽ اهو ته واضع آهي  ته الله تعليٰ ڪنهن جي محنت رائگان نه ڪندو آهي تنهن ڪري توهان کي محنت جو ڦل ڪاميابي سان ضرور ملندو. 

Under supervision of Sir Sohail Sangi

#SohailSangi 
#Badin, Interview,#KhudaBuxMemon

Wednesday, 20 January 2016

Roopa Marri روپا ماڙي

رميز لاکو


رولنمبر  2k14/mc79
بي ايس پارٽ 3
فيچر رائيٽنگ ؛ روپا ماڙي
روپا ماڙي
سنڌ جي تاريخ ۾ حڪومتي ڪهاڻيون ڪيتريون ئي پراڻيون آهن سنڌ ۾ ڪيترائي دور ۽ حڪومتون آيون آهن جنهن مان هڪ تاريخ جوڳو دور سومرن جو دور آهي ۽ انهي دور ۾ انهن حڪمرانن جا چرچا هلندا آيا آهن ۽ اچن پيا جيڪي سنڌي قوم کي بهادري جو درس ڏين ٿا.
سنڌ ۾ سومرن جي دور حڪومت جي ڳاله ڪجي ٿي تـ سڀ کان پهرين دودو پهنجي بهادري جو مثال ڏئي تاريخ ۾ پهنجي ڳڻپ ڪرائي ٿو ۽ جنهن کان پوءِ چنيسر ب مهنجي شموليت سنڌ جي حڪمرانن ۾ پاڻ ڪرائي ٿو. سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت جتي انهن حڪمرانن جا ئي چرچا ڳڻيا ويندا آهن.
انهن حڪمرانن جي مزار روپا ماڙي آهي جيڪا پهنجي قديمي حيثيت رکي ٿي . روپا ماڙِي جيڪا بدين شهر کان 42 ڪلو ميٽر جي فاصلي رڻ جي ڪڇ تي ٻڌل آهي.
دودو ۽ چنيسر جو تربتون هن مزار ۾ واقع آهن ۽ اهي تربتون ان ماڙي ۾ ڪاٺين جي ڇت هيٺ وڏي خوبصورتي سان سجايل آهن ۽ هن کي هڪ خوبصورت ماڙي جيان وڏو مٽي جو دڙو آهي ۽ هن ماڙي ۾ مٽي جو شيون پکيڙيون پيون آهن اسان کي هن وسريل جڳه روپا ماڙي جي ياد ڏيارين ٿيون جيڪا  گھمڻ کان پوءِ ائين محسوس ڪرائي ٿي تـ ان کي وسارڻ هڪ بيوقفي آهي.  
روپاماڙي اها جڳھ آهي جتي سنڌ طوري ٻين صوبن مان ماڻهون پهنجون مرادون کڻي ايندا آهن ۽ هي جڳھ گھمڻ لاءِ ان کي دلچسپي واري انداز ۾ وٺندا آهن.
روپا ماڙي جتي هر سال تفريحي سرگرميون ٿينديون رهن ٿيون ۽ ڪيترن ئي علائقن مان ماڻهو هتي ايندا آهن ۽ ڪيترا ئي فنڪار پهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن ڪي ماڻهو تـ وري پهنجي وڏن حاڪمن کي ڏيڻ جي نيت سان انيڪ تحفـ کڻي ايندا آهن ۽ اتي جي غريبن ۾ تقسيم ڪندا آهن. روپا ماڙي سنڌ جي ضلعي بدين جي اها واحد مزار آهي جيڪا پهنجي سادگي سان گڏ هر سال وڏو ميڙاڪ ڪرڻ جو اعزاز رکي ٿي.
روپا ماڙي جتي سوره سنڌ شهيد سلطان دودي سومري جو ساليانو عرس 3 ڏيهن لڳاتار هلندو آهي هن عرس کي ميلي وانگر ڏٺو ويندو آهي ان جي ڪري جو اتي ڪافي ميلي وارين شين سان گڏ ثقافتي رنگن جون جھلڪيون بـ ڏسڻ ۾ اينديون آهن.
هن عرس ۾ سڀ کان پهرين قرآن خواني ڪرائيندا آهن پوءِ مزارن تي کڻي آيل چادرون چڙهايون وينديون آهن ۽ جنهن کان بعد ۾ سومرا برادري آپس ۾ ميٽنگ ڪندا آهن ۽ پوءِ صوفياڻيون محفلون لڳايون وينديون آهن مشاعره بــ ٿيندا آهن  تـ مقالا بـ ٿيندا آهن ڪچهريون بـ ٿينديون آهن ۽ ادبي محفلون ب ٿينديون آهن ان کان علاوه ملھ جا مقابلا بـ ٿيندا آهن گهوڙن ۽ ڏاندن جو ڊوڙون بـ ڏسڻ ۾ اينديون آهن ايراني سرڪس رانديڪن جي بازار ميجڪ شو ۽ ٻيا ثقافتي پروگرام منعقد ڪيا ويندا آهن  ۽ جنهن جي ڪري ئي روپا ماڙي کي اها حيثيت انهن جي پوءِ لڳن جي ان محنت جي ڪري ملي رهي آهي.
جڏهن اسان سنڌ جي بهترين دورن جي ڳالھ ڪنداسين تـ ٽالپر ، ڪلهوڙن ۽ سومرن جا دور اسان کي نمايان نظر ايندا ۽ سومرن جي دور جا اهي سورما دودو ۽ چنيسر ياد ايندا جڏهن اسان انهن جي بهادري وارن قصن کي ٻڌندا آهيون تـ اسان کي ان جي مزار گھمڻ جي چاھ وڌندي آهي پر اسن جڏهن ان جاءِ تي وينداسين تـ اسان کي ان جي حالت ڏسي تمام گھڻو قياص ٿيندو.
محترم نصرالله سومرو جيڪو روپا ماڙي ۾ ٿيندڙ عرس سنڀاليندو آهي ۽ اتي جا مرمتي ڪم سرانجام ڏيندو آهي ان جو چوڻ هو تـ روپا ماڙي جيڪا پهنجي تاريخ ۽ خوبصورتي جو بهترين مثال آهي ۽ اهو ان ۾ موجود بهادر حڪمران دودي جي مزار جي ڪري آهي سڄي سنڌ مان ماڻهو سندن زيارت ڪرڻ ايندا آهن هن جو وڌيڪ چوڻ هو تـ روپا ماڙي جيڪا هڃر سرڪار جي نا اهلي جي ڪري خراب حالت ۾ آهي. جڏهن هي عرس ٿيندو آهي تـ اتي جا مڪامي ماڻهو پهنجو ذاتي خرچ لڳائيندا آهن تنهن باوجود بـ اتي سڄي سنڌ مان آيل ماڻهو تمام گھڻو پريشاني جو شڪار ٿيندا آهن پر اگر سنڌ حڪومت پهنجي بهادر حڪمرانن جي ڪري ئي ان تاريخي جڳھ جي باري ۾ ٿوڙي نظر بـ ڪري تـ هي جڳھ سڄي سنڌ ۾ نـ پر ملڪ ۾ مِشهور ٿي ويندي  محترم جو چوڻ هو تـ اتي جا بزرگ جڏهن پري پري کان مزار جي زيارت ڪرڻ ايندا آهن تـ سهولتون نـ هئڻ ڪري تمام گھڻو پريشان ٿيندا آهن ۽ الگ نظام نـ هئڻ ڪري عورتون ۽ ٻار بـ صحيح طريقي سان تفريحي مزو نـ وٺي سگهندا آهن.
روپاماڙي لڳ ڪجھ آبادي ۾ بزرگن جو چوڻ هئو تـ روپا ماڙي جيڪا دودو ۽ چنيسر جي پهچان آهي ۽ تنهن زماني ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڀلائي خاطر انهن ڪيترائي ڪم ڪيا ۽ انهي عوام جي مستقبل جي بهتري لاءِ خزانو بـ رکيو پر اڄ حڪومت جي سئين سڌي ناهلي چئجي يا لاپرواهي چئجي جو هڪ تـ ان جي حالت خراب لڳي پئي آهي ۽ ٻيو ان ۾ کنڊرات پئجي رهيا آهن جيڪو سنڌ واسين جو حق آهي. هن وڌيڪ چيو تـ اسان جي حڪومت چاهي ڪيترو بـ نظر انداز ڪري پر هو ائين نـ سمجھي تـ انهن جي نظر انداز ڪرڻ سان اسان جي دل مان بـ اها جڳھ نڪري ويندي پر دراصل اسان جي دل ۾ وڌيڪ جذبو پيدا ثي رهيو آهي ۽ پهنجي مدد پاڻ تحت اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون.
روپا ماڙي سنڌ جي مشهور حڪومت جي حڪمرانن دودو ۽ چنيسر جنهن جا بهادري جا قصا اڄ بـ ماڻهن جي واتان ٻڌا ويندا آهن پر جڏهن اسان جي نظر ان زبون ٿيل مزار تي پوندي تـ دلي طرح سان ڏک رسندو. 
روپا ماڙي جيڪا پهنجي قديمي حيثيت رکي ٿي اڄ حڪومت جي نظر اندازي جي ڪري ان ۾ کنڊرات ۽ چوريون ٿين ٿيون ۽ هن جڳھ جي حالت زبوني ڏسجي ٿي اتي جي مڪامي ماڻهن کان پڇيو ويو تـ هو اڪثر اها ئي شڪايت ڪندا رهن ٿا تـ حڪومت پهنجي عملن ۾ سچائي ڏيکاري تـ هي روپا ماڙي اهڙي جڳه ٿي وڃي جو ن جڳھ جي هاڪ هر هنڌ ٿي ويندي .
حڪومت کي گھرجي تـ سنڌ جي تاريخ وڃائڻ نـ ڏئي صرف سنڌ جي تاريخ ئي بچي آهي جيڪا سنڌ کي تاريخي ڳڻپ ۾ شمار ڪري ٿي روپا ماڙي تـ پوءِ لڳن جي ڪري ڏسڻ جهڙي رهي آهي پر اگر سنڌ حڪومت جي حالت اها رهي تـ نيٺ سنڌ پهنجي تاريخ جا پنا وساري ويهندي