رميز لاکو
سنڌي پروفائيل
BS Part 3
Roll no 2k14/mc/79
بابو ٻرڙو جيڪو جانورن کي انسانن جھڙي اهميت ڏي ٿو

جئين ئي هي شخص عمر ۾ وڌندو ويو تئين هن جو شوق جانورن ڏانهن راغب ٿيندو ويو ۽ هر طرح جي مال جي نسل کان واقف ٿيندو ويو گهر ۾ غربت هئڻ جي ڪري مال تـ نـ پالي سگھيو آهي پر گھر ۾ موجود ڪتي يا ٻلي کي ڪڏهن بـ بکيو نـ رکندو آهي گوشت جي دڪانن تان کنڀڙاٽيون بـ کڻي انهن جو پيٽ پاليندو آهي مال جي نسل ڪشي جي حوالي سان هن جو نالو پاڙي م وڌي رهيو آهي ڳوٺ جا چڱا چڱا ماڻهو مال وٺڻ لاءِ نسل ڪشي لاءِ بابو کي وٺي ويندا آهن ۽ مٺائي طور هن کي چڱي خاصي خرچي بـ ڏيندا آهن.
31 سالن جو هي شخص جهڙي طرح انسانن سان رهمدلي سان پيش اچي ٿو ساڳئي طرح جانورن لءِ بـ ايتري ِ ئي محبت رکي ٿو. بابو جانورن سان بـ دوستاڻو رويو اختيار ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيندو آهي مطلب تـ جانور ڇا چاهيندو آهي ؟ هي آساني سان سمجھي وڃي ٿو پکين سان هن جو لڳاءَ وڌيڪ آهي جھڙوڪ ڪڪڙ، طوطو ، تتر وغيره وغيره . ماڻهون بابو کي پکي وٺي ڏيندا آهن پالي وڌائي ڏيڻ جي لاءِ ۽ جيڪي طوطا بابو وٽ آهن اهي ٻولي سکيل آهن تـ ماڻهو جيڪي هن وٽ پهنجا طوطا ٻولي سيکارڻ لاءِ رکي ويندا آهن اهي صرف 2 يا 3 هفتن ۾ ٻولي ٻولڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جيڪي بابو جي هٿ جا هريل طوطا آهن اهي ايترا تـ هيراڪ ٿي ويندا آهن جو پڃري جو دروازو کولي ڇڏڻ تي بـ نـ ڀڄندا آهن ۽ جڏهن بابو پهنجي طوطن کي وڻن تي ڇڏيندو آهي تـ اهي ميوا کائي واپس بابو وٽ موٽي ايندا آهن.
هي شخص تعليم تـ نـ پرائي سگھيو پر اهڙن ڪمن سان انسانن کي رحمدلي جو ديس ڏئي ٿو. بابو معاشري لاءِ اهڙا مثال قائم ڪري ٿو جيڪي تعليم بـ اڻپورا ڏئي ٿي . خانداني پسمنظر غريباڻو هئڻ ڪري هن شخص کي زندگي ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ڪنهن وقت تـ اهڙي نوبت آئي جو بابو کي جانورن کان الگ ڪيو ويو يعني تـ ان کي محنت مزدوري لاءِ چيو ويندو هو ۽ هي ان کان ڪيٻائيندو هو نيٺ ڪيتري ئي زور ڀرڻ کان پوءِ هي چڻآ وڪڻڻ ويندو هو ۽ ماڻهو هن کان چڻا وٺڻ سان گڏو گڏ پکين جي باري ۾ پڇندا هئا ڪي تـ وري پکين جي يا جانورن جي طبيعت ڏيکارڻ ايندا هئا تـ طوطي کي فلاڻي شيءَ ٿي پئي آهي ان جو ڪو ڏس ڏي بابو جو تجربو اهڙو هوندو آهي جو هي جيڪي صلاح ڏيندو هو اها فائديمند ثابت ٿيندي هئي ۽ اجھ ڏينهن تائين ماڻهو جانورن جي ڊاڪٽر جي بدران هن شخص تي اعتماد رکن ٿا.
انسان دوست، ماحول دوست، ۽ جانور دوست بابو ۾ اهي سڀ خاصيتون موجود آهن جيڪي هڪ عام ۽ سٺي شهري ۾ هئڻ گھرجن هي شخص ڪڏهن بـ ڪنهن جو بـ برو نـ چاهيندو آهي هر ننڍي طوڙي وڏي جي ممڪن مدد ڪندو ۽ چاهيندو تـ بيزبان شخص هجي يا جانور ڪڏهن ڪنهن جي هٿان رنج نـ ٿئي ڇاڪاڻ انسان تـ پهنجون گھرجون ٻڌائي پوريون ڪندو آهي يا تڪيف تي چئي وٺندو آهي پر هي بيزبان جانور ڪجھ نٿا ڪري سگھن تنهن ڪري هي جانورن سان لڳاءُ وڌيڪ رکندو آهي. ايتري غربت جي باوجود بـ جتي بـ هي رسي سان ٻڌل جانور ڏسندو آهي تـ ان کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندو آهي ۽ آزاد ڪرائي پوءِ ڇڏيندو آهي.
جانورن سان رحمدلي انسانن سان همدردي هن شخص جي عادت ۾ شمار ٿي چڪا آهن بابو چوندو آهي تـ صرف مونکي نـ هر شخص کي جانورن سان اهو سلوڪ اپنائڻ گھرجي اهو هر ماڻهو جو فرض آهي.
بابو لواري شريف شهر ۾ جانورن لاءِ آسائش جو ذريعو بڻيل آهي هي هر روز پکين کي ان ٽڪر ڏيڻ گرمين ۾ ٺڪر جر ٿاون ۾ پاڻي رکڻ ۽ هر جانور جو پيٽ ڀرڻ کي هي پهنجو فرض سمجھندو آهي. هي چاهيندو آهي تـ انصاف صرف انسانن تائين محدود نڱ هجي جانورن لاءِ بـ اهڙو ئي انصاف هئڻ گھرجي جتي هڪ گڏھ گرمي هجي يا سيارو ڪيتروئي وزن کڻي ٿو پر هن کي ايترو گاھ بـ نصيب نٿو ٿئي اگر انصاف هجي تـ گڏھ جيترو ڪم ڪري ٿوگاھ بـ اوترو مليس تـ ان جي مالڪ جي روزي ۾ برڪت اچي وڃي ۽ اگر هر ڪو ائين ڪري تـ معاشري ۾ خوسحالي جي برسات هر روز پوي.
بابو جيڪو چڻا وڪڻي محنت مزدوري ڪري سندس ۽ بيزبان جانورن سان گڏ گھر وارن جو پيٽ پالي رهيو آهي در حقيقت آهڙا شخص اسان جي معاشري ۾ هڪ بهترين مثال هئڻ جو اعزاز رکن ٿا ۽ بابو انهن فردن مان هڪ آهي جيڪو اسان کي جانورن طوڙي انسانن سان همدردي ۽ رحمدلي جو درس ڏئي ٿو ۽ معاشري جو هڪ بهترين فرد هئڻ سان گڏ انيڪ خاصيتن سان اهڙي بيزبان مخلوق جي مدد ڪندو رهي ٿو ۽ ڪندو رهندو.
Under
supervision of Sir Sohail Sangi
#SohailSangi, #Profile,
#Profile, #BabuBuriro, #RameezLakho
No comments:
Post a Comment