Sunday 21 April 2019

Aftab Chandio ھالا ناڪا جي ھوٽلن تي ھلندڙ فلمن جو ٻارن تي اثر


ھالا ناڪا جي ھوٽلن تي ھلندڙ فلمن جو اسڪولي ٻارن تي پوندڙ اثر
ٻار قوم ۽ ملڪ جو مستقبل آھن. ان ڪري ٻارن جي تربيت سٺي  ڪبي ته تڏھن ئي انھن ٻارن مان ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جي اميد رکي سگھجي ٿي. پر جيڪڏھن ٻارن جي تربيت سٺي نموني نه ڪئي ويندي  ته اھي ٻار ملڪ ۽ قوم جي برباديء جو سبب بڻجي ويندا آھن .                                                                  
اسلام ۾ ٻارن جي تربيت کي تمام گھڻي اھميت حاصل آھي جنھن جي ڪري  والدين جا درجا بلند ڪيا ويا آھن.  خاص ڪري ماءُ جا درجا بلند ڪيا ويا آھن ڇو ته ٻارن جي بنيادي تربيت ۾ اھم ڪردار ماءُ جو ئي ھوندو آھي ۽ ٻار جي پھرين درسگاھ به ماءُ ئي ھوندي آھي . گھڻو ڪري  والدين پنھنجي اولاد جي باري ۾ اھو سوچيندا آھن ته اسان جي مرڻ کان پوءِ اسان جي اولاد جو ڇا ٿيندو؟. ان ڪري ٻارن جي لاءِ ضروري ملڪيت کي سمجھيو ويندو آھي باقي ٻارن جي ڪردار ، اخلاق ۽ عادتن جي طرف ڪو ڌيان نه ھوندو آھي .  جنھن جي ڪري ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي وڏا اثر پوندا آھن .  ڇاڪاڻ ته ٻار صحيح غلط ۾ فرق نه ڄاڻندا آھن جنھن جي ڪري ٻارن کي جيڪو بھتر لڳندو آھي اھو ئي ڪندا آھن.                                                                     .
روز صبح جو جڏھن والدين پنھنجي ٻارن کي  تيار ڪري خرچي ڏئي اسڪول موڪليندا آھن ته انھن ٻارن جو وڏو انگ اسڪول وڃڻ بدران ھوٽلن تي ويٺا فلمون ڏسندا آھن .  مون جڏھن ھالا ناڪا جي ھوٽلن تي ويھندڙ اسڪولي ٻارن جي رپورٽ تيار ڪئي ته ان ۾ مون کي ڪو به اردو زبان سان وابسطا ٻار اسڪول جي وقت ۾ ھوٽلن تي نظر نه آيو.  تقريبن سنڌي ٻار ھوٽلن تي فلمون ڏسندي ۽ سگريٽ پيئندي نظر آيا . 
  ھوٽلن تي ھلندڙ فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪجھ اھڙا ڪردار يا اھڙا منظر ڏيکاريا ويندا آھن ، جنھن جو ٻارن جي ذھن تي تمام گھڻو غلط  اثر پوي ٿو .                                       اڪثر ڪري فلمن ۾ ڌاڙيل راڄ ، اغوا ، فرون،چوري،اسمگلنگ جا طريقا جيئن مڇيءَ ۾ ھيرون جي سپلاءِ ،ٻاھران پنچر جي دڪان ۽ اندران ھٿيارن جو گودام ، ھٿيار جي زور تي ڪنھن مظلوم سان ذيادتي ڪيئن ڪجي اھو طريقيڪار ، قتل جون وارداتون وارداتن کي لڪائڻ جا پڻ طريقيڪار ٻڌايا ويندا آھن .
جنھن جا ٻارن تي تمام گھڻا غلط اثر پون ٿا، ۽ ٻار خاص ڪري جيڪو ڪجھ ڏسندو ۽ ٻڌندو آھي ان تي عمل ڪندو آھي۽ انھيء ريت ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندو آھي .
ڇا اسان ٻارن کي اھڙو ماحول ڏيڻ کان پوءِ به انھن مان ڪا ڀلائيء جي اميد رکي سگھون ٿا ؟ ھرگز نه . ڇاڪاڻ ته جيڪي به ڪجھ ٻار سکندو آھي اھو  ماحول مان ئي  سکندو آھي ان ڪري لازمي آھي ته پنھنجي ٻارن کي سٺي تربيت ڏيون ۽ انھن تي نظرثاني ڪيوته  ڪٿي توھان جوٻار ڪنھن غلط فعلن ۾ ۽ ڪنھن غلط صحبت رکندڙ معاشري جي ماڻھن سان ته تعلق نه پيو وڌائي،اھا والدين جي ذميواري ھوندي آھي ته پنھنجي اولاد تي نظرثاني ڪن ۽ پنھنجي  ٻارن کي غلط صحبت ۽ غلط شين کان پري رکن ، ڇاڪاڻ ته ٻار ملڪ ۽ قوم جو مستقبل ھوندا آھن ،اھي اڳتي ھلي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندا آھن . زندا قومون پنھنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي تمام گھڻو زور ڏينديون آھن . سنڌ جا  تعليمي ادارا ته اڳ ۾ تباھي جي ور چڙھيل آھن ،سنڌ ۾ اڌ کان وڌيڪ پرائمري  اسڪول بند پيل آھن  يا وري  بنيادي سھولتن کان محروم آھن  جنھن جا وڏا سبب اھي آھن ته سنڌ ۾ وڏيرا شاھي  جاگيرداراري وارو نظام آھي ۽ اھي  وڏيرا جاگيردار پرائمري اسڪولن کي پنھنجا گودام يا مال جا وٿاڻ ٺاھيو ويٺا آھن ۽ سنڌ سرڪار خاموش بت بڻيل ويٺي تماشو ئي ڏسندي رھندي آھي . جنھن جي ڪري سنڌ ۾ تعليمي نظام درھم برھم لڳو پيو آھي . اھا قوم ڪڏھن به ترقي نه ٿي ڪري سگھي جيڪا قوم تعليم جي زيور کان پنھنجي ايندڙ نسلن کي محروم رکي  ۽ انھن جي ايندڙ مستقبل جي لاءِ ڪي جوڳا قدم نه کڻي . ان ڪري والدين کي گھرجي ته پنھنجي اولاد جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انھن جي تعليم ترتيب تي ڌيان ڏين ته جيئن مستقبل ۾ ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪري سگھن .





#Aftab Chandio، #HallaNaka, #Hyderabad, #VideoFilms





No comments:

Post a Comment