Sunday 21 April 2019

Imtiaz Kumbhar Profile by Aftab Chandio امتياز ڪنڀر



پروفائيل) ) شاعر امتياز ڪنڀر
ليکڪ : آفتاب احمد چانڊيو
ايم اي (فائنل )
رول نمبر 05
چوندا آھن ته شاعر موتين جي مالھا مثل ھوندو آھي ، ڇو ته شاعر لفظ لفظ کي چونڊي پرکي لکندو آھي سندس چونڊ ھر  لحاظ کان سٺي ۽ منفرد ھوندي آھي،
ان ڪري اھي لفظ انمول ٿي پوندا آھن .جيڪڏھن ڪو تخليقڪار خدا جي ڏنل ڏات کي صحيح رخ ۾ استعمال ڪرڻ کي پنھنجو فرض سمجھي ادا ڪري ٿو ته ان جي اھميت اڃان به وڌي ويندي آھي ،
چيو ويندو آھي ته سنڌ شاعرن ۽ بزرگن جي ڌرتي آھي جتي ڪافي بزرگن ۽ شاعرن جنم ورتو، جنھن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح،صوفي شاھ عنايت ،سچل سرمست ،چيزل شاھ ،شيخ اياز ، استاد بخاري ۽ ٻيا ڪيترا ئي  شاعر جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڃان به مو جود آھن . جيڪي سنڌ جي سڃاڻ رھيا ۽ اڄ ڏينھن تائين به سنڌ ڀٽائي جي نالي سان سلھاڙيل آھي شاھ عبداللطيف رح  جو ھڪ بيت آھي :
سنڌ سموري سون ،سنڌ سڄي سرھاڻ سنڌ ڀٽائي گھوٽ جي ، سنڌ ڀٽائي ساڻ                                                             موج ڀريو مھراڻ ،سدا وسي سنڌ ۾ .
سنڌ جي مشھور شخصيتن مان ھڪ  مشھور شخصيت شاعر امتياز ڪنڀر پڻ  آھي.جيڪو پنھنجي شاعري ذريعي حب الوطني ،پيار ، ڀائيچاري ۽  محبت سان گڏ گذارڻ جو پيغام ڏئي ٿو .                                                                          
  شاعر امتياز ڪنڀر1990_4_3ع ۾ ڳوٺ خيجراڙي صالح محمد شاھ عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو .
شاعر امتياز ڪنڀر پنھنجي ابتدائي تعليم سندس ڳوٺ مان حاصل ڪئي ،ميٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول نمبر ٽو مان ڪرڻ کان پوءِ  ( بي ، اي ) گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمر ڪوٽ ،جنھن کان پوءِ (ايم اي ) سنڌي ڊيپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي
ڄام شورو مان تعليم حاصل ڪئي .
شاعر امتياز ڪنڀر ننڍي ھوندي کان ئي شاعري ڪندو ھيو ،ڇو ته شاعري قدرت جي طرفان ڏنل ھڪ تحفو يا قدرتي ڏات ھوندي آھي جيڪا ڪنھن ڪنھن انسان جي رت ۾ شامل ھوندي آھي .
شاعر امتياز ڪنڀر شاعري جي باقائدا شروعات 2005ع کان شروع ڪئي .
شاعر امتياز ڪنڀر سنڌي ،سرائڪي ، مارواڙي ، ٻوليءَ ۾ ڪيترا ئي گيت لکيا آھن،جيڪي سنڌ جي مشھور فنڪارن ثريا سومرو ،استاد الھبچايو ،۽ سنڌ جي نوجوان نسل جو اڀرندڙ آواز آفتاب چانڊيو پڻ ڪيترا ئي گيت ڳايا آھن .
شاعر امتياز ڪنڀر جومشھور گيت :
ڄامشورا ڄامشورا، دل نه چورا منھنجي ،   
  آھيان پرديسيئڙو ، ناھي ڪو ساٿيئڙو  ،  
   اسان جا ماڳ مٽيل، ڪٿي نه روئاري دل ،
ھي گيت خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد تمام گھڻي شوق سان ٻڌندا آھن ۽ ھي گيت نوجوان نسل ۾ تمام گھڻو مقبول ٿيو .
شاعر امتياز ڪنڀر گيت ، غزل ، ڪافي ، ٽيڙو ، بيت ، چوسٽو ، قطو، دوھو ، دوھڙيو، دورائو ، نعت ، نوحا ، سينگار ، وايون ،نظم ، آزاد نظم، جي صنفن تي شاعري ڪئي آھي .
شاعر امتياز ڪنڀر جو جنوري مھيني ۾ پھريون ڪتاب شايع ٿي رھيو آھي .
ان ڪتاب جو نالو آھي (چڱو ورسٽي الوداءَ ) ھيءُ ڪتاب شاعر امتياز ڪنڀر سنڌ ورسٽي جي آخري سال ۾ لکيو. ھن ڪتاب ۾ شاعر سنڌ ورسٽي جي خوبصورتي ۽ من موھيندڙ منظرن کي ھن ڪتاب ۾ قلم جي قوت سان ھميشه ھميشه جي لاءِ قيد ڪري ڇڏيو آھي .                                                                                             شاعر امتياز ڪنڀر جي چوڻ مطابق ته معاشري ۾ سڌار شاعري ذريعي آڻي سگھجي ٿو . ڇو ته اسان جي سنڌ جي نوجوانن جو لاڙو ڏينھون ڏينھن علم ۽ ادب طرف وڌي رھيو آھي .                                                                                                 ھڪ سوال جي جواب ۾ امتياز ڪنڀر صاحب جو چوڻ ھيو ته ڪيسٽ واري دور ۾ شاعرن ۽ فنڪارن کي تمام گھڻي موٽ ملندي ھئي ، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪمپنيون شاعرن ۽ فنڪارن کي پئسا ڏينديون ھيون، ۽ سندن گذران به تمام سٺو ٿيندو ھيو.      پر ھن وقت شاعر پنھنجي گھران پئسا ڀري فنڪارن کان البم ڪرائيندا آھن .  ۽ سرڪار جي طرفان به ڪو جوڳو قدم نه کنيو ويو آھي ،جنھن جي ڪري شاعر ۽ فنڪار پريشانيءَ جو شڪار بڻيل آھن.
سرڪار کي گھرجي ته شاعرن ۽ فنڪارن جي لاءِ ڪي جوڳا قدم کڻي ته جيئن پنھنجي ٻوليءَ ۽ پنھنجي وطن لاءِ پنھنجون خدمتون با آساني سرانجام ڏيندا رھن .


Practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies, University of Sindh 

#ImtiazKumbhar #AftabChandio 

No comments:

Post a Comment