Showing posts with label مشتاق جمالي. Show all posts
Showing posts with label مشتاق جمالي. Show all posts

Friday, 19 February 2016

gender studies dept

جينڊر اسٽڊيز يونيورسٽي آف سنڌ
جينڊر اسٽڊيز شعبي جي ضرورت سالن کان محسوس ڪئي پئي وئي،ڇوته ملڪ توڙي خاص ڪري سنڌ ۾ عورتن سان ڪافي مسئلا درپيش آهن،جن مسئلن جي پروڙ توڙي انهن جي حل بابت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ نوجوان تيار ڪري سگھجن ها. نيٺ اها ضرورت 1994ع ۾ پوري ٿي، جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ جينڊراسٽڊيز شعبي جو باقائده آغاز ٿيو.ان ڏينهن کان وٺي هي شعبو سنڌ صوبي ۾ عورتن جي حقن لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار پڻ ادا ڪندو پيو اچي.
اداري جي ٻنهي شعبن وومين اسٽڊيز ۽ هوم اڪانامڪس ۾ پوسٽ گريجويئيٽ اڪيڊمڪ پروگرامز پڻ شروع ڪيا آهن ته جئين نوجوان ٻين يونيورسٽين جا پنڌ ڪرڻ بدران هتي ئي تعليم حاصل ڪري سگھن. جنهن بعد 2005ع ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلومه ڪميونٽي ڊولپمينٽ جو آغاز به ڪيو ويو آهي.
 ان کان علاوه هن اداري مان 2001ع ساليانو تحقيقي جرنل ”وومين“ پڻ پبلش ٿي رهيو آهي جنهن ۾ اردگرد عورتن جي مسئلن مثال طور ڪارو ڪاري ننڍڙي عمر ۾ شادي ذهني طور جسماني تشدد جنسي طور حراسان ڪرڻ تعليم کان محروم ڪرڻ ۽ کين ذندگي گذارڻ جو بنيادي ضرورتون فراهم نه ٿيڻ ۽ ان حوالي سان حڪومتي توڙي مختلف اين جي اوز جي ڪردار بابت تحقيقي آرٽيڪل لکي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ انهن مسئلن جي حل لاءِ مختلف تجويز پڻ ڏين ٿا.
اداري ۾ شاگردن کي وومين ڊولپمينٽ سبجيڪٽ مائينر طور پڻ پڙهايو وڃي ٿو. 2 سال اڳ نوان پروگرام بي ايس 4 سال ايم ايس ۽ ايم فل ڊگري پروگرام پڻ شروع ڪيا ويا آهن ته جئين شاگرد هن ئي ڊپارٽمينٽ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري عورتن جي حقن بابت پنهجا فرض آساني سان سرانجام ڏئي سگھن.
هي شعبو جڏهن بي ايس 4 سال ۽ ايم ايس ۾ داخلائن جو اعلان ڪيو ته 2014 جي پهرين بئچ ۾ مجموعي طور 12 شاگردن داخلا ورتي.ٻئي بئچ ٿوري گھڻي اضافي کان پوءِ وري نئين بئنچ 2016ع ۾ ٽوٽل 35 شاگردن جي انٽري ٿي، انتطاميه ان حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته 2017ع جي بئنچ ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي شاگرد داخلا وٺندا ۽ آهستي آهستي اهو تعداد وڌندو ويندو.
شعبي جي اسٽنٽ پروفيسر ۽ انچارج ڊائريڪٽر قريشي مصباح بيبي روشني سان ڳالهائيندي چيو ته شعبي ۾ پڙهائي وارو ماحول پرسڪون آهي استاد شاگردن کي سٺي نموني سان گائيڊ ڪري رهيا آهن اميد آهي ته شاگرد پڙهائي مان ڀرپور فائدو وٺي عورتن جي مسئلن متعلق پنهنجون توانايون صرف ڪندا.
 جينڊراسٽڊيز شعبي ۾ امير علي ٻرڙو، نجم گوپانگ،آصف حسين راڄڙ ۽ صدف سيد سومرو ليڪچرار طور پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيئي رهيا آهن جڏهن پروفيسر درشاهيوار بلوچ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ ويل آهي شعبي ۾ فرنيچر۽ لائبريري ۾ ڪتابن جي کوٽ مد نظر رکي آڪسفورڊ جا نوان ڪتاب ۽ ڪرسيون پڻ گھرايون ويون آهن ته جئين شاگرد بنا ڪنهن پريشاني جي تعليم حاصل ڪري سگھن.
 شعبي جو اصل مقصد عورتن ۾ سوشل اڪنامڪس ۽ ليگل رائيٽس جي حوالي سان شعور پيدا ڪرڻ آهي. بين لاقوامي طرز جي تعليم مهيا ڪرڻ خاص مقصدن مان هڪ آهي. انهي سان گڏوگڏ شعبي جي شاگردن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ته هو ئي ڏينهن رات جدوجهد ڪري معاشري ۾ سڌارا آڻڻ جي طاقت رکن ٿا.  ۽ ڪم جي اسٽريٽيجڪ ويلڊ سمجھي عورتن جي ترقي لاءِ پنهنجو مناسب ڪردار اد ڪري سگھن ٿا. ڇو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي اتان جي عورتن تي منحصر آهي. جيڪڏهن عورت تعليم کان محروم هئڻ سبب تشدد جو شڪار هوندي ته ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگھندو.
ان سان گڏوگڏ هي شعبو گورنمينٽ توڙي اين جي اوز سان عورتن جي حقن بابت مختلف سيمنار،ورڪشاپ ڪوٺڻ جي حوالي سان سهڪار ڪرڻ سميت ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيو آهي.
مشتاق علي جمالي
2K14/MC/142

BS-III

Monday, 15 February 2016

Institute of gender studies sindh university

Proper paragraphing is required. we have another piece on women studies etc.. See what is difference?
that piece is also on this blog
جينڊر اسٽڊيز يونيورسٽي آف سنڌ

مشتاق علي جمالي

جينڊر اسٽڊيز شعبي جي ضرورت سالن کان محسوس ڪئي پئي وئي، ڇوته ملڪ توڙي خاص ڪري سنڌ ۾ عورتن سان ڪافي 
مسئلا درپيش آهن، جن مسئلن جي پروڙ توڙي انهن جي حل بابت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ نوجوان تيار ڪري سگھجن ها. نيٺ اها ضرورت 1994ع ۾ پوري ٿي، جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ جينڊراسٽڊيز شعبي جو باقائده آغاز ٿيو.ان ڏينهن کان وٺي هي شعبو سنڌ صوبي ۾ عورتن جي حقن لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار پڻ ادا ڪندو پيو اچي. اداري جي ٻنهي شعبن وومين اسٽڊيز ۽ هوم اڪانامڪس ۾ پوسٽ گريجويئيٽ اڪيڊمڪ پروگرامز پڻ شروع ڪيا آهن ته جئين نوجوان ٻين يونيورسٽين جا پنڌ ڪرڻ بدران هتي ئي تعليم حاصل ڪري سگھن. جنهن بعد 2005ع ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلومه ڪميونٽي ڊولپمينٽ جو آغاز به ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هن اداري مان 2001ع ساليانو تحقيقي جرنل ”وومين“ پڻ پبلش ٿي رهيو آهي جنهن ۾ اردگرد عورتن جي مسئلن مثال طور ڪارو ڪاري ننڍڙي عمر ۾ شادي ذهني طور جسماني تشدد جنسي طور حراسان ڪرڻ تعليم کان محروم ڪرڻ ۽ کين ذندگي گذارڻ جو بنيادي ضرورتون فراهم نه ٿيڻ ۽ ان حوالي سان حڪومتي توڙي مختلف اين جي اوز جي ڪردار بابت تحقيقي آرٽيڪل لکي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ انهن مسئلن جي حل لاءِ مختلف تجويز پڻ ڏين ٿا.اداري ۾ شاگردن کي وومين ڊولپمينٽ سبجيڪٽ مائينر طور پڻ پڙهايو وڃي ٿو. 2 سال اڳ نوان پروگرام بي ايس 4 سال ايم ايس ۽ ايم فل ڊگري پروگرام پڻ شروع ڪيا ويا آهن ته جئين شاگرد هن ئي ڊپارٽمينٽ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري عورتن جي حقن بابت پنهجا فرض آساني سان سرانجام ڏئي سگھن.هي شعبو جڏهن بي ايس 4 سال ۽ ايم ايس ۾ داخلائن جو اعلان ڪيو ته 2014 جي پهرين بئچ ۾ مجموعي طور 12 شاگردن داخلا ورتي.ٻئي بئچ ٿوري گھڻي اضافي کان پوءِ وري نئين بئنچ 2016ع ۾ ٽوٽل 35 شاگردن جي انٽري ٿي، انتطاميه ان حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته 2017ع جي بئنچ ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي شاگرد داخلا وٺندا ۽ آهستي آهستي اهو تعداد وڌندو ويندو. شعبي جي اسٽنٽ پروفيسر ۽ انچارج ڊائريڪٽر قريشي مصباح بيبي روشني سان ڳالهائيندي چيو ته شعبي ۾ پڙهائي وارو ماحول پرسڪون آهي استاد شاگردن کي سٺي نموني سان گائيڊ ڪري رهيا آهن اميد آهي ته شاگرد پڙهائي مان ڀرپور فائدو وٺي عورتن جي مسئلن متعلق پنهنجون توانايون صرف ڪندا جينڊراسٽڊيز شعبي ۾ امير علي ٻرڙو،
نجم گوپانگ،آصف حسين راڄڙ ۽ صدف سيد سومرو ليڪچرار طور پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيئي رهيا آهن جڏهن پروفيسر درشاهيوار بلوچ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ ويل آهي شعبي ۾ فرنيچر۽ لائبريري ۾ ڪتابن جي کوٽ مد نظر رکي آڪسفورڊ جا نوان ڪتاب ۽ ڪرسيون پڻ گھرايون ويون آهن ته جئين شاگرد بنا ڪنهن پريشاني جي تعليم حاصل ڪري سگھن. شعبي جو اصل مقصد عورتن ۾ سوشل اڪنامڪس ۽ ليگل رائيٽس جي حوالي سان شعور پيدا ڪرڻ آهي. بين لاقوامي طرز جي تعليم مهيا ڪرڻ خاص مقصدن مان هڪ آهي انهي سان گڏوگڏ شعبي جي شاگردن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ته هو ئي ڏينهن رات جدوجهد ڪري معاشري ۾ سڌارا آڻڻ جي طاقت رکن ٿا.  ۽ ڪم جي اسٽريٽيجڪ ويلڊ سمجھي عورتن جي ترقي لاءِ پنهنجو مناسب ڪردار اد ڪري سگھن ٿا. ڇو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي اتان جي عورتن تي منحصر آهي. جيڪڏهن عورت تعليم کان محروم هئڻ سبب تشدد جو شڪار هوندي ته ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگھندو.
ان سان گڏوگڏ هي شعبو گورنمينٽ توڙي اين جي اوز سان عورتن جي حقن بابت مختلف سيمنار،ورڪشاپ ڪوٺڻ جي حوالي سان سهڪار ڪرڻ سميت ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيو آهي.
مشتاق علي جمالي
2K14/MC/142
BS-III

Monday, 1 February 2016

Profile of Abbas Korejo - عباس ڪوريجو

Intro is too traditional. make some new, unique
 Un checked 
پروفائيل: عباس ڪوريجو  اديب ۽ شاعر
مشتاق علي جمالي 
2k14/MC/142
سنڌ ڌرتي جي سڳند مٽيءَ مان اهڙن مهان شخصيتن به جنم ورتو آهي، جن پنهنجي سڄي زندگي قوم جي بهتري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. نوجوان اديب، شاعر۽ تعليمي ماهر عباس ڪوريجو  جو شمار به انهن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو.

عباس ڪوريجو پهرين مارچ 1983ع تي قمبر شهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي ۽ هائر سيڪينڊري جي تعليم قمبر مان حاصل ڪئي، ۽ شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪمپيوٽر سائنس شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين. ان کان علاوه هو هڪ نجي انسٽيوٽ ۾ پرنسيپال طور ذميواريون پڻ سر انجام ڏنيون. عباس ڪوريجو کي ننڍپڻ کان ئي ادبي ڪهاڻيون پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق هو ان شوق کيس هڪ بهترين اديب بڻائي ڇڏيو، ۽ مختصر وقت ۾ سنڌي ادب کي ٽن ڪتابن جو تحفو ڏنو. سندس پهريون ڪتاب ‘‘ چنڊ پيرن هيٺ ’’ ان وقت پبلش ٿيو، جڏهن هو اڃا اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هو، ها اٺين ڪلاس ۾...اٺين ڪلاس جي شاگرد جي عمر به ڇا هوندي ؟ جيڪڏهن ائين چئجي ته اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگردن جي عمر اڃا رانديون ڪرڻ جي آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، پر عباس ڪوريجو ان ٻاراڻي عمر ۾ هڪ شاهڪار ڪتاب لکي قمبر واسين کي تعجب ۾ وجھي ڇڏيو. ان ڪتاب کي پڙهندڙن طرفان پڻ زبردست موٽ ملي ۽  مڃتا طور سنڌي ادبي  سنگت  2009ع ۾ ليکڪ کي ايوارڊ سان نوازيو.

سندس ٻيو ڪتاب “ پنهجي ڌرتي” 2014ع ۾ پبلش ٿيو. جنهن کي  پڻ ڪافي موٽ ملي، ۽ ان مختصر ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ طرفان  سال 2014ع جو بهترين ڪتاب قرار ڏنو ويو، جنهن بعد سندس ٽيون ڪتاب “ جديد ڪهاڻي، فن ۽ موضوع ” 2015ع ۾ پبلش ٿيو. ۽ سندس چوٿون ڪتاب پڻ ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آهي .

عباس ڪوريجو کي ادبي ۽ تعليمي خدمتن عيوض مرزا قليچ بيگ چيئر طرفان پڻ ايوارڊ سان نوازيو ويو ۽ هن بيسٽ يونٽ رينڪرپڻ ماڻيو.هن نوجوان اديب ۽ شاعر پنهنجي ڪم کي ئي مقصد بڻايو ۽ مسلسل جدوجهد ڪري وڏي مڃتا ماڻي. ان کان علاوه هَن نوجوانن جي آن لائن  رهنمائي لاءِ 100 کان وڌيڪ ويب سائيٽون ٺاهيون، مٿان پهريون ڀيرو ڳاله فيسبوڪ تي ٿي جتي ناليوارا اديب ميسج ڏسڻ باوجود به جواب ڏيڻ جي زحمت نه ڪندا آهن، پر هن نوجوان اديب نه صرف جواب ڏنو  پر مختلف موضوعن تي ڳاله ٻولهه پڻ ڪئي. سندس مزاج نج صوفياڻو آهي. سچ ته قلم جي نوڪ مان ڳوري ڪاغذ تي اڪرندڙ هر لفظ سنڌ ۽ سنڌين جي لاءِ هجي ٿو، هو ته سندس مزاج  صوفياڻوآهي پر جيجل سنڌ جي اشوز جي حوالي سان جذباتي ٿيو وڃي  انجو ثبوت سندس انقلابي شاعري آهي....
                                              
جيجل تنهجي مٺڙي ٻولي 
هر هر مون لاءِ کولي جھولي 
ڌرتي تنهجو ڪهڙو مقدر
هر هند لاشا، هرسو گولي
سندس چوڻي ذندگي تمام مصروف گذري پئي، پر ڪڏهن ڪڏهن واندڪائي ۾ شاعري ڪري وٺندو آهيان.خواهش آهي ته شاعري سان چاه رکندڙ نوجوان شاگردن لاءِ ڪتاب آڻيان.سچ ته عباس ڪوريجو جي زندگي اڄ جي انهن شاگردن لاءِ مشعل راه آهي، جيڪي علمي ۽ ادبي حوالي سان قوم لاءِ ڪجھ ڪرڻ جا خواهشمند آهن.
پروفائيل: عباس ڪوريجو  اديب ۽ شاعر
مشتاق علي جمالي 
2k14/MC/142

Thursday, 28 January 2016

Road accidents in sindh

آرٽيڪل:  سنڌ ۾ وڌنڌڙ روڊ حادثا ۽ زيان ٿيندڙ انساني جانيون،،،!!!
مشتاق علي جمالي 2k14/mc/142   
سوچان ٿو ته هڪ ماءٌ پورا 9 مهينا جنهن ٻار  کي پنهنجي پيٽ ۾ پالي ٿو ان جو لاقانونيت سان
سرشار هن معاشري ۾ ڪهڙو مستقبل هوندو؟ ڇا پورا  9 مهيناممتا جي پيٽ   ۾ پلجڻ بعد هو ڀوت
بنگلا بڻيل سرڪاري اسپتال جي گندي ۽ بدبو دار بستري  تي اکيون کوليندو؟ ڇا هو جڏهن بانبڙا پائڻ
واري عمر تائين پهچندو  ته ڪنهن کليل گٽر ۾ ڪري ڌرتي ماءٌ  جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيندو؟ يا
جيڪڏهن گٽرن ۾  ڪرڻ کان بچي وڏو ٿيندو ته اسڪول وڃڻ لاءِ کيس اها ئي وين ملندي؟ جنهن جي
ڇت تي 10 کان وڌيڪ سلئنڊر رکيل هوندا آهن ۽ ان جو ڊرائيور ڀنڳ ۽ چرس جي نشي ۾ ٽن ٿي روڊ
تي هلائڻ بدران هوا ۾ اڏامندو هجي ؟ ۽ ان وين جو مستقبل سلئنڊر ڦاٽڻ سبب سڙي وڃڻ ،ڪنهن گاڏي
سان ٽڪرائجڻ يا ڪلٽي ٿيڻ ئي هجي ؟ ۽ نتيجي ۾ سوار سڀ مسافر موت جي چنبي ۾ هليا ويندا هجن.
جيڪڏهن اتفاق سان ڪو بچي به ته ايمبولنس نه هجڻ يا اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب زندگي جي جنگ
هارائي ويندو هجي؟ ان ٻار جو مستقبل ڇا هوندو؟ جتي جي شاهراهن تي موت جو راڪاس هلندو هجي؟
سوچيان ٿو ته مائرون رڳو روڊ حادثن ۾ ذيان ٿيندڙ جانين جا انگ اکر پڙهن، تڏه به هو ٻارن جي جنم ڏيڻ
کان اڳ هڪ هزار ڀيرا سوچينديون جئين اڄڪلهه ڏڪار سبب ٻارن جي موت تي ٿري مائرون سوچينديون آهن پر اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ هر سال روڊ حادثن ۾ مرندڙ ماڻهن جو انگ ٽارگيٽ ڪلنگ، دهشت گردي ۽ قبيلائي
تڪرارن جي مرندڙ ماڻهن کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ هجي ٿو.روزاني جون اخبارون اهڙين حادثن  سان ڀريون
ڀريون پيون آهن. ڪي حادثا ته اهڙا زخم ڏيئي ويا آهن جيڪي شايد ڪڏهن به ڀرجي نه سگهن.انهن جيان
دولتپور وين حادثو به هڪ آهي، جنهن ۾ گلن جھڙا اسڪولي ٻارڙا هميشه لاءِ سمهي رهيا هئا هڪ رپورٽ
موجب سال 2015ع ۾ روڊ حادثن جو ملڪي  رڪارڊ به سنڌ جي حصي ۾ آيو اسان رڳوان ئي
صوبي جي ضلعي مٽياري جو ذڪر ڪريون ته به دنيا جو سڌريل قومون سڪتي ۾ اچي وڃن پر اسان
جي دل روز روز اهڙن حادثن کي ڏسي پٿر بڻجي وئي آهي.  رپورٽ موجب  مٽياري ضلعي ۾ هر مهيني
100 کان به وڏيڪ روڊ حادثا ٿين ٿا  جن ۾ مجمعي طور 10 کان 20 انساني جانيون  ضايع ٿي
وينديون آهن ۽ 90 کان 100 ماڻهون زخمي يا معذور ٿي وڃن ٿا ، اهڙي طرح هر سال 10،000 کان وڌيڪ ننڍا وڏا روڊ حادثه ٿين ٿا. جن جي نتيجي ۾ مجموعي طور 150 کان 200 ماڻهون موت
جي منهن ۾ هليا وڃن ۽ ۽ 9 کان 10 هزار ماڻهون زخمي ۽ معزور ٿي عذاب واري زندگي گذارين ٿا.
ڪاوش جي رپورٽ مطابق حادثن دوران زخمين کي اسپتال پهچائڻ لاءِ موٽروي پوليس وٽ ايمبولينس سروس
به ناهي، ايڌي يا ڇيپا جون ايمبولينسون پهچڻ تائين  ڪيترائي زخمي فوت ٿي وڃن ٿا.ان کان علاوه
سڄي سنڌ ۾ ڪوئيڪ رسپانس سروس به موجود ناهي . جنهن سبب هنگامي حالتن ۾  تمام گھڻيون ڏکيائيون
پيش اچن ٿيون ۽ ٻيو وري قومي شاهراه ۽ مختلف هاءِويز سميت روڊن جي حالت پڻ تمام گھڻي خراب
آهي، جنهن سبب حادثه معمول بڻجي ويا آهن. ٽرئفڪ وڌيڪ هجڻ باوجود روڊ سوڙها آهن.ڊرائيور جي
غفلت، دوران ڊرائيونگ نشي جو استعمال ڪرڻ ۽ لڳاتار 12_12 ڪلاڪ ڊرائيونگ ڪرڻ سبب ب حادثه
ٿين ٿا..
ملڪي سطح تي روڊ حادثن جو رڪارڊ ملڻ بعد به اختيار ڌڻين نوٽس نه ورتو، هي رڪارڊ ته هڪ الارم
آهي، جيڪڏهن اهو الارم اسان جي هوش ۾ اچڻ جو سبب نه ٿو بڻجي ته پوءِ نيٺ ڇا ڪجي ؟ ڇا هوش
۾ اچڻ لاءِ اسان کي ڪنهن وڏي ۽ خطرناڪ حادثي جو انتظار ڪرڻ گھرجي؟
سنڌ حڪومت کي گھرجي ته هو روڊ حادثن ۾ روز درجنين ماڻهن جي مرڻ جو تڪڙو نوٽس وٺي،  حادثن
جي روڪٿام لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن هڪ ماءَ جي جھولي خالي نه ٿئي ۽ مائرون ٻار ڄڻڻ کان اڳ
انجي مستقبل بابت سوچين ..
Mushtaque Ali Jamali
 2k14/MC/142