Intro is too traditional. make some new, unique
Un checked
پروفائيل: عباس ڪوريجو اديب ۽ شاعر
مشتاق علي جمالي
2k14/MC/142
سنڌ ڌرتي جي سڳند مٽيءَ مان اهڙن مهان شخصيتن به جنم ورتو آهي، جن پنهنجي سڄي زندگي قوم جي بهتري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. نوجوان اديب، شاعر۽ تعليمي ماهر عباس ڪوريجو جو شمار به انهن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو.
عباس ڪوريجو پهرين مارچ 1983ع تي قمبر شهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي ۽ هائر سيڪينڊري جي تعليم قمبر مان حاصل ڪئي، ۽ شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪمپيوٽر سائنس شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين. ان کان علاوه هو هڪ نجي انسٽيوٽ ۾ پرنسيپال طور ذميواريون پڻ سر انجام ڏنيون. عباس ڪوريجو کي ننڍپڻ کان ئي ادبي ڪهاڻيون پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق هو ان شوق کيس هڪ بهترين اديب بڻائي ڇڏيو، ۽ مختصر وقت ۾ سنڌي ادب کي ٽن ڪتابن جو تحفو ڏنو. سندس پهريون ڪتاب ‘‘ چنڊ پيرن هيٺ ’’ ان وقت پبلش ٿيو، جڏهن هو اڃا اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هو، ها اٺين ڪلاس ۾...اٺين ڪلاس جي شاگرد جي عمر به ڇا هوندي ؟ جيڪڏهن ائين چئجي ته اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگردن جي عمر اڃا رانديون ڪرڻ جي آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، پر عباس ڪوريجو ان ٻاراڻي عمر ۾ هڪ شاهڪار ڪتاب لکي قمبر واسين کي تعجب ۾ وجھي ڇڏيو. ان ڪتاب کي پڙهندڙن طرفان پڻ زبردست موٽ ملي ۽ مڃتا طور سنڌي ادبي سنگت 2009ع ۾ ليکڪ کي ايوارڊ سان نوازيو.
سندس ٻيو ڪتاب “ پنهجي ڌرتي” 2014ع ۾ پبلش ٿيو. جنهن کي پڻ ڪافي موٽ ملي، ۽ ان مختصر ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ طرفان سال 2014ع جو بهترين ڪتاب قرار ڏنو ويو، جنهن بعد سندس ٽيون ڪتاب “ جديد ڪهاڻي، فن ۽ موضوع ” 2015ع ۾ پبلش ٿيو. ۽ سندس چوٿون ڪتاب پڻ ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آهي .
عباس ڪوريجو کي ادبي ۽ تعليمي خدمتن عيوض مرزا قليچ بيگ چيئر طرفان پڻ ايوارڊ سان نوازيو ويو ۽ هن بيسٽ يونٽ رينڪرپڻ ماڻيو.هن نوجوان اديب ۽ شاعر پنهنجي ڪم کي ئي مقصد بڻايو ۽ مسلسل جدوجهد ڪري وڏي مڃتا ماڻي. ان کان علاوه هَن نوجوانن جي آن لائن رهنمائي لاءِ 100 کان وڌيڪ ويب سائيٽون ٺاهيون، مٿان پهريون ڀيرو ڳاله فيسبوڪ تي ٿي جتي ناليوارا اديب ميسج ڏسڻ باوجود به جواب ڏيڻ جي زحمت نه ڪندا آهن، پر هن نوجوان اديب نه صرف جواب ڏنو پر مختلف موضوعن تي ڳاله ٻولهه پڻ ڪئي. سندس مزاج نج صوفياڻو آهي. سچ ته قلم جي نوڪ مان ڳوري ڪاغذ تي اڪرندڙ هر لفظ سنڌ ۽ سنڌين جي لاءِ هجي ٿو، هو ته سندس مزاج صوفياڻوآهي پر جيجل سنڌ جي اشوز جي حوالي سان جذباتي ٿيو وڃي انجو ثبوت سندس انقلابي شاعري آهي....
جيجل تنهجي مٺڙي ٻولي
هر هر مون لاءِ کولي جھولي
ڌرتي تنهجو ڪهڙو مقدر
هر هند لاشا، هرسو گولي
سندس چوڻي ذندگي تمام مصروف گذري پئي، پر ڪڏهن ڪڏهن واندڪائي ۾ شاعري ڪري وٺندو آهيان.خواهش آهي ته شاعري سان چاه رکندڙ نوجوان شاگردن لاءِ ڪتاب آڻيان.سچ ته عباس ڪوريجو جي زندگي اڄ جي انهن شاگردن لاءِ مشعل راه آهي، جيڪي علمي ۽ ادبي حوالي سان قوم لاءِ ڪجھ ڪرڻ جا خواهشمند آهن.
پروفائيل: عباس ڪوريجو اديب ۽ شاعر
مشتاق علي جمالي
2k14/MC/142
No comments:
Post a Comment