آرٽيڪل: سنڌ ۾ وڌنڌڙ روڊ حادثا ۽ زيان ٿيندڙ انساني جانيون،،،!!!
مشتاق علي جمالي 2k14/mc/142
سوچان ٿو ته هڪ ماءٌ پورا 9 مهينا جنهن ٻار کي پنهنجي پيٽ ۾ پالي ٿو ان جو لاقانونيت سان
سرشار هن معاشري ۾ ڪهڙو مستقبل هوندو؟ ڇا پورا 9 مهيناممتا جي پيٽ ۾ پلجڻ بعد هو ڀوت
بنگلا بڻيل سرڪاري اسپتال جي گندي ۽ بدبو دار بستري تي اکيون کوليندو؟ ڇا هو جڏهن بانبڙا پائڻ
واري عمر تائين پهچندو ته ڪنهن کليل گٽر ۾ ڪري ڌرتي ماءٌ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيندو؟ يا
جيڪڏهن گٽرن ۾ ڪرڻ کان بچي وڏو ٿيندو ته اسڪول وڃڻ لاءِ کيس اها ئي وين ملندي؟ جنهن جي
ڇت تي 10 کان وڌيڪ سلئنڊر رکيل هوندا آهن ۽ ان جو ڊرائيور ڀنڳ ۽ چرس جي نشي ۾ ٽن ٿي روڊ
تي هلائڻ بدران هوا ۾ اڏامندو هجي ؟ ۽ ان وين جو مستقبل سلئنڊر ڦاٽڻ سبب سڙي وڃڻ ،ڪنهن گاڏي
سان ٽڪرائجڻ يا ڪلٽي ٿيڻ ئي هجي ؟ ۽ نتيجي ۾ سوار سڀ مسافر موت جي چنبي ۾ هليا ويندا هجن.
جيڪڏهن اتفاق سان ڪو بچي به ته ايمبولنس نه هجڻ يا اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب زندگي جي جنگ
هارائي ويندو هجي؟ ان ٻار جو مستقبل ڇا هوندو؟ جتي جي شاهراهن تي موت جو راڪاس هلندو هجي؟
سوچيان ٿو ته مائرون رڳو روڊ حادثن ۾ ذيان ٿيندڙ جانين جا انگ اکر پڙهن، تڏه به هو ٻارن جي جنم ڏيڻ
کان اڳ هڪ هزار ڀيرا سوچينديون جئين اڄڪلهه ڏڪار سبب ٻارن جي موت تي ٿري مائرون سوچينديون آهن پر اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ هر سال روڊ حادثن ۾ مرندڙ ماڻهن جو انگ ٽارگيٽ ڪلنگ، دهشت گردي ۽ قبيلائي
تڪرارن جي مرندڙ ماڻهن کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ هجي ٿو.روزاني جون اخبارون اهڙين حادثن سان ڀريون
ڀريون پيون آهن. ڪي حادثا ته اهڙا زخم ڏيئي ويا آهن جيڪي شايد ڪڏهن به ڀرجي نه سگهن.انهن جيان
دولتپور وين حادثو به هڪ آهي، جنهن ۾ گلن جھڙا اسڪولي ٻارڙا هميشه لاءِ سمهي رهيا هئا هڪ رپورٽ
موجب سال 2015ع ۾ روڊ حادثن جو ملڪي رڪارڊ به سنڌ جي حصي ۾ آيو اسان رڳوان ئي
صوبي جي ضلعي مٽياري جو ذڪر ڪريون ته به دنيا جو سڌريل قومون سڪتي ۾ اچي وڃن پر اسان
جي دل روز روز اهڙن حادثن کي ڏسي پٿر بڻجي وئي آهي. رپورٽ موجب مٽياري ضلعي ۾ هر مهيني
100 کان به وڏيڪ روڊ حادثا ٿين ٿا جن ۾ مجمعي طور 10 کان 20 انساني جانيون ضايع ٿي
وينديون آهن ۽ 90 کان 100 ماڻهون زخمي يا معذور ٿي وڃن ٿا ، اهڙي طرح هر سال 10،000 کان وڌيڪ ننڍا وڏا روڊ حادثه ٿين ٿا. جن جي نتيجي ۾ مجموعي طور 150 کان 200 ماڻهون موت
جي منهن ۾ هليا وڃن ۽ ۽ 9 کان 10 هزار ماڻهون زخمي ۽ معزور ٿي عذاب واري زندگي گذارين ٿا.
ڪاوش جي رپورٽ مطابق حادثن دوران زخمين کي اسپتال پهچائڻ لاءِ موٽروي پوليس وٽ ايمبولينس سروس
به ناهي، ايڌي يا ڇيپا جون ايمبولينسون پهچڻ تائين ڪيترائي زخمي فوت ٿي وڃن ٿا.ان کان علاوه
سڄي سنڌ ۾ ڪوئيڪ رسپانس سروس به موجود ناهي . جنهن سبب هنگامي حالتن ۾ تمام گھڻيون ڏکيائيون
پيش اچن ٿيون ۽ ٻيو وري قومي شاهراه ۽ مختلف هاءِويز سميت روڊن جي حالت پڻ تمام گھڻي خراب
آهي، جنهن سبب حادثه معمول بڻجي ويا آهن. ٽرئفڪ وڌيڪ هجڻ باوجود روڊ سوڙها آهن.ڊرائيور جي
غفلت، دوران ڊرائيونگ نشي جو استعمال ڪرڻ ۽ لڳاتار 12_12 ڪلاڪ ڊرائيونگ ڪرڻ سبب ب حادثه
ٿين ٿا..
ملڪي سطح تي روڊ حادثن جو رڪارڊ ملڻ بعد به اختيار ڌڻين نوٽس نه ورتو، هي رڪارڊ ته هڪ الارم
آهي، جيڪڏهن اهو الارم اسان جي هوش ۾ اچڻ جو سبب نه ٿو بڻجي ته پوءِ نيٺ ڇا ڪجي ؟ ڇا هوش
۾ اچڻ لاءِ اسان کي ڪنهن وڏي ۽ خطرناڪ حادثي جو انتظار ڪرڻ گھرجي؟
سنڌ حڪومت کي گھرجي ته هو روڊ حادثن ۾ روز درجنين ماڻهن جي مرڻ جو تڪڙو نوٽس وٺي، حادثن
جي روڪٿام لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن هڪ ماءَ جي جھولي خالي نه ٿئي ۽ مائرون ٻار ڄڻڻ کان اڳ
انجي مستقبل بابت سوچين ..
Mushtaque Ali Jamali
2k14/MC/142
No comments:
Post a Comment