Showing posts with label ممتازجمالي. Show all posts
Showing posts with label ممتازجمالي. Show all posts

Thursday, 28 January 2016

Interview wtih Rehamt Ali Meerali

Who has taken this interview? why u are not writting ur name , roll number  etc in the file. 
موسيقي قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي
انٽرويو ممتازجمالي

رحمت علي ميرالي. ( سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي )

موسيقي جتي روح جي غذه مڃي ويندي آهي اتي موسيقي کي سنڀاليندڙن کي روح جو راڻو مڃيو ويندو آهي موسيقي هڪ اهڙي شيءَ آهي جنهن کي ٻڌڻ سان انسان پنهنجي وڃايل وجود ڏانهن واپس ۽ اميد تي قائم دنيا تي وڃي پهچندو آهي اهڙين روح جي راڻڻ سان ۽ انسان سوچ کي پنهنجي وڃال وجود ۽ اميد جي دنيا سان ملائيندڙن جهڙن شخصن مان اسان جي سنڌ ڀري پئي آهي جيتي تاريخ جي ورڪن کان وٺي ڪري حال جي هلندڙ پني تي سوين اهڙا موسيقار فنڪار ملندا جنهن جي آواز ۽ انداز جو مثال هزارين ڪوهن تائين ٻڌا ۽ ڏنا ٿا وڃن، بلوچستان جي ضلعي اوستا محمد سان تعلق رکندڙ راڳي خاندان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ رحمت علي مرالي جنهن کي اڄوڪي سنڌي موسيقي جي دنيا ۾ استاد رحمت مرالي چيو ويندو آهي سو بـه اهڙو روح جو راڻو آهي، جنهن سنڌي موسيقي ۾ پنهنجي پياري آواز ۽ آلاپ سان  پنهنجو هڪ الڳ نالو ۽ سڃاڻپ ٺاهي ورتي. هن جا ويچار سنڌي موسيقي جي باري ۾ ٻين گلوڪارن کان مختلف آهن. هن جو روشني نيوز پيپر کي ڏنل انٽرويو هيٺ پيش ءِ خدمت آهي.

سوال: توهان ڇا سوچي موسيقي جي چونڊ ڪئي.؟
جواب:اسان جي سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ اتي هزارين  بزرگ ولي آهن ۽ اڪثر ڪري اتي ميلا ٿيندا رهندا آهن ۽ انهن ميلن ۾ راڳ رنگ بـه ٿيندو رهندو آهي، هڪ ڏنهن شڪارپور جي ڀرسان هڪڙي پير سائين ٻٺڍل فقير جو ميلو لڳو، جتي راڳ جو پرگرام هو ان ۾ بابا مون کي وٺي ويو، ان ميلي ۾ صوفي ڪلام ڳيا پيا وڃن تـه مون اهو محسوس ڪيو تـه بابا ان ڪلامن کي گهرائي سان محسوس ڪري رهيو هو، پوءِ بابا ان ڏنهن کان  پاڻ صوفي ڪلام ڳائيڻ شروع ڪيا، ۽ گهر ۾ هڪ موسيقي جو ماحول هوندو رهيو، ان کان بعد منهنجو سڀ کان وڏو ڀاءَ همت فقير بـه راڳي ٿيو ۽ ان کان ننڍو ڀاءَ شمن علي ٿيو ان کان بعد منهنجو شوق  ٿيو  مون سوچيو جڏهن منهنجو سڄو خاندان راڳ ڳائي ٿو تـه مان بـه ڳائي سگهان ٿو، ۽ آئون بـه راڳ سکڻ شروع ڪيو، ان وقت منهنجو استاد عبدالغفور سومرو هيو جنهن مونکي راڳ جي سکيا ڏني جيڪو هن وقت خيرپور يونورسٽي ۾ موسيقي جي سکيا ڏيندو آهي.

سوال: موسيقي جو ثقافت سان ڪيترو تعلق آهي؟
جواب: ڪائينات ۾ جيڪي آواز آهن اهي موسيقي آهن چاهي اهو انسان جو آواز هجي چاهي اهو ڪنهن پکي جو آواز هجي يا کڻي قدرتي شين جو آواز هجي اهي سڀ مو سيقي آهن جيڪا اسان جي ڪنن تائين اچي ٿي، اگر ثقافت جي حساب سان ڏٺو وڃي تـه هر خطي جي هر قوم جي هر ملڪ جي پنهنجي الڳ الڳ موسيقي هوندي آهي، جئين هر قوم ملڪ خطي جي سڃاڻپ ٻولي مان لڳائي سگهجي ٿي ۽ ان قوم جي تاريخ بـه ٻولي ذريعي بچي سگهي ٿي تـه ٻولي کي بچائيڻ لاءِ شاعري ۽ موسيقي هوندي هوندي آهي ۽ ٻولي خود ثقافت آهي انهي ڪري اهي شيون ضروري آهي ڪنهن قوم لڪه کي تاريخ ۽ هلندڙ زماني ۾ زنده رکڻ لاءِ.

سوال: ڇا پنهنجي ڪلامن جو ذريعي ڪو پيغام ڏيندا آهيو؟ اگر ڏيندا آهيو تـه ڪهڙو؟
جواب: منهنجي هميشـه اها ڪوشش هوندي آهي تـه آئون اهڙي شاعري کڻا جنهن ۾ ڪو پيغام هجي، سماج کي سٺي نصيحت ڏجي جيئن شاهـه جي شاعري آهي شيخ اياز جي شاعري آهي استاد بخاري جي شاعري آهي جنهن ۾ ماحول کي هڪـه سٺو پيغام ملندو آهي تـه مان بـه تقريبن اهڙي شاعري ڳائيندو آهي.
سوال: توهان اڄ جي تيز موسيقي کي ڪئين ٿا ڏسو ڇا اها سُرن سازن جي ملاپ ۾  آهي؟
جواب: اڄ جا ماڻهون ۽ بڌندڙ سرن کي نٿا ٻڌن آهي سازن کي پسند ڪندا آهي ، اهڙي حوالي سان ڪافي حد تائين جيڪي رپيڊ ڪلام آهن جنهن کي رميڪس بـه چيو ويندو آهي انهي ۾ ڪافي حد تائين سر ساز آهن اها ٻي ڳالهـه آهي تـه ان سرن سازن کي نئو انداز ڏنو ويو آهي باقي سنڌي جي جديد موسيقي ۾ اهي شِيون گهٽ ملن ٿيون.
سوال: دنيا جي موسيقي ۾ ڏينهون ڏينهن تبديلي ايندي ٿي وڃي  ڇا هن وقت تائين سنڌي موسيقي ۾ ڪا واضع تبديلي آئي آهي.؟
جواب: ڪجهـه اهڙا نوجوان فنڪار پيدا ٿيا آهن جنهن پنهنجي پاڻ کي پاڻ مڃايو آهي جنهن ۾ کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن ، انهن مڪمل سکيا وٺي ڪري پوءِ هن موسيقي جي ميدان ۾ لٿا آهن، انهي جي ڪري ڪافي تبديلي آئي آهي، پر جيڪي نوان اڻڄان گلوڪار آيا آهن انهن جي ڪري ڪافي سنڌي موسيقي کي نقصان پڻ رسيو آهي پر ان ۾ نون فنڪارن جو ڏوهـه ناهي ڇاڪاڻ جو انهن کي شوق هوندو آهي گلوڪاري جو مگر انهن کي ڪو سکيا ڏيندڙ مـه هوندو آهي ۽ پوءِ جهٽ ۾ اسڪرين تي ايندا آهن انهي جي ڪري ائين ٿيندو آهي.

سوال: توهان هميشـه سنجيده ڪلام ڳائندا آهيو انهي جو ڪو سبب.؟
جواب: منهنجي هميشـه اها ڪوشش رهي آهي تـه مان اهڙو ڪلام ڳايان جنهن ۾ ڪو پيغام هجي جيڪو ماحول سان ميلي ۽ اهڙي شاعري جنهن ۾ ڪو پيغام هجي اها مونکي شيخ اياز استاد بخاري اياز گل جهڙن شاعرن جي شاعري ۾ ميلي ٿي ۽ اهڙي شاعري هميشـه سنجيدگي سان ڳائي ويندي آهي .

سوال: توهان جي نظر ۾ ڪامياب فنڪار ڪهڙو هوندو آهي.؟
سڀ کان پهريان هن شعبي ۾ اچڻ کان پهريان سکيا تمام لازم آهي،  اگر ڪو هيتي اچي ٿو ۽ سکيل آهي جواب: تـه اهو شخص ڪا نئي شيءَ آڻي سگهي ٿو نئي ڪريئيشن ڪري سگهي ٿو، اگر سکيل ئي نـه هوندو تـه پوءِ گزارو ئي ڪري سگهي ٿو جنهن کي اسين سنڌي ۾ ڄوڳاڙ چوندا آهيون تـه منهنجي نظر ۾ اهو ئي ڪامياب جيڪو شاعري ڪري سگهي ادب جي ڄاڻ هجيس، ادب سان وابسطـه هجي ۽ پاڻ شاعري ڪرڻ ڄاڻي اگر شاعري نٿو ڪري تـه ڪم سي ڪم شاعري جي باري انهي ڪي مڪمل ڄان رکي.
اثر پوي ٿو؟
اوهان سنڌي ميڊيـا کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندو؟

مان اهو پيغام ڏيندس جيڪي دوست سيکل ناهن انهن کي هڪ دم اڳتي نـه کڻي اچن انهن ڱي اسڪرين تـه هڪ دم نـه آڻڻ اسان جون جيڪي تاريخي ڌنو آهن انهي سان جوٺ ڪئي وئي، اسان جي شاعري سان جوٺ ڪئي وئي آئي، اڄ ڪلهـه اهڙي شاعري ڳائي ٿي وڃي ۽ اهو ڪلام جڏهن چينل ٿي هلي ٿو تـه اسان پنهنجي فيملي سان ويهي ڪري اهو گانو ٻڌي نٿا سگهون. سو مان اهو ئي چوندس تـه سنڌي کي ميڊيا وارا ڪاروبار نـه بڻائيڻ ۽ جيڪي پراڻا راڳي آهن انهن جو قدر ڪن جئين اسان جي موسيقي امر رهي ۽ بچي سگهي.

Nudity in films and its effects on society

Chha twhan khey article ander pahnjo nalo, roll number  aen Final likhan main ko problem ahy?
Ketra dafa chayo ahy.. smjh main galeh nathi achi? 
 Matlb harubhru b gher zumewari dekharni ahy....
                  فحاشي فلمون ۽ ان جو سماج تي اثر         
آرٽيڪل
ممتازجمالي
                      گزريل ٽين ڏهاڪن کان دنيا ڀر ۾ جيتري فلمي دنيا ۾ ترقي آئي آهي اها ڪنهن ٻي شعبي ۾ شايد ئي آئي هجي، جيتي ڪافي سال اڳ سائيلينٽ فلمون وڏي شوق سان ڏٺيون وينديون هيون ان جاءِ تـه اڄ ٿري ڊي فلمون اچي ويون آهن، جيتي ون فريمنگ ڪيمرا استعمال ڪئي ويندي هئي اتي اڄ جديد ڪيمرائون اچي ويون آهن، مگر فلمون جهڙيون بـه هجن ان جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ هوندي آهي، ڪجهـه فلمون تمام مختصر تـه ڪجهـه وري تمام ڊگهيون هونديون آهن ڪجهـه فلمون سلسلي وار اينديون آهن تـه ڪجـهه وري ري ميڪ ۾ اينديون آهن.
                 پر ان هر فلمن جو موضوع الڳ هوندو آهي ڪجهـه فلمون پيار محبت تـه ڪجهـه وري سماج جي برائين تي هونديون آهن، ڪجهـه قدرت جي بناوت ۽ تصوارتي شئين تي ٺهنديون آهن، ۽ ان ۾ هڪڙي قسم جون فلون اهڙيون هونديون آهن جيڪي بنا ڪنهن اخلاقي حد جي جنسي ميلاپ ڏکارين ٿيون، جنهن کي انگريزي ۾ ”پارن موويز“ ۽ سنڌي۾ فحاشي فلمون سڏيندا آهي.
              هڪ گوگل رپورٽ موجب دنيا ۾ سڀ کان وڏو ڪاروبار ڪندڙ اهي فلمون آهي ۽ هر هڪ سيڪنڊ جي اندر دنيا ۾ اندازن 3 لک ڊلر اهڙين فلمن تي خرچ ايندو آهي ۽ آمريڪا اهڙين فلمن جو ڳڙهـه آهي جيتي هر 39 منٽن بعد هڪ فحاشي ”پارن“ فلم ٺهندي آهي، دنيا جي تيز ترين ۽ وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ اهي فلمون پاڪستان ۾  نـه بلڪي ڏينهون وڌينديون ٿيون وڃن پر سماج اندر برائين جو جڙ بـه بڻجي رهيون آهن ۽ ان سان گڏ ڪاروبار بـه بڻجي ويون آهن..
            فوڪس نيوز ايجنسي جي هڪـه رپورٽ موجب گوگل سرچ ۾ پاڪستان پهرين ملڪن ۾ آهي جتي فحاشي فلمون آن لائن وڏي انگ ۾  سرچ ڪيون ٿيون وڃن،  تعجب جي ڳالهـه اها بـه آهي تـه انهي رپورٽ موجب سعودي عربـيـه، ترقي ايران ۽ مسلمان ملڪه پڻ سرفهرست ۾ آهن.
           سيپٽمبر 2011 ع ۾ هڪ پاڪستاني هيڪر سپريم ڪورٽ جي آفيشل ويبسائيٽ هيڪ ڪئي، جنهن پاڪستان ۾ هڪ وڏو چرچو پڻ مچايو هو، پر جڏهن ان هيڪر پنهنجي ڊمانڊ رکي تـه ماڻهون توڙي ڪجهـه قانوني ماهرن پڻ ان جي حمايت ڪئي، ان هيڪر پاڪستان اندر فحاشي فلمن تي بندش جي گهر ڪئي هئي، ۽ وري ڪجهـه وقت بعد پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي جي آفيشل ويب سائيٽ هيڪ ٿي، ۽ ان ۾ بـه هيڪر پاڪستان اندڙ اهڙين فلمن جي ڪاروبار ۽ اهڙين فلمن جي ويبسائيٽس جي بندش جي گهر ڪئي، ۽ مجبورن پاڪستاني حڪومت تحرڪ ۾ آئي، ۽ ان اهڙين فلمون هلائيندڙ 1000 مشهور ۽ وڏيون ويبسائيٽون بند ڪيون ويون.
آنلائين بندش  مان ڪو خاص فائيدو نـه پيو، ڇو جو ڪافي سافٽ ويئر ان بلاڪ ۾ اهي ساڳيون فلمون ڏکارين پيون ۽ انهي جي خبر خود ”پي ٽي اي“ وارن کي چنگي ريت آهي، ان سان گڏو گڏ ساڳي وقت پاڪستان ۾ فحاشي فلمن جون سي ڊيز بازارن ۽ مارڪيٽ ۾ کولي عام وڪامڻڻ لڳيون، جنهن جي ڪري انهن فلمن جي روڪٿام نا ممڪن نظر آئي.
اهو ئي نـه پاڪستان جي اندڙ هوٽلن ۽ وڏين توڙي ننڍين سنيمائون تي اهي فلمون پڻ ڏکاريون پيون وڃن.
انهي فلمن جي بندش جا خاص سبب آهن ، جهڙي طرح ڊرگ الڪول چرس انساني زندگي لاءِ خطرو آهن اهڙي طرح ماڻهون سمجهن ٿا تـه فحاشي فلمون ڏسڻ سان ڪو خطرو ناهي، اهڙين پارن فلم ڏسندڙ  جو اهو چوڻ آهي تـه اهي اهڙيون فلمون ڏسي پنهنجو وقت پاس ڪن ٿا ۽ ان جو ان تي ڪو خاص اثر نٿو پئي، پر جهڙي طرح ڊرگ الڪول جا سائيڊ افيڪٽ آهن اهڙي طرح فحاشي فلمن جا ڪجهـه سائيڊ افيڪٽ آهن ۽ اهي افيڪٽ اڳتي وڌي وڏو خطرناڪ ٿين ٿا، ۽ انساني زندگي تي هڪـه وڏو ناڪاري اثر وجهن ٿا.
اهي فحاشي فلمون سماج تي اهڙو اثر ڇڏن ٿيون جو انسان هر طرح سان ڪمزور ٿي وڃي ٿو، هڪ ساڪيولوجيڪل رپورٽ موجب اهي فحاشي فلمون انساني زندگي تي تمام گهڻو ناڪاري اثر وجهن ٿيون فحاشي فلمون ڏسڻ سان انسان هڪ خيالي دنيا ڏانهن هليو ويندو آهي ان جي دماغ شئين کي ياد ڪرڻ جي صلاحيت گهٽائي ڇڏيندو آهي.
سماج سڌارڪ ماروي پنهور جو چوڻ آهي تـه فحاشي فلمن جي ڪري سماج ۾ ريپ جا ڪيس درپيش ٿين ٿا انهي سان گڏو گڏ سيڪسول حيراسمينٽ جهڙا واقعـه پڻ وڌن ٿا.
قانوني ماهر ۽ وڪيل حميد رند چيو تـه ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جا ڪيس ايندا آهن جنهن پويان تقريبن اهڙين فلمن جو اثر هوندو آهي.
حڪومت کي گهرجي تـه اهڙن فلمن جي بندش لاءِ هڪ الڳ قانون پاس ڪرايو وڃي جنهن تي اهڙين فلمن جي ڪاري ڪاروبار ڪندڙ سان گڏ ٺاهيندڙ ۽ ڏسندڙ تي قانوني جرم لاڳو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن نوجوان اهڙين فلمن ڏانهن وڌندا رهيا تـه اهي مستقبل ۾ هلي ڪري وڏي نقصان کي منهن ڏيندا.


Wednesday, 20 January 2016

ڪاڇي جي مڙس ماڻهو لکي ويندڙ مائي لکي

ڪاڇي جي مڙس ماڻهو لکي ويندڙ مائي لکي
پروفائيل ممتاز جمالي : رول نمبر
2k14-Mc-159
چوندا آهن هر ڪامياب مرد جي پويا هڪ وفادار عورت جو وڏو ڪردار يا هٿ هوندو آهي، مگر ان حقيقت کان ڪير بـه انڪاري نـه آهي تـه عورتن کي هميشـه هيٺين طبقي ۾ رکيو ويو آهي، ڪڏهن عورت کي ڪاري ڪري روڊن رستن تي ماريو ويو تـه ڪڏهن ڪا عورتن سولي چاڙهي وئي، ڪڏهن ڪا عورت جسم جي بک بڻجي وحشين جي خاڄ بڻجي وئي تـه ڪڏهن ڪا عورت پنهنجي ٻارن جي مک مٽائيڻڻ لاءِ ٻين جو ذائقو بڻجي وئي، ڪڏهن وري ڪا عورت پيار ڪرڻ جي الزام ۾ ٻريل بٺي تي ساڙي وئي. ۽ ايترا کوڙ مثال تاريخ جي پنن تي زنگ بڻيل آهي ۽ تاريخ اهڙن کي ورجائيندي رهندي،
اهڙي طرح سنڌ بـه عورتن ۾ پنهنجي حيثيت پاڻ رکي ٿي، ڀلي اها بينظير ڀٽو هجي يا آسو ٻائي هجي اهڙي طرح ڪاڇو رڳو تاريخي ورثن ۽ ماڳن جي ذريعي نٿو سڃاتو وڃي مگر هتان جي ماڻهن پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ پاڻ کي مڃائي تاريخ ۾ پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو آهي.
قد 5 فٽ رنگ جي سانولي پيرن تي چمڙي جا جوتا اکين تي سرمو ، مٿي تي اجرک اوڙيهل ، اٺ جي پلاڻ تي ڇڙهيل اها عورت ڪا جهانسي جي راڻي نـه آهي نـه ئي اها ڪا 18هين صدي جي ڪا جنگي عورت آهي اها آهي  ڪاڇي لازوال ڪردارن منجهان هڪـه امر ڪردار جيڪا ڪاڇي  جي مڙس ماڻهون ليکي ويندڙ عورت مائي لکي آهي.
ڪاڇي جي هڪ غربت جي لڪير کان هيٺ بثر ڪرڻ واري ڳوٺ پير بخش لاشاري ۾ جنم وٺندڙ هي اها عورت آهي جنهن کي ڪاڇي جي هر ڇوڪري جيان هٿ ۾ ڪتاب جي جڳـهه تي مٽ ۽ دلو ڏئي گهر جي ڪمن ۾ لڳائي ڇڏيو ويو هو، ماسي لکي لاشاري غريب ۽ اڻ پڙهيل قبيلي سان تعلق رکندي آهي انهي ڪري هن قبيلي جون ڪاڇي جي تقريبن هر قبيلي ۽ ڳوٺ جيان  عورتون صرف گهرن تائين محدود هونديون آهن، مگر جڏهن لکي 12هن سالن جي ٿي تـه هن کي گهر ۾ وهڻ پسند نـه هوءَ پنهنجي پيءَ ڀاءَ سان ٻنين تي ڪم ڪار تي ويندي هئي، جيڪا ان ڳوٺ وارن کي بـه پسند نـه هئي، مگر لکي انهي ڳالهه کي سنجيده نـه ورتو.
 ماسي لکي جي شادي بعد بـه پنهنجي مڙس سان  ٻاهر ٻنين تي مزدوري ڪندي هئي پنهنجي مڙس سان گڏ هارپو ڪرڻ مرچن بصرن کي ڳُڏ هڻڻ، وڻ مان مال لاءِ ٽاري لاهڻ تائين پنهنجي مڙس سان هڪـ وفادار جيون ساٿياڻي جيان گڏ هئي..
ماسي لکي جي خوشگوار زندگي ۾ غمن جا پهاڙ تڏهن لٿا جڏهن هن جي ور کي ڪالرو بيماري ٿي، وس واهر نـه هجڻ جي ڪري ماسي لکي جيڪا ائين تـه بهادر مڙس ماڻهون سڏي ويندڙ عورت هئي مگر قسمت جي اڳيان ڪجهـه نـه ڪري سگهي، ۽ هن جي ور دم ڌڻي حوالي ڪيو.
ان وقت ماسي لکي وٽ ڪکاون گهرکان سواءِ ڪجهـه بـه نـه هو، پر ماسي لکي همت نـه هاري، هن پنهنجي معصوم ٻچڻ جي ڇپر ڇانو بڻجي محنت مزدوري ڪرڻ جو وچڻ ڪيو ۽ پنهنجي اندر عورت کي هميشـه لاءِ ماري مردن واري دل ۽ دماغ ڌاري ٻاهر سماج سان منهن اٽڪائيڻ نڪتي هئي.
پنهنجي ٻني نـه هجڻ جي ڪري ماسي لکي هارپوتي زميندار کان 6 ايڪڙ زمين ورتي جيڪا ماسي لکي پاڻ ڪاهيندي آهي ان بدلي ماسي کي 4 ڪلاڪ پاڻي جو وارو بـه ملندو آهي جيڪا ماسي لکي رات هجي ڏينهن اهو پاڻي جو وارو پاڻ جهلندي آهي.
صبح جو پرهـه ڦٽي محل اٿيندي آهي پوءِ مال متاع کي بوه وغيره ڏئي ٻني تي نڪرندي آهي، مائي لکي ڪاڇي جي اها واحد عورت آهي جيڪا رات جو مال جي واڙي گهر کي پاڻ بندوق کڻي چوڪي ڏيندي آهي،
ماسي هي محنت مزدوري تـه مجبوري ڪئي مان ڪئي مگر ماسي کي پنهنجي ٻنين سان محبت ازل کان وٺي هئي.
ماسي مردن ۽ عورتن ۾ ڪو فرق ناهي سمجهندي، هن جي نظريي مطابق عورت ۽ مرد سڀ هڪ جهڙا انسان آهن، ڪنهن تي ڪو فضيلت ناهي اهي سڀ اسان جا ٺهيل قانون آهن جيڪي اسان تـه مڙهيل آهن،
منهنجو وس پڄي تـه مان سڀ مردن کي گهر جو ڪم ڏيا ۽ عورتن جو هنن کي غلام بڻايـه جئين هيئنر مرد عورتن کي غلام بڻائي بيٺا آهن.“ هي جملو ڪنهن يوناني ڏاهي جو نـه آهي نـه ئي آمريڪا آفريڪا ڀارت روس جي عورت جي چوڻي آهي جيڪا مردن کي عورتن جو غلام بڻائڻ جي ڌمڪي ڌئي ٿي، بلڪـه هي چوڻي کاڇي جو مڙس ماڻهون ليکي ويندڙ سنڌ جي پهرين عورت مائي لکي جي آهي. مائي غريب هوندي بـه تمام مهمان نواز ۽ غازي طبيعت جي مالڪڻ آهي، سندن اوطاق پاڻ هلائيندي آهي، ۽ اتي مهمان جي اچ وڃ بـه روز رهندو آهي ماسي لکي مطابق مهمان الله جي نعمت آهن.
قديم فلاسافي وانگي  ماسي لکي اڳيان رنگ نسل مذهب زات جي ڪا حيثيت ناهي، هي انسانيت کي ترجيع ڏيندي آهي.
ماسي لکي جي وجهي دوستياڻي حاجران جوساڻي جو آهي تـه مائي لکي ڪاڇي جي اها واحد عورت آهي جنهن ڪڏهن بـه ڪا سودي بازي ۽ لالچ نـه ڪئي آهي ٻني ۾ زميندار هن سان ڪو حساب ڪتاب نـه ڪندا آهن ايتري قدر ذميندار سال کان بعد صرف هڪ ٻ چڪر هڻدا آهي،

سماجي اڳواڻ مائي نصيبان چيو آهي تـه اسان جي سماج ۾ عورت کي هميشـه گهر جي چو ديواري جي اندر رکيو ويو آهي غيرت جي ڪري پر ماسي لکي اهو ثابت ڪري ڏکاريو تـه عورتن جي جيڪا تاريخ ۾ ڪردار آهي اها حقيقت آهي ۽ ڪاڇي 
جون عورتون بـه دنيا ۾ سڀ کان اڳتي ٿي سگهن ٿيون.

Practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi, Department of Media & Communication Studies, University of Sindh

ڪاڇي جو واڻ



ڪاڇي جو واڻ
فيچر
ممتاز علي جمالي
2k14-Mc-159
جوهي کان وٺي واهي تائين، واهي کان وٺي ٽندو رحيم خان، ۽ ٽنڊو رحيم خان کان وٺي ڇني، شاهسڻ، منڇر ، جوهي تائين. انهي وچ واري علائقي کي ڪاڇو چيو ويندو آهي، اهو علائقو تقريبن غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي بثر ڪري رهيو آهي، انهن ڪري کاڇي جا ماڻهون نـه بلڪـه غريب آهن بلڪـه ساده سٻاجهڙا ۽ محنت ڪش بـه آهن.                                                                      
                            ڪاڇي جي ٻين شئين جيان واڻ بـه پوري سنڌ توڙي ملڪـه ۾ مشهور آهي.
واڻ جبل ۾ ٿيندڙ قدرتي فصل ڦيش مان ٺهندو آهي. ڦيش جا بـه ڪجهـه قسم آهن هڪڙو مادو ٻيو نر،  نر جا پن اڇا ۽ ننڍا هوندا آهن، ۽ مادي ڦيش جا پن وڏا ۽ ساوه هوندا آهن، ڦيش لابارو ڪري ڪٽي ويندي آهي بعد ۾  ڦيش کي سڪائڻ لاءِ کولي ميدان ۾ يا گهرن جي ڇتن تي رکي ويندي آهي، جڏهن اها ڦيش سڪي ويندي آهي تـه ان کي هيٺ لاهي ان ۾ غير ضروري   ڦيش جي پنن کي الڳ ڪيو ويندو آهي، ۽ بعد ۾ ان  کي هڪ هڪ پن ڪري الڳ الڳ ڪيو ويندو آهي.
                        ڪجهـه ڪاريگر پاڻ ڦيش سڪائي ڪري پاڻ واڻ ٺاهيندا آهن مگر ڪجهـه وري مارڪيٽ مان وٺي ايندا آهن، اهو ڦيش مارڪيٽ ۾ اُٺن جي زريعي پهچائي ويندي آهي.
واڻ جي ٺاهڻ جي ڪم کي 7 مڙسي ڪم بـه چيو ويندو آهي ڇا ڪاڻ جو واڻ ٺاهڻ دوران 7 عمل ڪيا ويندا آهن، سڀ کان پهريان ڪاريگر ڦيش جي پنن کي الڳ ڪندا آهن  اگر ان دوُران ڪو  پن ڦيش جو ڪسو نڪرندو آهي تـه ان کي الڳ ڪندا آهن جيئن واڻ مضبوط ٺهي، ٻيو مرحلو پن ڦيش جا الڳ ڪرڻ بعد مٺ تي پن جهلي ان کي هيٺ پٿر  رکي ڪري مٿي ڪاٺ جي مڳلي سان ڪٽيندا آهن، جڏهن انهي ڦيش جا پن ڪُٽي  نرم ٿي ويندا آهن تـه ٽين مرحلي ۾ ان کي  پاڻي ۾ وجهندا آهن، جئين ڦيش
جا پن نرم ٿين ۽ وٽڻ ۾ اچن.
                    ڦيش کي ڪڏهن 12 ڪلاڪ تـه ڪڏهن 6 ڪلاڪ پاڻي ۾ وجهندا آهن، اگر نر ڦيش آهي تـه اهو جهٽ ۾ پاڻي ۾ نرم ڪپهـه جهڙي ٿي ويندي آهي، مگر مادي آهي تـه انهي کي گهڻي وقت تائين پاڻي ۾ رکندا آهن، چوٿون مرحلو اهم مرحلو ۽ تڪليف دا هوندو آهي، ان مرحلي ۾ ڦيش کي پاڻي مان ڪڍي ڪري پوءِ ان کي هٿ سان وٽڻ شروع ڪندا آهن، ۽ واڻ ٺاهڻ جو ڪم ڪاڇي وارا 12 مهينـا ئي ڪندا آهن، ڪڏهن سرد راتن ۾ بـه  ٿڌي ڦيش کي پاڻي مان ڪڍي بـه وٽندا آهن. ان کان پوءِ 100 يا 150 ميٽر جا نوڙا ٺاهيندا آهن، انهي کي ڪاڇي جي واڻ ڪاريگر ڪورڙ يا ڪنهن ڪنهن ڳوٺ ۾ نوڙي بـه چوندا آهن ، ڪورڙ جو مطلب تـه ڪچو واڻ، ان ڪورڙ جا 20 کان 30 ويٽا يا نوڙا ٺاهيندا آهن پوءِ ان کي وري  پاڻي ۾ رکي ڇڏيندا آهن. پنجين مرحلي ۾ ان نوڙي جا ٻـه پاسا قل ۾ ڦسائي ڪري واڻ وٽيندا آهن، جنهن سان نوڙي واڻ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، اڪثر ڪري ڪاريگر واڻ جي وزن وڌائڻ لاءِ ان دوُران مٽي بـه وجهندا آهن، جنهن سان نـه صرف واڻ جو وزن وڌندو آهي بلڪــه ان جو رنگ بـه مٽي وانگي اڇو ٿيندو آهي،
ڇهين مرحلي ۾ ان واڻ کي ڪل مان ڪڍي ڪري ديوي جي وڻ ڪنڊي جي وڻ يا نم جي وڻ سان رهڙيندا آهن جيئن واڻ صاف ٿي وڃي.
                  هن عمل جو آخري مرحلو تمام زبردست ۽ دلڪش هوندو آهي، اهي ڪاريگر واڻ کي هڪ گل وانگي نوڙي ۾  ٻڌندا آهن، جنهن جو وزن اڌ ڪلو کان 3 پاءَ ٿيندو آهي، جڏهن اهي گل جهڙا واڻ جو نوڙا ٺهندا آهن تـه پوءِ نـه صرف واپاري کي اهو واڻ وڻندو آهي بلڪـه اهو واڻ گهڻي عرصي تائين محفوظ بـه پڻ رهندو آهي.
اهو واڻ تقريبن هر شهر ۾ ويندو آهي، اهو واڻ کٽ ۾ ڪرسي ، ۽ ٻين شين ۾ استعمال ۾ ايندو آهي.  


                       اهو عمل ڊگهو ضرور آهي  پر ڪاڇي جو عورتون هر ڪم لاءِ هڪڙو الڳ الڳ ڏينهن رکنديون آهن، جهڙوڪ ڦيش ڪٽڻ جو الڳ ڏينهن رکنديون آهن، ڦيش وٽڻ کي الڳ ڏينهن ڏينديون آهن.
                      اڪثر ڪري ڳوٺ جون عورتون اهو سڄو عمل گڏجي ڪنديون آهن، اهي سڀ ڳوٺ جون مايون هڪ وڻ جي هيٺيان ويهي پنهنجا سور سلينديون بـه آهن ۽  مذاق گلا ڪچهري بـه ڪنديون آهن. ڳوٺ جون اهي عورتون پنهنجي گهر جو چلهو انهي واڻ جي آمدني مان هلائينديون آهن، مائي باڊي جنهن کي واڻ ٺاهيندي 60 سال ٿيا آهن هن چيو تـه اهو ڪم اسان جي ابن ڏاڏن کان هلندو ٿو اچي ۽ اسان جو گذر سفر بـه انهي واڻ مان ٿيندو آهي. مگر سوفا سيٽ اچڻ ۽ ڦيش جي مهانگائي جي ڪري واڻ جي اهميت ۽ ڪاروبار ڏينهون ڏينهن گهٽجندو ٿو وڃي.

Practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi, Department of Media & Communication Studies, University of Sindh