Wednesday, 20 January 2016

ڪاڇي جي مڙس ماڻهو لکي ويندڙ مائي لکي

ڪاڇي جي مڙس ماڻهو لکي ويندڙ مائي لکي
پروفائيل ممتاز جمالي : رول نمبر
2k14-Mc-159
چوندا آهن هر ڪامياب مرد جي پويا هڪ وفادار عورت جو وڏو ڪردار يا هٿ هوندو آهي، مگر ان حقيقت کان ڪير بـه انڪاري نـه آهي تـه عورتن کي هميشـه هيٺين طبقي ۾ رکيو ويو آهي، ڪڏهن عورت کي ڪاري ڪري روڊن رستن تي ماريو ويو تـه ڪڏهن ڪا عورتن سولي چاڙهي وئي، ڪڏهن ڪا عورت جسم جي بک بڻجي وحشين جي خاڄ بڻجي وئي تـه ڪڏهن ڪا عورت پنهنجي ٻارن جي مک مٽائيڻڻ لاءِ ٻين جو ذائقو بڻجي وئي، ڪڏهن وري ڪا عورت پيار ڪرڻ جي الزام ۾ ٻريل بٺي تي ساڙي وئي. ۽ ايترا کوڙ مثال تاريخ جي پنن تي زنگ بڻيل آهي ۽ تاريخ اهڙن کي ورجائيندي رهندي،
اهڙي طرح سنڌ بـه عورتن ۾ پنهنجي حيثيت پاڻ رکي ٿي، ڀلي اها بينظير ڀٽو هجي يا آسو ٻائي هجي اهڙي طرح ڪاڇو رڳو تاريخي ورثن ۽ ماڳن جي ذريعي نٿو سڃاتو وڃي مگر هتان جي ماڻهن پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ پاڻ کي مڃائي تاريخ ۾ پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو آهي.
قد 5 فٽ رنگ جي سانولي پيرن تي چمڙي جا جوتا اکين تي سرمو ، مٿي تي اجرک اوڙيهل ، اٺ جي پلاڻ تي ڇڙهيل اها عورت ڪا جهانسي جي راڻي نـه آهي نـه ئي اها ڪا 18هين صدي جي ڪا جنگي عورت آهي اها آهي  ڪاڇي لازوال ڪردارن منجهان هڪـه امر ڪردار جيڪا ڪاڇي  جي مڙس ماڻهون ليکي ويندڙ عورت مائي لکي آهي.
ڪاڇي جي هڪ غربت جي لڪير کان هيٺ بثر ڪرڻ واري ڳوٺ پير بخش لاشاري ۾ جنم وٺندڙ هي اها عورت آهي جنهن کي ڪاڇي جي هر ڇوڪري جيان هٿ ۾ ڪتاب جي جڳـهه تي مٽ ۽ دلو ڏئي گهر جي ڪمن ۾ لڳائي ڇڏيو ويو هو، ماسي لکي لاشاري غريب ۽ اڻ پڙهيل قبيلي سان تعلق رکندي آهي انهي ڪري هن قبيلي جون ڪاڇي جي تقريبن هر قبيلي ۽ ڳوٺ جيان  عورتون صرف گهرن تائين محدود هونديون آهن، مگر جڏهن لکي 12هن سالن جي ٿي تـه هن کي گهر ۾ وهڻ پسند نـه هوءَ پنهنجي پيءَ ڀاءَ سان ٻنين تي ڪم ڪار تي ويندي هئي، جيڪا ان ڳوٺ وارن کي بـه پسند نـه هئي، مگر لکي انهي ڳالهه کي سنجيده نـه ورتو.
 ماسي لکي جي شادي بعد بـه پنهنجي مڙس سان  ٻاهر ٻنين تي مزدوري ڪندي هئي پنهنجي مڙس سان گڏ هارپو ڪرڻ مرچن بصرن کي ڳُڏ هڻڻ، وڻ مان مال لاءِ ٽاري لاهڻ تائين پنهنجي مڙس سان هڪـ وفادار جيون ساٿياڻي جيان گڏ هئي..
ماسي لکي جي خوشگوار زندگي ۾ غمن جا پهاڙ تڏهن لٿا جڏهن هن جي ور کي ڪالرو بيماري ٿي، وس واهر نـه هجڻ جي ڪري ماسي لکي جيڪا ائين تـه بهادر مڙس ماڻهون سڏي ويندڙ عورت هئي مگر قسمت جي اڳيان ڪجهـه نـه ڪري سگهي، ۽ هن جي ور دم ڌڻي حوالي ڪيو.
ان وقت ماسي لکي وٽ ڪکاون گهرکان سواءِ ڪجهـه بـه نـه هو، پر ماسي لکي همت نـه هاري، هن پنهنجي معصوم ٻچڻ جي ڇپر ڇانو بڻجي محنت مزدوري ڪرڻ جو وچڻ ڪيو ۽ پنهنجي اندر عورت کي هميشـه لاءِ ماري مردن واري دل ۽ دماغ ڌاري ٻاهر سماج سان منهن اٽڪائيڻ نڪتي هئي.
پنهنجي ٻني نـه هجڻ جي ڪري ماسي لکي هارپوتي زميندار کان 6 ايڪڙ زمين ورتي جيڪا ماسي لکي پاڻ ڪاهيندي آهي ان بدلي ماسي کي 4 ڪلاڪ پاڻي جو وارو بـه ملندو آهي جيڪا ماسي لکي رات هجي ڏينهن اهو پاڻي جو وارو پاڻ جهلندي آهي.
صبح جو پرهـه ڦٽي محل اٿيندي آهي پوءِ مال متاع کي بوه وغيره ڏئي ٻني تي نڪرندي آهي، مائي لکي ڪاڇي جي اها واحد عورت آهي جيڪا رات جو مال جي واڙي گهر کي پاڻ بندوق کڻي چوڪي ڏيندي آهي،
ماسي هي محنت مزدوري تـه مجبوري ڪئي مان ڪئي مگر ماسي کي پنهنجي ٻنين سان محبت ازل کان وٺي هئي.
ماسي مردن ۽ عورتن ۾ ڪو فرق ناهي سمجهندي، هن جي نظريي مطابق عورت ۽ مرد سڀ هڪ جهڙا انسان آهن، ڪنهن تي ڪو فضيلت ناهي اهي سڀ اسان جا ٺهيل قانون آهن جيڪي اسان تـه مڙهيل آهن،
منهنجو وس پڄي تـه مان سڀ مردن کي گهر جو ڪم ڏيا ۽ عورتن جو هنن کي غلام بڻايـه جئين هيئنر مرد عورتن کي غلام بڻائي بيٺا آهن.“ هي جملو ڪنهن يوناني ڏاهي جو نـه آهي نـه ئي آمريڪا آفريڪا ڀارت روس جي عورت جي چوڻي آهي جيڪا مردن کي عورتن جو غلام بڻائڻ جي ڌمڪي ڌئي ٿي، بلڪـه هي چوڻي کاڇي جو مڙس ماڻهون ليکي ويندڙ سنڌ جي پهرين عورت مائي لکي جي آهي. مائي غريب هوندي بـه تمام مهمان نواز ۽ غازي طبيعت جي مالڪڻ آهي، سندن اوطاق پاڻ هلائيندي آهي، ۽ اتي مهمان جي اچ وڃ بـه روز رهندو آهي ماسي لکي مطابق مهمان الله جي نعمت آهن.
قديم فلاسافي وانگي  ماسي لکي اڳيان رنگ نسل مذهب زات جي ڪا حيثيت ناهي، هي انسانيت کي ترجيع ڏيندي آهي.
ماسي لکي جي وجهي دوستياڻي حاجران جوساڻي جو آهي تـه مائي لکي ڪاڇي جي اها واحد عورت آهي جنهن ڪڏهن بـه ڪا سودي بازي ۽ لالچ نـه ڪئي آهي ٻني ۾ زميندار هن سان ڪو حساب ڪتاب نـه ڪندا آهن ايتري قدر ذميندار سال کان بعد صرف هڪ ٻ چڪر هڻدا آهي،

سماجي اڳواڻ مائي نصيبان چيو آهي تـه اسان جي سماج ۾ عورت کي هميشـه گهر جي چو ديواري جي اندر رکيو ويو آهي غيرت جي ڪري پر ماسي لکي اهو ثابت ڪري ڏکاريو تـه عورتن جي جيڪا تاريخ ۾ ڪردار آهي اها حقيقت آهي ۽ ڪاڇي 
جون عورتون بـه دنيا ۾ سڀ کان اڳتي ٿي سگهن ٿيون.

Practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi, Department of Media & Communication Studies, University of Sindh

No comments:

Post a Comment