Showing posts with label نجيب. Show all posts
Showing posts with label نجيب. Show all posts

Thursday, 4 February 2016

Achaank Hotel

What about pix? u should observe para in writing. Comments from people and experts are needed

فيچر نجيب چانڊيو رول نمبر 116
شاخ جي ڪپ تي اچانڪ هوٽل
هونئن ته هر علائقي ۾ هوٽل چپي چپي تي موجود هوندا آهن،پر ڪي هوٽل اهڙا به هجن ٿا جيڪي بنسبت ٻين هوٽلن جي وڌيڪ مشهور ۽ اهميت لائق هجن ٿا اهڙن مشهور علائقائي هوٽلن ۾ وارھ شهر جو “اچانڪ “ هوٽل به هڪ آهي جيڪو هڪ منفرد هوٽل آهي هي هوٽل شاخ جي ڪپ تي قائم آهي جتي صاف سٿرو ماحول هجڻ سان گڏوگڏ بهترين چانھ ۽ عمده کاڌن جو بندوبست پڻ  هجي ٿو اهو ئي سبب آهي جو پرھ ڦٽي پرڀات جڏهن  رات جي اونداهيءَ کان موڪلائي ٿي ته شهر جا اڪثر ماڻهو ٻيا هوٽل ڇڏي چانھ جون سرڪيون ڀرڻ لاءِ هتي پهچي وڃن ٿا جنهن ڪري هن هوٽل تمام ٿورڙي عرصي ۾ آس پاس مشهوري ماڻي ورتي آهي ان حوالي سان

هتي ايندڙ ويندڙ اڪثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته وچ شهر ۾ هوندڙ هوٽلن تي شور هجي ٿو جنهن ڪري ماڻهو بيزار ٿيو وڃي پر هي اچانڪ هوٽل جيئن ته شهر ۽ بازار کان ٿوري مفاصلي  ۽ شاخ جي ڪپ تي قائم آهي جتي خاموشي وارو پرسڪون ماحول جڙيل هجي ٿو جنهن ڪري هتي اچڻ سان ذهيني سڪون ۽ روح کي راحت ملي ٿي.جڏهن شام جو سج لامون لهي ٿو ته اچانڪ هوٽل وٽ گرمين جي موسم ۾ هوادار ماحول هجي ٿو جنهن جو سبب کليل ماحول آهي هوٽل جي ارد گرد وڻڪاري ٿيل آهي جنهن ڪري هوا صاف هجي ٿي  ان سان گڏوگڏ بهترين ۽ تازي چانھ پڻ ملي ٿي ٻن منزلن تي قائم هن اچانڪ هوٽل تي بهترين فرنيچر جو به بندوبست ٿيل  آهي جن ۾ بهترين ڪرسيون،سندل،خوبصورت ثقافتي کٽون ۽ تول وهاڻا شامل آهن جيڪي هڪ خوبصورت منظر جو ڏيک ڏين ٿا ۽ ثقافتي رنگ ڏسڻ وٽان ملي ٿو هتي چانھ لاءِ بهترين قسم جو کير خريد ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ مزدور پڻ پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکن ٿا جن جي مزدوري ٻين هوٽلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڻ آهي هن هوٽل نه صرف علائقي واسين کي تفريح جوڳو سازگار ماحول بخشيو آهي پر ڪيترن ئي بيروزگار ماڻهن کي با روزگار به بڻايو آهي ان سان گڏوگڏ عمدن کاڌن جو بندوبست پڻ هر وقت هجي ٿو جنهن ڪري اڪثر ماڻهو پنهنجي دوستن ۽ احبابن کي شوق سان دعوت طورهتي وٺي اچن ٿا شهر جا اڪثر پڙهيا لکيا اهي  نوجوان جيڪي هوٽل تي اچڻ کان لنوائيندا آهن اهي به  شام جي ٽائيم تي ٽولن جي صورت ۾ هن هوٽل تي اچن ٿا جنهن جو سبب هتي جو پر سڪون ماحول جو هجڻ آهي هن هوٽل ۾ ٽي وي حال الڳ آهي جتي اڪثر  ڪرڪيٽ ۽ خبرون هلن ٿيون جنهن ڪري مختلف ملڪن جون ٿيندڙ ڪرڪيٽ ميئچون  توڙي ملڪي خبرون ڏسڻ بڌڻ جي سهولت موجود آهي ان کان علاوه بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ وڏي جنريٽر جو بندوبست به آهي جنهن ڪري هتي ايندڙ ماڻهن کي گرمي جو منهن ڏسڻو ڪو نه ٿو پوي ۽ هو سڪون ۾ هجن ٿا 
ان حوالي سان هوٽل مالڪ سيٺ ارشادعلي  مرزاڻي جو چوڻ آهي ته اچانڪ هوٽل تمام ٿورڙي ئي عرصي ۾ آس پاس مشهور ٿي ويو آهي جنهن جواهم  سبب بهترين ماحول جو هجڻ آهي هو ٻڌائي ٿو ته گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان نڪري پر سڪون ماحول ۾ اچڻ لاءِ ماڻهو اسان جي هوٽل تي اچي ويهن ٿا جتي کين سٺي ذائقي دار چانھ ۽ عمده کاڌا ملن ٿا هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسان خالص کير وٺون ٿا جنهن ۾ ڪا به ملاوٽ نه آهي جنهن ڪري گراهڪن کي ڪنهن به شڪايت جو موقعو نه ٿو ملي.اچانڪ هوٽل جي هڪ خاصيت  اها به آهي ته ايتريون ساريون سهولتون هجڻ جي باوجود هر شيءِ جو اگھ مناسب آهي ۽ اچانڪ هوٽل سڄي شهر واسين لاءِ تفريح جو مرڪزبڻيل آهي.

Friday, 29 January 2016

Status of mother toungues in pakistan


 نجيب الله چانڊيو رول نمبر 116
آرٽيڪل

There should be paragraphing
پاڪستان ۾ مادري ٻولين جي موجوده صورتحال


فطرت جي وسيع ۽ وشال دنيا ۾ هر مخلوق پنهنجي جذبات۽ خيالن  جو اظهار مخصوص آوازن ذريعي ڪري ٿي. جنهن لاءِ خلق ڪائنات جي مخلوق کي مخصوص ٻوليون ٿين ٿيون.جن ۾ قومي ٻوليون،علائقائي ٻوليون ۽ مادري ٻوليون شامل آهن. مادري زبان ماءُ جي ٻوليءَ کي چيو ويندو آهي جيڪا ٻار پنهنجي گھر ۾ سکي ۽ ڳالهائي ٿو، ۽ پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ سماجي چرپر کي سمجھي ٿو. ان ڪري جتي قومي ۽ علائقائي زبانن جي اهميت آهي اتي مادري زبان مکيه حيثيت رکي ٿي.اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ پنج صوبا آهن جن ۾ هر صوبي جي پنهنجي پنهنجي  صوبائي،علائقائي ۽ مادري زبان آهي .جهڙوڪ سنڌي،پنجابي،پشتو،بلوچي ۽ سرائڪي زبانون آهن جن ۾ هرهڪ ٻوليءَ جو پنهنجو شاعر آهي جيئن سنڌي جو شاه عبداللطيف،پنجابي جو وارث شاھ يا بلي شاھ، سرائڪي جو غلام فريد،پشتو جو خوشحال خان خٽڪ،بلوچي جو نصير گل خان هي سڀ شاعر ۽ اديب لسانيات جا ماهر آهن جن پنهنجي ٻولين جا گرامر ٺاهي انهن کي ترقي ڏياري ان ڪري انهن صوبائي ٻولين جي اهميت ۽ ادب کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. پر صدمي جي ڳاله اها آهي ته پاڪستان ۾ موجود مادري زبانن لاءِ خطرا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن ۽ اهي مادري ٻوليون پنهنجن ئي صوبن۽ علائقن مان غائب ٿينديون ٿيون وڃن ۽انگريزي ،اردوزبانن کي فروغ مليل آهي جيڪي سرڪاري دفترن توڙي اسڪولن،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڳالهايون ۽ پڙهايون وڃن ٿيون جنهن ڪري مادري زبانن جي اهميت ڏينهون ڏينهن گهٽجندي خطرناڪ موڙ تي پهچندي پئي وڃي .ايتري قدر جو نرسري کان ئي مادري ٻولين کي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ اڻ اعلانيل طور نيڪالي ڏني وئي آهي بلخصوص سنڌ ۾ سنڌي جھڙي شاهڪار ٻولي کي به خانگي اسڪولن مان ڄڻ نيڪالي ڏني وئي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ اهڙا تعليمي ادارا ڪراچي کان وٺي ڪينجھر تائين موجود آهن، جن ۾ سنڌي زبان نه صرف سيکارڻ تي پابندي آهي پر انهن اسڪولن ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي به پابندي پيل آهي.حالانڪ سنڌ اسيمبلي جي 1972ع جي ٺهراءُ مطابق سنڌي لازمي پڙهائڻ قرار ڏنل آهي، پر ان تي ڪو به عمل نه ٿو ڪيو وڃي. جنهن ڪري اها صورتحال ڏکوئيندڙ آهي.انگريزي يا اردو زبانن جي اهميت کان ڪنهن حد تائين انڪار ناهي مگر صوبائي ٻولين کان انڪار هرگز نه ٿو ڪري سگهجي. ڳچ عرصي کان وٺي صوبن جو اهو مطالبو رهيو آهي ته  سندن ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏئي انهن جو تحفظ ڪيو وڃي جيڪو مطالبو قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي آڏو به ٿيندو رهيو آهي پر اسٽيڊنگ ڪاميٽي ان مطالبي کي هميشه نظر انداز ڪندي ان مطالبي کي قومي تشخص خلاف سمجھندي رهي آهي جيڪو عمل صوبائي ٻولين توڙي ملڪ ۾ رهندڙ قومن سان  سراسر زيادتي تي مبني آهي. ڇاڪاڻ ته پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ ڪيترين ئي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو حاصل آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي به شامل آهي. پر اتي ڪو  به ملڪي تشخص لاءِ ٻوليون خطرو ناهن بڻيون.مادري ٻولين کي اهميت نه ڏيڻ سان احساس محرومي جنم وٺي ٿي ۽ ملڪ ۾ رهندڙ عوام پنهنجي مادري زبانن ۾ لکڻ پڙهڻ کان محروم رهي ٿو ته ان سان هڪ اهم نقصان ٿئي ٿو ڇو ته بنسبت ٻين ٻولين جي پنهنجي مادري زبان سان دنيا جي علم کي پڙهڻ ۾  سمجھڻ آسان ٿئي ٿو ان ڪري ٻولين جي بنياد تي پيدا ٿيل مونجھارن کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ شامل قومن جي تاريخي ٻولين جي اهميت کي سمجهندي قومي ٻولي جو درجو ڏئي، دفترن ۽ تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ ۽ سيکارڻ لازمي قرار ڏنو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ شامل صوبن جي عوام جي ٻولي ۽ لولي نه صرف قائم رهي سگھي، پر هو علم کي پنهنجي زبانن ۾ سمجھي ملڪي ترقي ۾ پنهنجون سموريون صلاحيتون چڱي نموني ڪتب آڻي سگھن. 

Tuesday, 19 January 2016

Referred back Profile of Ghulam Mustafa Ananani

پروفائيل
غلام مصطفي انناڻي
سگهڙ /سماجي ڪارڪن

سٻاجھڙي سنڌ اهڙن انيڪ ڪردارن سان سرشار رهي آهي جن  پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت زندگي گذاري انسانيت جي خدمت ڪئي آهي  تاريخ ۾ اهي ئي ماڻهو عظيم هوندا آهن جيڪي انفرادي مفاد کان اجتمائي مفاد کي ترجيح ڏيندا آهن اتر سنڌ جي پٺ تي پيل علائقي وارهه سان واسطو رکندڙ سماجي ڪارڪن ۽ سگھڙ غلام مصطفي انناڻي المعروف “کاهوڙي“پڻ هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن  زندگي جو 40 بهارون سماجي خدمت ۾ گذاريون آهن.
  غلام مصطفي انناڻي 9 نومبر 1955ع ۾ وارهه ڀرسان ڳوٺ سائين رکيو چانڊيو ۾ جنم ورتو هن سنڌي جا 5 درجا پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ئي پاس ڪيا ۽ وڌيڪ پڙهي نه سگهيو هو ننڍڙو ئي هيو ته سندس والد وفات ڪري ويو 1970ع جي ڏهاڪي ۾ سندس ڏيٺ،ويٺ وارهه جي نامياري حڪيم ۽ هاري اڳواڻ ڊاڪٽر قاضي غفار سان ٿي جنهن جي اثر هيٺ هن هارين جي حقن لاء ٿيندڙ جدوجهد ۾ حصو ورتو پوءِ هن پنهنجي زندگي ئي سماجي خدمت ۽ مصيبت جي ماريل ماڻهن جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي.1980ع جي ڏهاڪي ۾ سندس ڏيٺ ويٺ سگھڙ جمو نوحاڻي سان ٿي جنهن بعد هي سگھڙ ڪچهرين ۾ وڃڻ لڳو جنهن ڪري سندس سڃاڻپ لاڙڪاڻي ڊويزن تائين ٿي وئي جنهن ڪري سندس  واسطو سنڌ جي تقريبن صوفي بزرگن،فنڪارن،سگھڙن سان آهي ۽ هو  سڄو سال پوري سنڌ ۾ ٿيندڙ ملهه ملاکڙن،ميلن ۽ سگھڙ ڪچهرين ۾ شريڪ ٿئي ٿو.  پنهنجي طبعيت ۾ صوفياڻو مزاج رکندڙ غلام مصطفي کي لطيف سميت ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري پڻ ياد آهي جن جي هو چڱي نموني تشريع پڻ ڪري ٿو هو هڪ سماجي ڪارڪن آهي جنهن زندگي جو ڳچ عرصو سماجي خدمت ۾ گذاريو آهي.وارهه تعلقي جي جابلو پٽي ۾ اتان جي رهاڪن سان پاڻي جو مسئلو هجي يا ڪو ماڻهو بيمار ٿئي ٿو ته هي پاڻي لاءِ احتجاج ۽ مريضن لاءِ علاج جي ڪوشش ڪري ٿو خاص ڪري جابلو علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو جن جي شهر ۽ اسپتالن ۾ ڏيٺ ويٺ نه ٿي هجي انهن کي لاڙڪاڻي کان ويندي ڪراچي جي جناح اسپتال تائين علاج لاءِ کڻي انهن جي مدد ڪري ٿو مسلسل سماجي خدمتون ڏيڻ سبب جتي کيس ڳوٺن ۽ شهر جا ماڻهو سڃاڻين ٿا اتي کيس وڏا ڊاڪٽر ۽ اسپتالن جو عملو به سڃاڻي ٿو ان سان گڏوگڏ هي جنهن علائقي ۾ رهي ٿو اهو علائقو قبيلائي تڪرارن جو مسلسل شڪار رهيو آهي ان لاءِ غلام مصطفي انناڻي جھيڙيندڙ ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلا وٺي ڪيترائي مسئلا حل ڪرائي ٿو هن سماجي سفر ۾  ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ تي هو جيل جي ياترا به ڪري چڪو آهي،هو سگهڙ ڪچهرين ۾ ڪينجهر کان ڪارونجھر تائين وڃي چڪو آهي ۽ تقريبن سڄي زندگي مسافري ۾ هلندي گذاري اٿس  هو اڄ به هڪ هاري طور پنهنجي  سڃاڻپ رکي ٿو.

زندگي جي ان سفر ۾ هن نه صرف ڏاڍ وارن جي ڏنل تڪليفن کي منهن ڏنو آهي پر غربت جو پڻ مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪٿي به همت نه هاري اٿائين سندس چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڪيل سماجي خدمتن ۽ گذاري آيل زندگيءَ مان مڪمل مطئمن آهي سندس خواهش آهي ته اسان جي سماج مان ظلم ۽ اڻبرابري جو خاتمو ٿئي جيڪو هو پنهنجي اکين سان ڏسي سندس اولاد جو چوڻ آهي ته سندن والد جي سماجي خدمتن سبب اسان کي غريبن ۽ بي سهارا ماڻهن جون محبتون ۽ دعائون ملن ٿيون کين پنهنجي والد تي فخر آهي  غلام مصطفي انناڻي تعليم جي لاءِ پڻ جدوجھد ڪري ۽ بند پيل اسڪول کولايا آهن هو جڏهن به ڪو عوامي مسئلو ڏسي ٿو ته آفيسن ۾ شڪايتون ڪرڻ سان گڏوگڏ احتجاج پڻ ڪري ٿو مطلب ته سندس ڳچ زندگي پريس ڪلبن اڳيان احتجاجن ۽ سگھڙ ڪچهرين ۾ گذريو آهي سندس اهم خاصيت اها به آهي ته هو عوام ۾ غير تڪراري شخصيت آهي سندس پيغام آهي ته سڀ ماڻهو محبت ۽ ڀائيچاري سان رهن ۽ ڪوڙ جو مقابلو ڪن  

Intro is too traditional make it unique
پروفائيل
غلام مصطفي انناڻي
سگهڙ /سماجي ڪارڪن
 نجيب
سون ورني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جڏهن اسان جاچي ڏسنداسين ته ڪيئي ماڻڪ موتي ڪردار ڏسڻ وٽان ملندا جن پنهنجو نمايا ڪردار نڀائي سماج جي خدمت ڪئي آهي اهڙو ئي سماجي ڪردار قمبر ضلعي جي شهر وارهه۾ جيڪو چئني طرفن کان جاگيرداري نظام ۾ جڪڙيل رهيو آهي،ان ۾ غلام مصطفي انناڻي به آهي جنهن کي اڪثر ماڻهو ڪامريڊ مصطفي جي نالي سان ڄاڻين سڃاڻين ٿا.
غلام مصطفي انناڻي 9 نومبر 1955ع ۾ وارهه ڀرسان ڳوٺ سائين رکيو چانڊيو ۾ جنم ورتو هن سنڌي جا 5 درجا پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ئي پاس ڪيا ۽ وڌيڪ پڙهي نه سگهيو هو ننڍڙو ئي هيو ته سندس والد وفات ڪري ويو 1970ع جي ڏهاڪي ۾ سندس ڏيٺ،ويٺ وارهه جي نامياري حڪيم ۽ هاري اڳواڻ ڊاڪٽر قاضي غفار سان ٿي جنهن جي اثر هيٺ هن هارين جي حقن لاء ٿيندڙ جدوجهد ۾ حصو ورتو پوءِ هن پنهنجي زندگي ئي سماجي خدمت ۽ مصيبت جي ماريل ماڻهن جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي.1980ع جي ڏهاڪي ۾ سندس ڏيٺ ويٺ سگھڙ جمو نوحاڻي سان ٿي جنهن بعد هي سگھڙ ڪچهرين ۾ وڃڻ لڳو جنهن ڪري سندس سڃاڻپ لاڙڪاڻي ڊويزن تائين ٿي وئي جنهن ڪري سندس  واسطو سنڌ جي تقريبن صوفي بزرگن،فنڪارن،سگھڙن سان آهي ۽ هو  سڄو سال پوري سنڌ ۾ ٿيندڙ ملهه ملاکڙن،ميلن ۽ سگھڙ ڪچهرين ۾ شريڪ ٿئي ٿو.  پنهنجي طبعيت ۾ صوفياڻو مزاج رکندڙ غلام مصطفي کي لطيف سميت ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري پڻ ياد آهي جن جي هو چڱي نموني تشريع پڻ ڪري ٿو هو هڪ سماجي ڪارڪن آهي جنهن زندگي جون 40 بهارون ٻين جي ڪم اچڻ ۾ گذاريون آهن.وارهه تعلقي جي جابلو پٽي ۾ اتان جي رهاڪن سان پاڻي جو مسئلو هجي يا ڪو ماڻهو بيمار ٿئي ٿو ته هي پاڻي لاءِ احتجاج ۽ مريضن لاءِ علاج جي ڪوشش ڪري ٿو خاص ڪري جابلو علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو جن جي شهر ۽ اسپتالن ۾ ڏيٺ ويٺ نه ٿي هجي انهن کي لاڙڪاڻي کان ويندي ڪراچي جي جناح اسپتال تائين علاج لاءِ کڻي انهن جي مدد ڪري ٿو مسلسل سماجي خدمتون ڏيڻ سبب جتي کيس ڳوٺن ۽ شهر جا ماڻهو سڃاڻين ٿا اتي کيس وڏا ڊاڪٽر ۽ اسپتالن جو عملو به سڃاڻي ٿو ان سان گڏوگڏ هي جنهن علائقي ۾ رهي ٿو اهو علائقو قبيلائي تڪرارن جو مسلسل شڪار رهيو آهي ان لاءِ غلام مصطفي انناڻي جھيڙيندڙ ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلا وٺي ڪيترائي مسئلا حل ڪرائي ٿو هن سماجي سفر ۾  ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ تي هو جيل جي ياترا به ڪري چڪو آهي غلام مصطفي انناڻي کي سندس ڪيل خدمتن ۽ سماجي ڪمن سبب “کاهوڙي “جي نالي سان پڻ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو هو سگهڙ ڪچهرين ۾ ڪينجهر کان ڪارونجھر تائين وڃي چڪو آهي ۽ تقريبن سڄي زندگي مسافري ۾ هلندي گذاري آهي هو اڄ به هڪ هاري طور پڻ سڃاڻپ رکي ٿو.

زندگي جي ان سفر ۾ هن نه صرف ڏاڊ وارن جي ڏنل تڪليفن کي منهن ڏنو آهي پر غربت جو پڻ مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪٿي به همت نه هاري اٿائين سندس چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڪيل سماجي خدمتن ۽ گذاري آيل زندگيءَ مان مڪمل مطئمن آهي سندس خواهش آهي ته اسان جي سماج مان ظلم ۽ اڻبرابري جو خاتمو ٿئي جيڪو هو پنهنجي اکين سان ڏسي سندس اولاد جو چوڻ آهي ته سندن والد جي سماجي خدمتن سبب اسان کي غريبن ۽ بي سهارا ماڻهن جون محبتون ۽ دعائون پڻ ملن ٿيون غلام مصطفي انناڻي تعليم جي لاءِ پڻ جدوجھد ڪري ۽ بند پيل اسڪول کولايا آهن هو جڏهن به ڪو عوامي مسئلو ڏسي ٿو ته آفيسن ۾ شڪايتون ڪرڻ سان گڏوگڏ احتجاج پڻ ڪري ٿو مطلب ته سندس ڳچ زندگي پريس ڪلبن اڳيان احتجاجن ۽ سگھڙ ڪچهرين ۾ گذريو آهي سندس اهم خاصيت اها به آهي ته هو عوام ۾ غير تڪراري شخصيت آهي سندس پيغام آهي ته سڀ ماڻهو محبت ۽ ڀائيچاري سان رهن ۽ ڪوڙ جو مقابلو ڪن