Friday, 29 January 2016

Status of mother toungues in pakistan


 نجيب الله چانڊيو رول نمبر 116
آرٽيڪل

There should be paragraphing
پاڪستان ۾ مادري ٻولين جي موجوده صورتحال


فطرت جي وسيع ۽ وشال دنيا ۾ هر مخلوق پنهنجي جذبات۽ خيالن  جو اظهار مخصوص آوازن ذريعي ڪري ٿي. جنهن لاءِ خلق ڪائنات جي مخلوق کي مخصوص ٻوليون ٿين ٿيون.جن ۾ قومي ٻوليون،علائقائي ٻوليون ۽ مادري ٻوليون شامل آهن. مادري زبان ماءُ جي ٻوليءَ کي چيو ويندو آهي جيڪا ٻار پنهنجي گھر ۾ سکي ۽ ڳالهائي ٿو، ۽ پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ سماجي چرپر کي سمجھي ٿو. ان ڪري جتي قومي ۽ علائقائي زبانن جي اهميت آهي اتي مادري زبان مکيه حيثيت رکي ٿي.اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ پنج صوبا آهن جن ۾ هر صوبي جي پنهنجي پنهنجي  صوبائي،علائقائي ۽ مادري زبان آهي .جهڙوڪ سنڌي،پنجابي،پشتو،بلوچي ۽ سرائڪي زبانون آهن جن ۾ هرهڪ ٻوليءَ جو پنهنجو شاعر آهي جيئن سنڌي جو شاه عبداللطيف،پنجابي جو وارث شاھ يا بلي شاھ، سرائڪي جو غلام فريد،پشتو جو خوشحال خان خٽڪ،بلوچي جو نصير گل خان هي سڀ شاعر ۽ اديب لسانيات جا ماهر آهن جن پنهنجي ٻولين جا گرامر ٺاهي انهن کي ترقي ڏياري ان ڪري انهن صوبائي ٻولين جي اهميت ۽ ادب کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. پر صدمي جي ڳاله اها آهي ته پاڪستان ۾ موجود مادري زبانن لاءِ خطرا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن ۽ اهي مادري ٻوليون پنهنجن ئي صوبن۽ علائقن مان غائب ٿينديون ٿيون وڃن ۽انگريزي ،اردوزبانن کي فروغ مليل آهي جيڪي سرڪاري دفترن توڙي اسڪولن،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڳالهايون ۽ پڙهايون وڃن ٿيون جنهن ڪري مادري زبانن جي اهميت ڏينهون ڏينهن گهٽجندي خطرناڪ موڙ تي پهچندي پئي وڃي .ايتري قدر جو نرسري کان ئي مادري ٻولين کي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ اڻ اعلانيل طور نيڪالي ڏني وئي آهي بلخصوص سنڌ ۾ سنڌي جھڙي شاهڪار ٻولي کي به خانگي اسڪولن مان ڄڻ نيڪالي ڏني وئي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ اهڙا تعليمي ادارا ڪراچي کان وٺي ڪينجھر تائين موجود آهن، جن ۾ سنڌي زبان نه صرف سيکارڻ تي پابندي آهي پر انهن اسڪولن ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي به پابندي پيل آهي.حالانڪ سنڌ اسيمبلي جي 1972ع جي ٺهراءُ مطابق سنڌي لازمي پڙهائڻ قرار ڏنل آهي، پر ان تي ڪو به عمل نه ٿو ڪيو وڃي. جنهن ڪري اها صورتحال ڏکوئيندڙ آهي.انگريزي يا اردو زبانن جي اهميت کان ڪنهن حد تائين انڪار ناهي مگر صوبائي ٻولين کان انڪار هرگز نه ٿو ڪري سگهجي. ڳچ عرصي کان وٺي صوبن جو اهو مطالبو رهيو آهي ته  سندن ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏئي انهن جو تحفظ ڪيو وڃي جيڪو مطالبو قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي آڏو به ٿيندو رهيو آهي پر اسٽيڊنگ ڪاميٽي ان مطالبي کي هميشه نظر انداز ڪندي ان مطالبي کي قومي تشخص خلاف سمجھندي رهي آهي جيڪو عمل صوبائي ٻولين توڙي ملڪ ۾ رهندڙ قومن سان  سراسر زيادتي تي مبني آهي. ڇاڪاڻ ته پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ ڪيترين ئي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو حاصل آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي به شامل آهي. پر اتي ڪو  به ملڪي تشخص لاءِ ٻوليون خطرو ناهن بڻيون.مادري ٻولين کي اهميت نه ڏيڻ سان احساس محرومي جنم وٺي ٿي ۽ ملڪ ۾ رهندڙ عوام پنهنجي مادري زبانن ۾ لکڻ پڙهڻ کان محروم رهي ٿو ته ان سان هڪ اهم نقصان ٿئي ٿو ڇو ته بنسبت ٻين ٻولين جي پنهنجي مادري زبان سان دنيا جي علم کي پڙهڻ ۾  سمجھڻ آسان ٿئي ٿو ان ڪري ٻولين جي بنياد تي پيدا ٿيل مونجھارن کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ شامل قومن جي تاريخي ٻولين جي اهميت کي سمجهندي قومي ٻولي جو درجو ڏئي، دفترن ۽ تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ ۽ سيکارڻ لازمي قرار ڏنو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ شامل صوبن جي عوام جي ٻولي ۽ لولي نه صرف قائم رهي سگھي، پر هو علم کي پنهنجي زبانن ۾ سمجھي ملڪي ترقي ۾ پنهنجون سموريون صلاحيتون چڱي نموني ڪتب آڻي سگھن. 

No comments:

Post a Comment