فيچر نجيب چانڊيو رول نمبر 116
شاخ جي ڪپ تي اچانڪ هوٽل
هونئن ته هر علائقي ۾ هوٽل چپي چپي
تي موجود هوندا آهن،پر ڪي هوٽل اهڙا به هجن ٿا جيڪي بنسبت ٻين هوٽلن جي وڌيڪ مشهور
۽ اهميت لائق هجن ٿا اهڙن مشهور علائقائي هوٽلن ۾ وارھ شهر جو “اچانڪ “ هوٽل به هڪ
آهي جيڪو هڪ منفرد هوٽل آهي هي هوٽل شاخ جي ڪپ تي قائم آهي جتي صاف سٿرو ماحول هجڻ
سان گڏوگڏ بهترين چانھ ۽ عمده کاڌن جو بندوبست پڻ هجي ٿو اهو ئي سبب آهي جو پرھ ڦٽي پرڀات جڏهن رات جي اونداهيءَ کان موڪلائي ٿي ته شهر جا اڪثر
ماڻهو ٻيا هوٽل ڇڏي چانھ جون سرڪيون ڀرڻ لاءِ هتي پهچي وڃن ٿا جنهن ڪري هن هوٽل
تمام ٿورڙي عرصي ۾ آس پاس مشهوري ماڻي ورتي آهي ان حوالي سان
هتي ايندڙ ويندڙ اڪثر ماڻهن جو چوڻ
آهي ته وچ شهر ۾ هوندڙ هوٽلن تي شور هجي ٿو جنهن ڪري ماڻهو بيزار ٿيو وڃي پر هي
اچانڪ هوٽل جيئن ته شهر ۽ بازار کان ٿوري مفاصلي ۽ شاخ جي ڪپ تي قائم آهي جتي خاموشي وارو پرسڪون
ماحول جڙيل هجي ٿو جنهن ڪري هتي اچڻ سان ذهيني سڪون ۽ روح کي راحت ملي ٿي.جڏهن شام
جو سج لامون لهي ٿو ته اچانڪ هوٽل وٽ گرمين جي موسم ۾ هوادار ماحول هجي ٿو جنهن جو
سبب کليل ماحول آهي هوٽل جي ارد گرد وڻڪاري ٿيل آهي جنهن ڪري هوا صاف هجي ٿي ان سان گڏوگڏ بهترين ۽ تازي چانھ پڻ ملي ٿي ٻن
منزلن تي قائم هن اچانڪ هوٽل تي بهترين فرنيچر جو به بندوبست ٿيل آهي جن ۾ بهترين ڪرسيون،سندل،خوبصورت ثقافتي
کٽون ۽ تول وهاڻا شامل آهن جيڪي هڪ خوبصورت منظر جو ڏيک ڏين ٿا ۽ ثقافتي رنگ ڏسڻ
وٽان ملي ٿو هتي چانھ لاءِ بهترين قسم جو کير خريد ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته هوٽل ۾ ڪم
ڪندڙ مزدور پڻ پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکن ٿا جن جي مزدوري ٻين هوٽلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڻ
آهي هن هوٽل نه صرف علائقي واسين کي تفريح جوڳو سازگار ماحول بخشيو آهي پر ڪيترن
ئي بيروزگار ماڻهن کي با روزگار به بڻايو آهي ان سان گڏوگڏ عمدن کاڌن جو بندوبست
پڻ هر وقت هجي ٿو جنهن ڪري اڪثر ماڻهو پنهنجي دوستن ۽ احبابن کي شوق سان دعوت
طورهتي وٺي اچن ٿا شهر جا اڪثر پڙهيا لکيا اهي نوجوان جيڪي هوٽل تي اچڻ کان لنوائيندا آهن اهي
به شام جي ٽائيم تي ٽولن جي صورت ۾ هن
هوٽل تي اچن ٿا جنهن جو سبب هتي جو پر سڪون ماحول جو هجڻ آهي هن هوٽل ۾ ٽي وي حال
الڳ آهي جتي اڪثر ڪرڪيٽ ۽ خبرون هلن ٿيون
جنهن ڪري مختلف ملڪن جون ٿيندڙ ڪرڪيٽ ميئچون توڙي ملڪي خبرون ڏسڻ بڌڻ جي سهولت موجود آهي ان
کان علاوه بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ وڏي جنريٽر جو بندوبست به آهي جنهن ڪري هتي ايندڙ
ماڻهن کي گرمي جو منهن ڏسڻو ڪو نه ٿو پوي ۽ هو سڪون ۾ هجن ٿا
ان حوالي سان هوٽل مالڪ سيٺ ارشادعلي مرزاڻي جو چوڻ آهي ته اچانڪ هوٽل تمام ٿورڙي ئي عرصي ۾ آس پاس مشهور ٿي ويو آهي جنهن جواهم سبب بهترين ماحول جو هجڻ آهي هو ٻڌائي ٿو ته گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان نڪري پر سڪون ماحول ۾ اچڻ لاءِ ماڻهو اسان جي هوٽل تي اچي ويهن ٿا جتي کين سٺي ذائقي دار چانھ ۽ عمده کاڌا ملن ٿا هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسان خالص کير وٺون ٿا جنهن ۾ ڪا به ملاوٽ نه آهي جنهن ڪري گراهڪن کي ڪنهن به شڪايت جو موقعو نه ٿو ملي.اچانڪ هوٽل جي هڪ خاصيت اها به آهي ته ايتريون ساريون سهولتون هجڻ جي باوجود هر شيءِ جو اگھ مناسب آهي ۽ اچانڪ هوٽل سڄي شهر واسين لاءِ تفريح جو مرڪزبڻيل آهي.

No comments:
Post a Comment