پروفائيل
غلام مصطفي انناڻي
سگهڙ /سماجي ڪارڪن
سٻاجھڙي
سنڌ اهڙن انيڪ ڪردارن سان سرشار رهي آهي جن
پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت زندگي گذاري انسانيت جي خدمت ڪئي آهي تاريخ ۾ اهي ئي ماڻهو عظيم هوندا آهن جيڪي
انفرادي مفاد کان اجتمائي مفاد کي ترجيح ڏيندا آهن اتر سنڌ جي پٺ تي پيل علائقي
وارهه سان واسطو رکندڙ سماجي ڪارڪن ۽ سگھڙ غلام مصطفي انناڻي المعروف “کاهوڙي“پڻ
هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن زندگي جو 40
بهارون سماجي خدمت ۾ گذاريون آهن.
غلام مصطفي انناڻي 9 نومبر 1955ع ۾ وارهه ڀرسان
ڳوٺ سائين رکيو چانڊيو ۾ جنم ورتو هن سنڌي جا 5 درجا پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ئي پاس
ڪيا ۽ وڌيڪ پڙهي نه سگهيو هو ننڍڙو ئي هيو ته سندس والد وفات ڪري ويو 1970ع جي
ڏهاڪي ۾ سندس ڏيٺ،ويٺ وارهه جي نامياري حڪيم ۽ هاري اڳواڻ ڊاڪٽر قاضي غفار سان ٿي
جنهن جي اثر هيٺ هن هارين جي حقن لاء ٿيندڙ جدوجهد ۾ حصو ورتو پوءِ هن پنهنجي
زندگي ئي سماجي خدمت ۽ مصيبت جي ماريل ماڻهن جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي.1980ع جي
ڏهاڪي ۾ سندس ڏيٺ ويٺ سگھڙ جمو نوحاڻي سان ٿي جنهن بعد هي سگھڙ ڪچهرين ۾ وڃڻ لڳو
جنهن ڪري سندس سڃاڻپ لاڙڪاڻي ڊويزن تائين ٿي وئي جنهن ڪري سندس واسطو سنڌ جي تقريبن صوفي بزرگن،فنڪارن،سگھڙن
سان آهي ۽ هو سڄو سال پوري سنڌ ۾ ٿيندڙ
ملهه ملاکڙن،ميلن ۽ سگھڙ ڪچهرين ۾ شريڪ ٿئي ٿو.
پنهنجي طبعيت ۾ صوفياڻو مزاج رکندڙ غلام مصطفي کي لطيف سميت ڪيترن ئي شاعرن
جي شاعري پڻ ياد آهي جن جي هو چڱي نموني تشريع پڻ ڪري ٿو هو هڪ سماجي ڪارڪن آهي جنهن
زندگي جو ڳچ عرصو سماجي خدمت ۾ گذاريو آهي.وارهه تعلقي جي جابلو پٽي ۾ اتان جي
رهاڪن سان پاڻي جو مسئلو هجي يا ڪو ماڻهو بيمار ٿئي ٿو ته هي پاڻي لاءِ احتجاج ۽
مريضن لاءِ علاج جي ڪوشش ڪري ٿو خاص ڪري جابلو علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو جن جي شهر ۽
اسپتالن ۾ ڏيٺ ويٺ نه ٿي هجي انهن کي لاڙڪاڻي کان ويندي ڪراچي جي جناح اسپتال
تائين علاج لاءِ کڻي انهن جي مدد ڪري ٿو مسلسل سماجي خدمتون ڏيڻ سبب جتي کيس ڳوٺن
۽ شهر جا ماڻهو سڃاڻين ٿا اتي کيس وڏا ڊاڪٽر ۽ اسپتالن جو عملو به سڃاڻي ٿو ان سان
گڏوگڏ هي جنهن علائقي ۾ رهي ٿو اهو علائقو قبيلائي تڪرارن جو مسلسل شڪار رهيو آهي
ان لاءِ غلام مصطفي انناڻي جھيڙيندڙ ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلا وٺي ڪيترائي مسئلا حل
ڪرائي ٿو هن سماجي سفر ۾ ناانصافين خلاف
آواز اٿارڻ تي هو جيل جي ياترا به ڪري چڪو آهي،هو سگهڙ ڪچهرين ۾ ڪينجهر کان
ڪارونجھر تائين وڃي چڪو آهي ۽ تقريبن سڄي زندگي مسافري ۾ هلندي گذاري اٿس هو اڄ به هڪ هاري طور پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿو.
زندگي
جي ان سفر ۾ هن نه صرف ڏاڍ وارن جي ڏنل تڪليفن کي منهن ڏنو آهي پر غربت جو پڻ
مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪٿي به همت نه هاري اٿائين سندس چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڪيل سماجي
خدمتن ۽ گذاري آيل زندگيءَ مان مڪمل مطئمن آهي سندس خواهش آهي ته اسان جي سماج مان
ظلم ۽ اڻبرابري جو خاتمو ٿئي جيڪو هو پنهنجي اکين سان ڏسي سندس اولاد جو چوڻ آهي
ته سندن والد جي سماجي خدمتن سبب اسان کي غريبن ۽ بي سهارا ماڻهن جون محبتون ۽
دعائون ملن ٿيون کين پنهنجي والد تي فخر آهي غلام مصطفي انناڻي تعليم جي لاءِ پڻ جدوجھد ڪري
۽ بند پيل اسڪول کولايا آهن هو جڏهن به ڪو عوامي مسئلو ڏسي ٿو ته آفيسن ۾ شڪايتون
ڪرڻ سان گڏوگڏ احتجاج پڻ ڪري ٿو مطلب ته سندس ڳچ زندگي پريس ڪلبن اڳيان احتجاجن ۽
سگھڙ ڪچهرين ۾ گذريو آهي سندس اهم خاصيت اها به آهي ته هو عوام ۾ غير تڪراري شخصيت
آهي سندس پيغام آهي ته سڀ ماڻهو محبت ۽ ڀائيچاري سان رهن ۽ ڪوڙ جو مقابلو ڪن
Intro is too traditional make it unique
پروفائيل
غلام مصطفي انناڻي
سگهڙ /سماجي ڪارڪن
سون
ورني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جڏهن اسان جاچي ڏسنداسين ته ڪيئي ماڻڪ موتي ڪردار ڏسڻ وٽان
ملندا جن پنهنجو نمايا ڪردار نڀائي سماج جي خدمت ڪئي آهي اهڙو ئي سماجي ڪردار قمبر
ضلعي جي شهر وارهه۾ جيڪو چئني طرفن کان جاگيرداري نظام ۾ جڪڙيل رهيو آهي،ان ۾ غلام
مصطفي انناڻي به آهي جنهن کي اڪثر ماڻهو ڪامريڊ مصطفي جي نالي سان ڄاڻين سڃاڻين
ٿا.
غلام
مصطفي انناڻي 9 نومبر 1955ع ۾ وارهه ڀرسان ڳوٺ سائين رکيو چانڊيو ۾ جنم ورتو هن
سنڌي جا 5 درجا پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ئي پاس ڪيا ۽ وڌيڪ پڙهي نه سگهيو هو ننڍڙو
ئي هيو ته سندس والد وفات ڪري ويو 1970ع جي ڏهاڪي ۾ سندس ڏيٺ،ويٺ وارهه جي نامياري
حڪيم ۽ هاري اڳواڻ ڊاڪٽر قاضي غفار سان ٿي جنهن جي اثر هيٺ هن هارين جي حقن لاء
ٿيندڙ جدوجهد ۾ حصو ورتو پوءِ هن پنهنجي زندگي ئي سماجي خدمت ۽ مصيبت جي ماريل ماڻهن
جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي.1980ع جي ڏهاڪي ۾ سندس ڏيٺ ويٺ سگھڙ جمو نوحاڻي سان ٿي
جنهن بعد هي سگھڙ ڪچهرين ۾ وڃڻ لڳو جنهن ڪري سندس سڃاڻپ لاڙڪاڻي ڊويزن تائين ٿي
وئي جنهن ڪري سندس واسطو سنڌ جي تقريبن
صوفي بزرگن،فنڪارن،سگھڙن سان آهي ۽ هو سڄو
سال پوري سنڌ ۾ ٿيندڙ ملهه ملاکڙن،ميلن ۽ سگھڙ ڪچهرين ۾ شريڪ ٿئي ٿو. پنهنجي طبعيت ۾ صوفياڻو مزاج رکندڙ غلام مصطفي
کي لطيف سميت ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري پڻ ياد آهي جن جي هو چڱي نموني تشريع پڻ ڪري
ٿو هو هڪ سماجي ڪارڪن آهي جنهن زندگي جون 40 بهارون ٻين جي ڪم اچڻ ۾ گذاريون آهن.وارهه
تعلقي جي جابلو پٽي ۾ اتان جي رهاڪن سان پاڻي جو مسئلو هجي يا ڪو ماڻهو بيمار ٿئي
ٿو ته هي پاڻي لاءِ احتجاج ۽ مريضن لاءِ علاج جي ڪوشش ڪري ٿو خاص ڪري جابلو علائقي
۾ رهندڙ ماڻهو جن جي شهر ۽ اسپتالن ۾ ڏيٺ ويٺ نه ٿي هجي انهن کي لاڙڪاڻي کان ويندي
ڪراچي جي جناح اسپتال تائين علاج لاءِ کڻي انهن جي مدد ڪري ٿو مسلسل سماجي خدمتون
ڏيڻ سبب جتي کيس ڳوٺن ۽ شهر جا ماڻهو سڃاڻين ٿا اتي کيس وڏا ڊاڪٽر ۽ اسپتالن جو
عملو به سڃاڻي ٿو ان سان گڏوگڏ هي جنهن علائقي ۾ رهي ٿو اهو علائقو قبيلائي تڪرارن
جو مسلسل شڪار رهيو آهي ان لاءِ غلام مصطفي انناڻي جھيڙيندڙ ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلا
وٺي ڪيترائي مسئلا حل ڪرائي ٿو هن سماجي سفر ۾
ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ تي هو جيل جي ياترا به ڪري چڪو آهي غلام مصطفي
انناڻي کي سندس ڪيل خدمتن ۽ سماجي ڪمن سبب “کاهوڙي “جي نالي سان پڻ ڄاتو ۽ سڃاتو
وڃي ٿو هو سگهڙ ڪچهرين ۾ ڪينجهر کان ڪارونجھر تائين وڃي چڪو آهي ۽ تقريبن سڄي
زندگي مسافري ۾ هلندي گذاري آهي هو اڄ به هڪ هاري طور پڻ سڃاڻپ رکي ٿو.
زندگي
جي ان سفر ۾ هن نه صرف ڏاڊ وارن جي ڏنل تڪليفن کي منهن ڏنو آهي پر غربت جو پڻ
مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪٿي به همت نه هاري اٿائين سندس چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڪيل سماجي
خدمتن ۽ گذاري آيل زندگيءَ مان مڪمل مطئمن آهي سندس خواهش آهي ته اسان جي سماج مان
ظلم ۽ اڻبرابري جو خاتمو ٿئي جيڪو هو پنهنجي اکين سان ڏسي سندس اولاد جو چوڻ آهي
ته سندن والد جي سماجي خدمتن سبب اسان کي غريبن ۽ بي سهارا ماڻهن جون محبتون ۽
دعائون پڻ ملن ٿيون غلام مصطفي انناڻي تعليم جي لاءِ پڻ جدوجھد ڪري ۽ بند پيل
اسڪول کولايا آهن هو جڏهن به ڪو عوامي مسئلو ڏسي ٿو ته آفيسن ۾ شڪايتون ڪرڻ سان
گڏوگڏ احتجاج پڻ ڪري ٿو مطلب ته سندس ڳچ زندگي پريس ڪلبن اڳيان احتجاجن ۽ سگھڙ
ڪچهرين ۾ گذريو آهي سندس اهم خاصيت اها به آهي ته هو عوام ۾ غير تڪراري شخصيت آهي
سندس پيغام آهي ته سڀ ماڻهو محبت ۽ ڀائيچاري سان رهن ۽ ڪوڙ جو مقابلو ڪن
No comments:
Post a Comment