Showing posts with label خالد شيخ. Show all posts
Showing posts with label خالد شيخ. Show all posts

Monday, 8 February 2016

Interview with Akram Kamboh

Poor

Final Interview By Khalid Shaikh

محمد اڪرم ڪمبوه ( وڪيل هاءِ ڪورٽ)


 
محمد اڪرم ڪمبوه والد محمد نظير ڪمبوه
 1981 ع ۾  ڳوٺ وڪڙو تعلقي ڏوڪري
 ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس
 پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ ئي وٺڻ کان پوءِ
هن   بي اي شاه عبدالطيف يونيورسٽي
 مان ڪئي ۽ ان کانپوءِ ايم .اي، ايل. ايل. بي
  بينظير ڀٽو لا ڪاليج  لاڻڪاڻي مان ڪئي
 پاڻ ڏهن سالن کان هڪ وڪيل جي حيثيت
 سان پنهنجا ڪم سر انجام ڏئي رهيو آهيا .

Re-formulate this question and anwer
سوال: اوهان کي هڪ وڪيل طور ڪم ڪندي ڪيترو وقت ٿيو آهي ۽ ان وقت کان وٺي هن مهل تائين اوهان وٽ اندازن ڪيترا ڪيس آيا آهن ؟
جواب: مونکي بطور وقالت ڪندي ڏه سال ٿيا آهن  2005 ع ۾ مون ڇه مهينا پريڪٽس ۾ رهڻ کانپوءِ باقائدي وڪالت جو آغاز ڪيو  جنهن ۾ اندازن مون وٽ هزار تائين ڪيس آيا آهن جنهن م ٽي سئو ڪرمنلس جيڪي مڊرس ۾ ملوث هوندا آهن اهي پنج سئو کان مٿي  شادي جا ڪيس ۽ ٻيا سول ڪيس آهن جيڪي مون وڙهيا آهن ۽ انهن ۾ ستر سيڪڙو ڪيس مون کٽيا آهن.

سوال: سنڌ ۾ خاص ڪري ڳوٺن ۾ جيڪو پوليس جو ڪم رهيو آهي ان کي هڪ وڪيل جي حيثيت سان اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: اسان جي ٻهراڙي واري علائقن ۾ عام طور ڪرائيم پوليس جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. هڪ ڳوٺ جو عام ماڻهون جنهن کي پنهنجي حقن جي تحفظ جي ڪا خبر نه آهي ان کي پوليس هروڀرو پريشان ڪري جرم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي . خدا نه خواستا اگر جي ملڪ ۾ عدالتون ۽ وڪيل نه هجن ها ته پوليس عوام کي ڪچو کائي وڃي ها اگر پوليس ملڪ ۾ ڪنهن کان ڊڄي ٿي ته اها عدالتن ۽ وڪيلن کان ئي ڊڄي ٿي

سوال: پوري پاڪستان ۾ ڪيس سالن جا سال هلي نٿا سگهن ان سڀ جو ذميوار ڪير آهي؟
جواب: پهرين ته ائين ٿيندو ناهي ته ڪو به ڪيس سالن جا سال نه هلي ڪيس تمام گهڻا هلندا آهن ۽ هلن به پيا پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجه مسئلن جي ڪري جهڙوڪ ملڪ ۾ هڙتالون وڪيلن جو بائڪاٽ يا ڪنهن ٻين مسئلن جي ڪري ڪيس ڪجه وقت لاءِ رڪجي سگهن ٿا ٻيو ته ڪورٽ جو پروسيجر ڏاڍو سِلو به آهي جنهن ۾ ڪيس کي داخل ڪرائڻ ثبوت وغيره گڏ ڪرڻ شاهدن کي وٺي اچڻ مطلب ٿورو ڊگهو پراسس ضرور آهي.

سوال: پاڪستان م ايتري تعداد ۾ فورسز هجڻ جي باوجود به ڪرائيم گهٽ ڇو نٿو  ٿئي سگهي؟
جواب: انهن سڀنن جو هڪ مسئلو آهي رشوت يا ياري نڀائڻ توهان  هڪ ننڍو مثال پوليس جو ئي وٺو ته هڪ پوليس ڪانسٽيبل جي ارڙه کان ويه هزار پگهار آهي. هڪ ماڻهون جي گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ميمبر آهن ته اهو ارڙهن هزارن مان ڇا ڪندو ظاهري ڳاله آهي ته ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ رشوت وٺندو ۽ رشوت وٺڻ کانپوءِ ڪرائيم پاڻ ئي شروع ٿئي ويندو . ٿيڻ ائين کپي ته حڪومت انهن تي ايترو پيڪيج ڏئي جو اهي رشوت نه وٺن ۽ جڏهن رشوت گهٽ ٿيندي ته ڪرائيم پاڻ ئي ختم ٿي ويندو.

سوال: اوهان پنهنجي ڪم لاءِ وڪالت کي ئي ڇو چونڊيو؟
جواب: جڏهن مان بي اي ۾ داخلا ورتي ته ڪاليج تقريبن بند رهندو هيو ۽ مان سڄو ڏينهن واندڪائي ۾ گذاريندو هيم هڪ ڏينهن منهنجو دوست ذولفقار ڪمبوه آيو ۽ مونکي صلاح ڏني ته هرو ڀرو واندي ويهڻ کان بهتر اٿئي ته ڪجه لا جا ڪتاب پڙه ۽ بي اي کانپوءِ ايم . اي ، ايل ايل بي ۾  ڪر جڏهن مان ڪتاب پڙهيا ته مونکي ڏاڍو مزو آيو ۽ دل ۾ وڪيل ٿيڻ جو خواب جاڳي پيو.

سوال: اوهان موجوده لا جو ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟
جواب: محمدن لا ، اسلامڪ لا  پي . پي . سي جهڙا ڪتاب پڙهي رهيو آهيا.

سوال: هڪ لا جي شاگرد کي پنهنجي تعليم دوران ڪهڙي قسم جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو؟
جواب: مشڪلاتون زندگي جي هر سفر ۾ هونديو آهن ۽ انهن مشڪلاتن کان سواءِ اگر ڪو سفر هجي ته اهو سفر نه چئبو هڪ لا جي شاگرد کي پنهنجي سينئر جي ذير ماتحت ڪم ڪرڻ ۾ ڪجه مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون ڇو جو ان وقت ڪم تمام گهڻو هوندو آهي ۽ ايز جونيئر  دير دير تائين ڪم ڪرڻو پوي ٿو.

سوال: هڪ وڪيل دٻاءَ واري حالت ۾ ڪم ڪيئن ڪري ٿو؟
جواب: منهنجي اندازن مطابق ته نارمل ٿئي ڪري ئي ڪندو آهي مان پنهنجو هڪ ننڍڙو واقعو ٻدايا ٿو ته مون ڪجه سال اڳ هڪ خون جو ڪيس پئي وڙهيو جيڪو اسان جي حق ۾ اچڻ جا تمام گهڻا چانسس هئا ته مونکي ڏوهارين طرفان پهريون ته لالچ آفر ڪئي وئي ۽ جڏهن مون قبول نه پئي ڪيو ته مونکي موت مار ڌمڪيون ڏنيون ويو پر پوءِ به مون اهو ڪيس وڙهيو ۽ کٽيو  ۽ اڄ به مان ماشاالله اوهان جي سامهون صحيح سالامت آهيان.

سوال: اوهان پنهنجي زندگي ۾ ڪا غلطي ڪئي هجي ان جو پڇتاءُ اڃا تائين هجي؟
جواب: ها انسان خطا جو گهر آهي ۽ خطا انسان ئي ڪندو آهي مون پنهنجي زندگي ۾ غلطيون ته تمام گهڻيون ڪيون آهن پر هڪ غلطي مونکان اڃا تائين ناهي وسرندي هڪ دفعو اسان جي ڳوٺ ۾ ڪجه ماڻهن سان ڪنهن ڳاله تان مسئلو ٿيو ۽ مون انهن کي ڊاريڪٽ ڪورٽ م ڇڪرايو حالانڪ مونکي ائين نه ڪرڻ کپي ها  انهن سان ويهي ڳوٺ جي هڪ ميمبر وانگر ڳاله ٻوله ڪرڻ کپي ها ۽ پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪرڻ کپي ها.

سوال: اوهان شاگردن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
جواب:  شاگرد قوم جو سرمايو  ۽ روشن مستقبل جي هڪ اميد هوندا آهن اهو وقت تمام گهڻو خوبصورت ۽ تيزي سان گزرندو آهي مان شاگردن کي ائين چوڻ چاهيندس ته اوهان پنهنجي دوستن سان به ڀلي ملو گهمو پر پڙهو محنت ڪيو پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪيو.


خالد حسين شيخ
2k14/MC/154

                                

Wednesday, 20 January 2016

Profile of Tariq Abro

Profile by Khalid Hussain Shaikh

طارق ابڙو

                                       
طارق ابڙو نو مارچ 1973ع ڳوٺ پيارو واهڻ
 تعلقو ڏوڪري  ضلعو لاڙڪاڻو ۾ ڄائو.
 پنهنجي بنيادي تعليم گورنمينٽ حيدربخش
جتوئي هاءِ اسڪول ڏوڪري ۾ ورتي ننڍ
 پڻ کان ئي آرٽ جو شوق هوندو هيس
 پاڻ ننڍي هوندي کان ئي آرٽ سان دلچسپي
رکندي ننڍ پڻ جو هڪ واقعو  ٻدايو ته آئو جڏهن
هاءِ اسڪول ويندڳ هيس ته اسڪول ۾ هڪ ٻه
 ڪلاس وٺڻ کان پوءِ ڪلاس مان نڪري يا
 ته ڪلاس جي ڇت تي يا ڪنهن اڪيلائي واري
 جاءِ تي وڃي ڪري پنهنجي نوٽ بوڪ تي پينٽنگ
 ڪندو هيم ۽ هميشه ٻي ڏينهن تي ڪلاس ۾ هوم
 ورڪ نه ڪرڻ جي سزا ملندي هئي ان وقت منهنجو
 بابا اسڪول جو هيڊ ماستر هئڻ جي ڪري سزا
 گهٽ ته ملندي هئي پر بابا ناراض رهوندو هيو ته آءُ پڙهان ڪون پيو پر پاڻ انهيءِ شوق کي هميشه ائين ئي جاري رکيو جيئن پيٽنگ جو شوق مان ڪاله کان اپنايو هجي ۽ پاڻ انهيءِ شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ  نيشنل ڪاليج  اف آرٽ لاهور  ۾ 1992 ع ۾ فائن آرٽ شعبي
۾ داخلا ورتي . نيشنل ڪاليج اف آرٽ ۾ پڙهندي هن ڪاليج جينز ڊرامو پڻ ٺآهيو جيڪو ڪاليج جي شاگردن سان لاڳاپيل هيو هن ڊرامي ۾ ڳوٺ کان آيل شاگردن کي۽ مختلف قسمن جي مسئلن کي ڏيکارڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هن پاڻ اداڪاري به ڪئي۽ انهيءِ ڊرامي جي  هدايتڪاري به ڏني جيڪو ڊرامو پي ٽي وي چينل تي تمام گهڻو مشهور ٿيو. طارق ابڙو 1997 ۾ فائن آرٽ جي ڊگري پوري ڪري وري نيشنل ڪاليج آف آرٽ ۾ گرافڪس ڊزائننگ شعبي ۾ داخلا ورتي ۽   ٽي سال ڊزائننگ جو ڪورس ڪيو جنهن تي تمام خاصو عبور حاصل ڪيو طارق ابڙي جو نالو لاهور ۾ گرافڪس ڊزائنر ۽ اداڪار طور مشهور ٿيو. هن لاهور ۾ اٺ سال ڊزائنر طور ڪم ڪيو هن جي بهترين ڪم جي ڪري  سال 2005 ۾ لاهور ۾ هڪ انٽرنيشنل اين جي اوز ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار هيومين ڊولپمينٽ ۾ ڊزائنر بڻيو ۽ اين جي اوز ۾ بهترين  ڪم ڪري ڪجه ايوارڊ به پنهنجي نالي ڪيا جنهن ۾ هڪ ايوارڊ ايئر آف بيسٽ ڊزائنر جو پڻ شامل آهي.
طارق ابڙو سال 2011  ۾ لاهور کان حيدرآباد شفٽ ٿيو ۽ ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار هيومين ڊولپمينٽ جو ڊاريڪٽر بڻيو  ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي آرٽ واري شعبي ۾ سينٽر اف ايڪسيلينس آف آرٽ اينڊ  ڊزائن ۾ وزيٽنگ ليڪچرر بڻيو.  جيڪو مهراڻ يونيورسٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي طارق ابڙي جينز ٽو جي شوٽنگ ٿائلينڊ ۾ ڪري آيو آهي جيڪا به جلد ئي منظر ٿي ايندو.
طارق ابڙِي  کي ان جا دوست سست ابڙي جي نالي سان سڏيندا آهن ڇو جو طارق ابڙو ڪو به ڪم  آهستي آهستي ڪندو آهي سندس دوستن موجب ڪم آهستي ڪندو آهي پر  هٿن  ۾ هڪ قدرتي ڏات اٿس سندس ٺهيل پينٽنگس تمام گهڻي مشهوري ماڻن ٿيون طارق ابڙي جون ائين ته تمام گهڻيون تصويرون ٺهيل آهن پر سندس هٿن جي ٺهيل نالي ٿري عورت  ڏاڍي مشهوري ماڻي. سندس پينٽنگس ۽ رنگن سان ايترو ته پيار ۽ جزبو اٿس جو سڃو سڃو ڏينهن پينٽنگ ڪندي ڪنهن به قسم جو ٿڪ محسوس ڪون ڪري ٿو  هي شخص هڪ ئي وقت پينٽنگ جو ڪم به ڪري ٿو ۽ پينٽنگ سان گڏوگڏ نوڪري به سرانجام ڏئي ٿو ان سان گڏوگڏ جڳهين جا نقشا ٺاهڻ ۽ نجي محفلن ۾ ڳائڻ به سندس هڪ خاص مشغولي آهي. ان کان علاوه طارق ابڙو حيدرآباد ۾ ڊراما پروڊڪشن هائوسنگ هلائي رهيو آهي.
طارق ابڙي جا ٺهيل گانا ۽ ڊراما ڪي ٽي اين ۽ ڪشش تي پڻ آيل آهن جنهن ۾ پاڻ هڪ  ڊاريڪٽر ۽ ڪمپوزر طور ڪم ڪيو آهي پاڻ ڏاڍي سادي طبيعت ۽ خوِش اخلاق ماڻهون آهي سندس اها خاص خوبي اٿس ته پرائي کي پنهنجو ڪرڻ جو هڪ خاص قسم جو جادو اٿس ۽ هو دنيا جي ڪنهن به موضوع تي ڄاڻ رکي ٿو.  تمام گهڻي ۽ خاصي معلومات رکي ٿو جنهن۾ ادب ، آرٽ ، سائنس ، مذهب ، ڪرنٽ افيئر فلسفو اچي وڃن ٿا جنهن جا تمام بهترين مثال ۽  حوالا ڏئي موضوع سمجهائي ٿو. طارق ابڙي جي رهائش  هن وقت ڄامشورو مهراڻ سوسائٽي ۾ آهي.   

خالد حسين شيخ

2k14/MC/154

Tuesday, 19 January 2016

Referred back Gurrr

Referred back again

Feature By Khalid Hussain Shaikh

ڪمند مان ٺهندڙڳڙ                               

پاڪستان هڪ ذريعي ملڪ آهي  پاڪستان جو ستر سيڪڙو عوام جو ڪاروهنوار زراعت سان ئي آهي هاري مختلف قسمن جو اناج اُپائن ٿا. جن ۾ ڪمند به ملڪي پيداوار جي حساب سان هڪ خاص اهميت رکي ٿو. ڪمند جي پيداوار ۾ پاڪستان سال ٻه هزار پندرهه  جي انگن اکرن موجب دنيا جو ڇهون نمبر وڏو ملڪ آهي پاڪستان ۾ خاص ڪري صوبي سنڌ ۾ ڪمند جي سٺي پيداوار ٿئي ٿي جنهن ۾ ضلعو بدين ،نوبشاه، شڪارپور، گهوٽڪي دادو  ۾ پوکيو وڃي ٿو
ڪمند جون به ڪجه جنسون ٿينديون آهن جن ۾ ڳڙالو ڪمند جنهن جو رنگ ڳاڙه سرو ڳنڍيري يا کاڄرو ڪمند جنهن جو رنگ سائو ۽ سائيز ۾ ٿلهو به ٿئي ٿو جيڪو عام طور تي شهرن ۾ کاڌو ۽ رس يعني جوس طور استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ان کان علاوه ڪمند جون ٻيون به ڪجه جنسون ٿين ٿيون.
ڳڙالو ڪمند جيڪو ڳڙ ، کنڊ ، مصري ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ لاءِ ڪم آندو ويندو آهي ڳڙالو ڪمند جي اٺ کان نوَ مهينن جي سار سنڀال کانپوءِ واڍي وارو عمل شروع ڪيو ويندو آهي واڍي جو عملو زمين تي پوکيل ڪمند ۽ واڍي جي تيزي واري حساب سان ڪرايو ويندو آهي.
ڪمند جي واڍي دوران هاري هڪ مشين زمين ۾ هڻندا آهن جنهن کي چيڙو يا چيڇڙو چيو ويندو آهي. اهو چيڙو ڪمند مان ڪڍندڙ رس واري مشين جهڙوهوندو آهي ۽ ان چيڙي ۾ ڏه کان پندرهن فٽن جي هڪ لٺ يا لوهي   سيک ملائي ڪري ان سان اُٺُ ، ڏاند يا گهوڙو جوٽيو ويندو آهي. پر تقريبن اُٺُ ، ڏاند ۽ گهوڙو ڏهه کان ٻارنهه سال اڳ جوٽيو ويندو هيو  هاڻي ان جانور جي جڳه جديد موٽر مشين والاري آهي ڇو جو جديد مشينري جي ذريعي ماڻهون وقت بچائڻ سان گڏوگڏ گهڻو فائدو پڻ حاصل ڪن ٿا  پر ان سڄي عمل کي شروع ڪرڻ کان پهريان ان چيري تي ڪمند جو هڪ وڏو ڍير جمع ڪيو ويندو آهي ۽ ان جانور يا مشين شروع ٿيڻ کانپوءِان ڪمند جي ڍير مان ٻه ماڻهون ان چيڙي ۾ ڪمند وجهندا آهن ڪمند مان نڪرندڙ رس هڪ پائيپ جي ذريعي هڪ تئي ۾ جمع ٿيندي آهي ۽ اتان پوءِ هڪ ٻئي تئي يعني باه تي چاڙهيل تئي ۾ وڍي ويندي آهي اها باه جنهن تي ڪمند جي رس سان ڀريل تئي چاڙهي ويندي آهي اها ان ئي ڪچري يعني ڪمند جي کل مان ٻاري ويندي آهي جيڪا چيڙي مان ڪمند جي رس نڪرڻ کانپوءِ خالي فوڳ واري صورت اختيار ڪندي آهي.
ان باه تي ٻه يا ٽي ڪلاڪ  ٻه سئو سينٽيگرٽ جي باه سان اها ڪمند مان نڪتل رس ڪجه ڪيميڪلن ذريعي هڪ چاش يعني گھاٽي رس واري صورت ۾ بدلائي ويندي آهي ان کانپوءِ ان چاش کي  ٽيهه کان چاليهه منٽن بعد ڪاٺ جي  هڪ پاٽ ۾ان چاش کي لاٿو ويندو آهي ان پاٽ ۾ لاهڻ کانپوءِ چار کان پنج ماڻهن جو عملو ڪجه اوزارن سان گڏائڻ جو عمل شروعس ڪندا آهن جيڪو اندازن ٻه ڪلاڪ جاري هوندو آهي ان کانپوء ِاها چاش کير جي ڏهي واري صورت اختيار  ڪري وٺندي آهي  جنهن کي ڪم ڪندڙ هاري هٿن ۾ کڻي ان کي ڪڻڪ جي اٽي مان ٺهيل چاڻن واري صورت ۾ آڻيندا آهن پر اڃ ڪلهه ان سڀ جي جاءِ هڪ مشين والاري آهي اُهو سڄو ڪم مشينري پئي ڪري ان سڄي عمل کان پوءِ ڳڙ کي  ٻه يا ٽي ڏينهن اُس ۾ سڪائڻ کان پوءِ  مارڪيٽ ۾ ڳڙُ آندو ويندو آهي. جيئن ته ڳڙ جا مختلف ڏهه قسم ٿين ٿا جنهن ۾ اڇو ۽ ڪارو ڳڙ عام آهن ماڻهون پنهنجي کاڌي وارين شين ۾ اڇي ڳڙ کي تمام گهڻي ترجيح ڏين ٿا ڇو جو ڪاري ڳڙ جي ڀيٽ ۾ ان جو ذائقو تمام بهتر ٿئي ٿو ڪارو ڳڙ عام ڪري دوائن ٺاهڻ يا جانورن جي علاج لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي سنڌ ۾ سڀ کان گهڻي مقدار ۾ گڙ جي پيداوار ضلعي بدين ۾ ٿئي ٿي ضلعي بدين ۾ گڙ سڄي سنڌ  ۽ پاڪستان ۾ وڪڻيو  وڃي ٿو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گڙ واپارين جي ذريعي پهنچايو ويندو آهي جنهن ۾ واپاري مختلف ٽرانسپورٽ جهڙوڪ  ٽرڪ ، مزدا ، بس ۽ ٻين گاڏين ذريعي پهچائن ٿا ۽ ننڍا واپاري چنگچي رڪشا گڏه گاڏن ذريعي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين گڙ پهچائيندا آهن سنڌ جي سکر شهر ۾ گڙ جو هڪ بهترين مارڪيٽ آهي جٿي سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جو گڙ آڻي کپايو ويندو آهي   


خالد حسين شيخ                   

     2k14/Mc/154