Profile by Khalid Hussain Shaikh
طارق ابڙو
طارق ابڙو نو مارچ 1973ع ڳوٺ پيارو واهڻ
پنهنجي بنيادي
تعليم گورنمينٽ حيدربخش
جتوئي هاءِ اسڪول ڏوڪري ۾ ورتي ننڍ
پڻ کان ئي آرٽ جو
شوق هوندو هيس
پاڻ ننڍي هوندي کان ئي آرٽ سان
دلچسپي
رکندي ننڍ پڻ جو هڪ واقعو ٻدايو ته آئو جڏهن
هاءِ اسڪول ويندڳ هيس ته اسڪول ۾ هڪ ٻه
ڪلاس وٺڻ کان پوءِ
ڪلاس مان نڪري يا
ته ڪلاس جي ڇت تي
يا ڪنهن اڪيلائي واري
جاءِ تي وڃي ڪري
پنهنجي نوٽ بوڪ تي پينٽنگ
ڪندو هيم ۽ هميشه
ٻي ڏينهن تي ڪلاس ۾ هوم
ورڪ نه ڪرڻ جي سزا
ملندي هئي ان وقت منهنجو
بابا اسڪول جو هيڊ
ماستر هئڻ جي ڪري سزا
گهٽ ته ملندي هئي
پر بابا ناراض رهوندو هيو ته آءُ پڙهان ڪون پيو پر پاڻ انهيءِ شوق کي هميشه ائين
ئي جاري رکيو جيئن پيٽنگ جو شوق مان ڪاله کان اپنايو هجي ۽ پاڻ انهيءِ شوق کي پورو
ڪرڻ لاءِ نيشنل ڪاليج اف آرٽ لاهور ۾ 1992 ع ۾ فائن آرٽ شعبي
۾ داخلا ورتي . نيشنل ڪاليج اف آرٽ ۾ پڙهندي هن ڪاليج جينز ڊرامو
پڻ ٺآهيو جيڪو ڪاليج جي شاگردن سان لاڳاپيل هيو هن ڊرامي ۾ ڳوٺ کان آيل شاگردن کي۽
مختلف قسمن جي مسئلن کي ڏيکارڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هن پاڻ اداڪاري به
ڪئي۽ انهيءِ ڊرامي جي هدايتڪاري به ڏني
جيڪو ڊرامو پي ٽي وي چينل تي تمام گهڻو مشهور ٿيو. طارق ابڙو 1997 ۾ فائن آرٽ جي ڊگري پوري ڪري
وري نيشنل ڪاليج آف آرٽ ۾ گرافڪس ڊزائننگ شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ ٽي سال
ڊزائننگ جو ڪورس ڪيو جنهن تي تمام خاصو عبور حاصل ڪيو طارق ابڙي جو نالو لاهور ۾
گرافڪس ڊزائنر ۽ اداڪار طور مشهور ٿيو. هن لاهور
۾ اٺ سال ڊزائنر طور ڪم ڪيو هن جي بهترين ڪم جي ڪري سال 2005 ۾ لاهور ۾ هڪ انٽرنيشنل اين جي اوز
ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار هيومين ڊولپمينٽ ۾ ڊزائنر بڻيو ۽ اين جي اوز ۾ بهترين ڪم ڪري ڪجه ايوارڊ به پنهنجي نالي ڪيا جنهن ۾
هڪ ايوارڊ ايئر آف بيسٽ ڊزائنر جو پڻ شامل آهي.
طارق ابڙو سال 2011
۾ لاهور کان حيدرآباد شفٽ ٿيو ۽ ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار هيومين ڊولپمينٽ جو
ڊاريڪٽر بڻيو ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي آرٽ واري
شعبي ۾ سينٽر اف ايڪسيلينس آف آرٽ اينڊ ڊزائن
۾ وزيٽنگ ليڪچرر بڻيو. جيڪو مهراڻ
يونيورسٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي طارق ابڙي جينز ٽو جي شوٽنگ ٿائلينڊ ۾
ڪري آيو آهي جيڪا به جلد ئي منظر ٿي ايندو.
طارق ابڙِي کي ان
جا دوست سست ابڙي جي نالي سان سڏيندا آهن ڇو جو طارق ابڙو ڪو به ڪم آهستي آهستي ڪندو آهي سندس دوستن موجب ڪم آهستي
ڪندو آهي پر هٿن ۾ هڪ قدرتي ڏات اٿس سندس ٺهيل پينٽنگس تمام
گهڻي مشهوري ماڻن ٿيون طارق ابڙي جون ائين ته تمام گهڻيون تصويرون ٺهيل آهن پر
سندس هٿن جي ٺهيل نالي ٿري عورت ڏاڍي
مشهوري ماڻي. سندس پينٽنگس ۽ رنگن سان ايترو ته پيار ۽ جزبو اٿس جو سڃو سڃو ڏينهن
پينٽنگ ڪندي ڪنهن به قسم جو ٿڪ محسوس ڪون ڪري ٿو هي شخص هڪ ئي وقت پينٽنگ جو ڪم به ڪري ٿو ۽ پينٽنگ
سان گڏوگڏ نوڪري به سرانجام ڏئي ٿو ان سان گڏوگڏ جڳهين جا نقشا ٺاهڻ ۽ نجي محفلن ۾
ڳائڻ به سندس هڪ خاص مشغولي آهي. ان کان علاوه طارق ابڙو حيدرآباد ۾ ڊراما پروڊڪشن
هائوسنگ هلائي رهيو آهي.
طارق ابڙي جا ٺهيل گانا ۽ ڊراما ڪي ٽي اين ۽ ڪشش تي پڻ آيل
آهن جنهن ۾ پاڻ هڪ ڊاريڪٽر ۽ ڪمپوزر طور
ڪم ڪيو آهي پاڻ ڏاڍي سادي طبيعت ۽ خوِش اخلاق ماڻهون آهي سندس اها خاص خوبي اٿس ته
پرائي کي پنهنجو ڪرڻ جو هڪ خاص قسم جو جادو اٿس ۽ هو دنيا جي ڪنهن به موضوع تي ڄاڻ
رکي ٿو. تمام گهڻي ۽ خاصي معلومات رکي ٿو
جنهن۾ ادب ، آرٽ ، سائنس ، مذهب ، ڪرنٽ افيئر فلسفو اچي وڃن ٿا جنهن جا تمام
بهترين مثال ۽ حوالا ڏئي موضوع سمجهائي
ٿو. طارق ابڙي جي رهائش هن وقت ڄامشورو
مهراڻ سوسائٽي ۾ آهي.
خالد حسين شيخ
2k14/MC/154
No comments:
Post a Comment