Feature By Khalid Hussain Shaikh
ڪمند مان
ٺهندڙڳڙ
پاڪستان
هڪ ذريعي ملڪ آهي پاڪستان جو ستر سيڪڙو
عوام جو ڪاروهنوار زراعت سان ئي آهي هاري مختلف قسمن جو اناج اُپائن ٿا. جن ۾ ڪمند
به ملڪي پيداوار جي حساب سان هڪ خاص اهميت رکي ٿو. ڪمند جي پيداوار ۾ پاڪستان سال
ٻه هزار پندرهه جي انگن اکرن موجب دنيا جو
ڇهون نمبر وڏو ملڪ آهي پاڪستان ۾ خاص ڪري صوبي سنڌ ۾ ڪمند جي سٺي پيداوار ٿئي ٿي جنهن
۾ ضلعو بدين ،نوبشاه، شڪارپور، گهوٽڪي دادو ۾ پوکيو وڃي ٿو
ڪمند جون
به ڪجه جنسون ٿينديون آهن جن ۾ ڳڙالو ڪمند جنهن جو رنگ ڳاڙه سرو ڳنڍيري يا کاڄرو
ڪمند جنهن جو رنگ سائو ۽ سائيز ۾ ٿلهو به ٿئي ٿو جيڪو عام طور تي شهرن ۾ کاڌو ۽ رس
يعني جوس طور استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ان کان علاوه ڪمند جون ٻيون به ڪجه جنسون
ٿين ٿيون.
ڳڙالو
ڪمند جيڪو ڳڙ ، کنڊ ، مصري ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ لاءِ ڪم آندو ويندو آهي ڳڙالو ڪمند جي
اٺ کان نوَ مهينن جي سار سنڀال کانپوءِ واڍي وارو عمل شروع ڪيو ويندو آهي واڍي جو
عملو زمين تي پوکيل ڪمند ۽ واڍي جي تيزي واري حساب سان ڪرايو ويندو آهي.
ڪمند جي
واڍي دوران هاري هڪ مشين زمين ۾ هڻندا آهن جنهن کي چيڙو يا چيڇڙو چيو ويندو آهي.
اهو چيڙو ڪمند مان ڪڍندڙ رس واري مشين جهڙوهوندو آهي ۽ ان چيڙي ۾ ڏه کان پندرهن
فٽن جي هڪ لٺ يا لوهي سيک ملائي ڪري ان سان اُٺُ ، ڏاند يا گهوڙو
جوٽيو ويندو آهي. پر تقريبن اُٺُ ، ڏاند ۽ گهوڙو ڏهه کان ٻارنهه سال اڳ جوٽيو
ويندو هيو هاڻي ان جانور جي جڳه جديد موٽر
مشين والاري آهي ڇو جو جديد مشينري جي ذريعي ماڻهون وقت بچائڻ سان گڏوگڏ گهڻو
فائدو پڻ حاصل ڪن ٿا پر ان سڄي عمل کي
شروع ڪرڻ کان پهريان ان چيري تي ڪمند جو هڪ وڏو ڍير جمع ڪيو ويندو آهي ۽ ان جانور
يا مشين شروع ٿيڻ کانپوءِان ڪمند جي ڍير مان ٻه ماڻهون ان چيڙي ۾ ڪمند وجهندا آهن ڪمند
مان نڪرندڙ رس هڪ پائيپ جي ذريعي هڪ تئي ۾ جمع ٿيندي آهي ۽ اتان پوءِ هڪ ٻئي تئي
يعني باه تي چاڙهيل تئي ۾ وڍي ويندي آهي اها باه جنهن تي ڪمند جي رس سان ڀريل تئي چاڙهي
ويندي آهي اها ان ئي ڪچري يعني ڪمند جي کل مان ٻاري ويندي آهي جيڪا چيڙي مان ڪمند
جي رس نڪرڻ کانپوءِ خالي فوڳ واري صورت اختيار ڪندي آهي.
ان باه
تي ٻه يا ٽي ڪلاڪ ٻه سئو سينٽيگرٽ جي باه
سان اها ڪمند مان نڪتل رس ڪجه ڪيميڪلن ذريعي هڪ چاش يعني گھاٽي رس واري صورت ۾
بدلائي ويندي آهي ان کانپوءِ ان چاش کي ٽيهه
کان چاليهه منٽن بعد ڪاٺ جي هڪ پاٽ ۾ان
چاش کي لاٿو ويندو آهي ان پاٽ ۾ لاهڻ کانپوءِ چار کان پنج ماڻهن جو عملو ڪجه
اوزارن سان گڏائڻ جو عمل شروعس ڪندا آهن جيڪو اندازن ٻه ڪلاڪ جاري هوندو آهي ان
کانپوء ِاها چاش کير جي ڏهي واري صورت اختيار ڪري وٺندي آهي جنهن کي ڪم ڪندڙ هاري هٿن ۾ کڻي ان کي ڪڻڪ جي
اٽي مان ٺهيل چاڻن واري صورت ۾ آڻيندا آهن پر اڃ ڪلهه ان سڀ جي جاءِ هڪ مشين
والاري آهي اُهو سڄو ڪم مشينري پئي ڪري ان سڄي عمل کان پوءِ ڳڙ کي ٻه يا ٽي ڏينهن اُس ۾ سڪائڻ کان پوءِ مارڪيٽ ۾ ڳڙُ آندو ويندو آهي. جيئن ته ڳڙ جا
مختلف ڏهه قسم ٿين ٿا جنهن ۾ اڇو ۽ ڪارو ڳڙ عام آهن ماڻهون پنهنجي کاڌي وارين شين
۾ اڇي ڳڙ کي تمام گهڻي ترجيح ڏين ٿا ڇو جو ڪاري ڳڙ جي ڀيٽ ۾ ان جو ذائقو تمام بهتر
ٿئي ٿو ڪارو ڳڙ عام ڪري دوائن ٺاهڻ يا جانورن جي علاج لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو
آهي سنڌ ۾ سڀ کان گهڻي مقدار ۾ گڙ جي پيداوار ضلعي بدين ۾ ٿئي ٿي ضلعي بدين ۾ گڙ
سڄي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ وڪڻيو وڃي ٿو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گڙ واپارين جي
ذريعي پهنچايو ويندو آهي جنهن ۾ واپاري مختلف ٽرانسپورٽ جهڙوڪ ٽرڪ ، مزدا ، بس ۽ ٻين گاڏين ذريعي پهچائن ٿا ۽
ننڍا واپاري چنگچي رڪشا گڏه گاڏن ذريعي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين گڙ پهچائيندا آهن
سنڌ جي سکر شهر ۾ گڙ جو هڪ بهترين مارڪيٽ آهي جٿي سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جو گڙ آڻي کپايو
ويندو آهي
خالد
حسين شيخ
2k14/Mc/154
No comments:
Post a Comment