Final Interview By Khalid Shaikh
محمد اڪرم ڪمبوه ( وڪيل هاءِ ڪورٽ)
محمد اڪرم ڪمبوه والد محمد نظير ڪمبوه
1981 ع ۾ ڳوٺ وڪڙو تعلقي ڏوڪري
۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس
پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ ئي وٺڻ کان پوءِ
هن بي اي شاه عبدالطيف يونيورسٽي
مان ڪئي ۽ ان کانپوءِ ايم .اي، ايل. ايل. بي
بينظير ڀٽو لا ڪاليج لاڻڪاڻي مان ڪئي
پاڻ ڏهن سالن کان هڪ وڪيل جي حيثيت
سان پنهنجا ڪم سر انجام ڏئي رهيو آهيا .
Re-formulate this question and anwer
سوال: اوهان کي هڪ وڪيل طور ڪم ڪندي ڪيترو وقت ٿيو آهي ۽ ان وقت کان وٺي هن
مهل تائين اوهان وٽ اندازن ڪيترا ڪيس آيا آهن ؟
جواب: مونکي بطور وقالت ڪندي ڏه سال ٿيا آهن 2005 ع ۾ مون ڇه مهينا پريڪٽس ۾ رهڻ کانپوءِ باقائدي
وڪالت جو آغاز ڪيو جنهن ۾ اندازن مون وٽ
هزار تائين ڪيس آيا آهن جنهن م ٽي سئو ڪرمنلس جيڪي مڊرس ۾ ملوث هوندا آهن اهي پنج
سئو کان مٿي شادي جا ڪيس ۽ ٻيا سول ڪيس
آهن جيڪي مون وڙهيا آهن ۽ انهن ۾ ستر سيڪڙو ڪيس مون کٽيا آهن.
سوال: سنڌ ۾ خاص ڪري ڳوٺن ۾ جيڪو پوليس جو ڪم رهيو آهي ان کي هڪ وڪيل جي حيثيت
سان اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: اسان جي ٻهراڙي واري علائقن ۾ عام طور ڪرائيم پوليس جي ڪري پيدا ٿئي ٿو.
هڪ ڳوٺ جو عام ماڻهون جنهن کي پنهنجي حقن جي تحفظ جي ڪا خبر نه آهي ان کي پوليس
هروڀرو پريشان ڪري جرم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي . خدا نه خواستا اگر جي ملڪ ۾ عدالتون
۽ وڪيل نه هجن ها ته پوليس عوام کي ڪچو کائي وڃي ها اگر پوليس ملڪ ۾ ڪنهن کان ڊڄي ٿي
ته اها عدالتن ۽ وڪيلن کان ئي ڊڄي ٿي
سوال: پوري پاڪستان ۾ ڪيس سالن جا سال هلي نٿا سگهن ان سڀ جو ذميوار ڪير آهي؟
جواب: پهرين ته ائين ٿيندو ناهي ته ڪو به ڪيس سالن جا سال نه هلي ڪيس تمام
گهڻا هلندا آهن ۽ هلن به پيا پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجه مسئلن جي ڪري جهڙوڪ ملڪ ۾ هڙتالون
وڪيلن جو بائڪاٽ يا ڪنهن ٻين مسئلن جي ڪري ڪيس ڪجه وقت لاءِ رڪجي سگهن ٿا ٻيو ته
ڪورٽ جو پروسيجر ڏاڍو سِلو به آهي جنهن ۾ ڪيس کي داخل ڪرائڻ ثبوت وغيره گڏ ڪرڻ
شاهدن کي وٺي اچڻ مطلب ٿورو ڊگهو پراسس ضرور آهي.
سوال: پاڪستان م ايتري تعداد ۾ فورسز هجڻ جي باوجود به ڪرائيم گهٽ ڇو نٿو ٿئي سگهي؟
جواب: انهن سڀنن جو هڪ مسئلو آهي رشوت يا ياري نڀائڻ توهان هڪ ننڍو مثال پوليس جو ئي وٺو ته هڪ پوليس
ڪانسٽيبل جي ارڙه کان ويه هزار پگهار آهي. هڪ ماڻهون جي گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ميمبر
آهن ته اهو ارڙهن هزارن مان ڇا ڪندو ظاهري ڳاله آهي ته ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ
رشوت وٺندو ۽ رشوت وٺڻ کانپوءِ ڪرائيم پاڻ ئي شروع ٿئي ويندو . ٿيڻ ائين کپي ته
حڪومت انهن تي ايترو پيڪيج ڏئي جو اهي رشوت نه وٺن ۽ جڏهن رشوت گهٽ ٿيندي ته
ڪرائيم پاڻ ئي ختم ٿي ويندو.
سوال: اوهان پنهنجي ڪم لاءِ وڪالت کي ئي ڇو چونڊيو؟
جواب: جڏهن مان بي اي ۾ داخلا ورتي ته ڪاليج تقريبن بند رهندو هيو ۽ مان سڄو ڏينهن
واندڪائي ۾ گذاريندو هيم هڪ ڏينهن منهنجو دوست ذولفقار ڪمبوه آيو ۽ مونکي صلاح ڏني
ته هرو ڀرو واندي ويهڻ کان بهتر اٿئي ته ڪجه لا جا ڪتاب پڙه ۽ بي اي کانپوءِ ايم .
اي ، ايل ايل بي ۾ ڪر جڏهن مان ڪتاب پڙهيا
ته مونکي ڏاڍو مزو آيو ۽ دل ۾ وڪيل ٿيڻ جو خواب جاڳي پيو.
سوال: اوهان موجوده لا جو ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟
جواب: محمدن لا ، اسلامڪ لا پي . پي .
سي جهڙا ڪتاب پڙهي رهيو آهيا.
سوال: هڪ لا جي شاگرد کي پنهنجي تعليم دوران ڪهڙي قسم جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو
پوي ٿو؟
جواب: مشڪلاتون زندگي جي هر سفر ۾ هونديو آهن ۽ انهن مشڪلاتن کان سواءِ اگر ڪو
سفر هجي ته اهو سفر نه چئبو هڪ لا جي شاگرد کي پنهنجي سينئر جي ذير ماتحت ڪم ڪرڻ ۾
ڪجه مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون ڇو جو ان وقت ڪم تمام گهڻو هوندو آهي ۽ ايز جونيئر دير دير تائين ڪم ڪرڻو پوي ٿو.
سوال: هڪ وڪيل دٻاءَ واري حالت ۾ ڪم ڪيئن ڪري ٿو؟
جواب: منهنجي اندازن مطابق ته نارمل ٿئي ڪري ئي ڪندو آهي مان پنهنجو هڪ ننڍڙو
واقعو ٻدايا ٿو ته مون ڪجه سال اڳ هڪ خون جو ڪيس پئي وڙهيو جيڪو اسان جي حق ۾ اچڻ
جا تمام گهڻا چانسس هئا ته مونکي ڏوهارين طرفان پهريون ته لالچ آفر ڪئي وئي ۽ جڏهن
مون قبول نه پئي ڪيو ته مونکي موت مار ڌمڪيون ڏنيون ويو پر پوءِ به مون اهو ڪيس
وڙهيو ۽ کٽيو ۽ اڄ به مان ماشاالله اوهان
جي سامهون صحيح سالامت آهيان.
سوال: اوهان پنهنجي زندگي ۾ ڪا غلطي ڪئي هجي ان جو پڇتاءُ اڃا تائين هجي؟
جواب: ها انسان خطا جو گهر آهي ۽ خطا انسان ئي ڪندو آهي مون پنهنجي زندگي ۾
غلطيون ته تمام گهڻيون ڪيون آهن پر هڪ غلطي مونکان اڃا تائين ناهي وسرندي هڪ دفعو
اسان جي ڳوٺ ۾ ڪجه ماڻهن سان ڪنهن ڳاله تان مسئلو ٿيو ۽ مون انهن کي ڊاريڪٽ ڪورٽ م
ڇڪرايو حالانڪ مونکي ائين نه ڪرڻ کپي ها انهن سان ويهي ڳوٺ جي هڪ ميمبر وانگر ڳاله ٻوله
ڪرڻ کپي ها ۽ پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪرڻ کپي ها.
سوال: اوهان شاگردن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
جواب: شاگرد قوم جو سرمايو ۽ روشن مستقبل جي هڪ اميد هوندا آهن اهو وقت
تمام گهڻو خوبصورت ۽ تيزي سان گزرندو آهي مان شاگردن کي ائين چوڻ چاهيندس ته اوهان
پنهنجي دوستن سان به ڀلي ملو گهمو پر پڙهو محنت ڪيو پنهنجي والدين جو نالو روشن
ڪيو.
خالد حسين شيخ
2k14/MC/154
No comments:
Post a Comment