Showing posts with label راجيش ڪمار. Show all posts
Showing posts with label راجيش ڪمار. Show all posts

Monday, 21 March 2016

پنجابي شاعر عرفان ملڪ سان روح رهاڻ


پنجابي شاعر عرفان ملڪ سان  روح رهاڻ:
رپورٽ:
راجيش ڪمار اوڏ


                        خانـه بدوش رائيٽرس ڪيفي حيدآباد جتي اڪثر ڪري ادبي ثقافتي ، ڪچهريون ۽ پروگرام ٿيندا رهن ٿا، جنهن ۾ نـه صرف سنڌ جي اديبن ۽ ليکڪن سان ڪچهري ۽ روح رهاڻ ڪئي ويندي آهي پرسنڌ کان ٻاهر مخلتف صوبن توڙي ٻين ملڪن کان پڻ جيڪي اديب ، ليکڪ ايندا آهن انهن سان بـه روح رهاڻ ڪئي ويندي آهي ۽ اهي هتان جي ادبي چاهـه رکندڙ ماڻهوکي پنهنجي شاعري ۽ ادب جي باري ۾ آگاهـه ڪن ٿا ۽ خيالن ڏي وٺ ڪن ٿا . ائين ئي ڇنڇر جي سونهري شام ۾ خانـه بدوش رائيٽرس ڪيفي ”ميٽ دي آٿر“ جي عنوان هيٺ پروگرام ٿيو، جنهن ۾ خاص مهمان 80ع  جي ڏهاڪي جو کاٻي ڌر جو ڪامريڊ ۽ پنجابي فيمينسٽ شاعر عرفان ملڪ هو جنهن جا هن وقت تائين پنجابي ٻولي ۾ 5 ڪتاب ڇپجي چڪا آهي جنهن ۾ تازو ڪتاب ”دوجي عورت “ آهي.

                                   عرفان ملڪ جي خانـه بدوش ۾ آجيان سنڌي لکيڪا امر سنڌو سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍائيندي گلن جو دستو پيش ڪيو ۽ ميزباني عرفانـه ملاح ڪئي. جيڪڏهن اسان عرفان ملڪ جي شروع واري زندگي تي ٿوري نظر وجهنداسون تـه اها عام طور سوين ڪهاڻين سان ڀريل آهي پر جي ان جو ٿورو جائزو وٺنداسين تـه عرفان ملڪ نـه صرف پنجابي شاعر آهي پر ان سان گڏو گڏ اسٽوري رائيٽر ، ٿيٽر اداڪار ۽ ڊائريڪٽر پڻ آهي.  عرفان ملڪ لاهور ۾ اک کولي .

هن 80 ع واري ڏهاڪي ۾ پنهنجين ساٿين سان گڏجي هڪ تنظيم ٺاهي جنهن جي ڪري اهو وڌيڪ سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ سرگرم ٿيو جنهن بعد 1984ع ۾ سويڊن ملڪ ۽ ان کان پوءِ آمريڪا ويو  ۽ هاڻي هارورڊ يونيورسٽي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. عرفان ملڪ کي گهڻو ڪري عورتن جو شاعر چيو وڃي ٿو ڇو تـه هن پنهنجي شاعري ۾  گهڻو ڪري  عورتن جي نمائندگي ڪئي آهي. پروگرام جي ڪچهري ماضي جي سياسي يادون سان شروع ٿي. جڏهن ان وقت آمراڻو نظام هوندو هو. ان  دور جي باري ۾ ٻڌايو تـه ضياءَ جي دور مون سان گڏ سڀني سياسي ڪارڪنن جيڪي کاٻي ڌر ۾ هئا انهن ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏنو  جيئن اسان جي پارٽي ايتري ظاهر نـه هئي پر تنظيمي ڪم جي سلسلي ۾ اسان مخلتف صوبن جو سفر ڪيو جيڪو تمام سٺو ۽ علمي سفر رهيو. هن چيو تـه بنيادي طور تي  مان پنجابي شاعر نـه آهيان پر هڪ عام شاعر آهيان جيڪو پنجابي ۾ لکندو آهيان جيڪا شاعري ڪنهن شاعر مان متاثر ٿي نـه لکي بلڪه پنهنجي پاڻ لکي هن پروگرام دوران مختلف پنجابي شعر جيڪي پنهنجا لکيل هئا اهي پڙهي ٻڌايا، جنهن ۾ 

 ” ایک وارے جد اوہ  میرے بہت کولوں دے لنگھے
 تے میرا دل چاھیا میں اونھوں اپنے ھتھان نال چھوہ کے تے ویکھانں
 بن اوس گھڑی دیاں کرچیاں چندے چندے ،
 کنی جگ بیت گئے نیں۔“

                       اهڙا کوڙ سارا شعرجيڪي هن عورت جي ڪردار، محبت، هن جي عاشقي ، ۽ هن سماج ۾ عورت حيثت جي باري ۾ پنهنجن مختلف ڪتابن ۾ لکيا. جيئن ٻيا شاعر لکندا آهن.

هن پنهنجي ئي ڪتاب ”اکت“ ۾ لکيو آهي تـه ”شاعر هڪ واقعو آهي جيڪو شاعري سان پيش ايندو آهي“ هن چيو ته مون پنجابي شاعري ان ڪري ڪئي تـه جيئن ٻين ٻولين وانگي پنجابي شاعري پنجابي ٻولي ۾ ماڻهو پڙهن پر پنجابي ٻولي کي صرف گهرن تائين محدود ڪيو ويو آهي . ۽ اڃان بـه گهڻا ئي ماڻهون ڪتاب خريد ڪري نٿا پڙهڻ هن چيو تـه پنجاب جا ماڻهو اردو ٻولي کي گهڻي اهميت ڏين ٿا بجاءَ پنجابي جي  ۽ پنجاب ۾ اردو لکڻ جو رجحان انگريز دور کان پوءِ پيو پر سِک جيڪي پنجابي ڳالهائيندا آهن اهي پنهنجي اولادن کي اڄ ڏينهن تائين پنجابي پڙهائيندا آهن جيئن هڪ سک وير سنگهه پنجابي ۾ ڪتاب پڻ ڇپرايو.

                                 ان موقعي تي عرفان ملڪ جي 80ع ڏهاڪي جي ساٿي، نوجوان ڪامريڊ ۽ هِن وقت جو سينيئر صحافي سهيل سانگي چيو تـه مون عرفان ملڪ کي سياسي ورڪر طور ڏٺو هو پر اها هاڻي خبر پئي آهي تـه هوءَ شاعر ڪهاڻيڪار ۽ ٿيٽر رائيٽر پڻ آهي هن وڌيڪ چيو پنجاب ۾ سنڌ جيان ادبي تحريڪ سياسي سرگرمي ۾ تبديل ٿي نـه سگهيون  

ان موقعي تي هڪ ٻي ڪامريڊ ساٿي امداد چانڊيي ٻڌايو تـه ان دور ۾ پنجاب کي  سياسي طور ڪوفو سڏيو ويندو هو. ان دور ۾ عرفان ملڪ تمام سرگرم ۽ با ضمير اڳواڻ رهيو، ۽ ان موقعي تي کوري نوراني پڻ پنهنجي دور جون يادگيريون ونڊيون. هن پروگرام ۾ سنڌ جا مختلف شاعرن، صحافين، اديبن ۽ شاگردن توڙي مخلتف مڪتبـه نظر جا فردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ عرفان ملڪ کان سوال جواب بـه ڪيا.
۽ پروگرام جي پڄاڻي محفل موسيقي سان ٿي  جتي راڳي حنيف لاشاري پنهنجي سرن جي ورکا ڪئي.



Monday, 8 February 2016

Kirshan sweets of Umerkot

It is all praises. No critical angle. feature is always reporting based. U need quotes, and attribution. No compare contrast.


ڪرشن جي مٺائي
فيچر: راجيش ڪمار
رول نمبر: 78

سنڌ جي هر شهر جي هڪ پنهنجي الڳ سڃاڻپ آهي، اهو تاريخي جڳهـه جي ڪري هجي يا ڪنهن بزرگ ولي جي ڪري يا وري ڪو مختلف هنرن، کائڻ پيڻ جي شين جي ڪري، جيئن ميهڙ مهندي  جي ڪري مشهور آهي، تـه وري  شڪار پور اتان جي آچار جي ڪري ۽ سنڌڙي انبن جي ڪري، جيئن دادوگورک جي ڪري ڄامشورو تعليمي ادارن جي ڪري پوري ملڪ ۾ سڃاتا وڃن ٿا اهڙي طرح سنڌ جو تاريخي شهر عمر ڪوٽ بـه پنهنجي حيثيت پاڻ رکي ٿو، جيڪو امر ڪوٽ بـه سڏيو وڃي ٿو ۽ تاريخي طور خاص ڪري قلعي عمر مارئي جي قصي ۽ اڪبر بادشاه جي جنم ڀومي جي ڪري مشهور آهي، مگر ان سان گڏو گڏ هڪ ٻي شئ پڻ آهي جيڪو عمر ڪوٽ کي نـه صرف سنڌ توڙي پر پوري ملڪ ۽ ٻاهر مشهور ڪري ٿي. اها آهي  ڪرشن جي مٺائي.

 پنهنجي منفرد  ذائعقي جي ڪري  جيڪو پوري سنڌ ۾ تمام مشهور آهي.     ،         
جيئن نالي مان ظاهر آهي تـه هن مٺائي جو ٺاهيندڙ ڪرشن کتري آهي،  جيڪو ڪرشن حلوائي جي نالي پڻ سڃاتو وڃي ٿو ، ڇو جو ان جي مٺائي سان گڏ حلوو پڻ مشهور آهي، موجوده ڪرشن جو دڪان شاهي بازار عمر ڪوٽ شهر ۾ آهي، بقول هتي دڪان تي ڪم ڪندڙ پراڻي ڪاريگر سوائي مل مالهي ٻڌايو تـه ڪرشن مٺائي ٺهڻ جي شروعات 1980ع کان بـه اڳ هڪ ننڍي دڪان کان ڪئي، بعد ۾ مٺائي جو ڏينهون ڏينهن مقبوليت وڌندي وئي، هتان جي ماڻهون ۾ نـه پر پوري سنڌ توڙي ملڪ ۾، ۽ خاص ڪري حلوو جيڪو اڄ بـه تمام گهڻو مشهور آهي، جيڪو نِج گيهـه ۽ پستن مان ٺاهيو وڃي ٿو، سوائي مل مالهي وڌيڪ ٻڌايو تـه ائين تـه مارڪيٽ ۾ ٻيا دڪان هئا ۽ اڄ بـه آهن پر ماڻهون اڄ بـه هن مٺائي ۽ حلوي کي پسند ڪن ٿا، ڇاڪاڻ جو هن مٺائي جو هڪ منفرد ۽ الڳ ذائقو آهي، هن چيو تـه اسان جو حلوو سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف شهر ڏانهن تـه ماڻهون وٺي ويندا آهن پر ٻين ملڪن جيئن گهڻو ڪري انڊيـا ۾ بـه ويندو آهي، ۽ ڪافي ماڻهون شادي بارات سالگراهـه ۽ خاص ڪري ٻاهرين ملڪ تحفي تور موڪليندا آهن.  ۽ تقريبن روز مڻ کان مٿي هلي ويندو آهي، ۽ خاص ڪر ي هولي ديوالي ۽ عيد ۾ اتي رش وڌي ويندي آهي جو اسان ڏيندي پهچي نـه سگهندا آهيون، هن مٺائي جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو تـه اسان مٺائي نِج گيهـه سان گڏ صاف سٿرائي واري ماحول ۾ ٺاهيون ٿا، اهو ئي سبب آهي جو روز ڏيڍ مڻ کان مٿي مٺائي هلندي آهي.

ائين ئي جڏهن آئون دڪان تي موجود هئس اتي هڪ گراهڪ جنهن پنهنجو نالو امرت ٻڌايو پي تـه  اسان کي جڏهن بـه مٺائي وٺڻي هوندي آ، اسان هن دڪان تان وٺندا آهيون ڇو جو هڪ مناسب اگهـه سان گڏ  سٺي مٺائي ميلي وڃي ٿي، جيڪا کائيڻ ۾ بـه ذائقي دار ۽ بهترين هوندي آهي.
مٺائي ۽ حلوي جي مقبوليت جي ڪري گراهڪن کي مٺائي پوري نـه ٿيندي آهي انهي جي ڪري انهي مٺائي ۽ حلوي جا 3 
دڪان ٻيا  هلي رهيا آهن. جيڪي شهر جي مختلف جائين تي آهن ۽ گراهڪ اتي آساني سان اها مٺائي وٺي سگهن ٿا، ۽ انهن ٽنهي دڪانن کي مختلف ڀروسي وارا ماڻهون هلائين ٿا پر ان سان گڏو گڏ دڪانن جو مالڪ سيٺ ڪرشن پڻ ڪجهـه وقت هر دڪان کي ڏيندو آهي جئين ڪا شئي اڳتي پوئتي نـه ٿي وڃي، پر جڏهن حلوو ٺهندو آهي تـه اتي ڪرشن خود موجود هوندو آهي، جئين گراڪن جي پسند جو حلوو ٺهي سگهي. انهي ۾ ڪو بـه شڪ ناهي تـه مٺائي کي وڌيڪ منفرد بڻائي ( اهو بـه هڪ مناسب اگهه سان) ماڻهون ۾ وڌيڪ پسند ٿيندڙ ۾ سيٺ ڪرشن جي وڏي محنت ۽ جستجو آهي،

هو پاڻ چوي ٿو تـه مون مٺائي ٺاهڻ جي شروعات ۾ لالچ نـه ڪئي ۽ سٺي شيءَ مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ماڻهون کي شڪايت جو موقعو نـه ميلي.

انهي ۾ ڪو بـه شڪ ناهي تـه اڄ جيڪا ڪرشن سيٺ جي سڃاڻپ جڳ ۾ آهي اها انهي ئي مٺائي ۽ حلوه جي ڪري ئي آهي. 

Wednesday, 20 January 2016

Umerkot Public Library


تباهي جو شڪار عمر ڪوٽ جي پبلڪ لائبريري
آرٽيڪل:
راجيش ڪمار
2k14/mc/78
لائيبريري يا ڪتب خانو جيڪو تعليم جو روح سڏيو وڄي ٿو انسان جو عقل ڏاهپ گهڻو ڪري ڪتابن سان سلهاڙيل هوندو آهي اسڪولن ، ڪاليجن يان يونيورسٽي جو سينگار ڪتب خانا ئي هوندا آهن، نـه صرف سينگار پر انهن ڪاليجن ۽ يونورسٽين جي شاگردن لاءِ علم جو وڌارو آڻين ٿا، جئين هڪـه ڏاهي چيو تـه ”جڏهن بـه ڪنهن ملڪ تي حملو ٿيندو آهي تـه ان ملڪ جون لائبريريون ڏڪي ويندويون آهن، اهو ان ڪري تـه لائبريريون ڪنهن بـه قوم ۽ ملڪ جي علم اهڃاڻ هونديون آهن، ائين اسان جيڪڏهن مغربي ملڪن جي اعليٰ تعليمي ادارن توڙي ننڍن شهرن ۾ گهڻي ڀاڱي لائبريري ۽ ان جي ڪتابن جي هاڪ هوندي آهي، اسان جي ملڪ ۾ جيتري قدر ملٽي ميڊيا ترقي ڪئي آهي ايتري قدر شاگردن ڪتابي زوُق کي جاري رکيو آهي ڇاڪاڻ جو ڪتاب نـه صرف ڄاڻ فراهم ڪن ٿا پر ان سان گڏو گڏو دماغ کي سڪون وارو بڻائين ٿا، خاص ڪري غريب شاگردن لاءِ جيڪي ڪتاب خريد ڪري نٿا سگهن، ۽ انهن جي ترقي لاءِ جو هڪ تمام اهم ڪردار آهي، ۽ اسين جيڪڏهن تاريخ ۾ نظر وجهنداسون تـه اهي سڀ وڏا ماڻهون جيڪي پنهنجي زندگي ۾ گهڻو ڪري تعليمي ڪاميابيون ماڻيون اهي نـه صرف لائبريرين
۾ پڙهيا پر پنهنجون لائبريريون گهر ۾ ٺاهيون.
ائين ئي پاڪستان ۾ 1952ع ۾ جنرل مارشل ايوب جي دوُر ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ منظور ٿيندڙ پبلڪ لائبريريون ڪتب خانا وقت سر سارسنڀال نـه ٿيڻ جي ڪري تباهي ڏانهن وڃي رهيون آهن. ائين ئي سنڌ جو تاريخي شهر عمر ڪوٽ جنهن جي هڪ الڳ تاريخي سڃاڻپ آهي. پر افسوس سان هن جي حيثيت تاريخ طور رهي آهي، هن جديد تعليمي دُرر ۾ پوري عمر ڪوٽ شهر ۾ صرف هڪ لائبريري آهي، جنهن کي عمر ڪوٽ پبلڪ لائبريري چيو وڃي ٿو، جيڪا 70ع ۽ 80ع جي وچ واري ڏهاڪي ۾ تعمير ٿي. بعد ۾ 11 ڊسمبر 1985 ع ۾ ان وقت جي وڏي وزير سنڌ جسٽس ”ر“ غوث علي شاهـه نئي هنڌ نئي سر قائم ڪئي، جنهن جو مقصد هو تـه ان وقت جي پٺ تي پيل علائقي جي شاگردن ۽ هتان جي ادبي سياسي سماجي ماڻهون کي ڪتابي مطعالي سان ڳنڍيو وڃي، جئين هو تعليم سان سلهاڙيل هجڻ ڪري اڳتي وڌندا وڃن، پر جڏهن اسين اڄ هن تعليمي ۽ تاريخي شهر عمر ڪوٽ جي مين لائبريري تي هڪ نظر وجهنداسين تـه کنڊر ٿيندڙ منظر نظر ايندو آهي. ان کنڊر ٿيڻ جو سبب ڇا ليکي سگهجي
ٿو....!! انتطامـيه جي بي ڌياني يا بجيٽ جو نـه اچڻ ...!!! 
لائبريري جڏهن قائم ٿي تـه ان وقت مختلف قسمن جا ڪتاب جن جو تعداد 10 هزار کان وڌيڪ هيو، ۽ ان کان پوءِ بـه سياسي سماجي توڙي ادبي شخصيتيون پنهنجي طرفان هتي ڪتاب رکندا ويا مگر اهو عمل ڪافي وقت نـه هلي سگهيو، جڏهن هتي ڪتاب ۽ رسالا هوندا هئا تـه روزاني اندازي موجب 50 کان 60 شاگرد هروز اچي علمي اضافو ڪندا هئا،  گذريل ڪافي سالن هتي سڪيورٽي انتظام نـه هجڻ ڪري هتان ڪتاب آهستـه آهستـه گم ٿيندا ويا، ۽ هاڻي الميو اهو آهي تـه عمر ڪوٽ جي تاريخي ڪتب خانو صرف نالي جو ڪتب خانو رهيو جتي 15 هزار ڪتاب هوندا هئا اڄ اتي آنگرين تي ڳڻجڻ جيترا ڪتاب پيل آهن، جيڪي هيئنر  اڏوهي جو کاڄ بڻيل ۽ مٽي سان ڀريل آهن. ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته عمارت کي ڏسي اهو لڳندو آهي تـه سوين سالن کان هن اهم عمارت جي ڪنهن سار سنڀال ناهي لڌي، ديوارن تـه ڏار پيئجي ويا آهن، ۽ انقريب اهي ديوارون بـه لئي مٽي ٿيڻ جو خدشو پڻ آهي. اگر ڪو شاگرد يا اديب شخص پنهنجي گهران ڪتاب کڻي هتي پڙهڻ اچي ٿو تـه هنن جي لاءِ ويهڻ جي ڪرسي نـه آهي ، ۽ نادرا آفيس جي ڀرسان هجڻ جي ڪري سڄي رش لائبريري جي پڙهڻ واري ماحول کي خراب ڪري ٿي جنهن جي ڪري هاڻي هتي ڪير اچڻ لاءِ بـه تيار ناهي.
ساڳي طرح جڪڏهن اسان عمر ڪوٽ جي هڪ ٻي لائبريري جيڪا هڪ سماج سڌارڪ تنظيم (اين جي او) طرفان ٺهرائي وئيم اتي شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي، اگر سهولتن جي ڳالهـه ڪنداسين تـه هتي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، ويهڻ لاءِ خوشگوار جڳهه ۽ خاموشي وارو ماحول ۽ مختلف قسمن جا ڪتاب بـه آساني سان ملي سگهن ٿا. انهي جي ڪري ئي شاگرد هن سرڪاري لائيبريري کي ڇڏي ڪري اوڏانهن لاڙو ڪن ٿا. پر پبلڪ لائبريري جي خاص ڪري غريب شاگردن ۽ پڙهندڙ جنهن کي ڪتاب خريد ڪڙڻ جي گنجائش نـه هوندي آهي انهن لاءِ پبلڪ لائبريري جو هڪ اهم ڪردار آهي، ڇوجو جيڪڏهن ترقي آفتاح ملڪن کي ڏسنداسون تـه هر عوامي مرڪز تي ڪتب خانـه قائم آهن جيئن ماڻهون اتي پڙهي ڪري پنهنجي علم ۾ وڌارو آڻين .
هڪ سٺي لائبريري جو موجود هئڻ
جو مطلب اهو هر گز ناهي جو اها سٺي ڊزائين ۾ ٺهيل هجي پر ان سان گڏوگڏ  ۾ هر قسم جا ڪتاب، رسالا، اخبار هجن ۽ مطالعي

 ڪندڙن لاءِ سهولتون جهڙوڪ خاموش ماحول ، صاف پاڻي وغيره.
عمر ڪوٽ جي پبلڪ لائبريري کي ڏسي ائين لڳي ٿو تـه اها تباهي صرف لائبريري جي نـه بلڪـه هتي هر ان شاگرد جي آهي جيڪي پڙهڻ چاهين ٿا، اڳتي اچڻ چاهين ٿا.
وقت جي مالڪن ۽ تعليم سان وابسته
وزيرن مشيرن کي گهرجي تـه تاريخ کي محفوظ ڪندي هن تاريخي علمي خزاني کي ٻيهر رنگ ڏنو وڃي، هن جي عمارت نئي سر جوڙي قائم ڪري هن کي شهر جي شور شرابي کان پري رکيو وڃي ۽ لاپرواهي ڪندڙ تعليم دشمنن احساس ڏيارو وڃي تـه اگر ڪو عمر ڪوٽ جو ٻار پڙهي ٿو تـه سنڌ پڙهي ٿي، ۽ سنڌ سان دشمني پنهنجي جيجل ماءُ سان دشمني جي برابر آهي. هي لائبريري  جيڪو هيئنر محرومي جو احساس ڏياري رهي آهي ۽ انهي اهم مسئلي کي ترت حل ڪرڻ گهرهجي،  ڇاڪاڻ جو هن لائبريري جي تباهي جو اثر اسان جي ايندڙ نسلن تـي نـه پئي، ۽ هي لائبريري صرف ڪجهـه ڪاروائين ڪتابن ۾ لکيل نـه هجي.






                                                                                              


Profile of Arbab Nek Mohammed

U are repeatedly directed to  put proper file name, DO u find any difficulty to do so?
Rajesh kumar is  proper name of file?  One of ur file is corrupted i think it is about library. re send it
ارباب نيڪ محمد ليکڪ ، استاد ۽ صحافي


پروفائيل:
راجيش ڪمار
2k14/mc/78

اڳوڻي هندستان جي راجستان پر ڳڻي واري حصي هاڻوڪي سنڌ جي ڏاهيلي تعلقي ” ضلعي ٿر پارڪر“ سان واسطو رکندڙ ارباب نيڪ محمد جو جنم 1962ع ڌاري ٿر جي ڳوٺ سڄڻ جي پار ۾ ٿيو. سندس ويجها دوست ۽ عزيز  نيڪڻ فقير پڻ چوندا آهن، 1964ع ڌاري والد جي گذرڻ بعد ارباب نيڪ محمد پنهنجي ناني محبوب لڌاڻي سان ڳڏجي گوگا سر ۾ آيو” جيڪو هاڻي تعلقي ڏاهلي ۾ آهي“ نيڪڻ فقير ابتدائي تعليم مولا مڪتب ميڙاسر ۾ حاصل ڪئي، جيڪو مڪتب مولانـه محمد حسن ميڙاسري جوڙايو هو، 1967ع ڌاري کائڙ سميت ٿر جي اڪثر علائقن ۾ ڏوڪار ” ۽ اهو بـه ڄاڙو“ پيو نيڪڻ پنهنجي مائٽن سان ڳڏ مال ڪاهي جوڳي ميرو ،ڪاٺو پٺائي ،اڙيهئر، سڪي لڌي جي ڍاڻي کان ٿيندا رباڻي ڳوٺ ۽ اڳيان وڌيڪ ويندي اميد علي جو تڙ ۽ ريشم جي تڙ جهڙن ڳوٺن ۾ ٻڪريون چاريندي ڏوڪار جا ٻئي سال ٻڪرار بڻجي گزاريا.
1968ع ڌاري نيڪڻ ڇاڇري ڪنري کان ٿيندي مير پور خاص جي مڪتب ۾ داخل ٿيو، جيڪو دار القلوم مدرسـه السلام جي نالي اداره تعليم السلام ” رجسٽرد“ جي زير نگراني تي هلندو هو، هتي نيڪڻ 11 سال پڙهيو، هن ويچ ۾ بورڊ اف انيٽر ميڊئيٽ ايڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد مان مولوي ، مولوي عالم، ۽ مولوي فاضل جا امتحان پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيا، 1979 ع ڌاري جامعـه عربيـه گجرانوالا پنجاب ۾ دوُره حديث جو 2 سالن جو ڪورس ڪرڻ کان پوءِ دستار بند عالم جي سند حاصل ڪري عمر ڪوٽ ۽ مير پور خاص ۾ ٻانگو ۽ پيش امام ٿي رهيو.
سنڌ يونيورسٽي مان تقابل اديان ۾ ايم اي ڪئي ، ارباب نيڪ محمد ۽ سندس ڀاءَ عبدالملڪ جو تعلق ديني تعليم ڏانهن گهڻو رهيو ۽ سندس نظرياتي تربيت پڻ ساڳي فڪر سان سلاهڙيل رهي، ۽ گهڻي مشهوري نيڪڻ کي تڏهن ملي جڏهن سندس وڏي ڀاءَ سنڌ جي قوم پرست شاگرد اڳواڻ جي سهڪار سان 1985ع ڌاري ٿيل غير جماعتي چونڊن ۾ حصو ورتو، ڪهاڙي نشان هجڻ ڪري هڪ نارو مشهور ٿيو،” مهل هجي يا ماڙي کٽي ويندي ڪهاڙي“ نيڪڻ فقير صحافت جي شروعات 1975ع ڌاري ڪئي، ليکڻ جي شروعات مشهور صحافي عبدالقادر حسن جي رسالي افرشيا ، روزاني مهراڻ کان ڪيائين، 10 کان 12 سال مختلف سياسي ۽ سماجي موضعن تي لکندي مشهور اخبار ڪاوش ۾ مستقل ڪالم لکڻ لڳو. هن مختلف ساڃاهـه، استاد ۽ نئي سوچ نالن وارا مهاوار سلسلا بشمول ، بداري سندس تحريرن سان لکندي گروهوِڙ يات جي نالي سان 3 ڪتاب ڇاپڻ جو بـه اعزاز کيس حاصل آهي،
هينئڙا هندو زال کان،
هاريا هيٺ مـه ٿيءَ. ڀرت پيالو پي،
ماٺ ڪري پئو مچ ۾.
جهڙن سيٽن جي سرجڻ هار گرهوڙي جي زڪر کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ،
 ۽ ٻيا مختلف ڪم جيڪي نيڪڻ فقير ڪيا انهن ۾ ٿر ۾ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ تڏهوڪي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي يورپي يونين جي ملڪن تي ٻڌل يونائيٽيد فورم ذريعي ڪروڙن جي فنڊ حاصل ڪرڻ ۾ ۽ ٿر ۾ روڊ بجلي ، ۽ پاڻي جهڙڻ ترقياتي ڪمن ۾ هٿ ونڊرايو.
1984ع ۾ سنڌ حڪومت جي تعليمي شعبي ۾ بطور اوريئنٽل ٽيچر طور هن وقت 19هين گريڊ ۾ فرائض سر انجام ڏئي رهيو آهي.
1987 ڌاري منقد ٿيندڙ ٿر ميلو جيڪو مٺي عمر ڪوٽ ۽ مير پور خاص ۾ لاڳيتو 3 ڏينهن هليو هو، ان ميلي جو بنيادي خيال نيڪڻ فقير ڏنو، جيڪو اڳتي هلي بين الاقوامي حيثيت اختيار ڪري ورتو،
90ع جي ڏهاڪي دوُران ڌاري جڏهن ٿر پارڪر ضلعي ۾ ” واري “ خطرناڪ بيماري ڦهلجي وئي هئي تڏهن ٿر سان لاڳاپيل ٻين ماهر ڊاڪٽرن ، ڊاڪٽر محمد ايوب قاسماڻي ۽ ڊاڪٽر عبد اعزيز رحماڻي سان گڏجي، سنڌ جي هن ملوڪ محقق واري تي تحقيق ڪئي، ۽ سندس پهرين وڏي انگن اکرن ۽ تصويرن سان لاڳاپيل موضوعن واري اسٽوري ڪراچي مان نڪرندڙ انگريزي ميگزين ۾ ڇپي هئي، ارباب نيڪ محمد هن وقت تائين پنهنجو سفر ختم نـه ڪيو آ، هو هاڻي بـه سنڌ توڙي ٿر جي مختلف سياسي توڙي سماجي اشوز تي ڪالم لکي رهيو آهي، ۽ بطور صحافي هوندي هڪ سنڌي ٽي وي چينل ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي ثقافت واري انداز ۾ ٿيندڙ ڪچهري پروگرام پڻ رچائيندو رهي ٿو، هو ڏسڻ ۾ تمام حساس طبيعت جو مالڪ آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ بـه ڏسجڻ ۾ ايندو آهي،

پر گهڻو ڪري چهرو مسڪراهٽ سان ڀريل هوندو آهي، هن جي هڪ ويجهي دوست گل منير ولهاري جيڪو پڻ هڪ صحافي آهي ان جو چوڻ آهي تـه ارباب نيڪ محمد ۾ ڏکائو ناهي جيڪو آهي سو آهي، ها پر ٿورو سست ۽ ٿورو  رول ڇو جو جيڪڏهن هو ويهي لکي تـه اڃان گهڻو ڪجهـه لکي سگهي ٿو. نيڪڻ فقير جي هڪ ٻي دوست  جنهنن پڻ چوڻ آهي تـه ” نيڪڻ الاهي محنتي ، ڀلو لکندڙ آهي، ڇو جو شروعاتي تعليم سٺي رهي آهي، هڪ ادبي دنيا ۾ پڙهيو آهي