Wednesday, 20 January 2016

Umerkot Public Library


تباهي جو شڪار عمر ڪوٽ جي پبلڪ لائبريري
آرٽيڪل:
راجيش ڪمار
2k14/mc/78
لائيبريري يا ڪتب خانو جيڪو تعليم جو روح سڏيو وڄي ٿو انسان جو عقل ڏاهپ گهڻو ڪري ڪتابن سان سلهاڙيل هوندو آهي اسڪولن ، ڪاليجن يان يونيورسٽي جو سينگار ڪتب خانا ئي هوندا آهن، نـه صرف سينگار پر انهن ڪاليجن ۽ يونورسٽين جي شاگردن لاءِ علم جو وڌارو آڻين ٿا، جئين هڪـه ڏاهي چيو تـه ”جڏهن بـه ڪنهن ملڪ تي حملو ٿيندو آهي تـه ان ملڪ جون لائبريريون ڏڪي ويندويون آهن، اهو ان ڪري تـه لائبريريون ڪنهن بـه قوم ۽ ملڪ جي علم اهڃاڻ هونديون آهن، ائين اسان جيڪڏهن مغربي ملڪن جي اعليٰ تعليمي ادارن توڙي ننڍن شهرن ۾ گهڻي ڀاڱي لائبريري ۽ ان جي ڪتابن جي هاڪ هوندي آهي، اسان جي ملڪ ۾ جيتري قدر ملٽي ميڊيا ترقي ڪئي آهي ايتري قدر شاگردن ڪتابي زوُق کي جاري رکيو آهي ڇاڪاڻ جو ڪتاب نـه صرف ڄاڻ فراهم ڪن ٿا پر ان سان گڏو گڏو دماغ کي سڪون وارو بڻائين ٿا، خاص ڪري غريب شاگردن لاءِ جيڪي ڪتاب خريد ڪري نٿا سگهن، ۽ انهن جي ترقي لاءِ جو هڪ تمام اهم ڪردار آهي، ۽ اسين جيڪڏهن تاريخ ۾ نظر وجهنداسون تـه اهي سڀ وڏا ماڻهون جيڪي پنهنجي زندگي ۾ گهڻو ڪري تعليمي ڪاميابيون ماڻيون اهي نـه صرف لائبريرين
۾ پڙهيا پر پنهنجون لائبريريون گهر ۾ ٺاهيون.
ائين ئي پاڪستان ۾ 1952ع ۾ جنرل مارشل ايوب جي دوُر ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ منظور ٿيندڙ پبلڪ لائبريريون ڪتب خانا وقت سر سارسنڀال نـه ٿيڻ جي ڪري تباهي ڏانهن وڃي رهيون آهن. ائين ئي سنڌ جو تاريخي شهر عمر ڪوٽ جنهن جي هڪ الڳ تاريخي سڃاڻپ آهي. پر افسوس سان هن جي حيثيت تاريخ طور رهي آهي، هن جديد تعليمي دُرر ۾ پوري عمر ڪوٽ شهر ۾ صرف هڪ لائبريري آهي، جنهن کي عمر ڪوٽ پبلڪ لائبريري چيو وڃي ٿو، جيڪا 70ع ۽ 80ع جي وچ واري ڏهاڪي ۾ تعمير ٿي. بعد ۾ 11 ڊسمبر 1985 ع ۾ ان وقت جي وڏي وزير سنڌ جسٽس ”ر“ غوث علي شاهـه نئي هنڌ نئي سر قائم ڪئي، جنهن جو مقصد هو تـه ان وقت جي پٺ تي پيل علائقي جي شاگردن ۽ هتان جي ادبي سياسي سماجي ماڻهون کي ڪتابي مطعالي سان ڳنڍيو وڃي، جئين هو تعليم سان سلهاڙيل هجڻ ڪري اڳتي وڌندا وڃن، پر جڏهن اسين اڄ هن تعليمي ۽ تاريخي شهر عمر ڪوٽ جي مين لائبريري تي هڪ نظر وجهنداسين تـه کنڊر ٿيندڙ منظر نظر ايندو آهي. ان کنڊر ٿيڻ جو سبب ڇا ليکي سگهجي
ٿو....!! انتطامـيه جي بي ڌياني يا بجيٽ جو نـه اچڻ ...!!! 
لائبريري جڏهن قائم ٿي تـه ان وقت مختلف قسمن جا ڪتاب جن جو تعداد 10 هزار کان وڌيڪ هيو، ۽ ان کان پوءِ بـه سياسي سماجي توڙي ادبي شخصيتيون پنهنجي طرفان هتي ڪتاب رکندا ويا مگر اهو عمل ڪافي وقت نـه هلي سگهيو، جڏهن هتي ڪتاب ۽ رسالا هوندا هئا تـه روزاني اندازي موجب 50 کان 60 شاگرد هروز اچي علمي اضافو ڪندا هئا،  گذريل ڪافي سالن هتي سڪيورٽي انتظام نـه هجڻ ڪري هتان ڪتاب آهستـه آهستـه گم ٿيندا ويا، ۽ هاڻي الميو اهو آهي تـه عمر ڪوٽ جي تاريخي ڪتب خانو صرف نالي جو ڪتب خانو رهيو جتي 15 هزار ڪتاب هوندا هئا اڄ اتي آنگرين تي ڳڻجڻ جيترا ڪتاب پيل آهن، جيڪي هيئنر  اڏوهي جو کاڄ بڻيل ۽ مٽي سان ڀريل آهن. ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته عمارت کي ڏسي اهو لڳندو آهي تـه سوين سالن کان هن اهم عمارت جي ڪنهن سار سنڀال ناهي لڌي، ديوارن تـه ڏار پيئجي ويا آهن، ۽ انقريب اهي ديوارون بـه لئي مٽي ٿيڻ جو خدشو پڻ آهي. اگر ڪو شاگرد يا اديب شخص پنهنجي گهران ڪتاب کڻي هتي پڙهڻ اچي ٿو تـه هنن جي لاءِ ويهڻ جي ڪرسي نـه آهي ، ۽ نادرا آفيس جي ڀرسان هجڻ جي ڪري سڄي رش لائبريري جي پڙهڻ واري ماحول کي خراب ڪري ٿي جنهن جي ڪري هاڻي هتي ڪير اچڻ لاءِ بـه تيار ناهي.
ساڳي طرح جڪڏهن اسان عمر ڪوٽ جي هڪ ٻي لائبريري جيڪا هڪ سماج سڌارڪ تنظيم (اين جي او) طرفان ٺهرائي وئيم اتي شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي، اگر سهولتن جي ڳالهـه ڪنداسين تـه هتي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، ويهڻ لاءِ خوشگوار جڳهه ۽ خاموشي وارو ماحول ۽ مختلف قسمن جا ڪتاب بـه آساني سان ملي سگهن ٿا. انهي جي ڪري ئي شاگرد هن سرڪاري لائيبريري کي ڇڏي ڪري اوڏانهن لاڙو ڪن ٿا. پر پبلڪ لائبريري جي خاص ڪري غريب شاگردن ۽ پڙهندڙ جنهن کي ڪتاب خريد ڪڙڻ جي گنجائش نـه هوندي آهي انهن لاءِ پبلڪ لائبريري جو هڪ اهم ڪردار آهي، ڇوجو جيڪڏهن ترقي آفتاح ملڪن کي ڏسنداسون تـه هر عوامي مرڪز تي ڪتب خانـه قائم آهن جيئن ماڻهون اتي پڙهي ڪري پنهنجي علم ۾ وڌارو آڻين .
هڪ سٺي لائبريري جو موجود هئڻ
جو مطلب اهو هر گز ناهي جو اها سٺي ڊزائين ۾ ٺهيل هجي پر ان سان گڏوگڏ  ۾ هر قسم جا ڪتاب، رسالا، اخبار هجن ۽ مطالعي

 ڪندڙن لاءِ سهولتون جهڙوڪ خاموش ماحول ، صاف پاڻي وغيره.
عمر ڪوٽ جي پبلڪ لائبريري کي ڏسي ائين لڳي ٿو تـه اها تباهي صرف لائبريري جي نـه بلڪـه هتي هر ان شاگرد جي آهي جيڪي پڙهڻ چاهين ٿا، اڳتي اچڻ چاهين ٿا.
وقت جي مالڪن ۽ تعليم سان وابسته
وزيرن مشيرن کي گهرجي تـه تاريخ کي محفوظ ڪندي هن تاريخي علمي خزاني کي ٻيهر رنگ ڏنو وڃي، هن جي عمارت نئي سر جوڙي قائم ڪري هن کي شهر جي شور شرابي کان پري رکيو وڃي ۽ لاپرواهي ڪندڙ تعليم دشمنن احساس ڏيارو وڃي تـه اگر ڪو عمر ڪوٽ جو ٻار پڙهي ٿو تـه سنڌ پڙهي ٿي، ۽ سنڌ سان دشمني پنهنجي جيجل ماءُ سان دشمني جي برابر آهي. هي لائبريري  جيڪو هيئنر محرومي جو احساس ڏياري رهي آهي ۽ انهي اهم مسئلي کي ترت حل ڪرڻ گهرهجي،  ڇاڪاڻ جو هن لائبريري جي تباهي جو اثر اسان جي ايندڙ نسلن تـي نـه پئي، ۽ هي لائبريري صرف ڪجهـه ڪاروائين ڪتابن ۾ لکيل نـه هجي.






                                                                                              


No comments:

Post a Comment