U are repeatedly directed to put proper file name, DO u find any difficulty to do so?
Rajesh kumar is proper name of file? One of ur file is corrupted i think it is about library. re send it
ارباب نيڪ محمد ليکڪ ، استاد ۽ صحافي
پروفائيل:
راجيش
ڪمار
2k14/mc/78
اڳوڻي هندستان جي راجستان
پر ڳڻي واري حصي هاڻوڪي سنڌ جي ڏاهيلي تعلقي ” ضلعي ٿر پارڪر“ سان واسطو رکندڙ ارباب
نيڪ محمد جو جنم 1962ع ڌاري ٿر جي ڳوٺ سڄڻ جي پار ۾ ٿيو. سندس ويجها دوست ۽ عزيز نيڪڻ فقير پڻ چوندا آهن، 1964ع ڌاري والد جي
گذرڻ بعد ارباب نيڪ محمد پنهنجي ناني محبوب لڌاڻي سان ڳڏجي گوگا سر ۾ آيو” جيڪو
هاڻي تعلقي ڏاهلي ۾ آهي“ نيڪڻ فقير ابتدائي تعليم مولا مڪتب ميڙاسر ۾ حاصل ڪئي،
جيڪو مڪتب مولانـه محمد حسن ميڙاسري جوڙايو هو، 1967ع ڌاري کائڙ سميت ٿر جي اڪثر
علائقن ۾ ڏوڪار ” ۽ اهو بـه ڄاڙو“ پيو نيڪڻ پنهنجي مائٽن سان ڳڏ مال ڪاهي جوڳي
ميرو ،ڪاٺو پٺائي ،اڙيهئر، سڪي لڌي جي ڍاڻي کان ٿيندا رباڻي ڳوٺ ۽ اڳيان وڌيڪ
ويندي اميد علي جو تڙ ۽ ريشم جي تڙ جهڙن ڳوٺن ۾ ٻڪريون چاريندي ڏوڪار جا ٻئي سال
ٻڪرار بڻجي گزاريا.
1968ع ڌاري نيڪڻ ڇاڇري
ڪنري کان ٿيندي مير پور خاص جي مڪتب ۾ داخل ٿيو، جيڪو دار القلوم مدرسـه السلام جي
نالي اداره تعليم السلام ” رجسٽرد“ جي زير نگراني تي هلندو هو، هتي نيڪڻ 11 سال
پڙهيو، هن ويچ ۾ بورڊ اف انيٽر ميڊئيٽ ايڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد مان مولوي ،
مولوي عالم، ۽ مولوي فاضل جا امتحان پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيا، 1979 ع ڌاري جامعـه
عربيـه گجرانوالا پنجاب ۾ دوُره حديث جو 2 سالن جو ڪورس ڪرڻ کان پوءِ دستار بند
عالم جي سند حاصل ڪري عمر ڪوٽ ۽ مير پور خاص ۾ ٻانگو ۽ پيش امام ٿي رهيو.
سنڌ يونيورسٽي مان تقابل
اديان ۾ ايم اي ڪئي ، ارباب نيڪ محمد ۽ سندس ڀاءَ عبدالملڪ جو تعلق ديني تعليم
ڏانهن گهڻو رهيو ۽ سندس نظرياتي تربيت پڻ ساڳي فڪر سان سلاهڙيل رهي، ۽ گهڻي مشهوري
نيڪڻ کي تڏهن ملي جڏهن سندس وڏي ڀاءَ سنڌ جي قوم پرست شاگرد اڳواڻ جي سهڪار سان
1985ع ڌاري ٿيل غير جماعتي چونڊن ۾ حصو ورتو، ڪهاڙي نشان هجڻ ڪري هڪ نارو مشهور
ٿيو،” مهل هجي يا ماڙي کٽي ويندي ڪهاڙي“ نيڪڻ فقير صحافت جي شروعات 1975ع ڌاري
ڪئي، ليکڻ جي شروعات مشهور صحافي عبدالقادر حسن جي رسالي افرشيا ، روزاني مهراڻ
کان ڪيائين، 10 کان 12 سال مختلف سياسي ۽ سماجي موضعن تي لکندي مشهور اخبار ڪاوش ۾
مستقل ڪالم لکڻ لڳو. هن مختلف ساڃاهـه، استاد ۽ نئي سوچ نالن وارا مهاوار سلسلا
بشمول ، بداري سندس تحريرن سان لکندي گروهوِڙ يات جي نالي سان 3 ڪتاب ڇاپڻ جو بـه
اعزاز کيس حاصل آهي،
هينئڙا هندو زال
کان،
هاريا هيٺ مـه
ٿيءَ. ڀرت پيالو پي،
ماٺ ڪري پئو مچ ۾.
جهڙن سيٽن جي سرجڻ هار
گرهوڙي جي زڪر کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ،
۽ ٻيا مختلف ڪم جيڪي نيڪڻ فقير ڪيا انهن ۾ ٿر ۾
انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ تڏهوڪي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي يورپي يونين جي
ملڪن تي ٻڌل يونائيٽيد فورم ذريعي ڪروڙن جي فنڊ حاصل ڪرڻ ۾ ۽ ٿر ۾ روڊ بجلي ، ۽
پاڻي جهڙڻ ترقياتي ڪمن ۾ هٿ ونڊرايو.
1984ع ۾ سنڌ حڪومت جي تعليمي
شعبي ۾ بطور اوريئنٽل ٽيچر طور هن وقت 19هين گريڊ ۾ فرائض سر انجام ڏئي رهيو آهي.
1987 ڌاري منقد ٿيندڙ ٿر
ميلو جيڪو مٺي عمر ڪوٽ ۽ مير پور خاص ۾ لاڳيتو 3 ڏينهن هليو هو، ان ميلي جو بنيادي
خيال نيڪڻ فقير ڏنو، جيڪو اڳتي هلي بين الاقوامي حيثيت اختيار ڪري ورتو،
90ع جي ڏهاڪي دوُران ڌاري
جڏهن ٿر پارڪر ضلعي ۾ ” واري “ خطرناڪ بيماري ڦهلجي وئي هئي تڏهن ٿر سان لاڳاپيل
ٻين ماهر ڊاڪٽرن ، ڊاڪٽر محمد ايوب قاسماڻي ۽ ڊاڪٽر عبد اعزيز رحماڻي سان گڏجي، سنڌ
جي هن ملوڪ محقق واري تي تحقيق ڪئي، ۽ سندس پهرين وڏي انگن اکرن ۽ تصويرن سان لاڳاپيل
موضوعن واري اسٽوري ڪراچي مان نڪرندڙ انگريزي ميگزين ۾ ڇپي هئي، ارباب نيڪ محمد هن
وقت تائين پنهنجو سفر ختم نـه ڪيو آ، هو هاڻي بـه سنڌ توڙي ٿر جي مختلف سياسي توڙي
سماجي اشوز تي ڪالم لکي رهيو آهي، ۽ بطور صحافي هوندي هڪ سنڌي ٽي وي چينل ۾ سنڌ جي
ڳوٺاڻي ثقافت واري انداز ۾ ٿيندڙ ڪچهري پروگرام پڻ رچائيندو رهي ٿو، هو ڏسڻ ۾ تمام
حساس طبيعت جو مالڪ آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ بـه ڏسجڻ ۾ ايندو آهي،
پر گهڻو ڪري چهرو مسڪراهٽ
سان ڀريل هوندو آهي، هن جي هڪ ويجهي دوست گل منير ولهاري جيڪو پڻ هڪ صحافي آهي ان
جو چوڻ آهي تـه ارباب نيڪ محمد ۾ ڏکائو
ناهي جيڪو آهي سو آهي، ها پر ٿورو سست ۽ ٿورو
رول ڇو جو جيڪڏهن هو ويهي لکي تـه اڃان گهڻو ڪجهـه لکي سگهي ٿو. نيڪڻ فقير
جي هڪ ٻي دوست جنهنن پڻ چوڻ آهي تـه ”
نيڪڻ الاهي محنتي ، ڀلو لکندڙ آهي، ڇو جو شروعاتي تعليم سٺي رهي آهي، هڪ ادبي دنيا
۾ پڙهيو آهي
No comments:
Post a Comment