پنجابي شاعر عرفان ملڪ سان روح رهاڻ:
رپورٽ:
راجيش
ڪمار اوڏ
خانـه بدوش رائيٽرس ڪيفي
حيدآباد جتي اڪثر ڪري ادبي ثقافتي ، ڪچهريون ۽ پروگرام ٿيندا رهن ٿا، جنهن ۾ نـه
صرف سنڌ جي اديبن ۽ ليکڪن سان ڪچهري ۽ روح رهاڻ ڪئي ويندي آهي پرسنڌ کان ٻاهر مخلتف صوبن توڙي ٻين ملڪن کان پڻ جيڪي اديب ، ليکڪ ايندا آهن انهن
سان بـه روح رهاڻ ڪئي ويندي آهي ۽ اهي هتان جي ادبي چاهـه رکندڙ ماڻهوکي پنهنجي
شاعري ۽ ادب جي باري ۾ آگاهـه ڪن ٿا ۽ خيالن ڏي وٺ ڪن ٿا . ائين ئي ڇنڇر جي سونهري
شام ۾ خانـه بدوش رائيٽرس ڪيفي ”ميٽ دي آٿر“
جي عنوان هيٺ پروگرام ٿيو، جنهن ۾ خاص مهمان 80ع جي ڏهاڪي جو کاٻي ڌر جو ڪامريڊ ۽ پنجابي فيمينسٽ
شاعر عرفان ملڪ هو جنهن جا هن وقت تائين پنجابي ٻولي ۾ 5 ڪتاب ڇپجي چڪا آهي جنهن ۾
تازو ڪتاب ”دوجي عورت “ آهي.
عرفان ملڪ جي خانـه بدوش
۾ آجيان سنڌي لکيڪا امر سنڌو سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍائيندي گلن جو دستو پيش ڪيو ۽ ميزباني
عرفانـه ملاح ڪئي. جيڪڏهن اسان عرفان ملڪ جي شروع واري زندگي تي ٿوري نظر
وجهنداسون تـه اها عام طور سوين ڪهاڻين سان ڀريل آهي پر جي ان جو ٿورو جائزو
وٺنداسين تـه عرفان ملڪ نـه صرف پنجابي شاعر آهي پر ان سان گڏو گڏ اسٽوري رائيٽر ،
ٿيٽر اداڪار ۽ ڊائريڪٽر پڻ آهي. عرفان ملڪ
لاهور ۾ اک کولي .
هن 80 ع واري ڏهاڪي ۾ پنهنجين ساٿين سان گڏجي هڪ تنظيم ٺاهي
جنهن جي ڪري اهو وڌيڪ سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ سرگرم ٿيو جنهن بعد 1984ع ۾ سويڊن ملڪ ۽
ان کان پوءِ آمريڪا ويو ۽ هاڻي هارورڊ
يونيورسٽي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. عرفان ملڪ کي گهڻو ڪري عورتن جو شاعر چيو وڃي ٿو ڇو
تـه هن پنهنجي شاعري ۾ گهڻو ڪري عورتن جي نمائندگي ڪئي آهي. پروگرام جي ڪچهري
ماضي جي سياسي يادون سان شروع ٿي. جڏهن ان وقت آمراڻو نظام هوندو هو. ان دور جي باري ۾ ٻڌايو تـه ضياءَ جي دور مون سان
گڏ سڀني سياسي ڪارڪنن جيڪي کاٻي ڌر ۾ هئا انهن ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏنو جيئن اسان جي پارٽي ايتري ظاهر نـه هئي پر
تنظيمي ڪم جي سلسلي ۾ اسان مخلتف صوبن جو سفر ڪيو جيڪو تمام سٺو ۽ علمي سفر رهيو.
هن چيو تـه بنيادي طور تي مان پنجابي شاعر
نـه آهيان پر هڪ عام شاعر آهيان جيڪو پنجابي ۾ لکندو آهيان جيڪا شاعري ڪنهن شاعر
مان متاثر ٿي نـه لکي بلڪه پنهنجي پاڻ لکي هن پروگرام دوران مختلف پنجابي شعر جيڪي
پنهنجا لکيل هئا اهي پڙهي ٻڌايا، جنهن ۾
” ایک وارے جد اوہ
میرے بہت کولوں دے لنگھے
تے میرا دل چاھیا میں اونھوں اپنے ھتھان نال
چھوہ کے تے ویکھانں
بن اوس گھڑی دیاں کرچیاں چندے چندے ،
کنی جگ بیت گئے نیں۔“
اهڙا کوڙ سارا شعرجيڪي هن
عورت جي ڪردار، محبت، هن جي عاشقي ، ۽ هن سماج ۾ عورت حيثت جي باري ۾ پنهنجن مختلف
ڪتابن ۾ لکيا. جيئن ٻيا شاعر لکندا آهن.
ان موقعي تي
عرفان ملڪ جي 80ع ڏهاڪي جي ساٿي، نوجوان ڪامريڊ ۽ هِن وقت جو سينيئر صحافي سهيل
سانگي چيو تـه مون عرفان ملڪ کي سياسي ورڪر طور ڏٺو هو پر اها هاڻي خبر پئي آهي
تـه هوءَ شاعر ڪهاڻيڪار ۽ ٿيٽر رائيٽر پڻ آهي هن وڌيڪ چيو پنجاب ۾ سنڌ جيان ادبي
تحريڪ سياسي سرگرمي ۾ تبديل ٿي نـه سگهيون
ان موقعي تي هڪ ٻي ڪامريڊ ساٿي امداد چانڊيي
ٻڌايو تـه ان دور ۾ پنجاب کي سياسي طور
ڪوفو سڏيو ويندو هو. ان دور ۾ عرفان ملڪ تمام سرگرم ۽ با ضمير اڳواڻ رهيو، ۽ ان
موقعي تي کوري نوراني پڻ پنهنجي دور جون يادگيريون ونڊيون. هن پروگرام ۾ سنڌ جا
مختلف شاعرن، صحافين، اديبن ۽ شاگردن توڙي مخلتف مڪتبـه نظر جا فردن وڏي انگ ۾
شرڪت ڪئي ۽ عرفان ملڪ کان سوال جواب بـه ڪيا.
۽ پروگرام جي پڄاڻي محفل
موسيقي سان ٿي جتي راڳي حنيف لاشاري
پنهنجي سرن جي ورکا ڪئي.
No comments:
Post a Comment