Showing posts with label شيرازسولنگي. Show all posts
Showing posts with label شيرازسولنگي. Show all posts

Monday, 15 February 2016

اليڪٽرانڪس ڊپارٽمينٽ

please observe paragraph

اليڪٽرانڪس ڊپارٽمينٽ


 شيراز احمد سولنگي
     آرٽيڪل
اليڪٽرانڪس ڊپارٽمينٽ

اڄ جي دور ۾ ٽيڪنالاجي  ڏينهون ڏينهن وڌنڌي پئي وڃي ۽ جيتري  سائنس پنهنجي ميدان ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ماڻي رهي آهي اوترو ئي وڌيڪ ٽيڪنالاجي وڌندي پئي وڃي. ٽيڪنالاجيءِ جي ترقي ڪرڻ سان گڏوگڏ اسانجو ملڪ به ترقي ڪري رهيو آهي ۽ ٽيڪنالاجي اسان جي معاشري ۾ به تمام گهڻي ضروري بڻجي چڪي آهي. اليڪٽرانڪ شعبو به  ٽيڪنالاجي جي تعليم لاءِ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. اهڙي طرح سنڌ يونيورسٽي ۾ به اليڪٽرانڪ شعبو آهي جيڪو انسٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ  ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي  ۾ قائم آهي .

انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن  ٽيڪنالاجي اداري جي مڪمل فيڪلٽي آهي جيڪا ڪمپيوٽر فيلڊ جي مطابق شاگردن کي تعليم ڏئي رهي آهي پهريان جي اليڪٽرانڪس جي تعليم ۽ اڄ جي دور جي تعليم ۾ فرق ٻڌايو ٿو وڃي ڇو جو پهريان ڪمپيوٽر جو زمانو گھٽ هيو ۽ پريڪٽيڪل ورڪ ڪرايو ويندو هو ۽ ڊوائسس جي باري ۾ پڙهايو ۽ ٻڌايو ويندو هو پر هاڻي سڄو  ڪم ڪمپيوٽر پروگرامنگ تي ٿئي ٿو . مينيول پڙهائي ختم ڪري مشين لينگويج جي باري پڙهايو ٿو وڃي ۽ شاگردن کي سمجهايو ٿو وڃي انساني ڪم کي مشين لينگويج ۾ ڪيئن تبديل ڪجي. انسٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي  چار شعبن ۾ مشتمل آهي  انفارميشن ٽيڪنالاجي ، سافٽويئر انجنيئرنگ ، ٽيليڪميونيڪيشن ۽ اليڪٽرانڪس  هن ڊپارٽمينٽ جو افتتاح تقريبن اڻويهه سئو اَسي عيسوي ۾ ڪيو ويو ۽ ڊپارٽمينٽ جو پهريو نالو آءِ پي ٽي ( انفارميشن آف فزڪس ٽيڪنالاجي) هيو. ڇو جو پهريان هي شعبو فزڪس  جي شعبي سان گڏ هيو ڪلاسون گڏ ۾ هلايون وينديو هيو ۽ پوءِ اڻويهه سئو اٺانوي عيسوي  ۾ ڊاريڪٽر عبدالله حسين شاه جي نگراني ۾   هن انسٽيوٽ جو نالو مٽائي انفارميشن ايند ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي رکيو ويو. انسٽيوٽ آف انفارميشن ايند ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي  جي هڪ الڳ بلڊنگ آهي . جنهن ۾ شاگرد پنهنجي  علم جي انڃ اجهائي رهيا آهن  هن انسٽيوٽ جو موجوده  ڊاريڪٽر لڇمن داس آهي جيڪو بطور ڊاريڪٽر جي پنهنجي نوڪري سرانجام ڏئي رهيو آهي

  اڄ جي دور جي نئي نسل لاءِ اليڪٽرانڪس به هڪ بهترين شعبو آهي.  اليڪٽرانڪس شعبي ۾ هڪه  پروفيسر آهن جنهن جو نالو امداد علي اسمائيلي آهي. ٽي اسسٽنٽ پروفيسر آهن جن مان هڪ جو نالو پروفيسر رضا حسين شاه ۽ ٻئي جو نالو  پروفيسر ڊاڪٽر شهزاد ميمڻ آهي جيڪو  ريسرچ ڪوآرڊينيٽر پڻ آهي ۽ هڪ  پروفيسر غلام مصطفٰي شورو آهي جيڪو اسٽيڊي ليو تي  ٻاهر ملڪ ويل آهي انکان علاوه چار ليڪچرر آهن جن ۾ ٽي پنهنجي ڊيوٽِي سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ هڪ مدثر احمد ميمڻ اسٽيڊي ليو تي پڙهائي لاءِ ٻاهر ويل آهي   اليڪٽرانڪس شعبي ۾ هر سال تقريبن ستر کان اسي  شاگرد اچن ٿا.
انسٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي شعبي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ايم فل جون ڪلاسون ته  سال ٻه هزار عيسوي ۾ئي شروع ڪيون ويو هيو اهڙي طرح ٽيليڪميونيڪيشن جي ايم فل جي ڪلاسن جو آغار سال  ٻه هزار ڏه ۾ ڪيو ويو  هيو پر موجوده سال ٻه هزار سورهن  ۾  اليڪٽرانڪس جي شعبي ۾  به  ايم فل جي ڪلاسن جو پروگرام  باقائدگي سان شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾  پنج هٺ شاگردن پنهنجي داخلا ايم فل اليڪٽرانڪس شعبي ۾  ورتي آهي

اليڪٽرانڪس شعبي ۾ ملٽي ميڊيا ڪلاس هلايا ويندا آهن  اليڪٽرانڪس شعبي  ۾ هر سيمسٽر ۾ ٻه ورڪشاپو به ڪيو وينديو آهن ۽ هر سيمسٽر ۾استاد  شاگردن کان بطور پريڪٽيڪل ورڪ جي پراجيڪٽ ٺهرائيندا آهن هر سال اليڪٽرانڪ شعبي سان گڏ انسٽيوٽ جا ٻيا شعبا جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۽ ٽيليڪميونيڪيشن جا پاس آئوٽ ڪندڙ شاگرد پنهنجي پراجيڪٽن تي ڪم ڪري پراجيڪٽن کي ايگزيبيوشن ۾ عوام آڏو  نمائش جي لاءِ رکندا آهن جتي عام شاگرد ايندا آهن ۽ انهن پراجيڪٽن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪندا آهن ۽ آمريڪه جو هڪ ادارو آءِ.ئي.ئي.ئي (انسٽيوٽ آف اليڪٽرانڪس اينڊ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ) طرفان پراجيڪٽ ٺاهيندڙ شاگردن ۾ انعام پڻ ورهايا ويندا آهن. ٻين يونيورسٽين کي شرقط جي دعوت پڻ ڏني ويندي آهي جهڙوڪ ايپٽيڪ ، هائيسٽ ۽ ڪراچي جي يونيورسٽين جا شاگرد ۽ استاد پڻ ايندا آهن  اهڙي طرح هر سال اليڪٽرانڪ شعبي سان گڏ انسٽيوٽ جي ٻين شعبن جا شاگرد گڏجي ڪري ٽيڪنو فن نالي سان هڪ شاندار ميلو پڻ  هڻندا آهن جنهن ۾ ڪتابن ۽ کاڌن جا اسٽال لڳايا ويندا آهن ان کان علاوه رانديو وغيره به ڪرايو وينديو آهن شاگرد مِني پراجيڪٽ ٺاهي عوام آڏو پڻ رکندا آهن  ۽ آيل فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي لطف اندوز ڪندا آهن                                                           

شيراز احمد سولنگي
2k14/MC/166


Monday, 8 February 2016

interview with Dr Hashim Sheikh

Question No 1 be made introduction. poor
Final Interview by Sheeraz Ahmed Solangi

 ڊاڪٽرمحمدهاشم شيخ
  شيراز احمد سولنگي 
انٽرويو
سوال؛ اوهان جو مڪمل تعارف؟
جواب؛ منهنجو نالو محمد هاشم شيخ آهي مان
 لاڙڪاڻي کان آهيان ۽ مون پنهنجي پرائمري
تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي ۽ انٽر نوابشاه
مان ڪئي  پوءِ ايم بي بي ايس لمس مان ڪري
انکان پوءِ پوسٽ گريڊويشن  لمس مان ئي ڪئي ۽
پوءِ دل جي شعبي ۾ ڊپلومه  ۽ پوءِ سنڌ گورنمينٽ
۾ ڪميشن پاس ڪري  اسپشلسٽ آف ڪارڊيالاجي
 ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ سرڪاري ملازم طور نوڪري
جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهيان.
--------------------------------------------------



سوال؛ دل جي بيمارين جا ڪهڙا سبب آهن ۽ دل جون بيماريون ڇا جي ڪري ٿين ٿيون؟
جواب؛ اڄ ڪله اسان جو لائف اسٽائل غلڪ آهي اسان جون ايڪٽوٽيز صحيح ناهن اسان ٿوري پنڌ لاءِ به موٽرسائيڪل جو استعمال ڪيو ٿا ٻاهر فاسٽ فوڊ ۽هوٽلن تي ماني کائڻ جو رجحان  اسان وٽ گهڻو ٿي ويو آهي ننڊ ڪيو ڪون ٿا ۽ ورزش به نٿا ڪيو نه ئي ڪا فزيڪل ايڪٽوٽيز ٿا ڪيو ۽ سگريٽ وغيره پيئو ٿا انڪري دل جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون ۽ ڪجه ماڻهن کي پيدائشي دل جي بيماري هوندي آهي.

سوال؛ هر سال پاڪستان ۾ ڪيترا ماڻهون دل جي بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿا؟
جواب؛ هر ٽئين ماڻهون  سان دل جو مسئلو هوندو آهي  بلڊپريشر به دل جي بيماري جو هڪ قسم  آهي ۽ پاڪستان ۾  20 ڪروڙ ماڻهن مان تقريبن 6 ڪروڙ ماڻهون دل جي بيمارين ۾ مبتلا آهن.

سوال؛ هاءِ بلڊپريشر جي ڪري دل تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا ؟
جواب؛ هاءِ بلڊپريشر جي ڪري ڪجه به ٿي سگهي ٿو دل جو اٽيڪ به بلڊپريشر جي ڪري ٿيندو آهي اسان کي گهرجي ته بلڊپريشر کي نارمل يا ڪنٽرول ۾ رکو ته جيئن اسان کي ڪو نقصان نه پهنچي.

سوال؛ پاڪستان ۾ اهڙا ڪيترا ادارا آهن جيڪي دل جو علاج مفت ۾ ڪري رهيا آهن؟
جواب؛ تمام گهٽ ادارا آهن جيڪي دل جو علاج مفت ۾ ڪري رهيا آهن جيئن انڊس ڪورنگي ڪراچي آهي ۽ ٻئي بدين ۾ هڪ اسپتال آهي پر اُهي به ڪو خاص ڪم نه  ڪري رهيا آهن  باقي اسان جا ڊاڪٽر مفت ڪئمپ ارينج ڪري  فلاحي ونگ ذريعي  يا زڪوات جي ذريعي رعايت سان علاج ڪندا آهن. مطلب ته ڪو به ادارو چاهي سرڪاري هجي يا پرائويٽ هجي بلڪل مفت ۾  علاج نٿا ڪن سواءِ انڊس اسپتال ڪورنگي  کان علاوه.

سوال؛ ميڊيڪل سان شوق رکندڙ شاگردن کي ميڊيڪل فيلڊ ۾ اچڻ وقت ڪهڙا ڪهڙا مسئلا پيش اچن ٿا؟
جواب؛ اڄ ڪله ايم بي بي ايس اُهو ئي پڙهي سگهي ٿو جنهن وٽ پئسا آهن باقي غريب لاء پڙهڻِ تمام مشڪل آهي ۽ شاگردن سان ڪافي مسئلا درپيش اچن ٿا جيئن هاسٽلن ۾ رهائش جا مسئلا ڊميز جن تي تجربو ڪيو ويندو آهي ڊميز تمام گهٽ آهن رسورسز به گهٽ آهن ميديڪل ڪاليج توهان کي هر ضلعي ۾ ملندو پر فيڪلٽي مڪمل نه هوندي غريب شاگردن لاءِ فنڊز ناهن ۽ ميڊيڪل ڪاليجن کي يونيورسٽين ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جتي  غريب شاگرد پڙهي نٿا سگهن گورنمينٽ کي گهرجي انهن کي لائسن ڏيڻ کان پهريان انهن کي مڪمل فيڪلٽي ڪري.

سوال؛ ڊاڪٽرس هتي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ٻاهر وڄڻ ءِ اتي نڪري ڪرڻ کي ترجيح ڇو ڏيندا آهن؟
جواب؛ ترجيح انڪري گهٽ ڏيندا آهن جو هتي پگهار تمام گهٽ آهي ۽ ڊاڪٽرس تمام گهڻي محنت کان پوءِ جڏهن ڊاڪٽر ٿئي ٿو ته انکي  پورا فائدا نٿا ملن  ڊاڪٽر مجبور ٿي ٻاهر ويندا آهن مان پنهنجي گهر جو ئي هڪ مثال ڏيندس ته منهنجو والد صاحب ڊاڪٽر هو  1956ع ۾ منهنجي والد جي پگهار 350 رپيا هوندي هئي ۽ تڏهن سون جو تولو 80 رپيا هوندو هو ۽ هڪ ڊاڪٽر جي پگهار تقريبن چار تولا سون جي برابر پگهار هوندي هئي ۽ اڄ مهنجي پگهار 56 هزار آهي  جيڪا سون جي هڪ تولي جي برابر مطلب ته فائدا گهٽ هجڻ جي ڪري ڊاڪٽرن کي مجبورن  ٻاهر وڃڻو پوي ٿو.

سوال؛ ڊاڪٽر تنظيمون ڇا اهي صحيح آهن؟
جواب؛ صحيح آهن اگر انهن جو روح صحيح ۽ پاڪ آهي ورنه ڪنهن ڪم جون ناهن.

سوال؛ اوهان دل جو شعبو ڇو چونڊيو؟
جواب؛ دل جو شعبو انڪري چونڊيو جو ان وقت دل جا ڊاڪٽر تمام گهٽ هئا مان جڏهن 2004 ۾ اڳتي پڙهڻ لاءِ اسٽارٽ ورتو ته حيدرآباد ۾ دل جا چار ڊاڪٽر هئا ۽ اندروني سنڌ ۾ نه هئڻ جي برابرانڪري مون کي دل جو ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ دل جو شعبو صاف ۽ شفاف شعبو آهي ۽ هي ايمرجنسي شعبو آهي ۽ اگر ايمرجنسي ۾ اسان ڪنهن مريض کي ٽريٽ  ڪيو ٿا ۽ هو ٺيڪ ٿي وڃي ٿو اها تمام وڏي ڳاله آهي ۽ اهي لمحا مريض ۽ ڊاڪٽر کان نه وسرندڙ هوندا آهن.

سوال؛ دل جون عام بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ انهن کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو؟
جواب؛ بلڊپريشر ۽ دل جو اٽيڪ اهي دل جون عام بيماريون آهن ۽ ٻيون بيماريون ٻارن کي پيدائشي ٿين  ٿيو جھڙوڪ دل جي والن جي بيماري دل ۾ سوراخ ۽ اڪثر ڪري چيو ويندو آهي ته دل جو اٽيڪ والن جي بند ٿيڻ جي ڪري ٿيندو آهي پر اهڙو ڪجه ناهي اصل ۾ دل جون نسُون بند ٿي وينديون آهن جنهن جي ڪري اٽيڪ پوندو آهي.

سوال؛هڪ شاگرد جڏهن ايم بي بي ايس جي تعليم پوري ڪري ٿو ته انکي پنهنجو مستقبل ڪيئن روشن ڪرڻ گهرجي؟
جواب؛ اڄ ڪله جيڪو ايم بي بي ايس يا پوسٽ گريڊيوشن ڪري ميجر يا مائنر ۾ اسپيشلسٽ ٿئي ٿو هو سوچي ٿو ته مان اهو سڀ ڪري نوڪري ڪيان يا ايڊمنسٽريشن ڪيان ته اهو غلط آهي پر انکي گهرجي ته پنهنجو پاڻ کي اپڊيٽ رکي ۽ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري .

سوال؛ ميڊيڪل ڪئمپ هئڻ جا ڇا مقصد هوندا آهن؟
جواب؛ ڪئمپ جا ٻه ٽي مقصد هوندا آهن ڊاڪٽر مريض جي اسڪريننگ ڪندا آهن ۽ بيماري کي ڊ ٽيڪٽ ڪري   جن ماڻهن وٽ ڪنوينس نه هوندي آهي انهن کي در تي وڃي ٽريٽ ڪيو ويندو آهي  اڪثر ڪري ماڻهن کي ڪا هلڪي تڪليف هوندي آهي ته هو ڌيان نه ڏيندا آهن ان  تڪليف تي ۽ ڪئمپن ۾ ڪافي ماڻهن کي اکين جو نور مليو يا انهن جا ٻيا مسئلا حل ڪيا ويندا آهن ۽ عام دوائون ڏنيون وينديون آهن ۽ مفت ۾ علاج هڪ بهترين طريقو آهي ماڻهن کي آگاه   ڪرڻ  ۽  بيمارين جي باري ۾ ٻدائڻ جو.

سوال؛ اوهان جو شاگردن لاءِ ڪو پيغام ؟
جواب؛ شاگردن کي باقائدگي سان ڪلاسون اٽينڊ ڪرڻ گهرجن پنهنجي پڙهائي سان سچا رهن ۽ ڪتابن جا ِڪيڙا به سُٺا شاگرد نه هوندا آهن انهن کي گهرجي ته پريڪٽيڪل ورڪ به ڪن ۽ پنهنجو پاڻ سان سچا ٿين ته قدرت به انهن جو ساٿ ڏيندي .

          شيراز احمد سولنگي
2k14/MC/166        

                                    

انٽرنيٽ جو استعمال فائدو يا نقصان Referred back

Observe paragraphing. This seems not according to ur approved topic
Article
 Final Article by Sheeraz Ahmed Solangi

شيرازسولنگي      آرٽيڪل
انٽرنيٽ جو استعمال فائدو يا نقصان








اڄ دنيا ۾ تقريبن 80  سيڪڙو ماڻهون انٽرنيٽ جو استعمال باقائدگي سان ڪن ٿا. ۽ انهيءِ ٽيڪنالوجي کي ڏينهون ڏينهن جديد بڻايو پيو وڃي پر شروعات کان اڄ تائين ماڻهون ان جو غلط استعمال ڪن ٿا. حالانڪ انٽرنيٽ جو گهڻو استعمال معاشري ۾ غلط ۽ غير سماجي سرگرمين جو سبب بڻجي رهيو آهي. انٽرنيٽ جي استعمال جو ڪجه خرابيون هي آهن ته انٽرنيٽ جي هرو ڀرو جي استعمال سان نوجوان طبقو معاشري تي ۽ سماجي تعلقات جي فگدان جو شڪار ٿي رهيو آهي . آڳاٽي زماني جا ماڻهون هڪ رابطي  ۽ معلومات جي ڪري گڏجي رهندا هئا. ۽ هڪ ٻئي وٽ به رهندا هئا. پر هاڻي اهي سرگرميون ختم ٿي چڪيون آهن جنهن سان سماجي تعلقات خراب ٿيا آهن۽ ماڻهون هر قسم جي معلومات انٽرنيٽ تان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جنهن جي ڪري ڪتابن جو مطالعي جو رجحان ختم ٿيندو پيو وڃي. ۽ ڪجه ماڻهون انٽرنيٽ جي ذريعي غير اخلاقي ۽ غير قانوني فعل به سرانجام ڏين ٿا. دهشت گردي ۽ ڪرپشن جا گروه اهي غلط ڪم به انٽرنيٽ جي ذريعي ٿين ٿا. گهڻي دير تائين انٽرنيٽ جي استعمال سان اکيون خراب ٿين ٿيون ۽ مختلف بيمارين جو سبب بڻجن ٿيون. محفلن ۽ ميلن جو رونقون به انٽرنيٽ جي ڪري ئي تباه آهن ماڻهن ۾ ميل ملاقات جو رجحان تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي. انٽرنيٽ تي مذهبي اخلاقيات جي ذريعي اشتهار پهلايا وڃن ٿا سياسي ۽ ذاتي اختلافن کي انٽرنيٽ تي ڳولڻ جو وڌيڪ موقعو ملندو آهي جنهن سان معاشرو بدنظمي ۽ هنگامي صورت حال جو شڪار بڻبو . ڪافي دفعا انٽرنيٽ تي غلط معلومات ڏني ويندي آهي جنهن سان تمام گهڻا مسئلا ۽ غلط فهميون جنم وٺي سگهن ٿيون ۽ نوجوان شاگرد يا ٻيا ماڻهون انٽرنيٽ جو غير ضروري استعمال ڪري وقت ضايع ڪن ٿا.جيئن فيس بڪ ، چيٽنگ  اي ميل ۽ ٻيون شيون جن سان وقت ضايع ٿئي ٿو. انٽرنيٽ جي گهڻي استعمال سان نوجوان ذهني ڪمزوري ۽ ڊپريشن جو شڪار بڻجن ٿا. هڪ تحقيقي اداري مطابق ماڻهون انٽرنيٽ جي حد کان وڌيڪ استعمال سان ايتري ته حد تائين انٽرنيٽ جا عادي ٿي وڃن ٿا جو اگر هو هڪ ڏنيهن انٽرنيٽ جو استعمال نه ڪن ته هنن جو پريشان ۽ بيچين  رهڻ وڌي ويندو آهي. ۽ ڪتابي مطالعو هر عمر ۾ دماغي بيمارين کان بچائيندو آهي انٽر نيٽ جو گهڻو استعمال ذهني مرضن جو ڪارڻ پڻ بڻجندو آهي. انٽرنيٽ جو گهڻو استعمال ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي . انڪري انٽرنيٽ جي خراب اثرن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي  انٽرنيٽ جي استعمال ڪندڙن کي نقصانن جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ گهرجي. انٽرنيٽ تي برعڪس فلمون ۽ لٽريچر موجود هوندا آهن جنهن سان نوجوان نسل ۽ خاص ڪري ٻار مغربي انداز جي فلمن جي اثرن سان پنهنجي والدين جي نافرماني تي لهي ايندا آهن انڪري ٻارن کي انٽرنيٽ جي  بيوجه ۽ غلط استعمال کان روڪڻ گهرجي اڄ جي دور ۾ انٽرنيٽ جو حلقو اثر ايترو ته وڌي ويو آهي جو ماڻهون تصور به نٿو ڪري سگهي ته  انٽرنيٽ هڪ پنهنجي متوازن دنيا قائم ڪري ڇڏي آهي. جنهن جا پنهنجا اصول آهن انٽرنيٽ انسان جي بنيادي ضرورت بڻجي چُڪي آهي. نوجوانن ۾ انٽرنيٽ جو استعمال تمام گهڻي ڪثرت سان ڪيو ٿو وڃي اِهو هڪ عام مشاهدو آهي ته ڪمپيوٽر هر گهر جو اهم ترين حصو بڻجي چڪو آهي ۽ ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن وٽ انٽرنيٽ جي سهولت پڻ موجود هوندي آهي. شاگرد پنهنجي شعبي جي مطابق انٽرنيٽ تان معلومات ڪافي ساري معلومات کڻي سگهن ٿا ۽ انٽرنيٽ شاگردن  کي نوان دوست ڳولڻ ۾ مدد ڪندي آهي. هاڻي خبرن جو رجحان تمام تيز ٿي ويو آهي ۽ معلومات حاصل ڪرڻ آسان ٿي وئي آهي. اڄ انٽرنيٽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي. جنهن وٽ ڪمپيوٽر نه هوندو آهي اُهي انٽرنيٽ ڪيفي تي انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿا. عام طرح سان ڏٺو وڃي ته اڃ جو نوجوان انٽرنيٽ جو استعمال تفريح لاءِ ڪري ٿو تفريح به انسان جو بنيادي حق آهي پر انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ دوران اسان کي اهو خيال ضرور رکڻ گهرجي ته ڇا اسان انٽرنيٽ جو استعمال  صحت مند تفريح لاءِ ڪري رهيا آهيون. انٽرنيٽ جي استعمال جي دوران لاپرواهي وڌنڌي ٿي وڃي والدين کي پنهنجي ذميداري جو احساس هجڻ گهرجي ته هنن جا ٻار انٽرنيٽ ڇا جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ نوجوانن کي به خيال رکڻ گهرجي ته ڇا انٽرنيٽ جي استعمال سان هنن کي ڪو فائدو ملي ٿو اگر نتيجو اهو نڪري ته فائدو مليو آهي ته مطلب اسان انٽرنيٽ جو استعمال صحيح ڪيو آهي يا اگر نتيجو غلط نڪري ته مطلب ته اسان انٽرنيٽ جو استعمال صحيح نه پيا ڪيون  ۽ اسان کي انٽرنيٽ جو استعمال درست ڪرڻ گهرجي . هن نفسانفسي جي دور ۾ انسان پنهنجي مٽن مائٽن ۽ رشتن کان پري ٿيندو پيو وڃي ۽ انهن سان ملڻ لاءِ وقت ڪڍڻ تمام مشڪل ٿي ويو آهي  انٽرنيٽ جي ذريعي پنهنجي مٽن مائٽن سان رابطي ۾  رهي سگهجي ٿو. انٽڙنيٽ جي ذريعي عام ماڻهون به معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو. ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ دلچسبي وٺي سگهي ٿو ۽  تحقيق ڪرڻ سان ذهني نشورنما بهتررهي ٿي. اڄ انٽرنيٽ جو استعمال وڌي رهيو آهي ۽ ماڻهون انٽرنيٽ هر جڳه استعمال ڪن پيا جهڙوڪ گهر، يونيورسٽي، ڪاليج، آفيس ، سفر ۽ ٻي  هر جڳه تي انٽرنيٽ جو استعمال وڌنڌو ٿو وڃي انٽرنيٽ جو استعمال صرف نوجوان نه پر هر عمر جو ماڻهون ڪري رهيو آهي ۽ انٽرنيٽ تمام ڪارآمد ۽ بنيادي شيءِ بڻجندي پئي وڃي. انٽرنيٽ جي ذريعي بزنس ڪرڻ به آسان ٿي وئي آهي شآپنگ به گهر ويٺي ڪري سگهجي ٿي ڪنهن به شيءِ جو آرڊر آن لائن ڏئي ڪري ساڳي قيمت ۾ گهر ويٺي گهرائي سگهجي ٿي انٽرنيٽ تي آن لائن اخبار پڙهڻ جو رجحان به وڌي ويو  آهي جنهن سان ڪاغذ جو استعمال  گهٽجي ويو آهي ۽ گلوبل وارمنگ جو خطرو به گهٽجندو پيو  وڃي.

شيراز احمد سولنگي
2k14/MC/166

Tuesday, 19 January 2016

Referred back Qalandri Ghaar

2nd version - still expert opinion is needed or some secondary data

Feature By Sheeraz Ahmed Solangi


قلندري غار                                        
                       

                                                       
ائين ته سڄي سنڌ  قدرتي وسيلن ۽ ڪرشمن سان مالا مال آهي جنهن ۾ ٺٽي ضلعي ۾ حضرت بلال جي درگاه تي ڪرشما ته  ٻئي پاسي مڪلي واري قبرستان جا عجيب ۽  غريب   منظر اچي وڃن ٿا. . ان سڀني ڪرشمن ۽ منظرن مان سيوهڻ ۾ قلندري غار به هڪ خاصي قسم جو عجيب قدرتي ڪرشمو آهي. قلندري غار  سيوهڻ جي جبلن ۾ هڪ غار آهي جنهن کي قلندري غار جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو  قلندري غار جيڪا سيوهڻ  شهر  کان ڏکڻ  طرف  اٺ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي  ڳوٺ ڀڳو ٽوڙو سيوهڻ جي مين روڊ سان لڳو لڳ  آهي ۽ اهو غار چاليه کان پنجاه سال اڳ ڳولهي لڌو ويو هيو. ان غار جي  ڊيڳه ارڙهن فٽ ۽ ويڪر  ٽيه کان  چاليه فٽ آهي جنهن جي  خاصيت  ِاها آهي ته هن غار ۾ سال جا ٻارهن مهينا ٿڍي هوا لڳندي آهي پر گرمين جا ڏينهن ايندي ئي ان غار مان ايندڙ قدرتي ٿڍي هوا وڌيڪ ٿڍي ۽ پرسڪون بڻجي وڃي ٿي جنهن ۾ علائقي جا ماڻهون گرمين جي ڏينهن ۾ خاص ڪري سيوهڻ شهر جي سٽيل گرم هوا کان بچڻ واسطي  غار ۾ ايندا آهن  ۽ ان غار کي علائقي جي ماڻهن قدرتي ايئر ڪنڊيشن جو نالو ڏنو آهي جتي  ماڻهو پڻ تمام  پري پري کان اها قدرتي ٿڌي هوا جو مزو وٺڻ ايندا آهن جنهن ۾ خاص  ڪري ساوڻ جي جون جولاءِ وارو مهينو اچي وڃن ٿا.
غار سيوهڻ روڊ جي لڳ روڊ کان اٺ  فٽ مٿي آهي .غار جي ٻاهران جڏهن گلشير ڪورار نالي ماڻهون سان اسانجي ملاقات ٿي ته هن  اِهو ٻڌايو ته هو پنهنجي ابن ڏاڏن کان هن غار جي  سنڀال ڪندا پيا اچن ۽ هن وقت هو پاڻ  غار جو هلڪو ڪم ڪار ڪندو آهي ۽  غار جي سار سنڀال ڪندو آهي  غار تي ايندڙن کي چانه پڻ پياري ٿو جنهن جو ڪو به معاوضو نٿو وٺي  غار جي ڀرسان  پڻ هڪ مسجد  ٺهيل آهي جتي غار تي گهمڻ ايندڙ ماڻهون يا رستي جا مسافر نماز ادا ڪندا آهن اها مسجد تقريبن پنجويهه سال اڳ ۾ مولوي عبدالله چنه جن ٺهرائي  ۽ مسجد ۾ پڻ غار جي ٿڌي هوا جو اثر آهي مسجد جي ٻاهران هڪ قبر آهي جيڪا گلشير ڪورار جي چاچي خدمتگار فقير ميهر ڪورار جي آهي  فقير ميهر ڪورار به پنهنجي زندگيءِ ۾ ان غار جي سار سنڀال ڪندو هو ان غار جي مٿان ريل گاڏي جو رستو پڻ آهي جٿان هر گزرندڙ ريل گذر ڪندي آهي غار ۾ ايندڙ قدرتي هوا ڪاٿا ٿي اچي ڪيئن ٿي اچي ان جو ڪوئي به پتو نه لڳائي سگهيو آهي غار ۾ اندر هڪ ننڍڙي سرنگه وڃي ٿي جنهن ۾ اندر تمام گهڻي اونده آهي ۽ ان ۾ اندر وڃڻ تمام مشڪل آهي
غار جي ٻاهران هڪ آستانو آهي جنهن تي غار گهمڻ ايندڙ ماڻهون غار گهمڻ کان پوءِ چانه پڻ پيئن ٿا غار جي ٻاهران ڪجه وڻ به آهن جن ۾ ٻير جو وڻ ۽  هڪ بيدمشق آهي
غار جي صفائي سٿرائي ڪندڙ گلشير ڪورار جو چوڻ آهي ته هتي پاڻي جي ڏاڍي تڪليف آهي ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن لاءِ  پاڻي ڀر واري ڳوٺ مان کڻي اچون ٿا جيڪو ڏه کان پندرهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي  آهي  هن غار ۾ روز اٺ سئو کان هزار ماڻهون گهمڻ اچن ٿا.

شيراز احمد سولنگي
2k14/MC/166




Referred back 
Feature Article by Sheeraz Ahmed Solangi

قلندري غار                                                        

قلندري غار جيڪو سيوهڻ کان ڏکڻ کان 8 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي سيوهڻ جي جابلو ٽڪرين ۾ آهي جيڪا 40 کان 50 سال اڳ ڳولهي لڌي وئي هئي. اهو غار ڊيڳه 18 فٽ ۽ ويڪر 30 کان 40 فٽ آهي جنهن جو ڪمال اهو آهي ته اتي سال جا ٻارهن مهينا ٿڍي هوا لڳندي آهي جنهن کي علائقي جي ماڻهن قدرتي ايئر ڪنڊيشن جو نالو ڏنو آهي جتي ماڻهو تمام گهڻو پري پري کان ايندا آهن جنهن ۾ خاص  ڪري ساوڻ جي جون جولاءِ وارو مهينو اچي وڃن ٿا.
غار سيوهڻ روڊ جي لڳ روڊ کان 8 فٽ مٿي آهي .غار جي ٻاهران غار جي سار سنڀال ڪندڙ گلشير ڪورار جيڪو اتان جو هلڪو ڪم ڪار ڪندو آهي ۽ ايندڙن کي چانه پڻ پياريندو آهي جنهن جي ڪا به چارجز وغيره نه آهي غار جي ڀرسان هڪ مسجد ٺهيل آهي جتي رستي جا مسافر نماز ادا ڪندا آهن اها مسجد مولوي عبدالله چنه جن ٺهرائي هئي ان غار جي مٿان ريل جو رستو پڻ آهي جٿان هر گزرندڙ ريل گذر ڪندي آهي غار ۾ ايندڙ قدرتي هوا ڪاٿا ٿي اچي ڪيئن ٿي اچي ان جو کي ڪو به گولهي نه سگهيو آهي غار ۾ اندر هڪ ننڍڙي سرنگه وڃي ٿي جنهن ۾ اندر تمام گهڻي اونده آهي ۽ ان ۾ اندر وڃڻ تمام مشڪل آهي
غار جي ٻاهران هڪ آستانو آهي جنهن تي غار گهمڻ ايندڙ ماڻهون غار گهمڻ کان پوءِ چانه پڻ پيئن ٿا
غار جي ٻاهران ڪجه وڻ به آهن جن ۾ ٻير جو وڻ ۽  هڪ بيدمشق آهي
غار جي صفائي سٿرائي ڪندڙ گلشير ڪورار جو چوڻ آهي ته هتي پاڻي جي ڏاڍي تڪليف آهي پاڻي ڀر واري ڳوٺ مان کڻي اچن ٿا جيڪو 10 ڪان 15 ڪلوميٽر پري آهي غار ۾ روز اٺ سئو کان هزار گهمڻ اچن ٿا.