Final Interview by Sheeraz Ahmed Solangi
ڊاڪٽرمحمدهاشم شيخ
انٽرويو
جواب؛ منهنجو
نالو محمد هاشم شيخ آهي مان
لاڙڪاڻي کان آهيان ۽ مون پنهنجي پرائمري
تعليم
لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي ۽ انٽر نوابشاه
مان ڪئي پوءِ ايم بي بي ايس لمس مان ڪري
انکان
پوءِ پوسٽ گريڊويشن لمس مان ئي ڪئي ۽
پوءِ دل
جي شعبي ۾ ڊپلومه ۽ پوءِ سنڌ گورنمينٽ
۾ ڪميشن
پاس ڪري اسپشلسٽ آف ڪارڊيالاجي
ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ سرڪاري ملازم طور نوڪري
جا فرائض
سرانجام ڏئي رهيو آهيان.
--------------------------------------------------
--------------------------------------------------
سوال؛ دل
جي بيمارين جا ڪهڙا سبب آهن ۽ دل جون بيماريون ڇا جي ڪري ٿين ٿيون؟
جواب؛ اڄ ڪله اسان جو لائف اسٽائل غلڪ آهي اسان جون
ايڪٽوٽيز صحيح ناهن اسان ٿوري پنڌ لاءِ به موٽرسائيڪل جو استعمال ڪيو ٿا ٻاهر فاسٽ
فوڊ ۽هوٽلن تي ماني کائڻ جو رجحان اسان وٽ
گهڻو ٿي ويو آهي ننڊ ڪيو ڪون ٿا ۽ ورزش به نٿا ڪيو نه ئي ڪا فزيڪل ايڪٽوٽيز ٿا ڪيو
۽ سگريٽ وغيره پيئو ٿا انڪري دل جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون ۽ ڪجه ماڻهن کي
پيدائشي دل جي بيماري هوندي آهي.
سوال؛ هر سال پاڪستان ۾ ڪيترا ماڻهون دل جي بيماري ۾ مبتلا
ٿين ٿا؟
جواب؛ هر ٽئين ماڻهون سان دل جو مسئلو هوندو آهي بلڊپريشر به دل جي بيماري جو هڪ قسم آهي ۽ پاڪستان ۾ 20 ڪروڙ ماڻهن مان تقريبن 6 ڪروڙ ماڻهون دل جي
بيمارين ۾ مبتلا آهن.
سوال؛ هاءِ بلڊپريشر جي ڪري دل تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا ؟
جواب؛ هاءِ بلڊپريشر جي ڪري ڪجه به ٿي سگهي ٿو دل جو اٽيڪ
به بلڊپريشر جي ڪري ٿيندو آهي اسان کي گهرجي ته بلڊپريشر کي نارمل يا ڪنٽرول ۾ رکو
ته جيئن اسان کي ڪو نقصان نه پهنچي.
سوال؛ پاڪستان ۾ اهڙا ڪيترا ادارا آهن جيڪي دل جو علاج مفت
۾ ڪري رهيا آهن؟
جواب؛ تمام گهٽ ادارا آهن جيڪي دل جو علاج مفت ۾ ڪري رهيا
آهن جيئن انڊس ڪورنگي ڪراچي آهي ۽ ٻئي بدين ۾ هڪ اسپتال آهي پر اُهي به ڪو خاص ڪم
نه ڪري رهيا آهن باقي اسان جا ڊاڪٽر مفت ڪئمپ ارينج ڪري فلاحي ونگ ذريعي يا زڪوات جي ذريعي رعايت سان علاج ڪندا آهن.
مطلب ته ڪو به ادارو چاهي سرڪاري هجي يا پرائويٽ هجي بلڪل مفت ۾ علاج نٿا ڪن سواءِ انڊس اسپتال ڪورنگي کان علاوه.
سوال؛ ميڊيڪل سان شوق رکندڙ شاگردن کي ميڊيڪل فيلڊ ۾ اچڻ
وقت ڪهڙا ڪهڙا مسئلا پيش اچن ٿا؟
جواب؛ اڄ ڪله ايم بي بي ايس اُهو ئي پڙهي سگهي ٿو جنهن وٽ
پئسا آهن باقي غريب لاء پڙهڻِ تمام مشڪل آهي ۽ شاگردن سان ڪافي مسئلا درپيش اچن ٿا
جيئن هاسٽلن ۾ رهائش جا مسئلا ڊميز جن تي تجربو ڪيو ويندو آهي ڊميز تمام گهٽ آهن
رسورسز به گهٽ آهن ميديڪل ڪاليج توهان کي هر ضلعي ۾ ملندو پر فيڪلٽي مڪمل نه هوندي
غريب شاگردن لاءِ فنڊز ناهن ۽ ميڊيڪل ڪاليجن کي يونيورسٽين ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي
جتي غريب شاگرد پڙهي نٿا سگهن گورنمينٽ کي
گهرجي انهن کي لائسن ڏيڻ کان پهريان انهن کي مڪمل فيڪلٽي ڪري.
سوال؛ ڊاڪٽرس هتي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ٻاهر وڄڻ
ءِ اتي نڪري ڪرڻ کي ترجيح ڇو ڏيندا آهن؟
جواب؛ ترجيح انڪري گهٽ ڏيندا آهن جو هتي پگهار تمام گهٽ آهي
۽ ڊاڪٽرس تمام گهڻي محنت کان پوءِ جڏهن ڊاڪٽر ٿئي ٿو ته انکي پورا فائدا نٿا ملن ڊاڪٽر مجبور ٿي ٻاهر ويندا آهن مان پنهنجي گهر
جو ئي هڪ مثال ڏيندس ته منهنجو والد صاحب ڊاڪٽر هو 1956ع ۾ منهنجي والد جي پگهار 350 رپيا هوندي
هئي ۽ تڏهن سون جو تولو 80 رپيا هوندو هو ۽ هڪ ڊاڪٽر جي پگهار تقريبن چار تولا سون
جي برابر پگهار هوندي هئي ۽ اڄ مهنجي پگهار 56 هزار آهي جيڪا سون جي هڪ تولي جي برابر مطلب ته فائدا
گهٽ هجڻ جي ڪري ڊاڪٽرن کي مجبورن ٻاهر
وڃڻو پوي ٿو.
سوال؛ ڊاڪٽر تنظيمون ڇا اهي صحيح آهن؟
جواب؛ صحيح آهن اگر انهن جو روح صحيح ۽ پاڪ آهي ورنه ڪنهن
ڪم جون ناهن.
سوال؛ اوهان دل جو شعبو ڇو چونڊيو؟
جواب؛ دل جو شعبو انڪري چونڊيو جو ان وقت دل جا ڊاڪٽر تمام
گهٽ هئا مان جڏهن 2004 ۾ اڳتي پڙهڻ لاءِ اسٽارٽ ورتو ته حيدرآباد ۾ دل جا چار
ڊاڪٽر هئا ۽ اندروني سنڌ ۾ نه هئڻ جي برابرانڪري مون کي دل جو ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق
پيدا ٿيو ۽ دل جو شعبو صاف ۽ شفاف شعبو آهي ۽ هي ايمرجنسي شعبو آهي ۽ اگر ايمرجنسي
۾ اسان ڪنهن مريض کي ٽريٽ ڪيو ٿا ۽ هو ٺيڪ
ٿي وڃي ٿو اها تمام وڏي ڳاله آهي ۽ اهي لمحا مريض ۽ ڊاڪٽر کان نه وسرندڙ هوندا
آهن.
سوال؛ دل جون عام بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ انهن کان ڪيئن بچي
سگهجي ٿو؟
جواب؛ بلڊپريشر ۽ دل جو اٽيڪ اهي دل جون عام بيماريون آهن ۽
ٻيون بيماريون ٻارن کي پيدائشي ٿين ٿيو
جھڙوڪ دل جي والن جي بيماري دل ۾ سوراخ ۽ اڪثر ڪري چيو ويندو آهي ته دل جو اٽيڪ
والن جي بند ٿيڻ جي ڪري ٿيندو آهي پر اهڙو ڪجه ناهي اصل ۾ دل جون نسُون بند ٿي
وينديون آهن جنهن جي ڪري اٽيڪ پوندو آهي.
سوال؛هڪ شاگرد جڏهن ايم بي بي ايس جي تعليم پوري ڪري ٿو ته
انکي پنهنجو مستقبل ڪيئن روشن ڪرڻ گهرجي؟
جواب؛ اڄ ڪله جيڪو ايم بي بي ايس يا پوسٽ گريڊيوشن ڪري ميجر
يا مائنر ۾ اسپيشلسٽ ٿئي ٿو هو سوچي ٿو ته مان اهو سڀ ڪري نوڪري ڪيان يا
ايڊمنسٽريشن ڪيان ته اهو غلط آهي پر انکي گهرجي ته پنهنجو پاڻ کي اپڊيٽ رکي ۽ اعلي
تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري .
سوال؛ ميڊيڪل ڪئمپ هئڻ جا ڇا مقصد هوندا آهن؟
جواب؛ ڪئمپ جا ٻه ٽي مقصد هوندا آهن ڊاڪٽر مريض جي اسڪريننگ
ڪندا آهن ۽ بيماري کي ڊ ٽيڪٽ ڪري جن ماڻهن وٽ ڪنوينس نه هوندي آهي انهن کي در تي
وڃي ٽريٽ ڪيو ويندو آهي اڪثر ڪري ماڻهن کي
ڪا هلڪي تڪليف هوندي آهي ته هو ڌيان نه ڏيندا آهن ان تڪليف تي ۽ ڪئمپن ۾ ڪافي ماڻهن کي اکين جو نور
مليو يا انهن جا ٻيا مسئلا حل ڪيا ويندا آهن ۽ عام دوائون ڏنيون وينديون آهن ۽ مفت
۾ علاج هڪ بهترين طريقو آهي ماڻهن کي آگاه
ڪرڻ ۽ بيمارين جي باري ۾ ٻدائڻ جو.
سوال؛ اوهان جو شاگردن لاءِ ڪو پيغام ؟
جواب؛ شاگردن کي باقائدگي سان ڪلاسون اٽينڊ ڪرڻ گهرجن
پنهنجي پڙهائي سان سچا رهن ۽ ڪتابن جا ِڪيڙا به سُٺا شاگرد نه هوندا آهن انهن کي
گهرجي ته پريڪٽيڪل ورڪ به ڪن ۽ پنهنجو پاڻ سان سچا ٿين ته قدرت به انهن جو ساٿ
ڏيندي .
شيراز احمد
سولنگي
2k14/MC/166
No comments:
Post a Comment