2nd version - still expert opinion is needed or some secondary data
Referred back
Feature By Sheeraz Ahmed Solangi
قلندري غار
ائين ته سڄي سنڌ قدرتي وسيلن ۽ ڪرشمن
سان مالا مال آهي جنهن ۾ ٺٽي ضلعي ۾ حضرت بلال جي درگاه تي ڪرشما ته ٻئي پاسي مڪلي واري قبرستان جا عجيب ۽ غريب
منظر اچي وڃن ٿا. . ان سڀني ڪرشمن ۽ منظرن مان سيوهڻ ۾ قلندري غار به هڪ
خاصي قسم جو عجيب قدرتي ڪرشمو آهي. قلندري غار
سيوهڻ جي جبلن ۾ هڪ غار آهي جنهن کي قلندري غار جي نالي سان سڏيو وڃي
ٿو قلندري غار جيڪا سيوهڻ شهر
کان ڏکڻ طرف اٺ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ ڀڳو ٽوڙو سيوهڻ جي مين روڊ سان لڳو لڳ آهي ۽ اهو غار چاليه کان پنجاه سال اڳ ڳولهي
لڌو ويو هيو. ان غار جي ڊيڳه ارڙهن فٽ ۽
ويڪر ٽيه کان چاليه فٽ آهي جنهن جي خاصيت
ِاها آهي ته هن غار ۾ سال جا ٻارهن مهينا ٿڍي هوا لڳندي آهي پر گرمين جا
ڏينهن ايندي ئي ان غار مان ايندڙ قدرتي ٿڍي هوا وڌيڪ ٿڍي ۽ پرسڪون بڻجي وڃي ٿي
جنهن ۾ علائقي جا ماڻهون گرمين جي ڏينهن ۾ خاص ڪري سيوهڻ شهر جي سٽيل گرم هوا کان
بچڻ واسطي غار ۾ ايندا آهن ۽ ان غار کي علائقي جي ماڻهن قدرتي ايئر ڪنڊيشن
جو نالو ڏنو آهي جتي ماڻهو پڻ تمام پري پري کان اها قدرتي ٿڌي هوا جو مزو وٺڻ
ايندا آهن جنهن ۾ خاص ڪري ساوڻ جي جون
جولاءِ وارو مهينو اچي وڃن ٿا.
غار سيوهڻ روڊ جي لڳ روڊ کان اٺ فٽ
مٿي آهي .غار جي ٻاهران جڏهن گلشير ڪورار نالي ماڻهون سان اسانجي ملاقات ٿي ته
هن اِهو ٻڌايو ته هو پنهنجي ابن ڏاڏن کان
هن غار جي سنڀال ڪندا پيا اچن ۽ هن وقت هو
پاڻ غار جو هلڪو ڪم ڪار ڪندو آهي ۽ غار جي سار سنڀال ڪندو آهي غار تي ايندڙن کي چانه پڻ پياري ٿو جنهن جو ڪو
به معاوضو نٿو وٺي غار جي ڀرسان پڻ هڪ مسجد
ٺهيل آهي جتي غار تي گهمڻ ايندڙ ماڻهون يا رستي جا مسافر نماز ادا ڪندا آهن
اها مسجد تقريبن پنجويهه سال اڳ ۾ مولوي عبدالله چنه جن ٺهرائي ۽ مسجد ۾ پڻ غار جي ٿڌي هوا جو اثر آهي مسجد جي
ٻاهران هڪ قبر آهي جيڪا گلشير ڪورار جي چاچي خدمتگار فقير ميهر ڪورار جي آهي فقير ميهر ڪورار به پنهنجي زندگيءِ ۾ ان غار جي
سار سنڀال ڪندو هو ان غار جي مٿان ريل گاڏي جو رستو پڻ آهي جٿان هر گزرندڙ ريل گذر
ڪندي آهي غار ۾ ايندڙ قدرتي هوا ڪاٿا ٿي اچي ڪيئن ٿي اچي ان جو ڪوئي به پتو نه
لڳائي سگهيو آهي غار ۾ اندر هڪ ننڍڙي سرنگه وڃي ٿي جنهن ۾ اندر تمام گهڻي اونده
آهي ۽ ان ۾ اندر وڃڻ تمام مشڪل آهي
غار جي
ٻاهران هڪ آستانو آهي جنهن تي غار گهمڻ ايندڙ ماڻهون غار گهمڻ کان پوءِ چانه پڻ
پيئن ٿا غار جي ٻاهران ڪجه وڻ به آهن جن ۾ ٻير جو وڻ ۽ هڪ بيدمشق آهي
غار جي صفائي سٿرائي ڪندڙ گلشير ڪورار جو چوڻ آهي ته هتي پاڻي جي ڏاڍي تڪليف
آهي ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن لاءِ پاڻي ڀر
واري ڳوٺ مان کڻي اچون ٿا جيڪو ڏه کان پندرهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي هن
غار ۾ روز اٺ سئو کان هزار ماڻهون گهمڻ اچن ٿا.
شيراز احمد سولنگي
2k14/MC/166
Referred back
Feature Article by Sheeraz Ahmed Solangi
قلندري غار
قلندري غار جيڪو سيوهڻ کان ڏکڻ کان 8 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي سيوهڻ جي جابلو
ٽڪرين ۾ آهي جيڪا 40 کان 50 سال اڳ ڳولهي لڌي وئي هئي. اهو غار ڊيڳه 18 فٽ ۽ ويڪر
30 کان 40 فٽ آهي جنهن جو ڪمال اهو آهي ته اتي سال جا ٻارهن مهينا ٿڍي هوا لڳندي
آهي جنهن کي علائقي جي ماڻهن قدرتي ايئر ڪنڊيشن جو نالو ڏنو آهي جتي ماڻهو تمام
گهڻو پري پري کان ايندا آهن جنهن ۾ خاص ڪري ساوڻ جي جون جولاءِ وارو مهينو اچي وڃن ٿا.
غار سيوهڻ روڊ جي لڳ روڊ کان 8 فٽ مٿي آهي .غار جي ٻاهران غار جي سار سنڀال
ڪندڙ گلشير ڪورار جيڪو اتان جو هلڪو ڪم ڪار ڪندو آهي ۽ ايندڙن کي چانه پڻ پياريندو
آهي جنهن جي ڪا به چارجز وغيره نه آهي غار جي ڀرسان هڪ مسجد ٺهيل آهي جتي رستي جا
مسافر نماز ادا ڪندا آهن اها مسجد مولوي عبدالله چنه جن ٺهرائي هئي ان غار جي مٿان
ريل جو رستو پڻ آهي جٿان هر گزرندڙ ريل گذر ڪندي آهي غار ۾ ايندڙ قدرتي هوا ڪاٿا
ٿي اچي ڪيئن ٿي اچي ان جو کي ڪو به گولهي نه سگهيو آهي غار ۾ اندر هڪ ننڍڙي سرنگه
وڃي ٿي جنهن ۾ اندر تمام گهڻي اونده آهي ۽ ان ۾ اندر وڃڻ تمام مشڪل آهي
غار جي ٻاهران هڪ آستانو آهي جنهن تي غار گهمڻ ايندڙ ماڻهون غار گهمڻ کان پوءِ
چانه پڻ پيئن ٿا
غار جي ٻاهران ڪجه وڻ به آهن جن ۾ ٻير جو وڻ ۽ هڪ بيدمشق آهي
غار جي صفائي سٿرائي ڪندڙ گلشير ڪورار جو چوڻ آهي ته
هتي پاڻي جي ڏاڍي تڪليف آهي پاڻي ڀر واري ڳوٺ مان کڻي اچن ٿا جيڪو 10 ڪان 15
ڪلوميٽر پري آهي غار ۾ روز اٺ سئو کان هزار گهمڻ اچن ٿا.
غار جي ٻاهران ڪجه وڻ به آهن جن ۾ ٻير جو وڻ ۽ هڪ بيدمشق آهي
No comments:
Post a Comment