سوشل ميڊيا معاشري لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي
اسان جڏهن 20 سال پوئتي
نظر وجهنداسين تـ اسان کي نظر ايندو تـ هر هڪ شخص پهنجو وقت ڪتابن ، اخبارن ۽رسالن
کي ڏيندو هئو پر هاڻي سمارٽ فون ۾ موجود سوشل سائيٽس تي غير ضروري سرگرمين ۾ مصروف
رهي ٿو. جهازن ۽ انتظار گاهن ۾ ويٺل ماڻهو ڪنهن ڪتاب ۾ مطالعو ڪندي ڏسبو هو۽ لائيبريري
هر هڪ گهر جو حصو هئي هر ٻئي شخص وٽ گھٽ ۾ گھٽ
هڪ ڪتاب هوندو هوجنهن جو هو انتظار
گاھ يا سفر دوران مطالعو ڪندو هو اسپتالن ۽ ٻين جاين تي ڪتاب پيا هوندا هئا جيڪي اتي ويٺل ماڻهو پڙهندي نظر ايندا
هئا. پر اڄ جي دور ۾ سمارٽ فون ماڻهڻ جي هٿ
مان ڪتاب کسي ڇڏيا آهن سمارت فون ۾ جديد ٽيڪنالوجي سان گڏ هر سهولت موجود آهي جيڪا
نوجوان ظوڙي بزرگن ۽ ٻارن جي دلچسپي جو سبب بڻيل آهي. اڄ ڪلھ گهر ۾ ماني تيار نـ بـ
ٿيل هوندي تـ ٻار ماٺ ڪري انتظار ڪندا آهن پر وائي فائي ۾ خلل هوندي تـ گهر سر تي کڻي ڇڏيندا آهن. انهي
سمارٽ فون جي بدولت معلومات جي فراهمي ۽ سوشل ميڊيا جو استعمال وڌي ويو آهي پر جتي
هن جامثبت پهلو آهن اتي هن جي منفي اثرن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي.
ٻين وٽان ملندڙ معلومات
کي اڳتي پهچائڻ ۾ صرف هڪ بٽڻ کي دٻائڻو پوي ٿو معلومات صحيح هجي يا غلط ڪير بـ ان تي
توجه نـ ڏيندو آهي.
سوشل ميڊيا ذريعي صحت
سماجي مسئلن ۽ ٻين جي باري ۾ تمام گھڻي معلومات پکڙجي رهي آهي جيڪا افسوس جهڙي ڳالھ
آهي ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو بـ اها غلط معلومات پکيڙڻ ۾ شامل آهن وقت جي قلت ڪري
ڪير بـ اهو نـ سوچيندو آهي تـ معلومات صحيح آهي يا غلط . هي اهو دور آهي جتي ڪو بـ
شخص ميڊيا کان لاتعلق رهي نٿو سگھي . جتي ميڊيا جي فائدن بابت نظر وجھجي تـ ميڊيا عوام
کي زندگي جي سڀني شعبن بابت تمام گھڻي معلومات پهچائي ٿي دنيا جي ڪنهن بـ ڪنڊ ۾ جيڪي
ڪجھ ٿئي ٿو اهو سڄي دنيا ۾ چنڊ سيڪنڊن ۾ پکڙجي وڃي ٿو۽ زمين تي موجود هر شخص دنيا جي
هر ڪنڊ ۾ ٿيندڙ وقعن کان وقف ٿي ٿو وڃي جڏهن تـ ماضي ۾ اهي ڳالهيون پهچڻ ۾ تمام گھڻو
وقت لڳندو هو. ميڊيا جي ڪري عوام کي سياست ، ِصحت ، تعليم ،راندين ، سماجي مسئلن مطلب
تـ هر هڪ شعبي جي باري ۾ نئين نئين معلومات وڏي آساني سان ملي ويندي آهي جيڪو ميڊيا
جو اهم ۽ مثبت ڪردار آهي پر تصوير جا هميشه ٻـ پهلو هوندا آهن تـ ان جو بيو رخ بـ آهي
ان حلت ۾ ميڊيا پهنجي ذميداري جو مظاهرو نـ ڪندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن غلط معلومات پکيڙڻ
جو ذ ريعو بـ بڻبي آهي. سوين اخبارون ۽ ٽي وي چئنلس جي موجودگي ۾ نشر و اشاعت جا تمام
ٿورڙا ادارا آهڙا آهن جن جي م،علومات مستد ۽ قبلِ اعتبار آهي.
ميڊيا ۾ تـ اهڙا ماڻهو
بـ ضرور هوندا آهن جن جي اها ذميواري هوندي آهي تـ اهي خبرن ۽ معلومات جي تصديق ڪري
پوءِ جاري ڪندا آهن. پر سوشل ميڊيا بي لغام حوڙي وانگر آهي جنهن جي معلومات خبرون ۽
ٻيو مواد بغير ڪنهن تصديق جي وائرس وانگر ڦيلجي ويندو آهي جنهن جي ڪو بـ تصديق ۽ تحقيق
جي ذحمت نـ ڪندو آهي.
ڪجھ ڏينهن پهرين مون سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ پڙهي جيڪا هڪ معزز
استاد شيئر ڪئي هئي ان ۾ لکيل هو تـ رات جو 12 بجي کان پوءِ موبائيل بند ڪري ڇڏيو ڇو
تـ خلاءِ مان هڪ خطرناڪ قسم جي تابڪاري ۽ ٻيون لهرون زمين طرف اچي رهيون آهن جيڪي موبائيل
فون ذريعي انسان کي نقصان پهچائينديون. مون محترم استاد جو اهو پيغام پڙهي انهي ڳالھ
جي تصديق ڪئي ۽ معلوم ٿيو تـ ان ڳالھ ۾ ڪا سچائي نـ هئي، پهمجي استاد کي انهي بابت
آگاھ ڪيم تـ هن اهو تسليم ڪيو تـ هن بغير ڪنهن تصديق جي پيغام کي اڳتي روانو ڪري ڇڏيو
آهي بهر حال ڪيترن ئي ماڻهن تي ان جو غلط اثر پيو هوندو ان ڳالھ جو ڪو بـ تدارڪ ممڪن
ناهي . انهي نوعيت جا ٻيا بـ ڪيترائي پيغام اطلاع۽ معلومات روزانو گردش ڪندا رهن ٿا
جن کي ماڻهو بغير ڪنهن تصديق جي شيئر ڪندا رهن ٿا ڪٿي ڪا پاڻ مرادو ڪهاڻي پيش ڪئي ويندي
آهي تـ ڪٿي وري ڪنهن ايجاد جي باري ۾ ٻڌايو ويندو آهي تـ ڪٿي وري وائرس اچڻ جا اطلاع
ڏنا ويندا آهن .
ان کان سواءِ هڪ خطرناڪ
روايت ٻ نڪري وئي آهي تـ صحت جي باري ۾ غلط
معلومات پکيڙي پئي وڃي اهڙن پيغامن ۾ شگر هاءِ بلڊ پريشر ڪينسر ۽ بين موضي مرضن جو
ڪو بـ مستعل علاج موجود نـ آهي جنهن ڪري ڪنهن بـ ڏنل غلط معلومات جي بنياد تي ڪو مريض
بـ عمل ڪري پهنجي صحت اڃا نـ خراب ڪري سگھي ٿو. سوشل ميڊيا ذريعي هن قسم جي معلومات
پکيڙڻ ۽ ماڻهن جي صحت سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي .
آئون وڌيڪ تعجب ۾ پئجي
ويس جڏهن هڪ معزز معاشري جي سماجي شخصيت جنهن کي
سوشل ميڊيا تي گھڻا ماڻهو فالو ڪندا آهن ان شوگر جي علاج جي لاءِ ديسي ڪڪڙ جي
بِيضن کي لوڻ ۾ ملائي کائڻ جو مشورو ڏنو ڪيترن ئي ماڻهن ان جي معلومات کي ٻين سان شيئر
ڪيو اهڙا معزز دانشور استاد معاشري جي رهنمائي ڪندا آهن پر جڏهن اهي ئي ان قسم جي معلومات
کي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪنداآهن تـ اسان کي تمام گھڻو افسوس ۽ ڏک ٿيندو آهي . سائنس جو هڪ
عام شاگرد بـ اهو سمجهي ٿو تـ شوگر جو تعلق جسم ۾ موجود کنڊ جي ميٽابوليزم سان آهي
جنهن جي لاءِ انسولين يا شوگر جي ٻين دوائن سان ئي علاج ممڪن آهي بيضا ۽ لوڻ کائڻ سان
تـ شوگر جو مرض اڃا بـ وڌي سگھي ٿو ڇا ڪاڻ تڱ شوگر جا گھڻا مريض بلڊپريشر ۽ رت ۾ ڪولسٽرول
گھڻائي وارن مسئلن جو شڪار هوندا آهن تـ لوڻ ۽ بيضا انهن ٻنهي بيمارين کي وڌائڻ جو
سبب بڻبا آهن. اهو ڪم ڊاڪٽر يا معالج جو آهي ان کي ئي ڪرڻ ڏجي.
سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ
انهي حقيقت کان بخوبي واقف آهن تـ اج جي دور ۾ معلومات باھ ونگر پکڙبي آهي. ان ڪري
اسان کي پهنجي ذميداري سان تحقيق ۽ تصديق ڪرڻ بعد ئي سوشل ميڊيا تي معلومات شيئر ۽
لائيڪ ڪرڻ گھرجي پر اها اسن سڀني جي ذميواري آهي تـ سوشل ميڊيا استعمال ڪندِڙن کي پڻ
اها صلاح ڏيون تـ ڪا بـ معلومات بغير سوچڻ سمجھڻ جي شيئر نـ ڪرڻ گهرجي ممڪن آهي تـ
اسان جي اها ڪوشش ڪامياب ٿئي انهي صورتحال جو تدارڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ اسان سڀني ذميواري
آهي ممڪن آهي تـ اسان غلط معلومات جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪامياب وڃون جنهن جي ڪري گھٽ ۾
گھٽ انساني صحت سان کيڏڻ جو سلسلو گھٽجي سگهي ٿو.
سوشل ميڊيا زندگي جي
حقيَقي رشتن درميان ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو سبب پڻ بڻجي رهي آهي ان جي ڪري رشتن تان اعتماد
کڄي وڃڻ جا امڪان پيدا ٿي رهيا آهن هڪ بئي تان ويساھ کڄي رويا آهن ۽ روئين ۾ پهنجائپ
وارو رجحان ختم ٿي ويو آهي. گذريل ڪجھ عرصي کان سوشل ميڊيا اهڙا مسئلا پيدا ڪرڻ جو
هڪ وڏو سبب بڻجي سامهون اچي رهي آهي. پهنجي ساٿي کي نظر نداز ڪري ٽيوٽر ، واٽس ايپ
، فيس بڪ ، تي مصروف رهڻ جي عادت جي ڪري ڪيترا ئي جوڙا هڪ ٻئي کان عليحدگي اختيار ڪري
چڪا آهن .
سنڌ ۾ ڪافي اهڙا طلاق
جا ڪيس ڏسڻ ۾ آيا آهن جن جو سبب سوشل ميڊيا آهي. هڪ رپورٽ مطابق طلاق جي 10 ڪيسن ۾
6 ڪيس اهڙا هوندا آهن جن جو سبب انٽرنيٽ جو استعمال آهي.
عورت ڪائونسلر شهلا زيدي
جو چوڻ آهي تـ گزريل 3 مهينن دوران عدالت ۾ آيل 42 ڪيس اهڙا هئا جن جي عليحدگي جو سبب
صرف ۽ صرف سوشل ميڊيا آهي.
نفسياتي ماهرن جو اهو
بـ چوڻ آهي تـ جڏهن ڪو شخص گھڻو وقت سوشل ميڊيا تي گذاريندو آهي تـ ان جا اثر حقيقي
رشتن تي پوندا آهن جيڪو هڪ فطري عمل آهي خاندان ۾ هڪ ٻئي جي تعريف نـ ڪري رهيا آهن
نـ وري پهنجي خانداني ماڻهن جي خيالن کي ڪا اهميت ڏئي رهيا آهن . هاڻي سوشل سائيٽس
تي تصوير ۽ ڪمينتس پوسٽ ڪري ماڻهو پهنجون خوشيون تلاش ڪري رهيا آهن. اڄ ڪلجتي سوشل
ميڊيا جي ڪري دنيا ڳنڍجي وئي آهي تـ اتي ان جا نقصان بـ نظرانداز نٿا ڪري سگھجن . اسان
سڀني کي اها ڪوشش ڪرڻ گھرجي تـ سوشل ميڊيا جي استعمال وقت ان جي منفي اثرن کان پري
رهون ڪا بـ ڳالھ شيئر ڪرڻ کان پهرين ان جي تصديق ڪريون تـ اها صحيح آهي يا غلط ائين
اکيون پوري ڪو پيغام يا معلومات ٻي طرف رواني ڪرڻ سماجي معاشي نقصان آهن ان سان انسان
جي صحت تي ب خراب اثر پون ٿا جن کي روڪڻ جي اڄڪلھ تمام گھني ضرورت آهي .
#SocialMedia, #Rameez
#رميز, #سوشل_ميڊيا,