روي شنڪر مالهي
بي ايس پاٽ 3
رول 80
ڊپارٽمينٽ پروفائيل
انسٽيٽيوٽ آف ٽيليڪميونيڪيشن
سنڌ يونيورسٽي پاڪستان جي تاريخي يونيورسٽين مان هڪ آهي ۽ هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪل 56 شعبه آهن ،جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ آف ٽيليڪميونيڪشن هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو.
انسٽيٽيوٽ آف ٽيليڪميونيڪشن جي تعارف کان اڳ اسان کي فزڪس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي تي نظر وجھڻي پوندي ڇوته اهو شعبو هن شعبي سان لاڳاپيل آهي. 1979ع کان فزڪس اينڊ ٽيڪنالاجي هڪ ئي شعبو هو 1993ع ۾ هڪ نئين بلڊنگ ٺاهي وئي جنهن جو نالو انسٽيٽيوٽ آف فزڪس اينڊ ٽيڪنالاجي (IPT) جنهن جو افتتاح ان وقت جي وائس چانسلر ڊاڪٽر راشد علي شيخ ڪيو۽ ان وقت ڊاڪٽر عبدالحسين شاھ بخاري ڊائريڪٽر هو، جڏهن انفارميشن ٽيڪنالاجي ترقي ڪرڻ لڳي ته 1998ع ۾ هن شعبي کي فزڪس کان الڳ ڪري انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي (IIT)نالو رکيو ويو. جئين ته انسٽيٽيوٽ ۾ 4 سبجيڪٽ پڙهايا ويندا آهن،انفارميشن ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر، اليڪٽرانڪس ۽ ٽيليڪنيونيڪيشن. جڏهن ٽيليڪنيونيڪيشن جي اهميت و افاديت وڌڻ لڳي ته وري 2008ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي (IIT) کان انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (IICT) نالو تبديل ڪيو ويو.
اسنٽيٽيوٽ آف ٽيليڪميونيڪشن جي يونيورسٽي آف سنڌ ۾ 1993ع ۾ باقاعده شروعات ٿي، شروعات ۾ هن 3 سالن جي. B.Sc (Hons)جي ڊگري ڏني ويندي هئي ۽(. B.Sc (Honsکان پوءِ 1 سال جي (M.Sc) به ڪئي ويندي هئي ۽ ان بعد 4 سالن جي بيچلر ڊگري ڏني ويندي آهي.
اڄڪلھ تيزي سان ترقي ڪندڙ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ٽيليڪميونيڪيشن جو هميشه اهم ڪردار رهيو آهي، دنيا ۾ ٽيليڪميونيڪيشن جو آغاز پھرين مهاڀاري جنگ ۾ ٿيو ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ ٽيليڪميونيڪيشن جو باقاعده استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ ريڊار ۽ ٽيليفون رابطي ۾ وڏو اهم ڪردار هيو.
ٽيليڪميونيڪشن جو مطلب مواصلاتي نظام ، هن شعبي ۾ ريڊيو، ٽيليوزن، ٽيليفون، ريڊار، سيٽلائٽ ۽ ٻين مواصلاتي نظام جي متعلق پڙهايو ويندو آهي، اڄڪلھ اسان پنهنجي پيارن ۽ دوستن سان پري پري تائين سيڪنڊن ۾ رابطي ۾ هوندا آهيون اهو صرف ٽيليڪميونيڪيشن جي بدولت آهيون.
انسٽيٽيوٽ آف ٽيليڪنيونيڪيشن يونيورسٽي آف سنڌ ۾ اهي سبجيڪٽ پڙهايا ويندا آهن ، آپريشنل ريسرچ، ڊيجيٽل ڪميونيڪيشن، ريڊار سسٽم آپٽيلڪل فائيبر ڪميونيڪيشن، رينڊم انفارميشن ٿيوري، انجينئيرنگ، ايويونڪس، مائيڪروپروسيسسر، مائيڪرو ڪمپيوٽر سسٽم اينڊ اپليڪيشنس، ڪمپيوٽر ڪميونيڪيشن نيٽورڪس،ٽيلي_ٽريفڪ انجيئيرنگ، ۽ ڪميونيڪيشن نيٽورڪس،سگنل ٿيوري، سيٽلائٽ ڪميونيڪيشن، ٽيليڪام نيٽ ورڪس مينيجميٽ. ملٽي ميڊيا سسٽم ، موبائل انڊ وائرليس ڪميونيڪشن ۽ ٻيا شامل آهن.
اسنٽيٽيوٽ آف ٽيليڪميونيڪشن ۾ ٽيچنگ اسٽاف ۾
* شازيه عباسي ، اسسٽنٽ پروفيسر.
(M.Sc) ٽيليڪميونيڪيشن 1997ع (S.U)
* محمد اسلم ڪنڀر، اسسٽنٽ پروفيسر.
(M.Sc) ٽيليڪميونيڪيشن 1997ع (S.U).
* نثار احمد ميمڻ ، اسسٽنٽ پروفيسر
(M.Sc) ٽيليڪميونيڪيشن 1999ع (S.U)
۽ ٻيا شامل آهن جيڪي پھرين انھي انسٽيٽيوٽ جا شاگرد پڻ هئا.
اسنٽيٽيوٽ آف ٽيليڪميونيڪشن ۾ شاگردن جي پريڪٽيڪل ڪم لاءِ معياري ليبارٽريز پڻ آهن جنهن ۾ انٽينا سسٽم،آپٽيڪل فائيبر،مائيڪرو ويو اينالاگ ڪميونيڪيشن، ڊيجيٽل ڪميونيڪيشن انڊ ٽيليفون سسٽم اقوائپمينٽ، ۽ ٻيا جديد قسم جا آلات پڻ موجود آهن. ۽ شاگردن جي مطالعي لاءِ لائبريري پڻ موجود جديد آهي جنهن ۾ ڪميونيڪيشن ڪتابن سان گڏ ٻيا هزارين ڪتاب موجود آهن.
انسٽيٽيوٽ آف ٽيليڪميونيڪشن ۾ 2016 ۾ 86 شاگردن جي بئچ آئي آهي جڏهن ته ايم اي پريويس ۾ شاگردن جو تعداد 18 آهي. ۽ ٽيليڪميونيڪيشن ۾ ايويننگ پروگرام ناهي.
جئين ته اسنٽيٽيوٽ آف ٽيليڪميونيڪشن، انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (IICT)سان گڏيل هڪ ئي بلڊنگ ۾ آهي ته چار ئي انسٽِٽيوٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر، اليڪٽرانڪس ۽ ٽيليڪنيونيڪيشن جو ڊائريڪٽر به هڪ آهي ۽ هن وقت ڊائريڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا آهي ۽ هن کان اڳي اسد شيخ، امداد علي اسماعيلي، ڊاڪٽر عبدالحسين شاھ بخاري ۽ ٻيا ڊائيريڪٽر رهي چڪا آهن.
No comments:
Post a Comment