Monday, 15 February 2016

Plantation and Beautification section of Sindh University

photo is needed. Trees out side arts faculty. soem old trees on hostel side. Sindhology, pharmacy, and some  centres  in this area  is also part of University. 
Proper paragraphing plz
پلانٽ اينڊ بيوٽيفڪيشن يونيورسٽي آف سنڌ

منصور علي جتوئي 
ڪنهن به شهر جي خوبصورتي وڻن کانسواءِ اڌوري آهي. اهوئي سبب آهي جو دنيا جو سڌريل ملڪن ۾ حڪومت سان گڏ اتي جا عام ماڻهو به وڻن جي پوکائي ڪري پنهنجن شهرن توڙي ڳوٺن کي وڌ کان وڌ خوبصورت بڻائين ٿا. پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ وڻڻ جي پوکائي لاءِ سرڪاري سطح تي وري ڪا به  پراپر ڪم نٿو ٿئي،اسان رڳو حيدرآباد يا ڄامشوري جو جائزو وٺون ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان هنن کي وڻن جي خوبصورتي کان محروم رکيو ويو،پر جيڪي ٿورا گھڻا وڻ هُئا، انهن کي به لالچي ماڻهن ڪجھ پئسن عيوض وڍائي شهرن سان وڏي ذيادتي ڪئي آهي، اهوئي سبب آهي جو هاڻي سنڌ ۾ وڻ نه هجڻ جي برابر آهن.ذڪر ڪنداسين  ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتي تي قائم سنڌ يونيورسٽي جي هر شعبي سميت سڄي ايراضي تي مختلف قسمن جا وڻ ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺا آهن،انهن وڻن جي دولت ئي مادرعلمي جون حسناڪيون پوري يونيورسٽي کي پسڻ بعد بار بار ڏسڻ  تي مجبور ٿي وڃن ٿيون.سنڌ يونيورسٽي ۾ وڻڪاري لڳائڻ مجبور ٿي وڃن ٿيون.سنڌ يونيورسٽي ۾ وڻڪاري لڳائڻ تمام ڏکيو ڪم هو ڇاڪاڻ ته هي مادر علمي پٿريلي ڌرتي تي قائم آهي، پرپوءِ به انتطاميه ڏينهن رات جي جدوجهد بعد وڻڪاري قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي،

نوييورسٽي ۾ پهريون باغيچو ڪڏهن لڳايو ويو ان جي ڪا صحيح تاريخ نٿي ملي،جيڪا  افسوس جهڙي ڳالھ آهي هڪ اهڙو ادارو جيڪو ڪافي سالن کان محقق،ڊاڪٽر ۽ انجنيئر پيدا ڪري زبردست ڪارنامو سرانجام ڏيئي رهيو آهي. پر اتي ئي بيٺل وڻن جي ڪا اٿينٽڪ تاريخ نه ملي ته افسوس ته ٿيندو نه.سينٽرل لائيبريري جي سامهون زيرو پوائنٽ جي هيٺاهين سرزمين تي 1990ع ۾ کجين جو باغ پوکيو ويو، وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي جي دور ۾ لڳايل اهو کجين جي باغ مادر علمي جي حسناڪين ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.هتي کجين کان علاوه ٻيا مختلف قسمن جا وڻ آهن، جن ۾ انب ليمون، چڪون، توت، ڄمون، ٻير، ٻٻر، زيتون، ٽالهي،،ناريل،انجير،شهتوت،کيرول،ڪوناڪارپس ۽ بيدمشق شامل آهن، تيز ۽ مست هوائن ۾ ڪنڌ لوڏيندڙ بيد مشق جي وڻ جي ڇاته ڳالھ ڪجي هي اهو وڻ آهي جنهن جو رومانوي ڪهاڻين ۾ ذڪر ملي ٿو، رهجي ويل منظر ۾ به هن يوڪلپٽس جي جنهن کي  ٽيڪ ڏيئي محبوب جو انتظار ڪرڻ وارا منظر قلم بند ڪيا ويا آهن.

وڻن جي سار سنڀال لاءِ مالهي ۽ بيلدار آهن جن جو تعداد 30 کن آهي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي ٽينڪرن ذريعي وڻن جو اڃ اجھائي نٿا. هنن مالهين ۾ اهو ربنواز به شامل آهي جنهن جو ابو علي نواز به وڻن جي سار سنڀال اولاد وانگر ڪئي هئي هن خاندان کي وڻن سان رومانس جي حد تائين پيار آهي ۽ هو وڻن کان هڪ پل به پري رهي نٿا سگھن.وڻن جي 30 سارسنڀال ڪندڙ چاچو علي نوازريٽائير ٿيڻ بعد به لٺ جي ٽيڪ تي روزانو يونيورسٽي اچي وڻن سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪري ٿو ، سندس چوڻ آهي ته  جواني ۾ هنن وڻن کي مون اولاد وانگر پالي پوسي وڏو ڪيو آهي. ڇاڀلا ڪو ماڻهو پنهنجي اولاد کان پري رهي سگھي ٿو ؟ نه هرگز نه شايد آئون پيدائي هنن وڻن جي ڪري ٿيس ۽ منهنجي زندگي هنن وڻن سان ئي آهي جيڪڏهن مان مري وڃان ته منهنجي قبرسان ٻوٽا پوکيو ته جئين منهنجي روح کي آسيس ملي سگھي. چاچوعلي نواز وڻن بابت حال اوريندي لڙڪ لاڙي ويٺو سندس موجب منهنجي دور ۾ وڻن جا 80 قسم هئا،هاڻي وڃي 50 بچيا آهن.لالچ لاپرواهي يونيورسٽي جي حسناڪين تي ڄڻ تيزاب هاري ڇڏيو آهي.وڻن جا اوچا ڳواٺ لالچي ڪات ڪهاڙن سان وڊيا ويا آهن هينئر ضرورت هن گالھ جي آهي ته يونيورسٽي انتظاميه يونيورسٽي جي خوبصورت چهري کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪري ته جئين وڻن جي سار سنڀال سان گڏ ٻيا باغيچا به لڳايا وڃن ته جئين يونيورسٽي جو ماحول معطر ٿي سگھي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ساوڪ هميشه جيئين قائم رهي.

منصور علي جتوئي 
2k14/MC/48
BS- -III

No comments:

Post a Comment