Monday, 15 February 2016

SIndh Development centre


صدام حسين سولنگي
آرٽيڪل
سنڌ ڊولپمينٽ اسٽيڊي سينٽر

سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌ ڊولپمينٽ اسٽيڊي سينٽر جو 1985ع ۾ انعقاد ڪيو . سنڌ ۾ سهولتن جي کوٽ جي ڪري سنڌ ڊولپمينٽ اسٽيڊي سينٽر سنڌ جي ڳوٺاڻن جي علائقن ۾ سهولتن کي فراهم ڪرڻ لاءِ ننڍي آرگنائزيشن ٺاهي ته جيئن ڳوٺاڻن ۾ شعور ۽ سهولتون فراهم ڪيو وڃن.
سنڌ ڊولپمينٽ اسٽيڊي سينٽر جو مقصد ماڻهن ۾ انسانيت جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ هن سينٽر جو انعقاد 1985ع ۾ ٿيو جنهن جو پهريو چيئرمين غلام حسين خاصخيلي کي مقرر ڪيو ويو.
ان ڊپارٽمينٽ جي شروع ۾ صرف ايم ، ايس ، سي پڙهائيندا هئا. آهسته آهسته ان ۾ بهتري آئي ان ۾ گريجويشن جي تعليم 2006 ع ۾ شروع ڪئي وئي.
گريجويشن جي تعليم  جيڪا پوري پاڪستان ۾ ڪنهن به يونيورسٽي ۾ ناهي ٿيندي. ۽ هن وقت به پاڪستان جي سنڌ يونيورسٽي جو واحد ڊپارٽمينٽ سنڌ ڊولپمينٽ اسٽيڊي سينٽر آهي جنهن ۾ گريجويشن جي تعليم آهي سنڌ يونيورسٽي کان علاوه پنجاب جي يونيورسٽي لاهور ۽ اسلام باد ۾ به شعبو آهي پرانهن ۾ صرف ايم، ايس ، سي ٿيندي آهي ۽ گريجويشن صرف سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيندي آهي .  2006 ع کان پهريان صرف ايم، ايس ، سي جو ڪلاسون هلنديون هيو ۽ جڏهن 2006 ع ۾ گرجويشن جي ڪورس جون ڪلاسون شروع ڪيو ويو ته فرسٽ ايئر ۽ سيڪنڊ ايئر جو ڪلاسون پبلڪ ايڊمنسٽريشن  ڊپارٽمينٽ ۾ ٿينديو هيو اهو عمل 2010 ع تائين جاري رهيو ۽ سال 2010 ع  کان پوءِ پنهنجي ڊپارٽمينٽ ايس ، ڊي ، ايس، سي ۾ گريجويشن جون ڪلاسون شروع ڪيون. 2013 ع  کان پهريان ايس ، ڊي ايس ، سي ڊپارٽمينٽ جا اميدوار شاگرد ''جي . آر. ئي'' جي ٽيسٽ ڏيندا هئا ته ايڪنامڪس ڊپارٽمينٽ جي طرف کان ''جي . آر. ئي'' جي ٽيسٽ ڏيندا هئا. پر سال 2014 ع کان پوءِ پنهنجي ڊپارٽمينٽ ايس، ڊي ، ايس . سي جي طرفان ''جي . آر . ئي'' جي ٽيسٽ ڏيندا آهن
ايم، سي ، ايس جو ڪورس انڪري ڊزائن ڪيو ويو آهي ته رورل ايرياز(گوٺاڻن علائقن) ۾ سماجي ، معاشي ترقي وڌائڻ وارو هنر سيکارڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. هي ڪورس شاگردن کي ان قابل ڪندو آهي ته جيئن هو ڳوٺآڻا مسئلا حل ڪري سگهن. جڏهن کان هي ڪورس متعارف ڪرايو ويو آهي سوين شاگرد ڪاميابي سان پاس آئوٽ ڪري مختلف سرڪاري ۽ پرائويٽ ادارن ۾ خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن.
شعبي ايس، ڊي ، ايس ، سي ۾ پڙهائڻ لاءِ اٺ استادن جي فيڪلٽي موجود آهي جنهن ۾ ان جو ڊاريڪٽر غلام علي ڄاريڪو آهي ۽ ان کان علاوه پنج استاد موجود آهن جنهن ۾  پروفيسر هڪ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ٻه ليڪچرر ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن ڊپارٽمينٽ ۾ ٻه وزيٽنگ فيڪلٽي جا استاد آهن جن ۾ هڪ غلام حسين خاصخيلي سينئر ٽيچرن مان آهي جيڪو ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين به ٿي رهيو آهي. ۽ ٻيو پروفيسر اقبال حسين قاضي آهي ۽ ٻه استاد ٻيا به آهن جيڪي اسٽيڊي ليو تي ويل آهن جن ۾ مشرف ٽالپر 2012 ع کان  يو . ڪي  ويل آهي ۽ ٻيو راحيل معروف ٻگهيو 2014 ع کان ڪينڊا ويل آهي.
هي ڊپارٽمينٽ پنهنجي تعليمي خدمات کي چار قسمن ۾ مهيا ڪندو آهي جنهن ۾ هڪ  پوسٽ گريجويٽ ڊگري پروگرام ٻيو اڪيڊمڪ ريسرچ ٽيون اپلائيڊ ريسرچ ۽ چوٿون انفارميشن شيئرنگ آهي.
شروع ۾ شاگردن جو تعداد تمام گهٽ هوندو هو ۽ پوءِ آهسته آهسته شاگردن ۾ رجحان وڌندو ويو شروعاتي  سالن ۾ شآگردن جو تعداد پنجويه کان ٽيه هوندو هو ۽ هاڻي موجوده سال 2016 ع ۾ اسي  شاگرد ن ايڊميشن ورتي آهي ڊگري پوري ڪرڻ کان پوءِ گهڻي قدر نوڪرين جا موقعا  اين . جي اوز ، پلاننگ ڊولپمينٽ ، منسٽري آف ڊولپمينٽ ۽ لوڪل گورنمينٽ ۾ ملندا آهن. ۽ ايس . ڊي ايس . سي  ڊپارٽمينٽ مان پاس آئوٽ ڪري ويل ڪافي شاگرد انهن ادارن ۾ ڪافي سٺن عهدن تي نوڪريون سرانجام  ڏئي رهيا آهن ۽ اعلا آفيسرن جي عهدن تي موجود آهن. ايس . ڊي . ايس . سي ڊپارٽمينٽ ڪاميابي سان انهن ادارن سان پنهنجا اسائمينٽ ۽ ريسرچ ورڪ لاءِ مشوره ڪري چڪي آهي  جن مان ڪجه هي آهن
 انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايسوسئيشن
ورلڊ بينڪ
ايشين ڊولپمينٽ بينڪ
۽ ٻيا

صدام حسين سولنگي

2k14/MC/162

No comments:

Post a Comment