Monday, 15 February 2016

Department of Zoology Sindh University

Paragraphing is needed
ڊپارٽمينٽ آف زولاجي يونيورسٽي آف سنڌ
جمشيد علي ڪنڀر

سنڌ يونيورسٽي ۾ زولاجي شعبو 1956ع ۾ قائم ڪيو ويو.شروعاتي سالن ۾ شعبي جا ڪلاس حيدرآباد ۾ پڙهايا ويندا هئا.جڏهن  سنڌ يونورسٽي ۾ فزڪس شعبو قائم ڪيو ويو ته زولاجي شعبي جا ڪلاس به فزڪس شعبي جي عمارت ۾ پڙهائي شاگردن جي مشڪلن کي ڪنهن حد تائين حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا ڪنهن حد تائين ۽ ڪجھ وقت تائين ڪامياب ويو. پر ان کانپوءِ جڏهن فزڪس ۽ زولاجي ٻنهي شعبي ۾ شاگردن جو ريشو وڌڻ لڳو ۽ ان سان گڏوگڏ ٻنهي شعبي جي شاگردن کي مشقي ڪم لاءِ ليبارٽريز جي ضرورت پڻ پئي. اهو سڀ ڪج هڪڙي عمارت ۾ ممڪن نه هيو تنهنڪري  1961ع ۾ صدر ايوب جي دور  حڪومت ۾ هن شعبي لاءِ  مين ڪئمپس يعني علام آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ۾ هڪ الڳ عمارت تعمير ڪيو ويو. شعبي جي منتقلي ۽ نئين عمارت جي افتتاحي پروگرام لاءِ ۾ وقتي حڪومت جي صدر ايوب کي مهمان خاص طور علاما آءِ آءِ قاضي ڄامشورو گھرائي افتتاح ڪرايو ويو. 1993ع ۾ شاگردن جي مشقي ڪم لاءِ  سابق چئرمين پروفيسر اشفاق حسين شاھ جي نالي سان جديد ۽ مڪمل سامان سان  2 ليبارٽريون قائم ڪيون ويون، جن جو افتتاح ان وقت جي وائس چانسلر ڊاڪٽر راشد شاھ ڪيو. ٻنهي ليبارٽريون ٽوٽل 5 سيڪشن تي مشتمل آهن جن ۾ 1. ”انٽامالوجي” هن سيڪشن ۾ جيتن جي باري ۾ پڙهايو وڃي ٿو 2. پيراسٽالوجي جي سيڪشن ۾ جانورن جي هڪٻئي سان تعلقاتن جي باري تحقيق ڪئي وڃي ٿي. 3. ورٽي بريٽ بائيولوجي  سيڪشن ۾ بيڪبون رکندڙن جيتن ۽ پکين جي باري ۾ پڙهايو ۽ تحقيق ڪيو وڃي ٿو. 4.انڊوڪرولوجي جي سيڪشن ۾ جانورن ۾ ليڪ گروٿ ۽ ڊائبٽيز جهڙن بيمارين جي باري ۾ تحقيق ڪئي وڃي ٿي. 5.جينٽيڪس جي سيڪشن ۾ جانورن جي نسل ۽ خاصيتن بابت پڙهايو ۽ تحقيق ڪيو وڃي ٿو. صابق چيئرمين اشفاق حسين شاه 27 آگسٽ 1991 ۾ دل جي دوئري پوڻ سبب وفات ڪئي سنڌ يونيورسٽي جي زولاجي شعبي ۾ 3 سال بيچلرس آنرس ، ٻه سال ماسٽر ڊگري پروگرام ۽ چار سال بيچلرس پروگرام 2003 ۾ شروع ڪيا ويا.شعبي ۾  پنجن فيلڊس ۾ اسپيشلائيزشن پڻ  ڪرائي وڃي ٿي، جن ۾ انٽامالجي،پيراسٽالاجي،ورٽيبريٽ بائيولاجي اينڊوڪرونولاجي ۽ جينٽڪس شامل آهن.شعبي ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري پروگرام پڻ پڙهايا وڃن ٿا. شعبي ۾  تعليم مڪمل ڪندڙ 16  پي ايڇ ڊي ۽ 40 ايم فل جو ڊگريون شاگردن کي ڏنيون ويون آهن.شعبي ۾ موجوده شاگردن جو تعداد 700 آهي جنهن ۾ پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جا شاگرد پڻ شامل آهن.
هن شعبي ۾ هر سال انٽرنيشنل زولاجيڪل ڪانفرنس ڪئي ويندي آهي،جيڪا 3 ڏينهن تائين هلندي آهي.انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ آسٽريليا،ترڪي،ملائيشيا ۽ آمريڪا سميت ٻين ٻاهرين ملڪن جا اسڪالر شرڪت ڪندا آهن. ڪانفرنس ۾ مجموعي طور 300 پروفيسر شرڪت ڪري شعبي بابت خيالن جو ڏي وٺ ڪري  پنهنجي علم ۾ واڌ ڪندا آهن ته جئين شاگردن ۽ شعبي سان منسلق ٻين ماڻهن  کي جديد دور جي زولاجي جي علم بابت ڄاڻ ڏنو وڃي. اها سالياني ڪانفرنس ڪانفرنس هن سال به  16 فيبروري کان شروع ٿي رهي آهي. هن شعبي جي خصوصيت اها آهي ته هتي يونورسٽي جي ٻين شعبن جي ڀيٽ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ڇوڪرن کان ڇوڪرين جو تعداد وڌيڪ آهي شاگردن جي وڌندڙ تعداد ڏسي زولاجي شعبي ۾ 16 مارچ 2006 ۾ نئين عمارت ٺاهي وئي آهي جيڪا زولاجي شعبي جي پراڻي عمارت جي پٺين پاسي آهي  هن وقت ٻنهي  عمارتن ۾ تدريس جوعمل جاري آهي.
 هن شعبي کي اهو پڻ اعزاز حاصل آهي ته هن شعبي ۾ هينئر ڊاڪٽر رفعت سلطانه جي نگراني  ۾ ٻه ريسرچ پروجيڪٽ هلي رهيا آهن ڊاڪٽر رفعت سلطانه hec طرفان مقرر ٿيل آهي.
زولاجي شعبي فيڪلٽي آف نيچرل سائس جو ٻيون نمبر وڏو شعبو آهي.
هن شعبي ۾ 3 پروفيسر، 2 اسوسئيٽ پروفيسر، 6 اسٽنٽ پروفيسر ۽ 4 ليڪچرار شاگردن کي  پڙهائي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

جمشيد علي ڪنڀر
2k14/MC/135

No comments:

Post a Comment