فريال- پروفائل غلام مصطفٰي
عباسي
2k14/MC/119 :رول نمبر
دڙي شھر ۾ ھڪ مڊل ڪلاس خاندان کان تعلق رکندڙ غلام مصطفٰي عباسي جنهن جي پيدائش 1938 ۾ دڙي شھر ۾ ٿي . تڏھن جي دور ۾ پاڪستان ۽ انڊيا هڪ قوم هئي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ ھڪ عام ماڻهو جي لا۽ ڪافي مشڪل هو، اهو ائين جو تنهن جي زماني ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لا۽ پري وڏن شھرن وڃڻو پوندو هو ڇو تہ ننڊڙن شھرن ۾ صرف ڏھ درجا پڙھايا ويندا هئا اڳئي دور ۾ مائيٽ گهڻو ڪري پنهنجي ٻارڙن کي ڪاروبار ۾ آڻيندا هئا تہ جئين هنن جو اهو ڪاروبار نسل بہ نسل موجود هجي پر اڄ جي دور ۾ اها سوچ آھستي آھستي ختم ٿيندي پئي اچي .
غلام مصطفٰي عباسي ٻڌائن ٿا تہ تڏھن جي دور ۾ پڙھيل لکيل خاندان ڪجھ ئي هئا تنهن مان هڪ سندن آهي ۽ تڏهن جي دور ۾ نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪيو ويندو هو پر ڪجھ خاندان هئا جن پنهنجي نياڻين کي پنج کان اٺ درجن تائين پڙهايو . پاڻ ٻڌائين ٿا تہ سندن دور ۾ پڙهائي جي حوالي سان ڪو بہ ميلو يا ايوينٽ نہ ٿيندو هو بلڪہ ٻيا ميلا جئين ٿيندا هئا جيڪي اڄ بہ ٿيندا اچن جيئن ڀٺوري شھر ۾ ھر سال هڪ درگاه جو ميلو ٿيندو هو ۽ اهو اڄ بہ هر سال وانگر ملائيندا آهن جتي آسي پاسي ڳوٺ جا ماڻهو توري دڙي شھر جا ماڻهو بہ ويندا آهن .
غلام مصطفٰي عباسي ٻڌائي ٿو تہ ڪڻس پڙھڻ جو گهڻو شوق هو ۽ والي بال جو هڪ بهترين رانديڪر پڻ هو ۽ ميٽرڪ کان پو۽ هائير ايجوڪيشن لا۽ نورمحمد هائي اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا ورتي يارنهن ڪلاس جي تعليم حاصل ڪندي وقت نورمحمد هائي اسڪول ۾ والي بال جو ڪيپٽن ٿي رهيو جڏھن ٻارنهن ڪلاس پڙهي ورتئين تہ پنهنجي شھر ڏانهن واپس رک ڪيائين ۽ والي بال جي هڪ بهترين ٽيم جوڙين جنهن ۾ اڄ بہ انهن جي رڪارڊ ۾ هڪ بهترين رانديڪر جي حوالي نالو موجود آهي .

1955 يعني ننڊي عمر ۾ عباسي لائبريري کوليائين جنهن ۾ اسلامي تاريخ ، سنڌي تاريخ، ادب، شاعري، جاسوسي ادب، ۽ ٻين موضون جا ڪتاب پڻ شامل هئا انهي ڪتابن مان شھر جي تمام نوجوانن ، شاگردن، ۽ شھرين برپور فائدو ورتو اڄ بہ اها لائبريري سندس گهر ۾ موجود آهي پر شھرين جي لاپرواهي جي موجب ڪجھ ڪتاب وڃائجي ويا . انهن لائبريري مان اڄ سندس نسل بہ پڻ فائدو وٺي رهي آھي .
پاڻ زنده دل تبيعت جو ماڻھو آهي هميشہ بيسهارا ماڻهون جي مدد ڪرڻ سندس اولين ترجيح رهي آهي پاڻ ڪڏهن ڪنهن جو محتاج نہ بڻائين هميشہ محنت مزدوري ڪري پنهنجو خرچ ڪڊندو هو گذر سفر ڪرڻ لا۽ سڄي عمر سونارڪو ڪم ڪندو رهيو سونارڪي جو هنر حيدرآباد مان سکهي پو۽ پنهنجي باڻيجن کي بہ سکيا ڏنائين دڙي شھر ۾ سندس مڪام هڪ اعليٰ درجي تي آهي هڪ بهترين رانديڪر ، هڪ بهترين استاد، هڪ بهترين سونارو اڄ بہ شھر جي ماڻھون توڙي ٺٽي شھر مان بہ ماڻهو پنهنجي سونارڪي ڪم سان ايندا آهن پر اڄ ھو هن حالت ۾ ناهي جو سونارڪو ڪم ڪري سڳهي ڪڻس پٽ جي گهڻي خواهش هئي پر اللّه کي جيڪو منظور هوندو آهي اهو ئي ٿيندو آهي ڪڻس ماشااللّه پنج ڌيئرون آھن. ڪڻس پنج ڀائيٽا آهن جن جي پڙھائي ۾ برپور ڪردار ادا ڪيائين جيئن عمر وڌندي رهي هڪ مايوسي ۾ مبتلا ٿيندو رهيو سونارڪو ڪم تڪ ڇڏي ڏنائين ڪافي بيمار رهڻ لڳو هاڻي هو پنهنجي گهر ۾ آرام ڪندو آهي ۽ فريش ٿيڻ لا۽ گهر جي پاسي اوطاق تي وڃي پنهنجي دوستن سان ڪچهري ڪري واپس موٽندو آهي .
جنهن پنهنجي سموري زندگي محنت مزدوري ۾ گذاري انسانن سان محبت ۽ پيار وارو رشتو قائم رکيائين ۽ پنهنجي نسل سميت سڀنين کي محبت ۽ پيار جو سبق ڏيندو اچي چاهي امير هجي يا غريب هجي سڀنين سان هڪ ئي رويو رکندو آهي اڄ انهن جا چاهيندڙ شاگرد انهن لا۽ دعاڳو آهن تہ شل اهڙا استاد اسان جي ملڪ ۽ پوري دنيا ۾ هجن تہ نفرت جي جنگ ختم ٿي سڀ پيار ۽ محبت سان رهن
No comments:
Post a Comment