Referred back
روي شنڪر مالهي
روي شنڪر مالهي
بي ايس پارٽ 3
رول نمبر. 80
ڊاڪٽر را ڻا سي راٺوڙ
ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جو شمار سنڌ جي مشهور ڊاڪٽرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ ٿر مان ميگهواڙ برادري جو پهريون ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي. ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي پيدائش 1934-5- 10 تي ڳوٺ چاڙهيار تعلقي ڇاڇري ۾ ٿي . ڊاڪٽر راڻا ابتدائي تعليم ڳوٺ ڏاهلي ۽گڍڙو رامسنگهه ۾ ۽ بعد ڇاڇرو مڊل اسڪول ۾ به حاصل ڪئي. 1953 ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ۽ ڊي جي ڪاليج مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين، جڏهن ته 1961 ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس ڪري سروس ۾ آيو. 1994 ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ جي عهدي تان ريٽائر ٿيو. هن وقت ميرپورخاص سيٽلائيٽ ٽائون ۾ پنهنجي گهر واري مومل ٻائي جي نالي سان جڙيل ميڊيڪل سينٽر ۾ انسان زات جي خدمت جا فرض انجام ڏئي رهيا آهن.
سوال. ڊاڪٽر صاحب توهان جي ابتدائي تعليم کان ڊاڪٽر ٿيڻ تائين جو سفر ڪئين گذريو ؟
جڏهن علائقي ٿر مان نڪتس ته اتي ڪا به سهولت ته هئي. ان وقت ريڊيو نه هو . گرامو فون تان ڪلام ٻڌندا هئاسون. گڊڙو اسڪول ويس ته جنگ جي ڪري لڏپاڻ ٿي پوءِ عمر ڪوٽ/ڇاڇرو ۾ ٻه سال پڙهندي آخر نور محمد هاءِ اسڪول آيس. هاسٽل ۾ رهڻ دوران ٽيوشن به پڙهائيندو هئس. جيڪا ڊاڪٽر ٿيڻ تائين جاري رکيم.
سوال. تعليمي سرگرمين دوران ٻين ڪهڙ ين شين ۾ مشغول رهندا هئا ؟
مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ايس سي اي سوسائٽي حيدرآباد ٺاهي. هن سوسائٽي ۾ شاگردن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي ويندي هئي. ۽ تعليم تعليم پرائڻ جو جذبو پڻ اجاگر ڪيو ويندو هو، خاص ڪري ٿر جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ به ڏينداهئاسون. 1980 تائين اهو سلسلو هليو ۽ ڪافي پيش رفعت ٿي. بعد ۾ اها سوسائيٽي ٻين کي هلائڻ لاءِ ڏني وئي.
سوال. پهرين ميڊيڪل آفيسر ميرپرخاص سول سرجن رهيس، ان بعد ننگرپارڪر ۾ سول سرجن ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ڊي ايڇ او رهيس. ان کان پوءِ سال 1965 کان 1968 تائين ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ لس ٻيلا صوبو بلوچستان
مقرر ٿيس. سال 1968 کان 1971 تائين آر ايم او ميرپورخاص ۾ رهيس. سال1974 کان 1975 تائين ايم ايس ڊگهڙي ۽ هڪ سال چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ۾ سينٽر رجسٽرار سرجري رهيس . سال 1979 کان 1985 تائين سول سرجن ٺٽو رهي اتي جي عوام جون خدمتون ڪيون. 1985 کان 1990 تائين سول سرجن سانگهڙ ۽ وري هڪ سال لاءِ ڊي ايڇ او ٺٽو مقرر ٿيس ۽ وري 1990ع ۾ هڪ سال لاءِ سول سرجن سانگهڙ جتان کان فيبروري 1994ع ۾ 20 گريڊ ۾ پروموشن ٿي ءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ ايٽ حيدرآباد ۾ مقرر ٿيس ءِ 1994 ۾ انهي تان ريٽائر ٿيس ۽ هاڻي ميرپورخاص ۾ پنهنجو پرائيويٽ سينٽر کولي غريبن جو سستو ءِ معياري علاج ڪري رهيو آهيان.
سوال. اوهان ڪهڙين سماجي تنظيمن جا ميمبر آهيو ۽ انهن تنظيمن جو ڪم ڇا آهي ؟
آئو1962 کان اڄ تائين خوشي هريجن ٽرسٽ جو ميمبر آهيان جنهن جو چيئرمين سيٺ هوندراج آوتراءِ راجپال آهي. هن ٽرسٽ جي جيڪا آمدني ٿئي ٿي اها سنڌ ۾ خاص طور ٿر جي شاگردن ۾ اسڪالرشپ ورهائي ويندي آهي. ٿرديپ ۾ جنرل باڊي جو ميمبر پڻ آهيان. انکانسواءِ پي ايم اي جو جنرل ليول تي 20 سال جدا جدا ضلعن ۾ نوڪري دوران صدر رهي فري ميڊيڪل ڪئمپون، سيمينار ۽ ورڪشاپ منعقد ڪرايا.
سوال. اڄڪلهه جي مهنگائي جي دور ۾ ڊاڪٽر جي فيس گهٽ ۾ گهٽ 500 رپيا آهي پر توهان جي 100 رپيا آهي. ائين ڇو ؟
ٻين ڊاڪٽرن جون فيس ڀلي مهنگي هجي پر مون وٽ بلوچستان، سانگهڙ، ٺٽو ۽ ٻين ڏوراهن علائقن جا پراڻا مريض اچن ٿا. انڪري گهٽ وٺان ٿو ۽ اها فيس به سينٽر جي اسٽاف کي ڏئي ڇڏيندو آهيان. پينشن ملي ٿي شڪر آهي گذر سفر سٺو هلي پيو.
سوال. توهان جي زندگي جو ڪو اهڙو واقعو جيڪو کي هميشه ياد هجي ؟
منهنجي شرييڪ حيات جو ڪنهن حادثي ۾ پنهنجي هٿن ۾ دم ٽوڙيندي ڏٺو اهو لمحو ڏاڍو ڏکوئيندڙ هيو، ان وقت هڪ عجيب ڪيفيت ۾ ورتل هئس جنهن کي اڄ ڏينهن تائين وساري نه سگهيو آهيان .
سوال ، اوهان پنهنجي تجربن/يادگيرين کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ؟
جي ها... زندگي جي يادگيرين کي قلمبند ڪرڻ لاءِ (آپ بيتي) لکي آهي جيڪو ڪتابي شڪل ۾ جلد ڇپجي پڌرو ٿيندو.
سوال. توهان نوجوان نسل کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندو ؟
زمانو بدلجي ويو آهي انهيء مطابق هلو، دنيا ۾ جيڪو ڪرڻ چاهيو اهو ڪري وٺو. جواني ۾ هر ڪم محنت ۽ چاهه سان فائينل تي پهچايو ۽ پنهنجن ذميوارين کي سمجهي ان تي سنجيده ٿي ڪم ڪيو ته معاشري ۾ گهڻو سڌارو ايندو.
No comments:
Post a Comment