U should also write ur name in sindhi. Quotes from experts, colleagues. Check my first mail regarding ur this piece
Revised but still needs work
(پروفائيل )
شوبز جو ستارو ذوالفقار بڙدي
هونئن ته شوبز جي افق تي ڪيئي چمڪندڙ ستارا پيدا ٿيا آهن
انهن ۾ ٺري ميرواه جي شهر پيروسڻ جي ڳوٺ محمد مٺل بڙدي سان تعلق
رکندڙ سنڌي اداڪار
ذولفقار بڙدي به هڪ آهي .
هن1مارچ 1972 ۾ استاد محمد پريل
بڙدي جي گھر ۾ جنم ورتو۽ شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ
مان پرائي ۽ ايم اي شاه عبدللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي .
1994ع ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور تان
”موتين جا مالهار”پروگرام جي ذريعي شوبز جي دنيا ۾ پير پائيندڙ ذولفقار بڙدي سنڌي
اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ئي سنڌي ڊرامن
ذريعي شوبز جي دنيا ۾ جهرجهنگ ڇانئجي ويو.کيس سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر جو ٻچو ٻچو سندس
ٽي وي ڊرامن ۾ نڀايل ڪردار سان سڃاڻي ٿو ذولفقار بڙدي پنهنجي فني سفر ۾ 50 کان
وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي سندس ٽي وي تي پهريون ڊرامو “ پارس “ هيو جنهن جي مقبوليت
کيس شوبز جي دنيا ۾ وڏي مقام تي پهچايو سندس مشهور ڊرامن ۾ “پٿردنيا “ جياپي جي
جنگ“ ڪارا ڪڪر“ ڪارو سج“ سوڀ “ ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته هن ڪيترن ئي ٽيلي فلمن ۾
اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن جن ۾ “دهشت ؛محافظ؛ ضدي پٽ ؛ ميرو خان ؛غلام ۽ ٻيا
شامل آهن بلخصوص کيس مقبول ڊرامي پٿردنيا ۾ نڀايل رئيس مٺل خان جي ڪردار سان سڃاتو
وڃي ٿو هو هن وقت مختلف ٽي وي چينلن تي ڊرامن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته هو ڪيترن
ئي سنڌي گانن ۾ ماڊلنگ پڻ ڪري چڪو آهي ذوالفقار بڙدي نامياري اداڪار صلاح الدين
تنيو کان متاثر ٿي شوبز جي دنيا ۾ پير پاتو سندس چوڻ آهي ته سنڌي ميڊيا کيس وڏي
عزت ۽ شهرت بخشي آهي سندس خواهش آهي ته هو ٻين ملڪن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري
پر کيس اهڙو اڃان موقعو نه آهي مليو سندس شخصيت جي اها خاصيت آهي ته کيس ڊرامن
توڙي فلمن ۾ وڏيري جي ڪردارسان نوازيو وڃي
ٿو سندس ساٿي اداڪارن جو چوڻ آهي
ته ذوالفقارجي اها اهم خاصيت آهي ته کيس جيڪو به ڪردار ملي ٿو ان سان هو پوري طرح
نڀاءُ ڪري ٿو جنهن ڪري هو شوبز جي دنيا ۾ وڏي مقام تي ٿوري ئي عرصي ۾ سڃاڻپ ملي
آهي پنهنجي طبيعت ۾ ماٺيڻو مزاج رکندڙ ذوالفقار بڙدي کي شوبز جي دنيا ۾ هميشه سخت
مزاج جا ڪردار نڀائڻا پيا آهن
No comments:
Post a Comment