- No writer's name in sindhi in the page, roll number?
Still Weak
انٽرويو
محمد حنيف (ايم ايڇ) سوڍر
نوجوان شاعر،اديب

سوال
؛سائين اوهان شاعري جي شروعات ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪئي ؟
جواب؛اسڪول ۾ پڙهائي دوران ادبي ڪتاب پڙهڻ جو شوق هوندو
هيو شاعري پڙهڻ ۽ ادب سان لڳاءُ سبب آهستي آهستي اندر مان شاعري ڪرڻ جا احساس جنم
وٺڻ لڳا ۽ ايئن ئي شاعري ڪرڻ لڳس.
سوال
؛اوهان ادب جي ڪهڙين صنفن تي لکيو آهي ؟
جواب؛
مون نظم،آزادنظم، نثري نظم ، وائي ،منظوم ڊراما ، چوُسٽا ،بيت وغيره لکيا آهن،نثر
۾ ناٽڪ ڊراما ۽ ڪهاڻيون وغيره شامل آهن جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهن.
سوال؛
اوهان جي نظر ۾ شاعري ڇا آهي ؟
جواب
؛شاعري نٽهڻ اس ۾ نم جي پڪار آهي ته ڪويل جي ڪوڪار به آهي رات جي سناٽي ۾ ڇير جي
ڇمڪڻ جو ساز به آهي ۽ شاعري اڏوهي جو کاڄ به آهي.
سوال؛سائين
اوهان سنڌي شاعري کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب
؛صبح صادق لڪن جي چانئٺ کي چمي ڏئي سج جو پهريون ڪرڻو آهي.
سوال؛اهي
ڪهڙا سبب آهن جو سوڀر شاعري پوئتي رهجي وئي آهي ۽ بازاري شاعري کي فوقيت آهي؟
جواب؛ان
جا ٻه ٽي سبب آهن هڪ ته پڙهندڙن جو انگ گھٽ آهي ٻيو ته ميڊيا تي معياري شاعري
بجاءِ بازاري شاعري وڌيڪ ڏني پئي وڃي ۽ اڄ جا ڪلاڪار پڻ سوڀر شاعري گھٽ ڳائي رهيا
آهن.
سوال؛شاعر
کي ادبي لحاظ کان ڪهڙو ڪردار نڀائڻ گھرجي؟
جواب؛
هڪ شاعر کي پنهنجي قوم ۽ عوام جي خوشحالي لاء نمايا ڪردار ادا ڪرڻ لاء اتساهه پيدا
ڪرڻ گھرجي ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ گھرجي .
سوال؛سائين
اوهان جي پسند جو شاعر ڪهڙو آهي؟
جواب؛
منهنجي پسند جا شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ،شيخ اياز سميت اهي سڀ آهن جن سچ لکيو ۽
انسانيت جي علمبرداري ڪئي آهي
سوال؛اوهان
جي شاعري جو ڪو ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي؟
جواب؛
نه ادا اڃان تائين ڪو نه ڇپيو آهي پر مواد گھڻو ٿيڻ سبب مان ذاتي طور تي پنهنجو
ڪتاب ڇپائڻ جي ڪوشش ۾ آهيان جيڪو ٿورئي ئي عرصي ۾ مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.
سوال
؛ اوهان پڙهندڙن لاء ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
جواب؛
بس ايترو ئي ته محبتون ونڊيو نفرتون ختم ڪريو ۽ انسانيت جي خدمت ڪيو
No comments:
Post a Comment