ok
نٽرويو
By زوالفقار کوسو 2k14/mc/108
ساگر خاصخيلي/ ليکڪ ، شاعر
ساگر خاصخيلي/ ليکڪ ، شاعر
نالو الهنواز ولد علي محمد خاصخيلي آھي. ادبي حلقن ۾ ننڍڙي سڃاڻپ ساگر خاصخيلي جي طور آھي. 01 جولاء 1968 تي اتهاس جي اهڃاڻ پاري نگر جي 3 ڪلو ميٽر اولھ طرف سانگاھ ڍنڍ ڪناري آباد ڳوٺڙي ڄام خان خاصخيلي ۾ اک کولي. پرائمري تعليم اُتي ئي پرايم گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪيم هينئر درس تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل آھي.
سوال() سائين توهان کي ادب ۾ ڪيئن شوق ٿيو ۽ ڪڏهن ٿيو؟
جواب: ادب جي اڱڻ تي بانبڙا پائڻ(اڃا به بانبڙا ئي پيو پايان) اهو شايد 1992 جو دور هو! ان وقت ويراواه ۾ ھڪڙي اخبار ايندي هئي ؛ همدرد؛ ان ۾ اسان مون؛ عاجز حنيف سمون۽ دوست علي ڪپري ڪچو ڦڪو لکڻ شروع ڪيو. پر صحيح منعي ۾ منهنجو ادب ڏانهن لاڙي ۾ وڏو ڪردار ريڊيو حيدرآباد جو آھي! جتان ان وقت
بهترين علمي ۽ ادبي پروگرام پيش ٿيندا هئا.
سوال() توهان جي نظر ۾ ٿر سماجي طور تي ڪيئن آهي ۽ ڪيئن هوئڻ کپي؟
جواب: ٿر به سماجي طرح ٻي سڄي سنڌ جيان ڪجھ ڀڃ ڊاھ جو شڪار آھي! سنڌ جيڪا صوفي ازم جو سگهارو آواز رهي آھي! پر هن وقت الميو اهو آھي جو اسان مان صوفين جي صدا کي ڪنائڻ جو رجهان ڪجھ گهٽبو پيو وڃي ان ڪري سماجي ڀرمن جا بکيا اُڊڙندا وڃن! جيڪو انتهائي ڏکوئيندڙ پهلو آھي! ان ڀڃ ڊاھ جا ٻيا به ڪجه سبب آھن. پر ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اسان پنهنجي سماج جي سهڻي عمارت جي پيڙھ کوٽڻ وارن هٿن کي هينئر ئي روڪيون.
سوال() توهان جي ننڍپڻ جو ڪو يادگار واقعو جيڪو توهان کي سڄي زندگي ياد رهيو؟
جواب: ننڍپڻ جون اڪثر يادون وڏپڻ جو واءُ ذھن جي زمين تان ڊاهي ڇڏيندوآھي! منهنجو بچپن به انهن سڀني ٿرين ٻارن جيئن ئي گذريو! باقي هوش سنڀالڻ کان پوءِ زندگي جي سڄي سفر ۾ وک وک تي واقعه ئي واقعه هئا ۽ آھن.
سوال() توهان کي شاعري جو شوق ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو؟
جواب: شاعري جو شوق ٿيو؟ ان لاءِ آئون ڪجھ نٿو چئي سگهان ٖ ڇاڪاڻ ته شاعري اندر جي پيڙاءُ آھي پوءِ اهو ڪير چاهيندو ته اها پيڙاءُ جي ڪِرت شوق سان ڪري! بس اندر ۾ ڪنهن اڌمي جو آگم ٿيو ۽ لفظن جا ڪڪر ڪاغذ تي وسي پيا.
سوال() توهان ٿر جي لوڪ ادب ۽ ثقافتي شاعري تي ڪهڙي ريت ڪم ڪيو آهي؟
جواب: آئون ٿر جي لوڪ ادب تي ڪم ڪرڻ جي ڪا وڏي دعوه ته نه ڪندس! باقي وس آھر لوڪ ادب تي ڪم ڪريان پيو باقي جيستائين ٿر جي ثقافت جي ڳالھ آھي ته مون سدائين اها ڪوشش ڪئي آھي ته منهنجي شاعري جي سڄي وستي ٿر ته ڇا پر سموري سنڌ جي ثقافت جي سُرهاڻ سان واسيل رهي. منهنجي شاعري ۾ اڪثر اوهان کي ٿر جي مقامي منظرن جا عڪس نظر ايندا! مون سدائين اها ڪوشش ڪئي آھي ته آئون جيڪو ڪچو ڦڪو لکان ٿو ان ۾ ٿر جي لوڪ ادب؛ ريتن رسمن؛ ڀرمن ۽ ثقافت جي لتاڙ نه ڪريان! مونکي منهنجي ماتر ڀومي جا سڀ منظر ڏاڍا مٺا آھن.
سوال() ٿر ادب، شاعري ۽ آرٽ جي حوالي سان ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟
جواب: ٿر ادب؛ آرٽ ۽ شاعري جي حوالي سان هر دور ۾ نمايان حيثيت جو حامل هو ۽ آھي! حقيقت ۾ ٿر آھي ئي آرٽ پوءِ اُھو فطري هجي يا هٿرادو. فطري آرٽ جي ڳالھ ڪبي ته ٿر جي ولهارين ۽ آرهڙن کي پنهنجي پنهنجي دلڪشي آھي ۽ هٿ جي هنرن کي هڪڙي الڳ حسنائڪي! اهي ڪهڙيون اکيون هونديون جن کي ٿري ڀرت ڏسي ڇنڀڻ نه وسري ويو هوندو!.ٿر ۾ اڄ به عاليشان آرٽ زندھ آھي.ٿر ادب ۾ به سدائين بيساکين کان سوا ئي سفر ڪيو آھي! ڇاڪاڻ ٿر ۾ نج سنڌي ٻولي موجود آھي ۽ ڪنهن به ادب جو جياپو ۽ اميري آھي ئي نج ٻولي جي دولت جي دم سان! ٿر ۾ اڄ به بهترين جديد سنڌي ادب سڀني صنفن ۾ سِرجي پيو! توهان جيڪڏھن شيخ اياز جهڙي ديو قامت شاعر کي پڙھندا ته سندس شاعري جو چڱو خاصو حصو لهجي ۾ ملندو! هُن ٿري سنڌي ٻولي جي سمونڊ مان ٿري لهجي جون سِپون کنيون آھن ۽ لفظن جا موتي ميڙيا آھن!.
سوال() توهان نوجوانن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
جواب: نوجوانن لاءِ نياپو ، مرشد لطيف جو هي بيت. . جان جِئَين تان جَلُ؛ ڪانهي جاءِ جَلَڻ رِي. تتيءَ ٿڌِيءَ ھَلُ؛ ڪانهي ويلَ وِھَڻَ جي.
No comments:
Post a Comment