Tuesday, 19 January 2016

 Again referred back  please write introduction separately
(انٽرويو)             
پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ چيئرمين فريش واٽر بائيولاجي اينڊ فشريز ـ عبدالحميد
س؛ سائين اوهان جو مڪمل تعارف ؟                                          
ج؛جيءُ ادا  منهنجو پورو نالو پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ ولد ڊاڪٽر محمد عبدالحق شر آهي.منهنجو جنم 1مارچ 1963ع ۾ شهدادپور شهر ضلع سانگهڙ ۾ ٿيو،منهنجو تعلق زميندار گھراڻي سان آهي
مون بنيادي تعليم شهدادپورجي  هڪ مدرسي مان پرائڻ بعد مئٽرڪ  ميرپورخاص مان ڪئي ۽ انٽر شاه عبدالطيف ميڊيڪل ڪاليج مان ڪئي ان کان پوءِ مون سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا درخواست ڏني جنهن ۾ منهنجي ايڊميشن فريش واٽر بائيولاجي اينڊ فشريز شعبي ۾ ٿي ۽ ڊگري ڪليئر ٿيڻ کان پوءِ مونکي 1987ع ۾ ليڪچرارشپ هن ئي ڊيپارٽمينٽ ۾ ملي.ان کانپوءِ منهنجي اسڪالرشپ منظور ٿي جاپان جي مشهور يورنيورٽي  ڪانگوشما  1992ع۾ آٰءُ اتان (ايم ايس سي) 1995 ۾ ۽( پي ايڇ ڊي )1998ع ۾ ڪليئر ڪئي مونکي اتي ليڪچرار شپ جي آڇ ٿي هئي پر مون ان کي  ٺڪرائي ڇڏيو.
س؛سائين اوهان جي شاگرد لائيف ڪيئن گذري ۽ اوهان کي ڪهڙن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ؟
ج ؛ادا اسان شاگردي دوُر کي خوب انجواءِ ڪيو ۽ مختلف سرگرمين ۾ حصو ورتو مگرپڙهائي کي وڌيڪ ترجيه ڏني ۽ ڪڏهن به ٽائيم جو ذيان نه ڪيو جنهن ڪري ڪاميابي ملي.
سوال؛سائين اوهان جي ڪاميابي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي ؟
جواب؛منهنجي ڪاميابي ۾ گھڻو ڪردار گھر وارن ۽ مائٽن جو آهي جن مونکي منزل تي پهچڻ لاءِ هر ممڪن سپورٽ ڪئي ۽ دعائون ڏنيون.
سوال؛ اوهان پروفشنل  ڪم کان علاوه ٻيو ڪهڙو فشريز لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي ؟
جواب؛جي ادا بلڪل مون پڙهائڻ سان گڏوگڏ فشريز کي سمجھڻ ۾ آسان بنائڻ لاءِ هڪ ڪتاب “ايپل سنيل“ لکيو آهي جيڪو ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ مون پنهنجي تجربي جي بنياد تي “ايم فل“۽ “پي ايڇ ڊي“ جا شاگرد تيار ڪيا آهن.
س ؛اسان جي ملڪ جي مڇي کي ٻاهرين ملڪن ۾ ايتري اهميت ڇو ڏني ويندي آهي ؟
ج ؛اسان جي ملڪ جو سمنڊ گرم آهي  مڇي ڀلي ۽ وڌيڪ ٿئي ٿي اسان وٽ گھڻئي قسم جي مڇيون آهن ۽ اسان جي ملڪ جي مڇي وڌيڪ ايڪسپورٽ ٿئي ٿي اسان وٽ وڏو پوٽيڪشن ٿيل آهي
ڪوسٽل ايريا 100 کان 1100 آهن ۽900 ايئ ايئ 2ڪلو ميٽر اونهو آهي ان کان علاوه هزارين ڍنڊون ،واهه ۽ هٿرادو فارم آهن اسان جي ملڪ ۾ مڇي تمام گھٽ استمعال ٿئي ٿي،عرب ملڪن ۾ اسان جي مڇي گهڻي ورتيون وڃن ٿيون يورپ سميت چائنه جاپان ۾ به سٺي اگھ  تي  مڇي ورتي وڃي ٿي .اسان جي ملڪ جي پراگ مڇي جيڪا انڊس ۾ ٿئي ٿي ۽ شرمپ مڇي سمنڊ ۾ ٿئي ٿي ان کي وڌيڪ پسند ڪيو ٿو وڃي.
س؛اوهان جي فشريزشعبي ۾ اچڻ سان ڪهڙيون تبديليون آيون آهن
ج؛اسان کان پهريان ريسرچ ڪو نه ٿيندي هئي آءُ جڏهن پي ايڇ ڊي ڪري آيم ته شاگردن کان ريسرچ ڪرائي سون ۽ سانگهڙ کان نارا ڪئنال تائين اسان جي ريسرج ۾ آهن اسان جي ڊيپارٽمينٽ جو پراجيڪٽ آهن NWUF
 س؛ اڄ ڪاله پنهنجي ملڪ ۾ پاڻي سان ڪافي بيماريون ٿي رهيون آهن توهان ان کي ڪئين ٿا ڏسو؟
ج ؛اسان جي انڊس ندي ۾ گڊو کان وٺي جيڪو به ڳوٺن ،شهرن جو گند ڪچرو فيڪٽرن جو گندي  پاڻي سان گڏوگڏ سيوريج جو نيڪال ۽ مهاڻن جو  ،ڊي ڊي ٽي،زهر دريا ۾ اڇلايو وڃي ٿو جنهن سان کوڙ ساريو بيماريون ٿين ٿيون جهڙوڪ ،پوليو ، هيپاٽائيٽس ۽ ٻيو پيٽ جو بيماريون ٿين ٿيون .انڊس ندي جي نالي چوندا آهن ته مختلف جبلن ۾ موجود سون جي ذخيرن کان پاڻي ٿيندو ايندو آهي ان سان پاڻي ۾ منرلز آهن .
س؛ توهان جي ڊيپارٽمينٽ ۾ شاگردن جون سيٽون ڇو گھٽ آهن؟
ج ؛هي ڊيپارٽمينٽ ئي ننڍو آهي ۽ ٽوٽل شاگردن جو سيٽون 50 آهن جيڪي هر سال ۾ رکيون وينديون آهن.
س؛اوهان شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا ؟
ج ؛منهنجو شاگردن کي اهو ئي پيغام آهي ته هاڻي ڪامپيٽشن جو دوُر آهي نه رڳو سنڌ پر دنيا سان مقابلو آهي .شاگرد تمام گھٽ محنت ڪن ٿا صرف 10سيڪڙو محنت ڪن ٿا باقي 90سيڪڙو مڊل ڪلاس آهن  هينئر ٽائيم گھٽ آهي ۽ اسان جي شاگردن ۾ ويليوز آهي استاد ريسورس آهن پر شاگردن کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي .



No comments:

Post a Comment