Revised version.
Nawab Ali
قاسم آباد ۾ روڊ رستا ۽ انڪروچمينٽ جون تبديليون
حيدرآباد شهر سرڪاري طرح ته ڀلي سنڌ جو گادي جو هنڌ نه هجي پر جذبن ۽ احساسن جي حوالي سان حساس دلين مٿان هميشه حيدرآباد جي ئي حاڪميت جو تسلط برقرار رهيو آهي. هونئن ته حيدرآباد گذريل ڪافي عرصي کان سرڪاري عدم دلچسپي سبب ٽٽل ڦٽل روڊ رستن ۽ سڪڙيل انفرااسٽرڪچر واري ڪنهن کنڊر جي منظرڪشي ڪندو هو پر انتهائي ويجھي ماضي ۾ هن شهر اندر جيڪي ترقياتي ڪم تيزي سان ٿيا آهن، انهن سموري شهر جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهن ماضي ۾ حيدرآباد شهر جي ابتر حالت حڪومتي ڪٺپتلين ۽ سندن شاهپرست ڪامورن جي اکين کان اوجھل هوندي هئي تڏهن هن شهر جو اردو آبادي تي ٻڌل تعلقو لطيف آباد ترقي جي راهن تي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان گامزن ٿيندو ضرور نظر ايندو هو پر اها هن شهر جي سنڌي آبادي جي بدقسمتي چئجي يا سرڪار جي پلاننگ جو فگدان جو هتان جا سنڌي آبادي وارا علائقا خاص طور تي قاسم آباد تعلقو هميشه ڪنهن اهڙي مسيحا جو منتظر رهيو آهي جيڪو هتان جي ماڻهن جي قبضا مافيا سميت ٻين غيرقانوني عنصرن کان جان آجي ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڪجھ عرصو اڳ تائين قاسم آباد جو نقشو ذهنن منجھ آڻيندي اها ڳالهه يقيني طور تي چئي سگھجي ٿي ته اهڙي عمل کان هي تعلقو هڪ طويل عرصي تائين محروم رهيو هو جنهن سبب قاسم آباد جا رهواسي اڪثر طور تي انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل هوندا هئا جن سندن زندگي اجھيرن ڪري ڇڏي هئي.
گذريل ڪجھ مهينن ۾ حيدرآباد شهر جي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت پاران هن شهر ۾ جيڪو ترقياتي منصوبن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ان جو ڪريڊٽ نيب ۽ ايف آءِ اي سميت انهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏجي جن پيپلزپارٽي جي بيحس حڪومت خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري سندن احتساب جي عمل کي يقيني بڻايو هو يا اهو حڪمرانن جي ناقص پاليسين ۽ انهن جي نيتن جو ڪمال آهي، اهو ته هڪ عليحده بحث آهي پر ايترو ضرور آهي ته حيدرآباد جو انفرااسٽرڪچر جهڙي ريت تيزي سان تبديل ٿيو آهي، ان سان هتان جي عوام وڏي عرصي کانپوءِ ان ڪري به سک جو ساهه کنيو آهي ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ اهڙو صاف سٿرو، ويڪرن رستن ۽ منصوبابندي سان تيار ٿيل شهر هڪ خواب کانسواءِ ڪجھ به نه هو. خاص طور تي قاسم آباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جهڙي ريت حڪومتي مشينري سرگرم ٿي عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ ميدانِ عمل ۾ آئي آهي، ان سان قاسم آباد جي عوام کي تمام گھڻو فائدو رسيو آهي. ماضي ۾ حددخلين جي آزار سبب جيڪي روڊ رستا سوڙها ٿي ويا هئا اهي يقينن ٽريفڪ جي آمد و رفت ۾ تمام گھڻيون رڪاوٽون وجھندا هئا ۽ مختلف ماقيائن جي ڄار ۾ ڦٿڪندڙ عوام شايد ڪڏهن سوچيو به نه هوندو ته ڪو لاقانونيت جي عڪاسي ڪندڙ حيدرآباد جي هن علائقي ۾ به ڪڏهن اهڙو طوفان به گھلندو جيڪو حددخلين جي آزار کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي هتان جي عوام لاءِ ڪي سهولتون به پيدا ڪندو پر وقت اهو ثابت ڪيو ته جڏهن ديانتداري سان حڪومتي ايوانن مان عوام جي تحفظ لاءِ قدم کڄندا آهن ته انهن آڏو ڪيتري به طاقتور مافيا ڇو نه هجي اها ٽڪي نه سگھندي آهي. اهڙين ترقياتي اسڪيمن سان جتي قاسم آباد جي ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ٿيون آهن ته اتي هي تعلقو هيئنر انتهائي صاف سٿرو ۽ خوبصورت پڻ ٿيندو پيو وڃي جتان جا روڊ رستا، چوسول ۽ بازارون هيئنر سرڪاري راڄڌاني جي ڪنهن پوش سيڪٽر جو ڏيک ڏئي رهيون آهن.
جيتوڻيڪ قاسم آباد ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائون اڃا تائين تڪميل تائين ته نه پهتيون آهن پر ان هوندي به ظاهري طرح انهن جي رفتار ۽ ڪارڪردگي مان ايئن محسوس ٿئي پيو ته تمام ويجھي مستقبل ۾ هي علائقو به حقيقي معنائن ۾ هڪ شهري علائقو هجڻ جون تقاضائون هر زاويي کان پوريون ڪندو پر سوال اهو آهي ته ڇا حڪومتي ادارا اهڙي منصوبي کانپوءِ ان جي حفاظت ۽ ان جي سار سنڀال کي يقيني بڻائي سگھندا يا نه؟ ان لاءِ هيئنر کان ئي سرڪاري سطح تي ڪي جوڳا انتظام ۽ قانون لاڳو ٿيڻ گھرجن ته جيئن قاسم آباد جو عوام مستقبل ۾ هڪ بهترين ماحول ۾ پنهنجي زندگي گھاري سگھي.
Sent a detailed mail - No name of writer, no mention of writing category. Too short.

عام طور تي چيو ويندو آهي ته قاسم آباد حيدرآباد شهر جي دل آهي ۽ اها هڪ اهڙي وسندي آهي جتي اڪثريت سنڌي آبادي جي آهي. ڏٺو وڃي ته ماضي ۾ هتان جي رهواسين کي تمام گھڻيون ڏکيائيون پيش اينديون رهيون آهن جنهن ۾ حددخلين ۽ قبضا خوري جو وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. قاسم آباد جا روڊ رستا هميشه ٽريفڪ سان ڀريل نظر ايندا هئا جنهن سبب غيرقانوني حددخليون ۽ قبضا ٽريفڪ جي رواني ۾ پڻ رنڊڪ وجھندا هئا پر هيئنر ڪجھ عرصو اڳ انڪروچمينٽ خلاف آپريشن کانپوءِ ماحول تيزي سان تبديل ٿيو آهي. اهڙي تبديلي ۾ جيتري قدر عام ماڻهون لاءِ آسانيون پيدا ٿيون آهن ته ٻئي طرف روڊ رستا صاف سٿرا پڻ ٿيا آهن پر ٻئي طرف ڪاروباري طبقي سان وابسطه ماڻهن کي نقصان به ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته سندن غيرقانوني طور تي ڪيل قبضا ۽ انڪروچمينٽ پڻ ان ئي آپريشن جو شڪار بڻيا. تعلقي انتظاميه کي گھربو هو ته اهڙي عمل کان پهريان انهن ڪاروباري ماڻهن کي ڪنهن مخصوص جڳهه تي منتقل ڪري پوءِ ئي غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن شروع ڪيو وڃي ها ته جيئن ان عمل سان واپاري ڪميونٽي کي به فائدا پهچن ها ته جيئن ان بدلجندڙ ماحول مان هر ماڻهون سک وٺي ها.
No comments:
Post a Comment